زندگي وڃايو مَتان! سورٺ جتوئي/ماٽو  

قُدرت جي عطا ڪيل سَڀني نعمتن مان زندگي ھڪ بي بھا نعمت آھي، جنھن جو ڪو ملھ ئي ناهي. ڪو انسان اربين رپيا خرچ ڪري به زندگيءَ جو هڪ پل به خريد نٿو ڪري سگھي. زندگي ھڪ انمول امانت آھي، جنھن کي ڪافي انسان بغير محسوس ڪرڻ جي وڃائي ويھندا آھن. وقت جي حساب سان جيڪڏھن انساني زندگيءَ جو جائزو ورتو وڃي ته انسان پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي مرحلن مان گذري ٿو. هونئن ته ڪافي مرحلا آهن، پر اُن کي ٽن مُک مرحلن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، جهڙوڪ: ننڍپڻ، جواني ۽ پوڙھائپ… اُنهن ٽنهي مرحلن مان هر ڪنهن جي پنهنجي اهميت ۽ قيمت آھي. تقريبن ھر انسان جو اُهو رايو ھوندو آھي ته ھُن جي ٻاروتڻ واري زندگي بهترين هئي. اُهو وقت هوندو به ايئن ئي آهي. ڇاڪاڻ ته ننڍپڻ ۾ انسان کي نه پئسي جي خبر هوندي آهي ۽ نه ئي زماني جي سَمجھ ھوندي آھي. هُو کلڻ، ڪڏڻ ۽ شرارتن ۾ پنھنجو وقت وڃائيندو آهي ۽ هن کي سَماج جي بيهڪ ۽ اُن جي مسئلن کي سَمجھڻ جو فهم ئي نه هوندو آهي ۽ ايئن کلندي ڪڏندي اهو ٻاروتڻ وارو خوبصورت وقت هُن جي هٿن مان نڪري ويندو آھي. ٻاروتڻ کانپوءِ جواني وارو دور اچي ٿو. هِن دور ۾ انسان مدھوش ھوندو آھي ۽ اُن ۾ ايترو ته جوش، جذبو ۽ توانائي هوندي آھي جو هُن کي ڪابه شيءِ ناممڪن نه لڳندي آهي، هُو خود مختيار زندگيءَ کي پسند ۽ مُحتاجي کان نفرت ڪندو آهي. هي اُهو ئي دور هوندو آهي، جنهن ۾ انسان ڪارناما سرانجام ڏيندو آهي ۽ هِن ئي دور ۾ غلط قدم کڻي پاڻ کي لاتلافي نقصان پهچائيندو آهي. جواني کانپوءِ پوڙھائپ وارو دور اچي ٿو، هي ھڪ اھڙو مرحلو هوندو آھي، جنھن ۾ انسان کي ھمت ۽ حوصلو ته ھوندو آھي، پر اُن وٽ توانائي ناهي هوندي. هِن دور ۾ انسان کي پنھنجي ڪيل عملن جو احساس ٿيندو آهي ۽ هُو ويهي قياس آرايون ڪندو آهي ته هُن کي ماضيءَ ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي ها، هُو ڪهڙي شيءِ ڪري ها ۽ ڪهڙي نه؟ هِن دور ۾ انسان وري ننڍپڻ جيان ٻين تي انحصار ڪندو آھي.

بهرحال! ڪنهن ڏاهي خُوب چيو آهي ته ”ڪاش! مون وٽ جواني واري صحتمندي ۽ پوڙهائپ واري عقلمندي هجي ها، ڇو ته انسان عقلمند ٿيڻ تائين پنهنجي زندگيءَ جو بهترين حصو وڃائي ويهندو آهي.“ اُنهن سَڀني مرحلن ۾ بي شمار لاها چاڙها ايندا آهن، مطلب ته زندگي ڪڏھن به ھڪ جھڙي ناھي ھوندي. اسان سوچيندا آھيون ته زندگيءَ ۾ ڪي به ڏُک، تڪليفون نه رھن ۽ اُھا ھميشه سُک، شانتي ۽ امن سان ڀريل رھي، پر حقيقت اُن جي اُبتڙ هوندي آھي. زندگيءَ ۾ جيتريون خوشيون اينديون آھن، اوترا ڏک به ايندا آھن. ڏکن جي پيڙا کان گذرڻ تمام ڏکيو ھوندو آھي، پر ڏک وڏا محرڪ ھوندا آھن، جيڪي انسان کي انھن شين ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا آھن، جن کي هُو عام طور تي ناممڪن سمجھندو آھي ۽ ڏُک ھڪ استاد جيان سبق سيکاريندا آھن. بينجمن فرينڪلين لکي ٿو ته ”جيڪي ڳالھيون ڏک ڏيندڙ ھونديون آھن، سي سبق به سيکارينديون آھن.“ ڏک سُک، اهنج سھنج، لاھا چاڙھا، الفتون، نفرتون، تنهايون، مايوسيون، محروميون، درد، وڇوڙا، ڪاميابيون ۽ ناڪاميون زندگيءَ جا حصا آھن. تنھنڪري انسان ڏکئي وقت ۾ حوصلو رکي ۽ حالات جو جُرئت سان مقابلو ڪري. هونئن به زندگيءَ جي باري ۾ ھڪ انگريزي جملو آھي تهLife is not the bed of roses  زندگي گُلن جي سيج ناھي، ھي مختصر زندگي گُلن ۽ ڪنڊن سان ڀريل آھي. جيڪڏھن ڪنھن کي ٿورو به ٻُڌجي ته اُن جي زندگي دردن سان ڀريل ملندي، پر پوءِ به ھُو باھمت زندگي گذاريندو آھي. ھِن مختصر زندگيءَ ۾ ھر ڪنھن کي پنھنجي لڳل آھي، مُحبتون ڄڻ ته پکي ٿي اُڏامي ويل آھن. رت جا رشتا ھڪ اُداس يادون بڻجي ويل آھن، لالچ ۽ مفاد کانسواءِ، ھر ڪو انسان ٻئي انسان کان بيزار آھي. ھي لالچون، ھي حسد، ھي مفاد، ھي نفرتون، ھي جھيڙا جھڳڙا ڇا جي ڪري، جڏھن ته سڀ ڪنھن جي زندگي مسافر جي راهه آھي ۽ ھِن راھ مسافر زندگيءَ ۾ ھر ڪنھن سان پيار ۽ پاٻوھ سان پيش اچجي. انسان کي پنھنجي زندگيءَ ۾ پنهنجن حقن لاءِ جدوجهد ۽ پنهنجن فرضن کي نڀائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ھونئن به ھر شيءِ فنا ٿيڻي آھي، پر پيار محبت، سُھڻا اخلاق ۽ سُھڻا ڪِردار ڪڏھن به مرڻا نه آھن.

ڪامياب زندگي گذارڻ لاءِ چئن شين جو خاص خيال رکڻ گھرجي: صحت، صحبت، محنت ۽ وقت. صحتمند جسم وڏي دولت آھي، صحت ھڪ نعمت آھي، ڇو ته ھڪ صحتمند جسم ۾ صحتمند ذھن ٿئي ٿو. خراب صحت زندگيءَ کي بي رنگ بڻائي ڇڏي ٿي، ھر انسان کي سڀ کان پھرين پنھنجي صحت جو تمام خاص خيال رکڻ گھرجي. ھڪ دفعي وقت جي خليفي عمر بن عبدالعزيز رح جي در وٽ ماڻھو گڏ ٿيا، سندن صاحبزادو خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪرڻ لڳو ته بابا سائين توھان سُتا پيا آھيو ۽ ٻاھر عوام پريشان حال آھي. پاڻ جواب ۾ چيائون ته اي پيارا ٻچڙا! ھي جان منھنجي سواري آھي، اُن ڳالھ کان ڊڄان ٿو ته اُن جي صحت کان وڌيڪ وزن رکان ته اُھا ويھي نه رھي. ھِن مختصر زندگي کي مفت نه وڃائجي، صحبت جو انسان جي زندگي ۾ وڏو اثر رھي ٿو، ان ڪري ھميشه صالحن جي صحبت ۾ رھڻ گھرجي. علامه اقبال چوي ٿو: ”نااھلن جي صحبت اھل انسان کي نااھل بڻائي ڇڏيندي آھي، جيڪڏھن هو پاڻ شعلو آھي ته خاڪ ٿي ويندو.“ محنت وري ھڪ اھڙو ذريعو آھي، جنھن سان ڪيتريون ئي ڪاميابيون ماڻي سگھجن ٿيون. چوندا آھن ته قسمت ھر ڪنھن تي مھربان ناھي ھوندي، پر محنت اُھو ھٿيار آھي، جيڪو قسمت کي به بدلائي ڇڏيندو آھي ۽ ھر ناممڪن کي به ممڪن بڻائي ڇڏيندو آھي. جيئن منزل تي پھچڻ لاءِ پھرين سفر ڪبو آھي، تيئن ئي ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون حاصل ڪرڻ لاءِ پھرين محنت ڪبي آھي. مولانا جلال الدين رومي جو قول آھي: ”جيڪڏهن ڪاميابي حاصل ڪرڻ چاھيو ٿا ته مسلسل محنت ڪريو.“ محنت جي باري ۾ ھال اربن پنھنجي ڪتابLife’s Greatest Lessons: 20 Things That Matter  ۾ لکي ٿو ته ”زندگي اُن وقت وڌيڪ وڻندڙ ۽ دلچسپ بڻجي ويندي آھي، جڏھن اسان ڪو ڪم ڪري رھيا ھوندا آھيون، اطمينان رڳو توجھ ۽ محنت سان ڪيل ڪوشش جي نتيجي ۾ حاصل ٿيندو آھي.“ محنت ۽ وقت جي باري ۾ شاھ سائين ڪيڏا نه سُھڻا لفظ چيا آھن:

تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ ڪانھي ويل ويھڻ جي!

وقت جو تمام گھڻو قدر ڪرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته وقت دنيا ۾ هڪ انمول شيءِUnique Resource  آهي. وقت کي اسان پنھنجي مرضيءَ سان ته خرچ ڪري سگهون ٿا، پر اُن کي ذخيرو ڪري نٿا سگهون، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته خاص طور تي نوجوان پنهنجو قيمتي وقت فضول ۽ بي مقصد شين تي ضايع ڪن ٿا. مثال طور: اُهي موبائل فون کي تمام گھڻو استعمال ڪن ٿا، اُهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽڪ ٽاڪ، انسٽاگرام، يوٽيوب ۽ ٻين ايپس تي وقت گذارين ٿا، جنهن سان نه صرف انهن جو مالي نقصان ٿئي ٿو، پر صحت ۽ تعليم تي پڻ هاڃيڪار اثر پوي ٿو. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته مٿيان چند اصول پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻايون ۽ هڪ ڪامياب زندگي گذاريون!

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments