آمريڪي شهري سنٿيارچي بيهوشي واري حالت ۾ هٿ

اسلام آباد ۾ رهندڙ آمريڪي شهري سنٿيارچي پراسرار طور پنهنجي گهر مان بيهوشي واري حالت ۾ هٿ آئي آهي. پوليس موجب سنٿيارچي پنهنجي فليٽ ۾ بي هوشي جي حالت ۾ هٿ آئي آهي جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندس طبي معائنو ڪيو پيو وڃي. پوليس موجب ميڊيڪل رپورٽ کانپوءِ حقيقتن جي خبر پوندي. واضح رهي ته سنٿيارچي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سميت پيپلزپارٽي جي اهم اڳواڻن تي سنگين نوعيت جا الزام لڳائي چڪي آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments