تنهنجي سڪ سڄڻ زاهد منگي  

1259 Shares

ڪلاس وٺي ڪامن روم ۾ ويٺس ئي مس ته نائب قاصد ليٽر صحيح ڪرڻ لاءِ کڻي پهتو. ليٽر پڙهڻ سان ئي ڪا چوچڙي لڳي وئي.

”مَسَ مَسَ ڪا موڪل ملي ٿي ان ۾ به ٽرينگ.!!؟ مون خار ۾ نائب قاصد کي چيو،

”سائين، اسان ڇا ڪريون، مئنيجمينٽ حڪم ڪري ٿي، کڻي نڪري ٿا پئون.“ نائب قاصد جي لفظن ۾ به اها ساڳي مجبوري لڪل هئي جيڪا منهنجي هئي. ٻئي پرائيويٽ ڪاليج جا ملازم ۽ حڪم مڃڻ جا پابند هئاسين. مون ڀڳل دل سان ليٽر تي ايئن صحيح ڪئي جيئن هاري وڏيري جي زور تي زمين جي ڪاغذن تي صحيح ڪندو آهي. ڪيڏا نه دل ۾ خيالي پلاءُ پچايا هئم ته موڪلن ۾ هي، هي ڪتاب پڙهندس. پنهنجي اڻپوري ناول کي مڪمل ڪندس. ڪهاڻي ڪتاب لاءِ وري ٻيهر ڪهاڻين تي سرسري نظر وجهندس. دوستن سان ڪٿي گهمڻ لاءِ ويندس، پر سڀ منصوبا واري جي ڀت وانگر ڊهي پٽ پيا هئا. خانگي نوڪري به نڪ ۾ پيل اهڙي ناڪيلي آهي جنهن کي مالڪ جيڏانهن چاهي اوڏانهن ڦيرائي. پئسن ۽ سفارش واري هن نظام ۾ سرڪاري نوڪري ميرٽ تي ملڻ محال آهي. جنهن ڪري نه چاهيندي به مالڪن جي مرليءَ تي نانگ وانگر نچڻو پوي ٿو. ماڻهوءَ کي پنهنجين خواهشن ۽ ارمانن کي پاڻ ئي گهٽو ڏيڻو پوي ٿو.

ٽريننگ واري ڏينهن وڏي ڪوشش باوجود به ڪلاس ۾ وقت تي نه پهچي سگهيو هئس. تڪڙيون وکون کڻندو جنهن مهل ڪلاس ۾ داخل ٿيس ته ٽرينر ٽئين نمبر ٽاپڪ تي ڳالهائي رهيو هو. مان ماٺ ڪري پٺيان خالي ڪرسي ڏسي ويهي رهيس. ڪجهه ئي دير ۾ ٽرينر هڪ سوال پڇيو، جواب ته مون کي اچي پيو، پر جيئن ته مان دير سان پهتو هئس ان ڪري چاهيم پئي ته اڳ ويٺل جواب ڏين. جڏهن ويٺل سڀ چپ رهيا ته نيٺ مون هٿ مٿي کنيو.

”جي توهان ٻڌايو.“ مون تي نظر پوندي ئي ٽرينر مرڪندي چيو.

مون اٿي بيهي نه صرف سوال جو تز جواب ڏنو، پر ان تي تڪڙو تفصيلي ڳالهائي به ويس. منهنجي جواب تي نه صرف استاد کي حيرانگي ٿي، پر ويٺل به سڀ متوجهه ٿيا ۽ تقريبن سڀني پوئتي مڙي ڏٺو. تڏهن مان به بيٺي ئي سڀني کي تڪي ورتو. حاضرين ۾ گهڻائي ته مرد استادن جي هئي، پر عورت استادن جو به چڱو تعداد هو. تقريبن سڀني مرد استادن کي پينٽ شرٽ پاتل هئي. عورتون مختلف رنگن جا اهڙا ته سهڻا ڪپڙا پائي آيون هيون، ڄڻ ٽريننگ بجاءِ ڪنهن شادي جي تقريب ۾ آيون هجن. منهنجي نظر ڦرندي ڪاري رنگ وارو ماسڪ پاتل هڪ چهري تي پئي جنهن کي مٿي تي ڳاڙهو رئو، ناسي رنگ جا ڪپڙا ۽ بليو چادر ويڙهيل هئي. هن جي اکين ۾ جادوئي ڪشش هئي. مان ڪا گهڙي اتي ئي ٽڪ ٿي ويس. جيتوڻيڪ هوءَ منهن سڌو ڪري وئي هئي، پر منهنجي نظر اڃان ان جڳهه تي ٽڪ هئي جتي اهي اکيون هيون.

”توهان جي مهرباني توهان ويهو ڀلي.“ جڏهن ڪنن تي ٽرينر جو آواز پيو ته بي خياليءَ مان واپس آيس.

چانهه جو وقفو ٿيو ته سڀ ٻاهر نڪتا مان به اڪيلو ئي هلندو وڃي چانهه واري پاسي پهتس. وقفي کان بعد ڪلاس شروع ٿيو ته وري به ٽرينر جي سوالن تي سڀ کان گهڻي موٽ مان ئي ڏيڻ لڳس. ايئن هوريان هوريان منهنجي قابليت جو دهمان سڄي ڪلاس تي ويهڻ لڳو.

”توهان صبح شايد تعارف واري سيشن کانپوءِ پهتا ان ڪري توهان سان تعارف نه ٿي سگهيو.“ ٽرينر هڪ سوال جي جواب کانپوءِ مون کي چيو.

”جي، جي سر، معذرت سان پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڪري دير ٿي وئي. منهنجو نالو زبير گل آهي.“

”توهان جي نالي مان ئي لڳي ٿو ته توهان اديب آهيو؟“ ٽرينر وري مخاطب ٿيو.

”هائو سر، بس ادب جي ميدان ۾ بانبڙا پايون پيا.“ مون عاجزي ڏيکاري.

”مون کي خوشي ٿي ٿئي ته توهان سنڌيءَ تي سٺي دسترس رکو ٿا.“ مون سندس شڪريو بجا آڻيندي مرڪي ڏنو.

مانيءَ جي وقفي لاءِ ٻاهر نڪتاسين ته هن ڀيري ٽرينگ جي ڪافي شرڪاءُ وڌي اچي هٿ ملائي دعا سلام ڪئي. ماني واري جڳهه کليل وڏي ميدان ۾ شادي هال جيان سجايل هئي جنهن جي هيٺان چهچ سائي نرم ڇٻر هئي. ڊسمبر جي ٿڌ زور تي هئي. هر ڪنهن گرم ڪپڙا پائي ٿڌ سان مقابلو ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. ماني پوري ڪري هر ڪو هال کان ٻاهر نڪري اس جو مزو وٺڻ لاءِ وڃي تڙڪي تي پئي بيٺو. مان به هال مان نڪتس ته نظر سامهون باغيچي تي پئي ۽ بي اختيار اوڏانهن وڃڻ لڳس.  فطرت ۽ گلن سان منهنجي محبت انتها جي آهي. باغ ۾ رنگا رنگي رابيل، چنبيلي، گلاب ۽ سورج مکيءَ جي گلن جي خوشبو جسم کي نئين سرهاڻ بخشيندي اندر کي ٺاري ڇڏيو. ڀنئور ۽ پوپٽ گلن مٿان ائين ڦيرا ڏئي رهيا هئا، جيئن عاشق محبوبن جي ديدار لاءِ ڏيندا آهن.

”اسلام عليڪم“

مان گلن ۾ ئي محو هئس ته ڪنن تي آواز پيم. مٿي نهاريم ته سامهون ماسڪ پاتل اهي ئي اکيون بيٺون هيون جن جي ڪشش ڪنهن پل مون کي پنڊ پهڻ بڻائي ڇڏيو هو.

”وعليڪم سلام“ منهنجي زبان مان الائي ڪيئن سندس سلام جو جواب نڪتو.

”توهان اديب آهيو.؟“

”جيڪڏهن ڪنهن اديب ڏي اوڌر رهيل اٿئو ته پوءِ نه.“ منهنجو جواب ٻڌي هوءَ مرڪي پئي. رڳو هوءَ نه هن جي مرڪ ٻڌي گلن به مرڪي ڏنو. پوپٽ ۽ ڀنئور به متوجهه ٿيا ته هي ڪهڙو نئون گل باغ ۾ آيو آهي.

”نه، نه اصل مون ۾ کي به ادب سان بيحد لڳاءُ آهي. توهان جي سنڌيءَ تي سٺي ڪمانڊ آهي. ان ڪري توهان اديب به سٺا هوندا.“

”الائجي ڪيئن توهان کي لڳي ٿو ته منهنجي سنڌيءَ تي ڪمانڊ آهي. باقي مان ته سنڌيءَ جو ادنا شاگرد آهيان.“

”توهان ڇا لکندا آهيو.؟“ مون هن کي چپ ڏٺو ته وري ڳالهائڻ ڪارڻ سوال ڪري ورتم.

”جي مون اڄ تائين لکيو ته ڪجهه به ناهي، پر لکڻ جو شوق اٿم، ڪو رهنمائي ڪرڻ وارو هجي ته لکان به.“

”لکڻ ۾ توهان کي ڪهڙي پاسي شوق آهي. نثر يا نظم.؟“

”آئون ڪهاڻي لکڻ ٿي چاهيان.“

”عجيب اتفاق آهي ته مان به ڪهاڻيڪار ئي آهيان.“

”اڇا! هن وري ٽهڪ ڏنو، گلن وري ٽهڪ ڏنو. ڀنئور ۽ پوپٽ ڦيرا پائڻ وساري ويٺا. کلڻ جي ڪري ماسڪ سندس منهن تا گسکڻ لڳو ته هن يڪدم ان کي پڪڙي ورتو. الائي ڇو منهنجي دل گهريو ته کيس چوان ”ماسڪ کي هيٺ رهڻ ڏيو نه“ پر لفظ زبان تي نه آڻي سگهيم.

”پوءِ ته آئون اهو سمجهان ته مون کي استاد ملي ويو.!؟“ هن ماسڪ کي سڌو ڪندي چيو.

”نه نه، استادي وارو رتبو مون کان مٿانهون آهي. باقي جيڪڏهن توهان ڪا تخليق ڏيندا ته جيتري اصلاح ڪري سگهيس ته ڪندس.“

ائين اسان ڪلاس ڏانهن واپس ورياسين. پهريون ڏينهن ختم ٿيو ته واپس گهر پهتس. هر هر اهي اکيون منهنجي اڳيان اچي وڃن. من کي عجيب ڪفيت گهيري ورتو هو. ڪاليج ۾ ڪيتريون ئي عورت استاد هيون، ڪن ته ويجهو اچڻ جي به ڪوشش ڪئي هئي. ذولاجيءَ واري سنهڙي سيپڪڙي ميڊم ته گهڻو ويجهو اچڻ جي ڪندي هئي. گهڙيءَ گهڙيءَ ”سر، هي ڳالهه، سر توهان جي ڪهاڻي پڙهيم ڏاڍي سٺي لڳي. سر سنڌيءَ جي هن محاوري جي تشريح ته ڪجو.“ ڪنهن نه ڪنهن بهاني پئي ڳالهائڻ جي ڪندي هئي. هوءَ ميٿاميٽڪس واري ميڊم جيڪا ميٿ جيان ئي ڳوڙهي ۽ منجهيل رهندي هئي، سا به ويجهو اچڻ لاءِ پئي جتن ڪندي هئي. ڪاليج ۾ مان اڪيلو مرد استاد هئس جيڪو غير شادي شده هئس. منهن مهانڊي جو به چڱو هئس، مون ۾ سندن دلچسپيءَ جو شايد اهو ئي سبب هو. ميڊمون پنهنجي پگهار جا اڌ کان گهڻا پئسا پنهنجي هار سينگار تي خرچ ڪنديون هيون، پر ڪنهن به مون کي ائين نه متاثر ڪيو هو، جيئن انهن اکين. ڇا ڪي اکيون ايتريون سهڻيون ۽ پر اثر به ٿي سگهن ٿيون.“

مان هر هر پاڻ کان سوال ڪرڻ لڳس. مان جيڪو ٽريننگ کان بيزار هئس. سو بي صبري سان ان جو انتظار ڪرڻ لڳس. هن جو نالو ڇا هو!؟ اڙي مان ته هن کان نالو به نه پڇي سگهيس. اف هي سياري جي رات ايتري ڊگهي ڇو ٿي ٿئي.!!؟ بي قراري وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي ورتو هو. سخت سيءَ هوندي به ٻاهر آڳر تي نڪري ويس. آسمان ۾ چوڏهينءَ جو چنڊ آب تاب سان بيٺو هو، پر مون کي ٺپ نه پئي وڻيو. 

صبح ٿيو وقت سان ئي ڪلاس ۾ پهتس. هوءَ اڄ به مون کان اڳ ئي پهچي چڪي هئي. مان سلام ڪري سندس ڀر واري ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. ڪلاس شروع ٿيڻ جي ٿوري دير کانپوءِ ٽرينر اسان کي گروپ ورڪ لاءِ ڪم ڏنو. ٽن گروپن ۾ ورهائجڻ کانپوءِ هوءَ ۽ مان هڪ گروپ ۾ اچي وياسين. آخر ۾ شيٽ تي نالا لکيا ته هن پنهنجو نالو نورين ٻڌايو. جڏهن ان شيٽ کي پريزينٽ ڪرڻ جي مهل آئي هئي ته مون شعوري ڪوشش ڪري ڏاڍي تفصيل سان ان کي بيان ڪيو هو. مون هٿ وٺي ڪوشش ڪئي پئي ته ڪيئن به ڪري هن وٽ پاڻ وڻايان. جيتوڻيڪ اها خبر اٿم ته ڪنهن جو پيار يا توجهه حاصل ڪرڻ لاءِ اهي نسخا ڪم جا ناهن، پر پوءِ به مان ائين ڪري رهيو هئس. پريزينٽشن ڪلاس ۾ منهنجي عزت ۽ قابليت کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو هو. مان ڪوشش باوجود هن جو چهرو نه ڏسي سگهيو هيم، ماسڪ هن جي چهري تي پلستر جيان چنبڙيل هو. من ۾ اڻ تڻ هئي ته اهو چهرو ڏسان. چانهه ۽ مانيءَ جي وقفي مهل جلدي ئي وڃي باغ ۾ بيهندو هئس، ڪجهه ئي دير ۾ نورين به اچي ويندي هئي. اسان ڪچهري ڪندا هئاسين، ڪهاڻيءَ تي، ڪردارن تي، پلاٽ تي، ڳالهين ڪندي مون کي اهو خيال بار بار ايندو هو ته کيس چئي ڏيان ته منهنجي روح ۾ تون لهي وئي آهين، آئون تنهنجي اکڙين جو اسير بڻجي ويو آهيان. منهنجي زبان کي اها قوت نه هئي. دل جي صدائن کي دل ۾ ئي رکي ڇڏيم. الائي ڇو هن سان ملڻ مهل وقت گهوڙي تي چڙهي پوندو هو. ڪلاس ۾ هن ڏانهن منهنجي جهڪاءَ کي سڀني محسوس ڪري ورتو هو. ٽريننگ جو آخري ڏينهن هو، ٽرينر سڀني کي راڳ ڳائڻ لاءِ چيو، هر ڪنهن مختلف گيت پئي ڳايا، پنهنجي واري تي مون،

”چوري چوري ڪوئي ڪنهن سان نيڻ ملائي ويٺو آ

 هيڏي ساري محفل ۾ ڪو پاڻ ڦرائي ويٺو آ“

ڳايو اهو گيت نه هو ڄڻ ته منهنجو اظهارِ محبت هو جنهن کي هن سميت سڀني محسوس ڪري ورتو. هوءَ پنهنجي هٿن کي مهٽيندي دريءَ کان ٻاهر نهارڻ لڳي. ٻاهر آسمان تي ڪڪرن جو پهرو هو. هلڪي بوند وسي رهي هئي. ٿڌ ۾ اضافو ٿي چڪو هو. جڏهن هن کي گيت لاءِ چيو ويو ته معذرت ڪري ڇڏيائين. سڀني مٿس زور ڀريو، پر هن صاف انڪار ڪري ڇڏيو. مان دل ئي دل ۾ پشيمان ٿيس ته مون کي اهڙو گيت نه ڳائڻ گهرجي ها. ائين لڳو ڄڻ مون هن جو تماشو بڻائي ڇڏيو هو. مانيءَ جي وقفي ۾ سدائين وانگر مان اچي باغيچي ۾ بيهي رهيس، من ۾ آنڌ مانڌ هئي ته ”هوءَ اجهو آئي، پر هوءَ نه آئي…!!“

مون کي پنهنجي نادانيءَ تي وڏي ڪاوڙ پئي آئي ته هي مون ڇا ڪيو.!! رڳو منهنجو من اداس نه هو، پر گل به ڪوماڻيل هئا. پوپٽ ۽ ڀنئور به ڦيرا پائڻ وساري ويٺا هئا. مان هن کان معافي وٺندس. ها مون کي ڪو حق ناهي ته مان ائين ڪنهن کي رسوا ڪيان، شايد هوءَ شادي شده هجي ۽ هن جي زندگيءَ ۾ منهنجي انهن حرڪتن سان ڪو خلل پئجي وڃي، بس مان ان غلطيءَ جو ازالو ڪندس ساڻس سوري ڪندس. مان اهو سوچي باغيچي مان ٻاهر نڪرڻ تي هئس ته هوءَ سامهون اچي بيٺي. منهنجي دل جو دهڪو تيز ٿي ويو. مان شرم وچان پنهنجون اکيون هن جي نيڻن سان نه ملائي سگهيس. مان وساري ويٺو هئس ته مون وٽ ڪا زبان به هئي. ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه نه هو. ”مون چاهيو پئي ته اڄ هيڏي نه اچان، پر الائي ڇو دل جهلي نه سگهيس پير بيهي نه سگهيا.“

”توهان مون کان ناراض آهيو نه؟“

”الائجي خبر ناهي، ناراض آهيان به الائي نه،“

”مون کي اهڙي اٻهرائي نه ڪرڻ گهرجي ها.“ مون ڪنڌ کي هيٺ جهڪائيندي چيو،

”توهان وٽ منهنجي لاءِ ڪا ٻئي ڪفيت آهي.؟“ هن سوال ڪيو.

مان منجهي پيس ته ڪهڙو جواب ڏيان، منهنجي زبان ۾ ڪنڊا چهبي رهيا هئا. بت بڻيو بيٺو رهيس.

توهان منهنجي چهري کي ڏسڻ کان سواءِ ئي دل ڏئي ويٺا. هوءَ مرڪي ته منهنجي چپن تي به مرڪ اچي وئي.

”مان اکين کي پڙهڻ جو فن ڄاڻيندو آهيان. اوهان جي نيڻن ۾ اها نرالائپ آهي. جيڪا اڄ تائين ڪنهن اک ۾ نه ڏٺي اٿم. اهڙين اکين کي ئي شاعرن ساراهيو آهي.“

”منهنجي انگيجمينٽ ٿيل آهي.“ هن پٺي ڏيندي ايڏو جلديءَ سان اهي لفظ چيا جيڪي منهنجي سماعتن کان ٿيندا، منهنجي دل کي چيريندا ويا. ائين لڳو ڄڻ ڪو ڏار ٺڪاءُ ڏئي ڀڳو ۽ پکي اڏامي ويا. 

”دل اڳ پوءِ ڏسي ڪنهن تي فدا ناهي ٿيندي. ماڻهو پنهنجي دماغ تي ته قابو پائي سگهي ٿو، پر دل تي نه.“

”صحيح ٿا چئو، دل تي ڪنهن جي نه ٿي هلي.“ هوءَ پنهنجو ساڄو هٿ دل تي رکي مهٽڻ لڳي.

”مان نه ٿو ڄاڻان ته توهان سان محبت ڪرڻ گهرجي ها، يا نه! توهان منهنجي باري ۾ ڇا ٿيون سوچيو.“

”ائين نه سمجهجو ته مون وٽ اوهان لاءِ ڪو جذبو ناهي، پر مان خاندان ۽ ننڍپڻ جي رشيتداريءَ جي ڏاوڻن ۾ اهڙي ته سڪ ٻڌل آهيان جتي ڦٿڪي ته سگهان ٿي، پر ڇڏائي نٿي سگهان.“

پرس مان موبائيل ڪڍي ٽائيم ڏسندي چيائين،

”هاڻي هلڻ گهرجي دير ڪافي ٿي وئي آهي.“

هن جو آواز ڳورو ٿي ويو هو، ائين ڀانيم ته ڄاڻ ڳوڙهن جو سيلاب وهڻ وارو هئس.

”خبر ناهي ته وقت کي به ڇو ايتري تڪڙ هوندي آهي.“

مون محسوس ڪيو ته منهنجو آواز به ٻڏل هو. هوءَ اڳتي رڙهي هلي. مان اتي ئي بيٺو رهيس. ڪجهه قدم هلي وري واپس موٽي آئي. ويجهو ايندي ماسڪ لاهي ڇڏيائين. جيتريون هن جون اکيون سهڻيون هيون ايترا ئي هن جا ڳل سهڻا هئا. چپ سنڌوءَ جي ڪنارن جهڙا هئس.

”مان تنهنجي لاءِ ايترو ئي ڪري سگهان ٿي. تون مون کي ڏسي پنهنجي سڪ پوري ڪر.“ مان هن ڏانهن ڏسندو رهيس، پر منهنجي سڪ پوري ٿيڻ جي نه هئي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments