دجتي ۾ دلبريون ڀوَن سنڌي قسط-7

قسط-7

دجتي ۾ دلبريون

ڀوَن سنڌي

توهان فلم انمول گهڙي جو اهو گانو ضرور ٻڌو ھوندو، جنهن جي موسيقي عظيم موسيقار نوشاد ترتيب ڏني هئي، شاعريءَ جا ٻول تنوير نقوي جا هئا ۽ آواز جو جادو جڳايو هو، شمشاد بيگم ۽ زهره ٻائي امبا والي.

اُڙن کٽولي پي اڙجائون، تيري هاٿ نه آئون.

سو اڄ پنهنجي دل به اڏامڻ چاهي ٿي، ڌرتيءَ کان بنهه دور آسمانن ۾. ڌرتي جنهن تي جيون ۾ رڳو دک ئي دک آهن. دردن ۽ ڪربن جا اڻ کٽ قصا آهن. شايد تڏهن ئي مهاتما گوتم ٻڌ چيو هو: ”سروم دکم دکم“ يعني هر منش دکي آهي. اڄ دل چاهي ٿي ته ڌرتيءَ کان دور آسمان ۾ گم ٿي وڃجي، جتي ماڻهو کي دک درد ڳولي نه سگهن. جتي ماڻهن جي خواهشن کي ميسارڻ وارو ڪوبه نه هجي. جتي لوڪ جي نه پر پنهنجي مرضي هلندي هجي. جتي پابندين وارو سماج نه هجي ۽ ڪير به روڪڻ وارو نه هجي ۽ من جيڪو ڪرڻ چاهي ڪري سگهي… شايد ڌرتيءَ تي دردن ۽ ڪربن کي ساري اهڙي ئي ڪنهن ڪيفيت ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي وڏي شاعر شيخ اياز به چيو هجي:

ڀُونءَ نہ آئي ڀانءُ، الا مان اڏري ويندو سانءِ.

منهنجي خيال ۾ جيستائين ڌرتي سک جو ساهه نه کڻندي تيستائين دردن جي ماريل انسان جي اندر ۾ آسمان ۾ اڏامڻ جي خواهش ڪر کڻي اڀرندي رهندي، پوءِ ڀلي اوهين ان کي زندگيءَ کان فرار ڪوٺيو. پاڻ کي تہ اڄ ڪرڻو آهي آسمان جو سير هڪ خوبصورت جهان پسڻ لاءِ، پر ڳالهين ڳالهين ۾ الائجي ڪٿان کان ڪيڏانهن نڪري وياسين، آخر شاعر جو ٿياسين. خير ڇڏيون ٿا انهن خواهشن جي بحث کي اڌ ۾. هونئن به خواهشن جي پورڻتا ماڻڻ ۽ بحثن مان کڙ تيل نڪرڻ جو ويجهڙائي ۾ ڪوبه امڪان ڪونهي، سو پاڻ هلون ٿا ڪيبل ڪار جي ذريعي آسمان مان البانيه جي ڌرتيءَ جو نظارو ڪرڻ.

هاڻ پاڻ صبح جو سوير تيار ٿي هوٽل مان ناشتو پاڻي ڪري نڪري آيا آهيون وري البانيه جي گاديءَ واري شهر ترانا جي رستن تي. اڄ سياري جي مند سبب ماحول ۾ سياري جي خنڪي ته پنهنجي جاءِ تي آهي ئي، پر لڳي ٿو ته اڄ بادلن جو سورج سان ميچ کيڏڻ جو ڪوبه موڊ ڪونهي جو هو جارحانه بيٽنگ ڪري اڀ مٿان ڇانئجي سورج کي گهيري ۾ آڻي ڇڏين. بس اڄ رڳو نيٽ پريڪٽس جاري آهي. ڪيڏي مهل بادلن جي هٽڻ سان سج جا ڪرڻا ڌرتيءَ تي سونهري رنگ پکيڙي ڇڏين ٿا ته ڪيڏي مهل بادل انهن رنگن تي چاندي جو تهه چاڙهي ڇڏين ٿا. جيئن ته ترانا شهر جبلن تي اڏيل آهي انهيءَ ڪري پاڻ واري حيدرآباد شهر وانگي هن ۾ به تلڪ چاڙهي يا جيل روڊ کان ڄامشوري ويندڙ رستي جيان لاهيون چاڙهيون آهن، پر حيدرآباد ۾ اهي لاهيون چاڙهيون ايتريون گهڻيون ناهن ۽ نہ ئي گھڻيون اوچيون، پر ترانا ۾ اهي لاهيون چاڙهيون تمام گهڻيون ۽ اوچيون آهن. اسان جي ڪار هوٽل کان نڪري مکيه رستي تي اچڻ کان اڳ رهائشي علائقن مان گذري رهي آهي. ڊرائيور هونئن به شارٽ ڪٽ ڳولڻ جا ماهر آهن. انهن رھائشي علائقن ۾ بہ ڪشادا روڊ آهن ۽ هن وقت ايڏي چهل پهل ناهي جو اڃان مس صبح ٿيو آهي، پر تڏهن به رستي تي ماڻهو هلندي نظر اچن ٿا. شايد ڪي آفيس پهچڻ لاءِ ته ڪي گهر جو سودو سلف وٺڻ ته ڪي وري واڪ ڪري جان ٺاهڻ جي حساب سان رستن تي نڪتل آهن. مرد پينٽ شرٽ، جيڪٽ يا ڪوٽ ۾ ته عورتون وري مني اسڪرٽس، اوور ڪوٽس ۽ مٿي تي ٽوپلن سان هلندي گهمندي ۽ جاگنگ ڪندي گذرن ٿيون. جڏهن 70ع جي ڏهاڪي ۾ پهريون ڀيرو اسان جي شهر ۾ ٽي وي آيو ته ٽي وي جا ٻيا پروگرام ته وڻندا ئي هئا، پر عورتن جا ورزش وارا پروگرام ڏاڍا وڻندا هئا. هڪ ته جواني ۽ ٻيو وري گهٽ ٻوسٽ وارو ماحول جنهن ۾ عورتون ڏٺيون ته به ستن برقعن ۾. سو ظاهر آهي ته جڏهن نازنين کي مختصر لباس ۾ انگڙايون ڏيندي ڏسبو هو ته واڇون ٽڙي وينديون هيون. هاڻي ڪميونيڪيشن ۽ ميڊيا جي عام ٿيڻ کانپوءِ اهو سڀ معمول ۾ شامل ٿي چڪو آهي ۽ ان لاءِ هاڻ گهڻي ڳولا ڪرڻي به ڪونه ٿي پوي تنهنڪري اهو تجسس ڪونه ٿو رهي ۽ نه ئي حسرت. پر ان جو مطلب اهو ڪونهي ته هاڻي عورتون ايترو اپيل نٿيون ڪن جيترو اڳي ڪنديون هيون! سندرين جي سونهن اڄ به دل ڪيڏي ڀريل ڇو نه هجي، پر ان ۾ جاءِ پيدا ڪريو ٿي وٺي، جيئن ڍئو ڪري کائڻ کان پوءِ بہ پيٽ ۾ مِٺي (sweet dish) جي گنجائش ڪڍي وٺبي آھي. ترانا جي اندرين علائقن ۾ روڊ جي ٻنهي پاسن کان يورپين اسٽائل جا گهر پنهنجي هيرآباد جي گهرن سان ملن جلن ٿا. پاڻ وارا هيرآباد جا گهر به يورپين آرڪيٽيڪٽ جي طرز تي ٺهيل آهن، پر فرق اهو آهي ته انهن جي مهاڙي (فرنٽ ايليويشن) ۾ هندو مٿ جي حوالي کان مورتيون، گلڪاري يا ٻيا نشان اڪريل آهن. صبح سوير جو به پنهنجو هڪ الڳ منظر ٿئي ٿو. ماڻهو جيڪا تازگي من اندر ۾ صبح جي ٿڌڙي هير ۽ سانتيڪي ماحول ۾ پائي سڪون ماڻي ٿو، شايد ئي ڏينهن رات جي ڪنهن پهر ۾ اھڙي تازگي محسوس ڪندو هجي.

هاڻي پاڻ واري گاڏي ترانا جي مکيه روڊن تي هلڻ شروع ٿي وئي آهي. هتي جا روڊ ويڪرا ۽ سٺا آهن ۽ پاڻ واري ملڪ جي رستن جي انهن سان ڀيٽ آهي ئي ڪونه، پر وري بہ دبئي جي رستن سان نه لڳن، جن تي گاڏين جي هلڻ جي خبر ئي نٿي پوي. ان کانسواءِ هتي دبئي جيان 6 يا 7 گاڏين جا ون وي ٽريڪ به ناهن. هتي وارو ٽريفڪ نظام پاڻ واري ملڪ کان ته بهتر آهي، پر ايترو سٺو به ناهي. هتي توهان کي گاڏين جا هارن به ٻڌڻ ۾ ايندا ته گاڏي هلائيندڙ پوليس کان نظرون بچائي اوورٽيڪ يا ڪٽون هڻندي به نظر ايندا. شهر جي ٻنهي پاسي رستن تي دڪان ۽ هوٽلون وغيره آهن، جيڪي هاڻي کلي ويون آهن. هتي ڏينهن ننڍو ٿئي ٿو ۽ شام جو ساڍي چئين يا پنجين وڳي رات ٿيو وڃي، انهيءَ ڪري دڪان صبح جو سوير کلي وڃن ٿا. ڪيبل ڪار اسٽيشن هونئن ته ترانا شهر جي مختلف لوڪيشنز کان پنجن کان ستن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي، پر شهر مان هلندي ۽ جبلن جون لاهيون چاڙهيون چڙهندي تقريبن ويهن منٽن جي سفر کانپوءِ جبل مٿي ٺاهيل ڪيبل ڪار جي ايريا ۾ پهتاسين.

هتي هڪ وڏي شاندار آفيس بلڊنگ ٺهيل آهي جتان دجتي ايڪسپريس (Dajti Exspres) جي نالي سان ڪيبل ڪار هلي ٿي. الباني ٻوليءَ ۾ j سائلينٽ آهي انهيءَ ڪري هن کي اچارين ڊائٽي ايڪسيرس. هي ڪيبل ڪار جي انر اسٽيشن (Inner Station) ڪوٺي وڃي ٿي جتان ڪيبل ڪار هلي ٿي ۽ مٿي دجتي پهاڙن تي جتي ڪيبل ڪار پهچي ٿي ان کي آئوٽر اسٽيشن (Outer Station) ڪوٺين. هيءَ ڪيبل ڪار انر اسٽيشن ڪافي خلاصي آهي جنهن ۾ ڪيبل ڪار ٽريڪ کان علاوه ٽڪيٽ گهر، ويٽنگ ايريا، آفيسون ۽ واش رومس وغيره موجود آهن. هن جي ٻاهران به ڪافي کليل ايريا آهي جنهن ۾ ڪافي گاڏيون پارڪ ڪري سگهجن ٿيون. دجتي ايڪسپريس آفيس جي ڀرسان هڪ ڏاڪڻ به مٿي وڃي ٿي جتان بيھي شهر ۽ خوبصورت وادين جو نظارو ڪري سگهجي ٿو. جيئن ته دجتي ايڪسپريس (Cable Car) لاءِ ٽڪيٽ گهر صبح جو 9 وڳي کلي ٿو ۽ پاڻ سوير ئي پهچي ويا هئاسين، انهيءَ ڪري ڏاڪڻ چڙهي بالڪونيءَ مان شهر ۽ وادين جو نظارو ڪرڻ بهتر سمجهيوسين. سيارو ته ٺيڪ ٺاڪ آهي ۽ مٿي هوا جا زوزاٽ به زور تي آهن، پر بدن تي پاتل آٿر برجهلو ٿيو بيٺا آهن. ڪيڏي مهل سوچيان ٿو، پاڻ ته هنن آٿرن ۾ آسائتا آهيون، پر پنهنجا ڏاڏا پڙ ڏاڏا (Ancestors) جڏهن اڃان صحيح معنيٰ ۾ ڪپڙا به ايجاد ڪونه ٿيا هئا، انهن ويچارن سردي ۾ ڪيڏو نہ ڀوڳيو هوندو! کليل بالڪوني مان شهر، وادين ۽ پهاڙن جو منظر ڏاڍو خوبصورت آهي. هي البانيه جي ڌرتي يا پنهنجي پياري ديس جي ڌرتي آهي ته هڪڙي، پر هر هنڌ ان جو ڏيک ۽ جوڀن جلوو مختلف آهي. هتي وڻ، ٽڻ، ٻوٽا، گاهه، جبلن ۽ وادين جا منظر پاڻ وارن پهاڙي علائقن کان مختلف آهن، بلڪل ايئن ئي جيئن گيت، غزل، وائي، بيت آهي ته شاعري، پر سڀني صنفن جي پنهنجي پنهنجي سونهن ۽ خوشبوء آهي. شاعري ۾ ته گيت، غزل، وائي، بيت الڳ صنفن هوندي به شاعري کي چار چنڊ لڳائين ٿيون، پر هڪڙي ئي ڌرتي تي ليڪا پائي ٺاهيل الڳ ديس فطرت جي سونهن سوڀيا ۽ محبت جي نفي آهن. ڪڏهن هن ڌرتيءَ تان ملڪن (سرحدن) جا ليڪا مٽندا ۽ دجتي جي ڌرتيءَ جا ماڻهو موهن جي دڙي جي مٽيءَ جي ماڻهن سان بنا روڪ ٽوڪ ۽ ويزا جي فطرت جي وسيع محبت ڀرئي مانڊاڻ ۾ ملندا ۽ گڏجي خوشيءَ مان ٺينگ ٽپا ڏيندا.

هنن وشال وادين ۾ جڏهن سياري جا سانگ پنهنجي جوڀن تي هجن ۽ من جو محبوب ڪوهين ڏور هجي ته من جي مستي ۾ رنگ ڀرڻ ۽ ان کي ريجهائڻ لاءِ سگريٽ پيئڻ به ضروري ٿيو پوي. سگريٽ جا وڏا ۽ اونها (گهرا) ڪش کلي ماحول ۾ وادين مٿان تجريدي آرٽ جي جيڪا لڪ لڪوٽي کيڏن ٿا ان جو به هڪ پنهنجو مزو آهي ۽ من کي ڏاڍو ڀانئي (وڻي) ٿو. ٺيڪ 9 وڳي ٽڪيٽ گهر کليو. اڃان ڪير به آيل ڪونه هو انهيءَ ڪري ٽڪيٽ وٺڻ ۾ پريشاني نه ٿي. ڪيبل ڪار ۾ چڙهڻ لاءِ هونئن به بهتر طريقو اهو آهي ته صبح جو وڌ ۾ وڌ يارهين وڳي تائين هتي پهچي وڃجي. ڇو ته صبح 11 وڳي کانپوءِ هتي ڪافي رش ٿئي ٿي ۽ قطار ۾ بيهڻو پئجي وڃي ٿو. هي ڪيبل ڪار آسٽريلين ڪمپني جي ٺاهيل آهي ۽ سال 2005 کان هلي رهي آهي. في ماڻهو ٽڪيٽ 6 يورو آهي جيڪو الباني ڪرنسي (Lek) ۾ 732 ليڪ جي ۽ پاڪستاني ڪرنسي ۾ 1272 رپين جي برابر آهي. پنجن کان ٻارهن سالن تائين جي ٻارن جو ٽڪيٽ 4 يورو آهي. هونئن ته البانيا جي ڪرنسي ليڪ آهي، پر البانيا يورپ ۾ هئڻ ڪري هتي يورو جو استعمال به عام آهي ۽ پوري البانيا ۾ هر جڳهه تي استعمال ٿئي ٿو. ڪيبل ڪار لاءِ آن لائين بڪنگ جو ڪو سسٽم ڪونهي. ٽڪيٽ صرف ٽڪيٽ گهر تان ئي وٺي سگهجي ٿي ۽ ان ڏينهن لاءِ ئي ڪارگر (Valid) آهي، جنهن ڏينهن تي خريد ڪيو ويو هجي. ٽڪيٽ وٺي اندر هڪ هال ۾ پهتاسين جتان کان ڪيبل ڪار هلي ٿي. دجتي ايڪسپريس (ڪيبل ڪار جو نالو) ۾ سوار ٿيڻ ۽ ان جي ذريعي نئون جهان پسڻ جو ذڪر ڪرڻ کان اڳ اچو ته ڪيبل ڪار متعلق ٿورو ڄاڻي وٺون.

دجتي ايڪسپريس (ڪيبل ڪار) سياري ۾ صبح جو 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين ۽ اونهاري ۾ صبح 9 وڳي کان رات 9 وڳي تائين هلي ٿي. اچڻ وڃڻ لاءِ الڳ اليڪٽرڪ ڪيبل جو ٽريڪ آهي جنهن سان ڪافي ڪيبل ڪارون جڙيل آهن. هڪ ڪيبل ڪار ۾ ماڻهن جي ويهڻ جي وڌ ۾ وڌ گنجائش 6 آهي. هيءَ ڪيبل ڪار سمنڊ جي سطح کان 1613 ميٽر مٿي اوچائي تي 4670 ميٽرن جو سفر ڪنهن ڪلاسيڪل راڳي جي سرگرم جي سُرن جي اٿڪ جيان ڌيمي ڌيمي هلندي وادين جا روح پرور نظارا پسائيندي 15 منٽن ۾ دجتي پهاڙن تي پهچي ٿي جن کي الباني ٻوليءَ ۾ Mali i Dajtit چيو وڃي ٿو ۽ هي پهاڙ ترانا شهر سان تقريبن لڳو لڳ آهن. هنن پهاڙن جي هڪ طرف مونٽينگرو جا پهاڙ آهن ۽ ٻئي طرف يونان جا پهاڙ جيڪي ائڊرياٽڪ سمنڊ جي ڪنارن ذريعي ڳنڍيل آهن. هي پهاڙ (Dajti Mountains) سڪندر بيگ پهاڙي سلسلي جو حصو آهن ۽ جيولاجيڪل حساب سان Triassic دور جا آهن ۽ عمر جي لحاظ کان 50.6 ملين سال پراڻا آهن. هنن پهاڙن تي سياري ۾ اڪثر برف ڇانيل رهي ٿي. انهيءَ ڪري هونئن ته پوري البانيا، پرڏيهين ماڻهن ۽ خاص طور تي ترانا جي ماڻهن لاءِ هي وڏو تفريح جو مقام آهي. ان جو هڪ سبب اهو آهي ته هي آستان ترانا جي بلڪل ويجهو آهي ۽ ٻيو ته ترانا ۾ ورلي ڪنهن سال برف پوي ٿي. ان کانسواءِ به دجتي جا پهاڙ جهنگلي جيوت، نيشنل پارڪ، آبشارن، غارن، ڍنڍن، پراڻي تاريخي قلعي ۽ ٻاڦ خارج ڪندڙ وادين جي ڪري سياحن جي دلچسپي ۽ تفريح جو مرڪز بڻيا رهن ٿا. ڪيبل ڪار هال ۾ وڏي مشين لڳل آهي جيڪا ان کي هلائي ٿي. سڀني ٽڪيٽ وٺندڙن کي جيئن ايندا رهن ٿا لائين ۾ بيهاريو وڃي ٿو. جيئن ئي ڪيبل ڪار پهچي ٿي ته ان هلندڙ ڪيبل ڪار ۾ ماڻهو کي چڙهڻو پوي ٿو. سڄي دنيا ۾ ڪيبل ڪار ۾ چڙهڻ جو سسٽم ايئن ئي آهي. سڀئي ڪيبل ڪارون جيڪي بجليءَ جي تار سان ڳنڍيل (جڙيل) آهن نان اسٽاپ آهن. تار سان اهي لٽڪيل ڪيبل ڪارون هڪٻئي جي پويان اينديون رهن ٿيون ۽ ماڻهو انهن ۾ هلندي چڙهي ٿوري ئي دير ۾ هال کان ٻاهر نڪري اچي ٿو ۽ پوءِ ڪيبل ڪار هيٺان کان مٿي اوچائي ڏانهن پنهنجي رمز سان هلندي رهي ٿي.

هاڻي جڏهن آئون ڪيبل ڪار جي چئني طرفن لڳل وڏن شيشن مان نهاريان ٿو ته منهنجي هيٺ ڌرتيءَ تي ڦهليل آهن واديون، ننڍا وڏا ڳوٺ، گهر، فارم هائوس، ٻنيون ٻارا، پهاڙ، ننڍا ننڍا پاڻيءَ جا تلاءُ (ڍنڍون)… ۽ مٿي وشال اڀ ۽ آئون وچ ۾ لٽڪيل، پر ايئن لٽڪيل نه جيئن ماڻهو صليب تي لٽڪيل هوندو آهي. اها ته ماڻهو جي ڌرتي تي درد ڪٿا آهي ۽ ايئن لٽڪڻ ته ماڻهو جي ڀوڳنا آهي، پيڙا آهي، پر آئون ڌرتي ۽ اڀ ٻنهي جي وچ ۾ پاڻ کي سرهو محسوس ڪريان ٿو، جو منهنجي هيٺ ۽ مٿي ۽ اوسي پاسي فطرت جا انيڪ روح پرور نظارا آهن، جيڪي اول آخر انسان جي ابدي خوشين جو آدرش ۽ آئيندو آهن. دجتي ايڪسپريس (ڪيبل ڪار) جيئن جيئن مئه ۾ ٽُن ٿيل مئه ڪشن جيان لڙکڙائيندي (جهٽڪا يا لوڏا کائيندي) جبلن جي اتاهين ڏانهن وڌندي رهي ٿي تيئن تيئن هيٺ ڌرتيءَ تي موجود شيون ننڍڙيون ڏيکائي ڏيڻ لڳن ٿيون. ڪشادا گهر، گل ڦل، وڻ ٽڻ، فارم هائوس ۽ ٻيون شيون سُسندي ننڍيون ٿيڻ لڳن ٿيون ۽ ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ دريا ڪوزي ۾ سمائجي سمائجي (بند ٿي) رهيو هجي. هاڻي اسان جي ڪيبل ڪار هڪ ڍنڍ مٿان گذري رهي آهي. هيٺ ڌرتيءَ تي لازمي ان ۾ لهرون اٿندي ڏسڻ ۾ اينديون ھونديون، پر مٿان کان ڏسڻ سان بلڪل ايئن ساڪن محسوس ٿئي ٿي، جيئن ڪو عاشق محبوب جي اوسيئڙي ۾ راهه تڪيندي بُت بڻيو بيٺو هوندو آھي. ڪيبل ڪار ڪافي ڪشادي آهي، جنهن ۾ هلي چُري سگهجي ٿو. ڪيڏي ڪيڏي مهل اوچائي تي چڙهڻ سان جهٽڪو به محسوس ٿئي ٿو، پر اهڙو نه جهڙو عشق ۾ محسوس ٿيندو آهي. اسان جي سامهون واري اليڪٽرڪ تار تان ڪيبل ڪارن جي واپسي ٿي رهي آهي. زندگيءَ جو به سلسلو ايئن ئي آهي. هڪڙا ماڳ ڏي وڃن پيا ۽ ٻيا ماڳ کان واپس موٽن پيا، ساڳي ڀُونءَ ڏانهن ساڳي مٽي ڏانهن. تڏهن ته مان چوان ٿو: مٽي اول، مٽي آخر.

جهاز ۽ ڪيبل ڪار ٻنهي جو سفر ته اُڀ ۾ آهي، پر جهاز اڏامڻ کانپوءِ مٿي اوچائي تي پهچي ڌرتي سان ناتو ٽوڙيو ڇڏي، جڏهن ته ڪيبل ڪار مٿي اوچائي تي به ڌرتيءَ سان ناتو جوڙيو رکي ٿي ۽ ان جو ديدار به ڪرائيندي هلي ٿي.

خير شيخ اياز جي شاعري ”هڙڪ هلو ڌيما هلو“ جي ٻولن ۾ پاڻ واري دجتي ايڪسپريس 15 منٽن جو هوائي سفر مزي مزي سان پنهنجي رمز ۾ هلندي پورو ڪري جيئن ئي آئوٽر اسٽيشن جي حدن ۾ پهتي ته پاڻ ان مان لهڻ جي ڪئيسين. هتي دجتي جي پهاڙن تي ٺهيل هي آئوٽر اسٽيشن به ڪافي وڏي آهي جنهن ۾ هڪ وڏو هال، آفيسون، واش رومز ۽ چانهه پاڻيءَ جو ڪائونٽر پڻ موجود آهي ۽ وادي جي نظاري لاءِ گئلري پڻ ٺاهيل آهي. ان جي پاسي ۾ ئي هڪ شاندار هوٽل Balkoni Dajtit آهي جيڪا قديم ۽ جديد آرڪيٽيڪٽ تعميرات جي آميزش جو ڏيک ڏيندي ميدان ماريو بيٺي آهي. هن قديم ۽ جديد تعميرات ۾ زياده تر پٿر ۽ ڪاٺ جو ڪم ٿيل آهي. ائنٽڪ فرنيچر سان گڏ هن ۾ وڏا وڏا شيشا به لڳل آهن جن مان عاشقن جي بقول ”ديدار بازي الله راضي“ کي اپنائيندي سونهن ۽ سرهاڻ جا منظر پسي سگهجن ٿا. هن هوٽل ۾ البانيا جي تقريبن هر هوٽل جيان روايتي کاڌن کان علاوه وائن ۽ وسڪي به ملي ٿي. يورپ جو ماڻهو اڪثر ڊنر (رات جي ماني) سان وائن پسند ڪري ٿو. جڏهن ته پاڻ وٽ شراب ۾ وائن جو مزاج گهٽ آهي ۽ وسڪي جو لاڙو زياده آهي. رات وسڪي جي رنگن سان جرڪي اٿي ٿي ۽ دليون جيڪي ڏينهن جو سدائين ڪوڙ جي وهنوار ۾ گهارين (رهن) ٿيون، رات جو سچ اوڳاڇي اندر جو بار هلڪو ڪن ٿيون ۽ ڌوپجي وڃن ٿيون. هوٽل جي گئلري مان بيهي ترانا جو خوب نظارو ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته هوٽل جي دجتي پهاڙن ڏانهن کلندڙ درين ۽ شيشن مان دجتي جي خوبصورت وادين جا منظر نظر اچن ٿا. پاڻ جڏهن هتي پهتاسين ته ان وقت هوٽل ۾ ڪرسمس جي وڻ جي سجاوٽ جو ڪم جاري هو. جيتوڻيڪ هينئر ڊسمبر جي اڃان شروعات آهي ۽ ڪرسمس ڊسمبر جي مهيني جي پڇاڙي (25 ڊسمبر) ۾ آهي، پر پوري البانيا ۾ هوٽلن، دڪانن ۽ ٻين تفريحي جڳهين تي ڪرسمس جي ڊيڪوريشن نومبر مهيني جي پڇاڙي وارن ڏينهن کان شروع ٿيو وڃي. البانيا جي اڪثريت آبادي (61 سيڪڙو) مسلمانن جي آهي، پر هتي توهان کي ڪوبه مذهبي ڀيد ڀاوَ ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو ۽ نه ئي ڪو مذهبن تي ڳالهائيندي نظر ايندو. رياست توڙي ماڻهو سيڪيولر آهن. عرب امارات ۾ به ايئن ئي آهي. آبادي ته گهڻي مسلمانن جي آهي، پر اتي به سڀني مذهبن جا ڏينهن عيد، ديوالي، هولي، ايسٽر، ڪرسمس وغيره ڌام ڌوم سان ملهايا وڃن ٿا ۽ اسان وٽ رياست ته ٺهيو پر اڃان ماڻهو به مذهبي خول مان نڪرڻ لاءِ تيار ناهن، جنهن ڪري ملڪ جي ترقي وئي موڪلائي ۽ پاڻ رڳو جهيڙن جهٽن ۾ پورا آهيون. هوٽل ۾ ڪرسمس جي وڻ جي سجاوٽ ۾ هوٽل جي عملي سان گڏ پاڻ به حصو ملايو ۽ سرد موسم ۾ ڪافي جو مزو وٺي هوٽل کان ٻاهر نڪري ٻيڙو (سگريٽ) دکايو ۽ نڪري پياسين دجتي پهاڙن جي خوبصورت وادين ۾.

ترانا ۾ برف ڪونهي پر هتي برف پيل آهي. ايتري گهڻي به ڪونهي پر تڏهن به ٺيڪ ٺاڪ آهي. هوٽل جي ٻاهران مهاڙي ۾ خوبصورت گلن، گاهن ۽ ٻوٽن تي مشتمل هڪ گول چوراهو ٺهيل آهي. ان جي ٿورو اڳيان زمين کان ٿورڙو مٿي ٻارن جي وندر لاءِ هلڪن ڦلڪن جهولن ۽ سلائيڊرس تي مشتمل هڪ ننڍڙو پارڪ آهي جتي ٻارڙا موج مستي ڪندي کيڏي ۽ ڊوڙي رهيا هئا. سچ پڇو ته هن ڌرتيءَ تي خوشين جا ٻه ئي ذريعا آهن هڪ فطرتي سونهن ۽ ٻيو ٻارن جي ابدي مرڪ، باقي ته رڳو سور ئي سور آهن. ٻارن سان گڏ ٻار ٿي کيڏي انهن جي ٽهڪن جو سرور وٺي نڪري پياسين سامهون کُلي ميدان ۾ جيڪو برف جو وستر پايو ويٺو هو. ميدان ۾ ڪٿي ڪٿي برف جو تهه نه هئڻ سان ايئن محسوس ٿي ٿيو ته ڄڻ ڪنهن ان اڇي (برف) لباس تي گاهن ۽ ٻوٽن ۽ پتن جي گلڪاري ڪري ڇڏي هجي. کلئي ميدان ۾ برف سان کيڏڻ ۽ دل وندرائڻ جو به پنهنجو مزو آهي. هن منظر ۾ منهنجي ذهن تي جاويد اختر جي شاعري، اي آر رحمان جي موسيقي هيما سر ڊيسائي جي آواز ۾ ڳايل گيت تري آيو آهي:

آواره ڀنوري جو هولي هولي گائين

ڦولون ڪي تن پي هوائين سر سرائين

ڪوئل ڪي ڪو هو ڪو هو، پپهي ڪي پيهو پيهو

جهنگل ۾ جهينگر کي ڇائين ڇائين

نديا مين لهرين آئين بل کائين چلتي جائين…

هي گانو مون کي اڳي به ڏاڏو وڻندو هو، پر اڄ فطرت جي حسين وادين ۾ آئون هن جي روح کي وڌيڪ سمجهڻ لڳو آهيان. هاڻي آئون ڀنئوري جي ڀُون ڀُون ۾ سمايل گيتن جو مفهوم سمجهي سگهان ٿو. ندين جي لهرن ۽ هوائن تي جهومندڙ گلن جا آواز سڻي سگهان ٿو، ڪوئل جي ڪو ڪو ۾ پنهنجي اندر جي اڌمن کي پسي سگهان ٿو… مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هيڏي ساري اٿاهه ۽ سندر فطرت پئي آهي، ماڻهو ان ۾ کيڏي الائجي ڇو نٿا پنهنجي دل وندرائين ۽ محبتون ماڻين. بس هرو ڀرو نه ڏيندي نه وٺندي ماڻهن جي دلين سان کيڏي انهن جي دل آزاري ڪن ٿا ۽ پوءِ پاڻ به پنهنجي ضمير جي عدالت ۾ گنهگار بڻجي شرمندگي واري زندگي گذارين ٿا. برف ۾ (بالو رڇ) ٺاهڻ ته پاڻ کي اچي ڪونه ۽ نه وري ڪو گهر؟ هونئن به پاڻ رولاڪن جو ڪهڙو گهر؟ ساري ڌرتي پنهنجو بستر، سارو اُڀ پنهنجو اوڇڻ. ڀلا فطرت جي پناهه گاهه کانسواءِ ٻيو ڪهڙو گهر محفوظ ٿي سگهي ٿو؟ بهرحال پوءِ به پاڻ برف ۾ آڱريون ڦيري آڏيون ڦڏيون ليڪون ڪڍي اُبتيون سُبتيون ڊزائينون ٺاهي مصورن جي کاتي ۾ پنهنجو نالو لکرايو. فطرت جا محبوب جي ادائن جيان ايترا رنگ آهن جو ان جو هر روپ من کي ڀانئي ٿو. سو برف ۾ پاتل آڏا ڦڏا ليڪا به تجريدي آرٽ جيان من کي ڀانئڻ لڳا. انهن کي ڊاهڻ ۽ وري آڱرين سان نئون روپ ڏيڻ ۾ به ڪلا جي سرجڻ جو عمل محسوس ٿئي ٿو جنهن جون ڪي به حدون ناهن. برف جا گولا ٺاهي مٿي اڀ ۾ ڏور اڇليا، جيڪي گهڙي پل لاءِ هوا ۾ رهڻ کانپوءِ واپس پنهنجي وجود سان ملي ٿي ويا. تڏهن مون کي لڳو ته وڇوڙي جا وڍ يا دوري جا پل ڪيڏا به باري ڇو نہ ھجن، پر محبتن جو ميلاپ اوس ٿيئڻو آهي. وڇوڙي جا پل ۽ ديوارون عاشق ۽ محبوب جي وچ ۾ سدائين رهي نٿيون سگهن.

برف ۾ کيڏڻ جو مزو وٺي ٿوري دير لاءِ ميدان ۾ قدرتي طور گهڙيل آڏن ڦڏن پٿرن تي جيڪي ڪرسيءَ جو ڪم ڏيئي رهيا هئا تي ويهي آسپاس جي نظارن جو مزو ورتوسين. سامهون نهارڻ سان وڏا پهاڙ ڪٿي برف سان ڍڪيل نظر آيا ٿي ته ڪٿي بنا ويس وڳن جي. ان ميدان جي ڀرسان ئي رشين دور جو هڪ دفتر آهي جيڪو ويران لڳو پيو آهي ۽ ان جي ڏسڻ سان ماڻهو اُن دور ۾ هليو وڃي ٿو. ٿورڙو اڳيان هلياسين ته پڪو رستو اچي ويو جيڪو ائڊوينچر پارڪ ڏي وڃي ٿو. ائڊوينچر پارڪ ڏانهن جبلن جون چاڙهيون چڙهندي رستي ۾ ٻيون روسي دور جون عمارتون به نظر آيون جيڪي ان وقت آفيسرن جي استعمال ۾ هيون يا فوجي مقصدن ۾ استعمال ٿينديون هيون. کنڊر ڏيکائي ڏيندڙ انهن عمارتن مان ڪنهن هڪ اڌ عمارت ۾ هوٽل ٺهيل آهي نه ته اڪثر ويران آهن. ڪارل مارڪس ۽ لينن جهڙن ڀلن انسانن جن انسان ذات لاءِ بنا تفريق برابري قائم ڪرڻ، جبر ۽ استحصال کان پاڪ سماج اڏڻ لاءِ نه صرف نظريو ڏنو، بلڪه ان لاءِ پنهنجون حياتيون به ارپي ڇڏيون. جي انهن جا پويان وارث انهن جي نقش قدم تي هلن ها ته اڄ البانيا ۾ روسي ڪميونسٽن لاءِ نفرت نه هجي ها. لينن جي وفات کانپوءِ جي حڪمرانن هن دجتي پهاڙن جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ وسندين ۾ اهڙو ظلم ڪيو، جو انهن جا قصا ٻڌيو لڱ ڪانڊارجو وڃن. 1945ع کان 1992ع تائين البانيا تي ڪميونسٽ ڊڪٽيٽر Enver Hoxha جو راڄ هو. هن جي سياهه دورِ حڪومت ۾ ڪئين ماڻهو بيدردي سان ماريا ويا ۽ ڪيترن کي لاپتا ڪيو ويو جن جو سندس سفاڪانه حڪومت جي خاتمي کانپوءِ به پتو ڪونه پيو. چوندا آهن ته: خاندان ۾ جي نڀاڳو ساماڻي تہ پوري ڪُڙم جي پَت وڃائي. ڪامريڊ مارڪس ۽ لينن کانپوءِ ايندڙ ڪميونسٽ ڊڪٽيٽرن جيڪو عوام سان حشر ڪيو، ان ماڻهن مان ڪميونزم جي چڱائي جو تصور ڪڍي نفرت جو ٻج ڇٽيو ۽ اھڙو ظلم برپا ڪيو جو ڪميونزم هتي جي ماڻهن لاءِ گار بڻجي وئي. مون کي انهن ڪدن حڪمرانن جن ڪميونزم جهڙي چڱي نظام کي بدنام ڪيو تي سوچيندي شاهه لطيف، بُلي شاهه، بابا فريد ۽ ٻيا انسان دوست صوفي ياد پيا، جن سان به انهن جي وارث گادي نشينن برو حشر ڪيو آھي. اھي درگاھون ۽ اوتارا جتان ڏاھپ، سچ ۽ روشني جا چشما ڦٽا، اڄ اُھي جھالت ۽ توھم پرستي جا آکاڙا ۽ گادي نشينن جي ڪمائي جو ذريعو بڻيل آهن. سوويت يونين مان انهن جابر حڪمرانن جي تڏا ويڙهه ته ٿي وئي، پر پاڻ وٽ انهن گادي نشينن جيڪي صوفي درويشن جي فڪر ۽ سوچ تي بدنما داغ آهن، انهن جي الائجي ڪڏهن تڏا ويڙهه ٿيندي ۽ ماڻهو جهالت ۽ وهمن وسوسن مان آزاد ٿي روشن منزل ڏانهن وکون کڻندا.

َ دجتي جي پهاڙن تي کوڙ ساريون گهمڻ ڦرڻ جون جايون آهن، جنهن ڪري هتي سياحن جي ڪافي اچ وڃ رهي ٿي. انهيءَ ڏينهن اچو ۽ گهمي ڦري واپس موٽي وڃو يا ٻه ٽي ڏينهن جيترو وقت توهان وٽ هجي هتي رهي فطرتي حسن ۽ تاريخي جڳهين جو ديدار ڪريو ۽ مختلف ائڪٽوٽيز ڪري دل وندرايو. اسين صبح جو جڏهن هتي سوير پهتا هئاسين تڏهن به ريسٽورينٽ ۽ ٻاهر وادين ۾ ڪافي ماڻهو هئا. ان جو مطلب ته ماڻهو هتي وقت ڪڍي ٻن ٽن ڏينهن لاءِ اچن ٿا ۽ خوب مزو وٺن ٿا. دجتي پهاڙن جي جهان ۾ روح جي ريجهائڻ لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون سامگريون آهن، اچو ته ٿورو گهڻو انهن جو سراسري جائزو وٺون:

(1) هتي جي خوبصورت وادين ۾ هڪ مني گولف ميدان ٺھيل آهي. هونئن ته گولف گرائونڊ ڪافي وڏو ٿيندو آهي، جڏهن ته هي ان حساب سان ننڍو آهي ۽ ان ۾ فقط 18 هولس (سوراخ) آهن.

(2) ٻارڙن جي وندر لاءِ هتي مختلف لوڪيشن (هنڌن) تي راندين جا ميدان ٺهيل آهن جن ۾ جهولا، سلائيڊس، جمپر، نيٽ ڪلائيمبر وغيره سيٽ ڪيل آهن.

(3) خوبصورت واديءَ ۾ جان ٺاهڻ ۽ تازي هوا اندر اوتڻ لاءِ فٽنيس ايريا به ٺاهيل آهي.

(4) هتي گهوڙا به ڪرائي تي ملن ٿا، جن تي سواري ڪري شاهاڻو شوق پورو ڪريو.

(5) هتي رائفٽل شوٽنگ ايريا به آهي جتي نشاني چٽڻ لاءِ طبع آزمائي ڪريو، ڀلي گولي نشان تي لڳي نه لڳي، پر يارن دوستن کي ٻٽاڪ هڻي ٻڌائجو ته پنهنجو هڪڙو نشانو به ڪونه گٿو، جيئن پاڻ وارا وڏيرا محفلن ۾ سئو پکي مارڻ جا ڪوڙا قصا ٻڌائيندا آهن ۽ وري چمچا واهه واهه پيا ڪندا آهن.

(6) هن خوبصورت وادي ۾ ماکين جا فارم به ڏسڻ وٽان آهن. جبلن جي ماکي هونئن به سٺي ٿئي ٿي، جيئن پاڻ جي ڪارونجهر جي ماکي ڀلي آهي.

(7) هتي هڪڙو ايڊوينچر پارڪ به آهي توهان پاڻ ان جي منجهيل رستن تي نڪري پئو يا بهتر آهي ته گائيڊ ڪرائي تي ڪري ان جي رهنمائي ۾ فطرت جا حيرت انگيز منظر پسو. هي پارڪ ٻيلن ۽ فطرتي سونهن سان ڀرپور آهي. هن ۾ هڪڙي پهاڙ تان ٻئي پهاڙ تي وڃڻ لاءِ زپ لائين به آهي. هتي هڪ ڪورٽ به ٺهيل آهي جنهن ۾ نيٽ ۽ رسا وغيره سيٽ ڪيل آهن جن تي چڙهي جسماني ورزش ڪري جان ٺاهيو (بڻايو).

(8) هتي هائيڪنگ ٽريڪ (جبل تي چڙهڻ جو رستو) به آهي جيڪو دجتي کان تجاني (Tajani) تائين آهي. 1580 ميٽر جي هن هائيڪنگ ۾ تقريبن ڏيڍ ڪلاڪ لڳي ٿو. جيڪڏهن توهان جبل چاڙهو آهيو ته پايو ٽريڪنگ سوٽ، کڻو سفري ڪٽ ۽ نڪري پئو سسئي وانگر پهاڙن جي پنڌ تي ۽ پسو بوويلا (Bovilla) ندي، ائڊرياٽڪ سمنڊ ۽ فطرت جا حيرت انگيز منظر. باقي پاڻ جي نه ڪو هاڻي اها جوانيءَ واري مستي آهي ۽ نه ڪو سسئي وارو جنون، تنهنڪري اهو جبل چڙهڻ جو ڪم ڇڏيون ٿا انگريزن تي ۽ پاڻ هلون ٿا کائڻ پيئڻ جو مزو وٺڻ لاءِ Belvedere هوٽل.(9) Belvedere Hotel هوٽل هونئن ته سڄي خوبصورت آهي جتي سياح اچي رهندا آهن، پر هن جي ستين منزل تي هڪ گهمندڙ ڦرندڙ (Rotating) بار آهي. هي بجلي تي گهمندڙ ڦرندڙ بار آهي جيڪا 45 منٽن ۾ پنهنجو چڪر آهستي آهستي هلندي پورو ڪري ٿي. ان ۾ ويهي ڪافي يا چانهه جو آرڊر ڏيو، جيڪو ڏيڻ لازمي آهي ۽ ڪافي يا چانهه جا سپ ڀريندي کليل فضا ۾ ترانا شهر، دجتي پهاڙن، نيشنل پارڪ، ائڊرياٽڪ سمنڊ ۽ ڊيوريس (Durres) بندر گاهه جو پري کان نظارو ڪري خوب مزو وٺو. آئون سمجهان ٿو ته چانهه يا ڪافي جي هڪڙي ڪوپ جي قيمت تي فطرت جي سونهن جي مهانگي عياشي ڪرڻ جو سودو هر ماڻهو کي ڪرڻ گهرجي ۽ هتي ايندڙ ايئن ئي ڪن ٿا.

(10) جيڪڏهن توهان پئرا گلائيڊنگ (پئراشوٽ جي ذريعي اُڀ ۾ اڏامڻ) جا شوقين آهيو ته هتي ان جو به انتظام آهي. پنهنجو کيسو خالي ڪريو ۽ گائيڊ جي ذريعي مشين لڳل ڇٽي ۾ 1613 ميٽر جي اوچائي تائين اڀ ۾ اڏامو ۽ فلم خاموشيءَ جي گاني جنھن جو شاعر ھو مجروح سلطان پوري، موسيقي جتن اينڊ للت ترتيب ڏني هئي ۽ ڳايو ڪرشنا مورتي ۽ ڪمار سانو هو، ان جي ٻولن جو مزو وٺو:

آج مين اوپر، آسمان نيچي

آج مين آگي، زمانه هي پيڇي

ٽيل مي او خدا، اب مين ڪيا ڪرون

چلون سيڌي ڪي اُلٽي چلون.

بهرحال اُڀ ۾ ڪيترو به مستي ۾ گم ٿي وڃو اُلٽو هلو يا سُلٽو، پر اول آخر موٽڻو ته ڌرتي ڏي آهي، جنهن ۾ اسان جي وجود جون پاڙون کتل آهن.

(11) دجتي ايڪسپريس آئوٽر اسٽيشن جي ويجهو هڪ خوبصورت پارڪ به آهي. مختلف لاهين چاڙهين تي ٺاهيل هن پارڪ ۾ گل ٻوٽا وغيره پنهنجي سٽاءُ سان رکيل آهن. هن پارڪ تي هڪ جهنگلو به لڳل آهي جنهن جي ڀرسان دوربيني لڳل آهي ان دوربيني مان ترانا ۽ خوبصورت وادين جو پري پري تائين نظارو ڪري سگهجي ٿو. استاد گليليو دوربيني جي ذريعي ستارن جا نوان جهان ڳوليا، پر پوءِ به وشال ڪائنات تائين سندس پهچ جي حسرت اڻپوري رهي. پاڻ به دوربيني جي ذريعي فطرت جي سندرتا مان خوب مزو ورتو، پوءِ به الائجي ڇو اهو محسوس ٿو ٿئي ۽ اها حسرت رهجي وڃي ٿي ته دوربيني جي اک جي وشال فطرت جي لاحد تائين رسائي نٿي ٿي سگهي. هن ننڍڙي پارڪ ۾ هڪڙو دل جو فريم به ٺهيل آهي جتي بيهي توهان فوٽو ڪڍرايو ۽ پسمنظر ۾ حسين نظارن جي وچ ۾ پاڻ کي محفوظ ڪري يادگار بڻايو. دل، دجتي، ڀلي انهن جا روپ الڳ آهن، پر آهن ته هڪ ئي فطرت جا جلوه.

هاڻي شام ٿيڻ تي آهي ۽ ان کان اڳ جو رات پنهنجا پر سوري بهتر آهي ته هاڻي هنن خوبصورت وادين کان موڪلائجي. آئون توهان کي اڳ ئي ٻڌائي آهيو آهيان ته هتي سياري ۾ ڏينهن پاڻ جي ملڪ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻا ننڍا ٿين ٿا. ان ننڍڙي پارڪ کي دجتي ايڪسپريس جي آئوٽر اسٽيشن ويجهي ئي آهي سو دجتي جي منظرن کي پويان ڇڏيندي پاڻ واپس اچي دجتي ايڪسپريس ڪيبل ڪار ۾ چڙهياسين. ڪيبل ڪار جي رفتار به بس ايتري ئي ٿئي ٿي جيتري فيريس ويل جي هوندي آهي، فيريس ويل گول هوندا آهن جيڪي اڪثر وڏن شهرن ۾ لڳل هوندا آهن جن ۾ ويهي ماڻهو آسمان (مٿان) مان هيٺ شهر جو نظارو ڪندا آهن. لنڊن دبئي ۽ دنيا جي ڪافي شهرن ۾ اهي لڳل آهن ۽ تمام آهستي هلن ٿا ۽ انهن ۾ به هلندي چڙهڻو پوي ٿو. ڪيبل ڪار جي رفتار جبلن ۾ هلندڙ انهن ٽٽُو گهوڙن مثل آهي جيڪي ٽوئرسٽن جي تفريح لاءِ رکيل هوندا آهن ۽ پنهنجي رمز سان صفا آهستي آهستي هلندا آهن. هاڻ پنهنجي ڪيبل ڪار اوچائي کان لاهين (هيٺ) ڏي وڌڻ شروع ڪيو آهي ۽ انهن ئي منظرن جو ايڪشن ري پلي جاري آهي، جيڪي پاڻ ايڏانهن اچڻ مهل ڏٺا هئا. جڏهن ڪيبل ڪار پنهنجو سفر هيٺان کان يعني انر (لوئر) اسٽيشن کان شروع ڪيو هو ته دجتي ڏانهن ايندي جڏهن ڪيبل ڪار جبلن جي اوچائي ڏي وڌڻ لڳي ٿي ته هيٺ ڌرتيءَ تي موجود شيون سُسنديون ننڍيون ٿيندي ٿي ويون. تڏهن ذهن ۾ هڪڙو خيال اڀريو هو ته ”ڪاش! انسان جي زندگيءَ ۾ درد به ايئن سُسندي سُسندي نظر نه ايندڙ ٽٻڪا بڻجي وڃن.“ ۽ هاڻ جڏهن ڪيبل ڪار دجتي کان هيٺ ترانا ڏي لهڻ (هلڻ) شروع ڪيو ته اهي ئي ڌرتيءَ تي موجود شيون ڦهلجي وڏيون ٿي رهيون آهن ۽ ذهن ۾ هڪ دفعو وري خيال اچي ٿو ته، ”ڇا اهي انسان جي زندگيءَ جا درد وري جاڳي پيا آهن؟ ۽ ڇا اهي انسان جي زندگيءَ کي هڪ واري وري ڀوڳنائن جي جهان ۾ وٺي ويندا؟“ اهو سوچيندي من وياڪل ٿي وڃي ٿو ۽ ماڻھو پاڻ کي گهري کاهي ۾ ڪرندي محسوس ڪري ٿو. پر گهڙي پل رکي اندر مان آواز اڀري ٿو ”نه- قطعي نه. جي انسان پنهنجو فطرت سان ناتو پڪو رکي ۽ ان سان پنهنجو اندر جوڙي رکي ته ان جي اندر ۾ درد ڪڏهن به ديرو نه ڄمائيندو ۽ سدائين فطرت جي سونهن ۽ سوڀيا سان ٽمٽار رهندو ۽ ان جو جيون خوشين جو ساگر بڻجي ويندو.“ هاڻي سج لهڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ شفق جي لالاڻ پوري واديءَ تي پنهنجا رنگ وکيري ڇڏيا آهن. هڪڙو سونهن پري وري جي هار سينگار ڪري ته ڪيئن ٿا ڀانيو؟ شفق جي لالاڻ سان فطرت ۾ نکريل رنگ اندر ۾ اوتيندي پنهنجو واپسيءَ جو سفر جاري آهي… ۽ اجهو هاڻ پهچي ويا آهيون واپس دجتي ڪيبل ڪار جي اِنر (لوئر) اسٽيشن تي، جتان پاڻ سفر جي شروعات ڪئي هئي. پنھنجي ڏھاڙي تي ٻڌل ٽيڪسي جيڪا اڳ ئي اُتي بيٺل هئي، ان ۾ چڙهي واپس هوٽل ڏي روانا ٿياسين.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments