”سٽون پڙهه ساڃاهه جون“ زاهده ابڙو | # جنوري 2022
سنڌي اسان جي سماج ۾ ڪيترائي اهڙا فرد آهن جيڪي بي لوث ڪم ڪرڻ واري جذبي سان پنهنجي حصي جو ڪم ڪندي نظر اچن ٿا. سرمد کوسو به انهن مان هڪ آهي، هو هڪ استاد آهي. سندس ڪم اسڪول جي ٻارن کي پڙهائڻ آهي، پر هو سڄي سماج کي پنهنجو استاد سمجهي ان کان پڙهي به ٿو ۽ وري هڪ ليکڪ جي روپ ۾ سماج کي پڙهائي به ٿو. انهن لاءِ گهران خرچ ڪري ڪتاب ٿو ڇپرائي ۽ پنهنجن دوستن ۽ خير خواهن ۾ ورهائي ٿو. سرمد جا ٻه ڪتاب هڪ ”سڙيا مٿي سچ“ ۽ ٻيو ”تنين کي تعليم جي“ اڳ ۾ اچي چڪا آهن ۽ هاڻي سندس ٽيون ڪتاب ”سٽون پڙهه ساڃاهه جون“ سيپٽمبر 2021ع ۾ مرڪ پبليڪيشن ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ سرمد کوسو مختلف ڪتابن، رسالن، ناولن ۽ شعري مجموعن تي پنهنجا مختلف وقتن تي لکيل تبصرا شايع ڪيا آهن. ڪتاب تي تبصرو لکڻ ڪو آسان ڪم ناهي هوندو جيستائين توهان ان ڪتاب کي مڪمل طرح پڙهو نٿا تيسين توهان ان جي باري ۾ ڪجهه به نٿا لکي سگهو. هن ڪتاب ۾ ڪل ڇائيتاليهه مضمون يا تبصرا آهن جن مان سرمد جي هڪ سٺي قاري هجڻ جو پتو پوي ٿو. هونئن به هڪ سٺي استاد کي سٺي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ هر وقت پڙهڻ گهرجي ته جيئن هو نصابي ڪتابن کانسواءِ ٻين ڪتابن مان حاصل ڪيل معلومات پنهنجن شاگردن کي رسائي سگهي ۽ اهڙي باصلاحيت ۽ باذوق استاد جو ڪلاس روم به اوترو ئي وڻندڙ هوندو ۽ يقينن هو پنهنجن شاگردن کي به روايتي انداز کان هٽي ڪري پڙهائڻ جي ڪوشش ڪندو.
مرتضيٰ لغاري پنهنجي پبلشر نوٽ ۾ سرمد کوسو لاءِ لکي ٿو ته ”هو هلندڙ سياسي صورتحال تي گهري نظر رکي ٿو ته ملڪي معاملا به ڄاڻ ۾ اٿس. بين الاقوامي معاملا به سمجهي ٿو ته سنڌ جو ڪلچر به سمجهي ٿو.“
يقينن ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سرمد جهڙا نوجوان سماج ۾ ازخود پيدا نه ٿي پوندا آهن، پر اهڙن نوجوانن جي پٺيان سندن والدين جي تعليم ۽ تربيت جو وڏو عمل دخل هوندو آهي. اها تربيت ئي آهي جو سرمد پنهنجي ڪتاب ۾ پنهنجي مٺڙي ماءُ عائشه کوسو کي به شامل ڪيو آهي. هوءَ لکي ٿي ته، ”ننڍي هوندي کان ئي کيس ڪتابن سان بيحد پيار آهي. جڏهن کيس اسڪول جي خرچي ملندي هئي ته هي انهيءَ خرچيءَ مان ڪتاب ۽ رسالا وٺندو هو.“
سرمد به ارنسٽ هيمنگوي جي چوڻيءَ تي اکيون ٻوٽي عمل ڪندي ڪتابن سان دوستي ڪئي آهي جيڪي يقينن کيس ڪڏهن به نه ڇڏيندا ۽ نه وري بيوفائي ڪندا.
هن ڪتاب جي آغاز ۾ ”ٻارن لاءِ نئين دور جي شاعري“ ڪتاب تي تبصرو ٿيل آهي. ياسر قاضي ٻارن لاءِ ٽي عدد شاعريءَ جا ڪتاب لکي چڪو آهي جيڪا هڪ وڏي ڪاميابي آهي. ڇو ته ٻارن جي ادب تي سنڌي ٻوليءَ ۾ تمام گهٽ ڪم ڪيو ويو آهي.
”کماچ“ جيڪو شاهه جي رسالي کنڀات جي نالي سان آيل آهي کماچ هڪ راڳ جو هڪ قسم آهي. اڪبر سومرو جي ناول جو ٽائيٽل آهي، جيڪو شهري زندگيءَ جي تصوير ڪشي ٿو ڪري ان تي هڪ مڪمل ۽ ڀرپور تبصرو ٿيل آهي ته انسان هڪٻئي جي جذبن سان ڪيئن ٿو کيڏي ۽ هر ماڻهو ٻئي ماڻهو کي ڪيئن دوکو ٿو ڏئي.
شميم مري جي ڪهاڻين جي ڪتاب ”ميران جوڳڻ“ تي لکي ٿو ته، ”شميم مري جا ڪردار انتهائي سگهارا ۽ سرڪش آهن.“ يقينن جڏهن عورت پنهنجي وجود جو اعتراف ڪرائڻ گهري ٿي ته کيس اهڙن ڪردارن کي به اڳيان آڻڻ جي ضرورت پوي ٿي جيڪي کيس اندران کان سگهه ڏين ٿا. ”ننڍڙو چنڊ“ انور ابڙو جو لکيل ناول جنهن ۾ هڪ ننڍڙي خاندان جي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ ماءُ ۽ پيءُ ڪيئن پنهنجي پٽ عنيق کي ذميداريءَ جي احساس سان پالين ٿا ۽ زندگيءَ جي هر حقيقت تائين ان کي رسائي ٿا ڏين سٺي تعليم ۽ تربيت سان کيس رشتن جو تقدس، پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار، وڻن ٽڻن جي اهميت، جانورن سان پيار ٿا سيکارين نه رڳو ايترو، پر کيس ذميدار انسان ٺاهڻ لاءِ هو پاڻ به رول ماڊل بڻجي هن کي پالين ٿا ۽ ٻار جي پالنا پيار ۽ احترام سان ڪن ٿا ته جيئن ٻار وڏو ٿي هڪ مهذب انسان بڻجي. اهو ناول نوجوان والدين کي ضرور پڙهڻ گهرجي.
اڳتي هلي هو شيخ عزيز جي آتم ڪٿا ”دارون ۽ ڪارون“ تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته هن آتم ڪٿا ۾ نهايت دلچسپ انداز ۾ وڏي بيباڪيءَ جو مظاهرو ڪندي ڪافي حقيقتون سامهون آنديون ويون آهن ۽ حقيقت به اها آهي ته آتم ڪٿا ۾ لکندڙ جيستائين سچ نٿو لکي ته ان کي آتم ڪٿا به نه لکڻ گهرجي.
سنڌ جي ڏاهپ کان انٽرويو جيڪو همسفر گاڏهيءَ جو لکيل ڪتاب آهي ۽ مرتضيٰ سيال جي ڪتاب ”سنڌ جي ساڃاهه کان سوال“ جي باري ۾ تفصيلي معلومات فراهم ڪئي آهي. ڇو ته انٽرويو هڪ اهڙو دلچسپ سلسلو هوندو آهي جنهن ۾ توهان ڪنهن به شخصيت جي اندر جو عڪس آڻي ماڻهن اڳيان پيش ڪندا آهيو ۽ لڳي ٿو ته سرمد کوسو کي به انٽرويو پڙهڻ بذات خود تمام پسند آهي.
جامي چانڊيو جي ڪتاب ”سنڌي سماج-تاريخي ۽ تنقيدي اڀياس“ تي تبصرو ڪندي تمام اهم پهلو اجاڳر ڪيا اٿس. ڇو ته سماج جي اوسر ۽ ان جي پرک رکڻ هر باشعور انسان لاءِ ضروري آهي. سرمد پنهنجي تبصري ۾ لکي ٿو ته جامي چانڊيو پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌي سماج جي مختلف روين جي ڏاڍن زبردست دليلن سان ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي. هن مطابق جامي صاحب جون ڳالهيون موجوده سنڌ بابت تمام وزنائتيون آهن جو انهن کي ڪٿي به ريفرنس طور پيش ڪري سگهجي ٿو.
سرمد پنهنجي ڪتاب ”سٽون پڙهه ساڃاهه جون“ ۾ همسري مئگزين جي چوٿين سالگره تي شايع ٿيندڙ پرچي بابت لکيو آهي رسالي ۾ ايڊيٽوريل ڪنهن نه ڪنهن اهم سماجي مسئلي جي نشاندهي ڪندو آهي ۽ اسان کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيندڙ معياري رسالن ۽ ڪتابن کي وس آهر خريد ڪري پڙهڻ گهرجي. هن ڪتاب ۾ ڪل ڇائيتاليهه تبصرا شامل آهن.
سرمد هڪ اهو باشعور نوجوان آهي جيڪو هڪ ذميدار استاد به آهي ته هڪ سٺو پڙهندڙ به آهي ۽ پنهنجي ذميداري پوري ڪندي هو قلم به کڻي ٿو ۽ ساڃاهه جي ورڇ ڪري ٿو. اسان جي معاشري کي اهڙن لکين نوجوانن جي ضرورت آهي جيڪي پنهنجي مثبت ڪردار سان معاشري ۾ اهڙا رويا پيدا ڪندا آهن جن سان سماج ۾ سڌارا ايندا آهن.
”سُپريان جي ڳالهڙي“ ڀارت جو سفر نامو نصرت لاشاري جي باري ۾ تمام سٺو تبصرو ٿيل آهي تبصري کانپوءِ پڙهڻ تي دل ٿي چوي ۽ ضرور پڙهبو. جتي سرمد کوسو ٻين ڪيترن ئي قيمتي ڪتابن جو ذڪر ڪندي انهن تي تبصرا ڪيا آهن اتي سچ ته پنهنجي شاعري جي مجموعي ”آءُ ته سندرتا ڳوليون“ تي دل سان لکيل تبصرو پڙهي تمام گهڻي خوشي ٿي. هو تبصري ۾ تمام جامع انداز ۾ لکي ٿو ته هن ڪتاب ۾ موجود اڪثر نظم اسان جي سماج جي سوشل اسٽڊي آهن، جيڪو بلڪل به حقيقت آهي. سچ پڇو ته هن دور ۾ ڪتاب پڙهڻ وري ان تي تبصرو ڪرڻ ۽ وري اهي تبصرا پنهنجي خرچ سان ڇپرائڻ ۽ ڪتاب جي صورت ۾ آڻڻ ڪو مذاق ناهي. اهو هڪ وڏو پورهيو آهي جيڪو سرمد ڪيو آهي ۽ سندس علم ۽ ڪتابن سان دلچسپيءَ جو اظهار آهي.
هيءُ ڪتاب مرڪ پبليڪيشن شايع ڪيو آهي، هن ڪتاب جو ملهه 400 رپيا آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ محمد علي پٺاڻ لکيو آهي ۽ بيڪ پيج سرواڻ سنڌيءَ لکيو آهي، جنهن ۾ هو لکي ٿو، ”هي ڪنهن جا ڪپڙا لاهي نٿو، پر لفظن سان گهڻن جي اوگهڙ ڍڪي ٿو.“