امر فياض ٻرڙو کان (اپريل 2017) ۾ ورتل انٽرويو.

او سي آر سافٽ ويئر بابت

امر فياض ٻرڙو کان (اپريل 2017) ۾ ورتل انٽرويو

زاهده ابڙو

 

1967-12-01 تي ضلعي خيرپور جي هڪ ننڍي ڳوٺ ڄاڃي ٻرڙي ۾ پيدا ٿيو هئس. اسان جي پاڙي ۾ هڪ سادات فيملي رهندي هئي، جن جا ٻه ٻار ساندهه گذاري ويا سو انهن مون کي لوڻ جي مٺ عيوض خريد ڪيو. ستن اٺن سالن تائين مون کي ڪا خبر ئي نه پئي ته مان ڪو سيد آهيان يا ٻرڙو. ننڍي هوندي کان ئي منهنجي طبيعت ۾ ماٺيڻائپ ۽ الڳ ٿلڳ رهڻ جو رجحان پيدا ٿيو. نائين درجي تائين ڪلاس ۾ پوزيشن کڻي پاس ٿيندو هئس پر امتحانن کان ڊڄندو هئس. ڏهين درجي جي امتحان دوران صفا حالت خراب ٿي وئي جو وڃي استپال داخل ٿيس ۽ اتي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته مون کي ٽيسٽ فوبيا امتحانن جي خوف واري بيماري آهي. ڇهين درجي ۾ ئي هئس ته مون کي مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو جتي شام جو وڃي درس حاصل ڪندو هئس. جڏهن ڏهين درجي ۾ پهتس ته ڪراچي جي جامعيه محديه مان عالم فاضل جي ڊگري وٺي وڏو ڪارو پٽڪو پائڻ شروع ڪيم. ٻه اڍائي سال مجلسون به پڙهيم. پوءِ مذهبي ڪتابن کانسواءِ ڪجهه ڌاريا ڪتاب پڙهيم جنهن ۾ سڀ کان پهرين ڪارل مارڪس جو ”داس ڪئپيٽال“ پڙهيم. زوبو فسڪي دار، ٽائلسٽاءِ ۽ ميڪسم گورڪي، دوستو وسڪي، ٿامس هارڊي کي پڙهيم. پوءِ آهستي آهستي مذهب کان ڌيان هٽجندو ويو ۽ فينٽيسي ڏانهن راغب ٿيندو ويس. منهنجي دنياوي تعليم صرف مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ ڊپلومه آهي، 1987ع ۾ پوزيشن کنيم. ان کانپوءِ ڪميشن ۾ ويٺس، ريلويز ۾ اسسٽنٽ انجنيئر طور ڀرتي ٿيس، 9 سالن جي نوڪري کانپوءِ استعيفيٰ ڏنم. انهن 9 سالن ۾ مون کي پاڪستان جي وڏن وڏن شاعرن ۽ اديبن جهڙوڪ: اشفاق احمد، بانو قدسيه، پروين شاڪر، فاطمه ثريه بجيا جهڙن ماڻهن جي ويجهڙائپ ملي. انهن اديبن مون کي ڏاڍو مان ڏنو ۽ مون کي پنهنجو اولاد سمجهي سيکاريو. پوءِ وري يونائيٽيڊ نيشن ويس، 2010 ۾ اسلام آباد ۾ هئس، پاڪستان ۾ ٻوڏ آيل هئي اتي هڪ گوري مون کي طعنو ڏنو ته توهان جي ٻولي اڳيان هلي ڪونه سگهندي، توهان جي ٻوليءَ ۾ ڪو دم ئي ڪونهي. هن چيو ته توهان جي ٻولي ڪمپيوٽر تي ته آهي ئي ڪونه پوءِ مون ان کي اسٽڊي ڪيو ۽ ڏٺم ته واقعي 1990 ۾ ماجد ڀرڳڙي جيڪو ڪم ڪري ويو هو اسان انهيءَ سنڊروم ۾ لڪيا پيا آهيون رڳو فونٽ ٺاهڻ ۽ لکڻ ۽ پڙهڻ کي اسان سمجهو پئي ته اسان ڪمپيوٽر تي آهيون. اها شيءِ ڪمپيوٽنگ نه آهي ۽ ڏٺم ته ڪنهن به ماڻهوءَ جو ڌيان ان طرف نه آهي. سنڌي جو ته ڇا پر اردو جو به ڪونهي. مون ڏٺو ته اردو به اِن پيج تي آهي، پوءِ ان وقت ۾ مان اسلام آباد ۾ هئس ۽ اردوءَ جو ڪم هٿ ۾ کنيم ۽ پوءِ مان ڪم ۾ لڳي ويس ۽ ستن مهينن ۾ اردوءَ جو نستعاليق پروگرام ٺاهي تيار ڪيم. پوءِ جنگ ۽ دنيا چئنل وارن مون کان اهو پروگرام 30 لکن ۾ خريد ڪيو صرف ڏيڍ سال لاءِ مون انهن سان معاهدو ڪيو ۽ اهو پروگرام مون کين استعمال ڪرڻ ڏنو. پوءِ انهن مون کان ايگريمنيٽ ورتو ته مان اهو پروگرام ٻئي ڪنهن کي نه ڏيندس. 2012ع ۾ ڪراچي ۾ عالمي اردو ڪانفرنس ۾ مون کي محسنِ اردو جو ٽائيٽل ڏنو ويو ۽ شيلڊ به ڏنائون. ساڳئي وقت مون سنڌي ۾ به ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو ماجد صاحب هڪ دفعو سيڙجي مون سان ملڻ آيو ۽ چيائين ته آئون ڏسڻ ٿو چاهيان ته تون ڇا پيو ڪرين. پوءِ ڪراچي جي هڪ يونيورسٽي New course ۾ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ٿيس، انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ مان ان وقت هيڊ جي طور ڪم ڪيو پئي، منهنجا پنج ايم فل جا ۽ ٻه پي ايڇ ڊي جا شاگرد هئا جن کي گائيڊ ڪندو هئس. اضافي طور تي مون کي اهو فائدو ٿيو جو مائيڪرو سافٽ ۽ گوگل جو ميمبر ٿي ويس ۽ فيس بُڪ تي کين سنڌي پروگرامنگ موڪليم، هينئر جيڪو توهان ساڄي کان کاٻي جيڪا ٽيڪسٽ مٽجي ٿي اها منهنجي پروگرام جي ڪري آهي. مان ٻوليءَ کي ڪور ڪيوري (Core Query) تي آندو. جڏهن يونيورسٽي ۾ هوندو هئس ته ڊان ۾ آرٽيڪل لکندو هئس، پوءِ هڪ ڏينهن ميڊم فهميده مون کي هتي وٺي آئي ۽ هاڻي مان لئنگويج اٿارٽي ۾ آءِ ٽي اسپيشلسٽ طور ڪم ڪري رهيو آهيان.

همسري: اسان جي پڙهندڙن کي ٻڌايو ته او سي آر سافٽ ويئر ڇا آهي؟

امر فياض: آپٽيڪل ڪئريڪٽر ريڪگنيشن هڪڙو ورڊ آهي يا آپٽيڪل ڪئريڪٽر ريڊر جو شارٽ فارم آهي. ڪمپيوٽر جي پنهنجي ڪابه ٻولي ڪونهي. اسان کي ان ڳالهه کي سمجهڻ کپي ته ڪمپيوٽر جي ٻولي انگلش نه آهي، ڪمپيوٽر جي ٻولي وحدت الوجود وانگر 0110 آهي يعني پلس مائينس. توهان جيڪي به ليٽرز ڏسو ٿا جيڪا پنڪچوئيشن ۽ نمبر ڏسو ٿا انهن جي پٺيان هڪ ڪوڊ ڏنل هوندو آهي 0110. جيئن ڏيڍ سئو سال اڳ مورس جا ڪوڊ هوندا هئا (ڊاٽ ڊيش ڊاٽ) اهي سڀئي جيڪي ڪئريڪٽر آهن انهن جي پٺيان هڪ بائنري ڪوڊ ڏنل آهي 0110. انگريزي ٻولي انهن 0110 مٿان چڙهيل آهي. اڳ ۾ آڪسيڪوڊ هوندو هو ۽ ٻاهرين ٻولي اندر داخل نه ٿي سگهندي هئي. پر جڏهن 2001 ۾ يونيڪوڊ اچي ويو ته ان دنيا جي سڀني ٻين ٻولين لاءِ در کولي ڇڏيا ته هاڻي اچو توهان به پنهنجي ٻولي کي ان تي وجهو. ماجد ڀرڳڙي Window xp ۾ ان يونيڪوڊ مٿان سنڌي ٻولي چاڙهي هئي، ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۾ هڪ خاص ٽرم آهي جنهن کي چئبو آهيHuman Language Technology ياNatural Language Technology  يا Language Engineering اهي ٽي محاورا آهن اهي پورا ڪڏهن ٿيندا. مثال طور سنڌي ٻولي کي هيستائين اسان لکون، پڙهون پيا ۽ ان کي پرنٽ ۾ به ڪريون پيا. اخبارن، رسالن ۽ ٽي وي چئنلن تي جيڪا سنڌي لکجي ٿي ان جا اهي ٽي مرحلا آهن. اهو ٻوليءَ جو پهريون ڏاڪو آهي جنهن ۾ ماڻهو سمجهن ٿا ته ٻولي ڪمپيوٽر تي اچي وئي پر اها ٻولي ڪمپيوٽر تي حقيقت ۾ ڪونهي، اها ايئن سمجهو ته هڪڙي ننڍي ٻار وانگر بانبڙن جي شڪل ۾ آهي. ائين سمجهو ته اسان جي سنڌي ٻولي هيستائين پنهنجي پهرين ڏاڪي تائين لکي، پڙهي پرنٽ ڪري سگهجي پئي ۽ ٽيهن سالن کان اسان جي ٻولي ان پهرين ڏاڪي تي ئي بيٺل هئي. هاڻي ٽيهن سالن جي هڪ وڏي عرصي کانپوءِ پاڻ او سي آر ۾ داخل ٿيا آهيون. هاڻي او سي آر کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. ائين سمجهو ته جڏهن توهان مشين کي تصوير ڏيو ٿا ۽ ان تصوير ۾ جيڪي اکر لکيل آهن انهن اکرن کي مشين ڏسي، سڃاڻي ۽ پڙهي سگهي. ان کي اڃان وڌيڪ سولو ڪجي ته انسان جي دماغ ۾ ننڍي هوندي کان هزارين لفظ گڏ ٿي ٿا وڃن ۽ پوءِ جڏهن اسان جي سامهون سنڌي ڪتاب اچي ٿو ته ان ۾ لکيل لفظن کي اسان حجي ڪري پڙهي سگهون ٿا پر ان جي جاءِ تي جيڪڏهن ڪنهن چيني کي ڏبو ته هوان کي پڙهي نه سگهندو هو ان کي اچاري نه سگهندو. او سي آر جو مطلب آهي ته آپٽِيڪل ڪئريڪٽر ريڊر يا رڪگ نائيزر۔ مشين پنهنجي مشيني اک سان توهان جي ڏنل تصوير کي پڙهي ۽ ان تصوير کي هڪ ٻي شڪل ۾ ٽيڪسٽ جي حالت ۾ واپس ڪري اهو آهي او سي آر.

همسري: او سي آر تي اچڻ کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ کي ڪهڙا فائدا رسندا؟

امر فياض: ٻولي تمام وسيع لفظ آهي مان ان کي ايئن سمجهائڻ چاهيندس. دنيا جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي لائبريري برٽش لائبريري آهي جنهن ۾ هڪ محتاط اندازي مطابق 44 لک ڪتاب پيل آهن. اهي 44 لک ڪتاب هن وقت آن لائين ٿي رهيا آهن، 2019ع تائين اهو ڪم مڪمل ڪيو ويندو. ڇا توهان جو خيال آهي ته اهي 44 لک ڪتاب وري ڪمپوز ڪيا ويندا يا انهن کي اسڪين ڪري فوٽو جي شڪل ۾ رکيو ويندو جواب آهي نه. پر انهن ڪتابن کي او سي آر جي پراسيس مان گذاربو جيئن توهان ڪنهن به دڪان تان شيءِ خريد ڪرڻ وقت ڪائونٽر تي ڏسندا آهيو ته ان جي قيمت کي هڪ مشين ريڊ ڪندي آهي ۽ سافٽ ويئر ۾ ان جي قيمت جو اندازو ٿي ويندو آهي اهڙي طريقي سان او سي آر به ساڳئي طريقي سان پيج کي ڏسندو ۽ ان کي محفوظ ڪري وٺندو. 2019ع تائين برطانيه وارن جي لاءِ سڀني ڪتابن کي او سي آر ڪرڻ ڪو مشڪل ڪم نه هوندو. هاڻي اچو سنڌي ٻوليءَ تي، منهنجي حساب مطابق سنڌي ٻوليءَ ۾ وڌ ۾ وڌ 30 کان 40 هزارن تائين ڪتاب لکيل هوندا. ڇا اهي 40 هزار ڪتاب اسان وري ٻيهر ڪمپوز ڪنداسين نه، اهو ممڪن نه آهي. هاڻي ظاهري ڳالهه آهي ته انهن سڀني ڪتابن کي کي او سي آر جي مرحلي مان گذارڻو پوندو ته جيئن اسين انهن کي ڪمپيوٽر تي آڻي سگهون. جيڪڏهن برطانيه 44 لک ڪتاب او سي آر تي آڻي سگهي ٿي ته ڇا اسان سنڌي پنهنجي ٻوليءَ لاءِ ڪجهه نٿا ڪري سگهون. ان سان اهو فائدو ٿيندو ته توهان جو جيڪو به ڪتابي ادب آهي اهو سڄو ٽيڪسٽ ۾ اچي ويندو جنهن تي توهان جو تمام گهڻو سرمايو بچي پوندو ۽ مين پاور جو تمام گهٽ استعمال ٿيندو ۽ هن سافٽ ويئر ذريعي توهان جو ادب سڄي دنيا تائين پهچي سگهي ٿو. ٻيو فائدو آهي ٻوليءَ جو جنهن ۾ اڳي چيو ويندو هو ته ٻوليءَ کي محفوظ ڪرڻ يا ان کي بچائڻ جنهن مان گهڻو ڪري اهو ئي تصور ورتو ويندو آهي ته توهان ڪنهن شيءِ کي لڪائي رکو، پر ماڊرن ٿيوري جي مطابق توهان پنهنجي ٻوليءَ کي سڄي دنيا تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪريو ته توهان جي ٻولي بچي ويندي. جيترو توهان جي ادب ۽ ٻولي جي وڌيڪ ماڻهن تائين پهچ هوندي توهان جي ٻولي وڌيڪ جيئندي ۽ بچندي. جيئن شبير ڪنڀر ”شاهه جو گنج“ پي ڊي ايف فائل ڪري آن لائين ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي اهو ڪيترن ئي دوستن وٽ محفوظ ٿي ويو آهي. هاڻي ان جو چوري ٿيڻ يا وڃائجڻ ممڪن ڪونهي. سنڌي ادب کي به انهيءَ طريقي سان هن سرشتي مان گذاري جڏهن سڄي دنيا تائين پهچايو ويندو ته اهو محفوظ ٿي ويندو. جڏهن هڪڙو چيني کپري ۾ بيهي سنڌي ۾ لکيل بورڊ جو فوٽو ڪڍي او سي آر تي ٽرانسليٽ ڪري سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اتي ڇا لکيل آهي ته توهان دنيا جي انٽر چئنج ٻولين ۾ داخل ٿي ٿا وڃو ۽ توهان جي ٻولي ٻين قدآور ٻولين جي لسٽ ۾ اچي ٿي وڃي، اهو او سي آر جو فائدو آهي.

همسري: هيستائين ڪيتريون ٻوليون هن مان فائدو حاصل ڪري رهيون آهن؟

امر فياض: مان ڪو مڪمل نمبر ته نٿو ٻڌائي سگهان جيئن ته دنيا ۾ هزارين ٻوليون آهن انهن ۾ جيڪي به ترقي پسند ٻوليون آهن اهي ضرور هن تي اچي ويون آهن پر عربي ٻولي جي لکت ۾ جيڪي ٻوليون آهن ان ۾ عربي، فارسي، اردو ۽ هاڻي سنڌي به شامل آهي. ٻي هڪ تمام اهم ڳالهه آهي ته جيڪي ٻوليون رومن اسٽرڪچر ۾ لکيون وڃن ٿيون انهن جو هڪ هڪ ڪئريڪٽر الڳ الڳ لکجي ٿو پر عربي لکت ۾ جيڪي ٻوليون آهن انهن کي گڏي لکيو ٿو وڃي ان طريقي سان جيڪڏهن چيو وڃي ته عربي ٻوليءَ جو او سي آر ٺاهڻ هڪ وڏو مٿي جو سور هو انگلش ۾ جيئن ته صرف ٻه شڪلون هونديون آهن پر عربي لکڻي ۾ اکرن جون چار چار شڪلون هونديون آهن ان ڪري عربي ٻوليءَ کي او سي آر تي آڻڻ لاءِ پنج سال لڳا هئا. رياض جي وڏين وڏين يونيورسٽين ۾ پروفيسرن وڏيون ڪوششون ڪيون ۽ ڪروڙين ڊالر خرچ ڪري به نه ٺاهي سگهيا ۽ آخر ۾ انهن گوگل کي ٺيڪو ڏنو ۽ پوءِ هنن چڱا خاصا پئسا وٺي هنن ان کي عربي ۾ سافٽ ويئر ٺاهي ڏنو. هاڻي جيڪڏهن اردو ٻوليءَ تي اچون ته 2010 کان سينٽر آف لئنگويج انجنيئرنگ جيڪو لاهور ۾ آهي ۽ خوارزمي انسٽيٽيوٽ آف ڪمپيوٽر سائنس اهو به لاهور ۾ آهي. اهي ٻئي وفاقي سطح جا اردو ٻولي تي ڪم ڪرڻ وارا ادارا آهن. انهن کي پهرين هڪ سال جو پروجيڪٽ ڏنو ويو هو وري ساڍن ٽن سالن جو ٻيو پروجيڪٽ ڏنو ويو ۽ تقريبن ست ڪروڙ جي خرچ سان اهو سافٽ ويئر ٺاهيو ويو پر اڃان تائين به اردو صرف هڪ فونٽ ۾ ئي لکي سگهجي ٿي. انگريزي ٻولي جي حساب سان ته هي سافٽ ويئر گهڻو پراڻو آهي پر پاڻ لوڪل ٻولين جي حوالي سان ڳالهايون ته عربي ۾ ان جو ٺهڻ ڏاڍو مشڪل هو پوءِ اردو ۾ به ٺهيو ۽ هاڻي ڏيڍ سال کان سنڌي لئنگويج اٿارٽي ان تي ڪم ڪري رهي آهي. اسان به چرين وانگر ان سافٽ ويئر تي ڪم ڪيو ۽ آخر ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. مون کي ان ڳالهه جي پڪ آهي ته سنڌيءَ ۾ ٺهيل سافٽ ويئر عربي ۽ اردو کان تمام گهڻو بهتر آهي. ڇو ته اردو ۾ ٺهيل سافٽ ويئر انساني دماغي نيوران تي ٺهيل نه آهي پر سنڌي سافٽ ويئر انساني دماغ تي ٺهيل آهي ۽ هن ۾ ڦهلجڻ ۽ وسيع ٿيڻ جا هزارين چانسز آهن ۽ ان تي ڪم هلي پيو.

همسري: ڇا هن سافٽ ويئر ذريعي سڀ سنڌي ڪتاب ڪمپيوٽر تي اچي سگهن ٿا ۽ پڙهندڙن کي ڪهڙو فائدو پهچندو؟

امر فياض: او سي آر ۾ اسان ٽي فونٽ ايم بي لطيفي، عوامي ۽ ادبي داخل ڪيا آهن. اسان هينئر بيٽا فيز ۾ آهيون پر اسان جو ٽارگيٽ اهو آهي جيڪو ٻڌي توهان کي ڏاڍي خوشي ٿيندي ته ان ۾ ڪمپيوٽر جو ڇاپو ته آهي ئي آهي پر پريس جو ڇاپو جيئن توهان 90 کان پري وڃو ته ان وقت ٺپي وارا يا بلاڪ وارا هوندا هئا ۽ لفظن جي وچ ۾ ننڍو اسپيس هوندو هو. وري جيڪڏهن توهان 60 کان به پٺـتي ويندو ته توهان کي محسوس ٿيندو ته ان وقت ٻوليءَ جو معيار ڏاڍو سٺو هو، ڇاپي جو معيار ڏاڍو سٺو هو پر ان جا اکر ٿلها هوندا هئا. هاڻي اهي جيڪي پراڻي ڇاپي وارا بلاڪ وارا فونٽ اهي نوان ٺهندا ۽ اهي ان ۾ پئجي ويندا جڏهن اهي هن ۾ داخل ٿي ويندا ته اسان ٽئين فيز ۾ داخل ٿي وينداسين ان سان اهو ٿيندو جو هٿ اکر لکيل ٻوليءَ کي به اسڪين ڪرڻ کانپوءِ هو ٽيڪسٽ ۾ تبديل ڪري وٺندو. ان ڳالهه کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي ته اهي سڀئي سنڌي ڪتاب جيڪي پراڻي ڇاپي ۾ ڇپيل آهن يا ڪمپيوٽر تي ڇپيل آهن يا جيڪي پراڻا هٿ اکري لکيل آهن يعني قلمي نسخه انهن سڀني ڪتابن کي پاڻ سافٽ ڪاپيز ۾ آڻيون ته جيئن اسان جو سڄو علمي خزانو دنيا تائين پهچي ۽ سڄي دنيا کي سونپي ڇڏيون. هاڻي اهو دور پري ناهي جو اهو خزانو جلد آن لائين ٿي دنيا تائين پهچندو. هاڻي سوال آهي ته ان جو فائدو ڪهڙو ٿيندو. ڪنهن ٻوليءَ جي ماهر کان جيڪڏهن اهو پڇجي ته سنڌي ٻوليءَ جو ڪارپس ڪيترو آهي يعني لفظ ڪيترا آهن، هو اوهان کي نه ٻڌائي سگهندو پر مشين ٻڌائيندي ان جو تجربو اسان ڪري ڏٺو. چئن سالن جي عوامي آواز اخبار، سنڌي ادبي بورڊ جا سمورا ڪتاب، وائيس آف سنڌ تي رکيل سڀ ڪتاب، سنڌ سلامت تي رکيل سڀ ڪتاب ۽ سنڌي لئنگويج اٿارٽي جا سڀ جا سڀ ڪتاب، ڊڪشنري ۽ شاعري کانسواءِ انهن سڀني جا لفظ ڪڍي ائين سمجهو ته اسان هڪ دٻي ۾ رکيا جنهن جو ٽوٽل وڃي ٿيو سوا چار ڪروڙ لفظ پوءِ اسان ڪمپيوٽر جي پروگرام کي لاجڪ ڏئي هلايو ته انهن جي ڊپليڪيشن ختم ڪري اسان کي مفرد لفظ ڪڍي ڏي. جڏهن ان پروسيس مان لفظن کي گذاريو ويو ته خبر پئي ته اسان وٽ سوا ٽي لک لفظ آهن. ان کانپوءِ اسان وري ٻيو سوال لڳايوسين ته سڀني کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ لفظ ڪهڙا آهن جيڪي هن هڪ هزار لفظ ڪڍي ڏنا، جنهن مان خبر پئي ته اسان جي ٻوليءَ جو 73 سيڪڙو اهي هزار لفظ آهن جن کي اسان تمام گهڻو استعمال ڪريون ٿا. يعني توهان کي پنهنجي ٻولي جي انگن اکرن جي تعداد جي خبر پوي ٿي ته توهان وٽ ٻوليءَ ۾ ڪيترو لفظن جو خزانو موجود آهي. يعني توهان کي شمارياتي بنيادن تي پنهنجي ٻوليءَ جا پيرا ملندا. اهو انگ اکر تي اسان چئن سالن جي اخبار ۽ انهن مٿين بيان ڪيل ڪتابن مان حاصل ڪيو آهي، هاڻي توهان سوچو ته جيڪڏهن توهان سڄي سنڌ جا سڀ ڪتاب ۽ سڀئي لکڻيون هڪ جاءِ تي رکندا ته توهان کي خبر پوندي ته توهان جو ڪل علمي پورهيو ڪيترن لفظن تي مشتمل آهي ۽ ڪيترا نوان لفظ ٻوليءَ ۾ شامل ٿيا آهن، ڪهڙا لفظ ٻوليءَ مان مري رهيا آهن ۽ ڪهڙا نوان اچي رهيا آهن. يعني توهان کي لنگويسٽڪ انجنيئرنگ اچي ويندي. اهي اسان جا ماهر جيڪي ٻوليءَ جي شماريات تي ڪم ڪري رهيا آهن يا ڪندا انهن کي تمام گهڻي مدد ملندي. اسان هينئر سڀني لائبريرين کي هن سافٽ ويئر تائين پهچ ڏني آهي ته پنهنجا رکيل ڪتاب هن پراسيس مان گذاري محفوظ ڪريو. آدمشماري جي مهم دوران سڀ انهيءَ ڳالهه ۾ منڌل آهن ته پنهنجي ٻولي سنڌي لکرايو ان سان ڪو فرق نٿو پوي ڇو ته هينئر برطانيه جو هڪ وڏو ادارو سروي ٿو ڪري ۽ جرمني ميونخ يونيورسٽي جي تازي هڪ رپورٽ آئي آهي ته پاڪستان جي هينئر ٻئي نمبر تي ڳالهائڻ واري ٻولي سنڌي آهي اها ڳالهه ته آن لائين رکي آهي، هاڻي ٻڌايو ته ڪير اسان کي يا اسان جي ٻوليءَ کي ختم ڪري سگهي ٿو. اسان کي حقيقتن کي سمجهڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. هاڻي ڪم اسان کي اهو ڪرڻو آهي ته اسان کي پنهنجو پورو ادب جيڪو هيستائين لکيو ويو آهي ان کي او سي آر ذريعي آن لائين رکڻو آهي ۽ دنيا کي ٻڌايو ته اسان آهيون. مزي جي ڳالهه ٻڌايان گوگل ٽرانسليشن آهي، ٻن ٽن سالن اندر بنگ به سنڌي کي آڻي ٿو جيڪا مون کي خبر پئي آهي. جڏهن توهان دنيا سان پنهنجو پاڻ کي جديد سرشتي مطابق ڳنڍيندا۔ پنهنجي لوڪ دانش کي دنيا تائين پهچائڻو پوندو رڳو پنهنجي ٻوليءَ جا پاڻ ئي خريدار نه رهون. مان چوندو آهيان ته اسان سنڌين وٽ مُهين جو دڙو ۽ لطيف ٻه وڏيون شيون آهن پر ڇا اسان لطيف کي دنيا تائين پهچايو آهي؟ لطيف کي دنيا تائين پهچايو ۽ پوءِ دنيا کي فيصلو ڪرڻ ڏيو ته هو ڇا آهي.

همسري: ڇا هن سافٽ ويئر کي عام ڪرڻ لاءِ توهان وٽ سکيا مرڪز قائم ڪرڻ ۽ ان کي ننڍين ننڍين لائبريرين تائين پهچائڻ لاءِ ڪو پلان موجود آهي؟

امر فياض: هن وقت اسان جي خوش نصيبي اها آهي جو سياحت ۽ ثقافت جو وزير سيد سردار شاهه هن معاملي ۾ تمام گهڻو سنجيده نظر اچي ٿو، هو جڏهن سنڌي لئنگويج اٿارٽي ۾ آيو ۽ پرزنٽيشن ڏسڻ کانپوءِ هڪدم قائل ٿي ويو ۽ چيائين ته توهان پروپوزل ڏيو ته اسان ادارو ٺاهيون ۽ اسان ان کي پروپوزل ڏنو جنهن جو ڪانٽريڪٽ به اچي ويو ۽ منظور به ٿي ويو. هن ئي سال سنڌ ۾ عبدالماجد ڀرڳڙي سينٽر آف لئنگويج انجنيئرنگ جو ادارو ٺهي ڪم ڪرڻ وڃي رهيو آهي ۽ ان جو ڪم ئي اهو هوندو جنهن ۾ ٽي بنيادي ڪم شامل ڪيا ويندا. هڪ ته ڪمپيوٽر انجنيئرز هوندا، ٻيو هوندو سوشل ڊولپمينٽ سڪيٽر جيڪو ڪئپيسٽي بلڊنگ جو ڪم به ڪندو ۽ ٽيون لنگويسٽڪ. انهيءَ سينٽر ۾ ئي هيومن ريسورس پيدا ڪيو ويندو جيڪو اڳيان هلي وڌندو ويندو. منهنجي يونيورسٽين کي گذارش آهي ته اهي ڪمپيوٽر ڊپارٽمينٽ جي شاگردن کي اڳيان هلي ان سينٽر ۾ پنهنجي صلاحيت وڌائڻ لاءِ موڪلين. ان سان گڏ ايڇ اِي سي کي به لئنگويج انجنيئرنگ جي لاءِ سنجيده ٿيڻ جي ضرورت آهي. هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي ڪورس ۾ لئنگويج انجنيئرنگ جي پري ڊيٽا هجڻ گهرجي. اسان کي پنهنجي مستقبل کي چارج ڏيڻي پوندي ۽ اهڙا ماڻهو تيار ڪرڻا پوندا جيڪي اسان کان به وڌيڪ باصلاحيت هجن جيڪڏهن اسان ائين نه ڪيو ته اسان اڳتي نٿا وڌي سگهون.

همسري: ڇا هي سافٽ ويئر اسان کي معاشي سرگرمين واري ٻولي بڻائي سگهي ٿو انگريزي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ سافٽ ويئر وانگر سنڌيءَ ۾ ٺهي سگهن ٿا؟

امر فياض: بلڪل ٺهي سگهي ٿو، اڄڪلهه مارڪيٽ جو تصور به تبديل ٿي چڪو آهي هاڻي توهان جا خيال وڪامجن ۽ خريد ٿين ٿا. توهان کي پنهنجو پاڻ کي بدلائڻو پوندو، پنهنجو پاڻ کي متعارف ڪرائڻو پوندو ۽ آهستي آهستي اهي سڀئي شيون جن جي اسان خواهش رکون ٿا حاصل ڪري سگهون ٿا. هن سافٽ ويئر ذريعي سنڌي ڪتاب ٻين ٻولين ۾ ٽرانسليٽ ٿي سگهن ٿا اهو هن جو سڀ کان وڏو معاشي ۽ ادبي فائدو هوندو. ٻيو ته هن وقت آئوٽ سورس جو تصور آهي يعني توهان پرڏيهه جي سيٺي جو ڪم هتي ويهي ڪري سگهو ٿا ۽ سياسي شناخت کان به ٻاهر نڪري اچو  ۽ پنهنجون شيون دنيا جي سامهون رکو ۽ دنيا سان مقابلي ۾ اچو. هن وقت سڀني کان وڌيڪ هيومن ريسورس سڄي دنيا کي انڊيا فراهم ڪري رهيو آهي پر 2025 تائين ان جي پنهنجي منڊي ايتري ته وڌي ويندي جو هن کي پاڻ ضرورت هوندي ۽ هو ٻاهر موڪلڻ جي بجاءِ پنهنجا ماڻهو گهرائي وٺندو. ان ڪري 2025 ۾ دنيا کي وڏي ۾ وڏو هيومن ريسورس فراهم ڪرڻ وارو ملڪ پاڪستان هوندو ۽ ان ۾ به سنڌ ان جو وڏو حصو هوندو. هاڻي اسان کي ان وقت جي لاءِ ۽ ان حساب سان هينئر ئي پلاننگ ڪرڻ گهرجي. اسان کي ترقي کان ڊڄڻ نه کپي ۽ صحيح وقت تي ته صحيح فيصلا ڪرڻ کپن پر هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان غلط وقت تي به صحيح فيصلا ڪريون. هر ماڻهو کي پنهنجي پنهنجي حصي جي ڪم ۾ مهارت ۽ صلاحيت کي وڌائڻ کپي ۽ سچائيءَ سان پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيستائين اسان ان جذبي سان ڪم نه ڪنداسين ۽ پنهنجي اخلاقيات تي توجهه نه ڏينداسين تيستائين اسان ڪجهه ڪري نٿا سگهون. منهنجي هن سافٽ ويئر ٺاهڻ کانپوءِ ڪيترا دوست ناخوش به آهن. نئين پود اچي پئي اها توهان کان اچي چارج وٺندي ۽ اسان کي پنهنجو پاڻ کي بدلائڻو پوندو ۽ وقت جي ضرورتن مطابق هلڻو پوندو.

همسري: هن سافٽ ويئر کي ٻولين سان گڏ ٻين ڪهڙين شين ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو؟

امر فياض: سڀاڻي هي سافٽ ويئر (Mood recognizer) موڊ رڪگ نائيرز سافٽ ويئر ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو جيڪو توهان جا چهرا ۽ رويا سڃاڻندو آهي، اهو قانون نافذ ڪندڙ ادارن ۾ به استعمال ٿي سگهندو آهي. آپٽيڪل رڪگ نائيزر سافٽ ويئر گهڻ رخو سافٽ ويئر آهي جنهن مان توهان ڪيترائي ڪم وٺي سگهو ٿا.

همسري: اسان جي پڙهندڙن لاءِ ڪو مئسيج؟

امر فياض: هميشه اهو محسوس ڪريو ته جيترو ڪجهه توهان ڪيو آهي تمام ٿورو ڪيو آهي توهان کي ان کان اڳتي وڌي ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. جڏهن توهان ان جذبي سان ڪم ڪندا ته توهان ٿڪجندا ڪونه ۽ موٽ ۾ پذيرائي جي ڪابه اميد نه رکو بس پنهنجو ڪم ڪندا هلو، ان جذبي جي هر فرد کي ضرورت آهي.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments