علي بابا مير سردار چنڙ
سنڌ ۾ ادبي هيرن جي ڪا کوٽ ناهي سنڌ ۾ سوين ستار اڀريل آهن اڄ به جڳمڳ آهن جن سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو آهي. انهن مان سنڌوءُ جو سڪيلڌو علي بابا پڻ هڪ آهي. علي بابا 7 جولاءِ 1945ع تي نانگو لائين ڪوٽڙي ضلعي دادو (هاڻوڪي ضلعي ڄامشوري) ۾ محمد رمضان رند جي گھر ۾ جنم ورتو. سندس نالو علي محمد رکيو ويو، ڪنهن به نه ڄاتو هو ته هي ٻروچاڻو ٻار علي محمد وڏو ٿي علي بابا جي روپ ۾ عالمي ليول جو ڪهاڻيڪار ٿي سنڌي ادب جو نانءُ روشن ڪندو.
علي بابا جا وڏا اصل بلوچستان جا هئا جيڪي بلوچستان مان لڏي اچي سيوهڻ ۾ رهائش پذير ٿيا. علي بابا جو پيءُ محمد رمضان بلوچ ريلوي ۾ شنٽنگ پائليٽ هو، جيڪو ڪوٽڙي لڏي آيو. علي بابا پرائمري تعليم نانگو لائين ڪوٽڙي مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ شير دل هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي. جڏهن ميٽرڪ جا امتحان ٿي رهيا هئا ته علي بابا هڪ ڇوڪري کي ڀونڊو ڏنو ته کيس هڪ استاد امتحان سينٽر مان ڪڍي ڇڏيو، پوءِ وري هن اسڪول جو منهن نه ڏٺو ۽ ميٽرڪ ۾ فيل ٿي ويو.
علي بابا پهرين ريلوي کاتي ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو جتي ست سال نوڪري ڪيائين. بعد ۾ ڪپڙي جي مل ۾ اسسٽنٽ مئنيجر طور ڪم ڪيائين، 1965ع ۾ نوڪري ڇڏي لکڻ پڙهڻ شروع ڪيائين.
علي بابا ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع ڪيو هو، جنهن جو ذڪر ”سنڌ باد جو سفر“ ۾ ڪندي چوي ٿو ته مون تمام ننڍي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيو هو. ڏهن ٻارنهن سالن ۾ ان وهيءَ ۾ منهنجو اديب بڻجڻ جو چٽو پختو خيال هو مون وٽ ڪنهن وڏي آفيسر انجنيئر يا ڊاڪٽر ٿيڻ جو تصور ئي نه هو پيو ڪاڳر ڪارا ڪندو هئس.
اهڙيءَ طرح علي بابا ننڍپڻ کان لکڻ شروع ڪيو، پنهنجي منهن لکندو هو وري ڦاڙيندو هو لڳاتار سلسلو هلائيندي 1965ع کان باقاعدي رسالن ۾ ڇپجڻ لڳو. سندس پهرين لکڻي شمشير الحيدري جي مئگزين ”نئين زندگي“ ۾ شايع ٿي ۽ انهيءَ رسالي ۾ آخر تائين شايع ٿيندو رهيو.
علي بابا پنهنجي قلم کي سچ ۽ نيڪ نيتي سان هلايو هن سماج لاءِ پاڻ پروڙيو هن سدائين سخت پورهئي سان لکيو نه ڪي ڪنهن سستي شهرت ڏانهن ڀڳو. علي بابا جا پسند جا موضوع موهن جو دڙو، سنڌو درياءُ، ڪارونجھر جبل، ٻيڙي، مهاڻا ۽ تاريخ هئا.
علي بابا جو هڪ عظيم خواب هو ته سنڌو درياءُ کي ماضي واري موجن ۾ ڏسي ان جي چوڌاري وڻ ٻيلا ڏسي سنڌ ۾ پاڪ پويتر پاڻي ڏسي نه ڪي پنجاب جي فيڪٽرين جو ڪيميائي پاڻي ۽ سکر حيدرآباد تائين جي گٽرن جو پاڻي ڏسي، علي بابا سنڌو کي ٻيهر موجن ۾ ڏسڻ چاهيو پئي.
علي پنهنجي جيون ۾ 300 کان مٿي ڪهاڻيون ريڊيو ڊارما لکيا، علي بابا جي ڪهاڻين جا ڪردار سگهارا ۽ واضح هئا هو پنهنجي ڪهاڻين ذريعي پٺتي پيل ماڻهن جي دردن جو آواز بڻيو، سندس ڪهاڻين ۾ غريبن باليشاهين جي زندگين جا داستان سنڌو درياءُ رني ڪوٽ ڪارونجھر جبل جا عڪس پسمنظر موجود آهن. علي بابا جي ڪهاڻي جي موضوع حوالي سان مدد علي سنڌي پنهنجي مضمون ”ڪا ڳالهه هئي جيڪا مون نه سئي“ ۾ لکي ٿو ته، ”علي بابا جڏهن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون تڏهن سنڌي ڪهاڻي جو اهم دور هو، پر اسان جي ليکڪن جي ڪهاڻين جا گھڻو ڪري موضوع وڏيري ۽ هاري تائين محدود هوندا هئا. جيتوڻيڪ حفيظ شيخ، حميد سنڌي، غلام نبي مغل، نسيم کرل، نوان موضوع آندا هئا، پر علي بابا اهو ڪهاڻيڪار آهي، جنهن سڀ کان پهرين قومي ڪهاڻين جو آغاز ڪيو اها ڳالهه 1960ع جي آهي.
علي بابا هڪ حساس ڪهاڻيڪار هو هڪ اهڙو ڪهاڻيڪار هو جيڪو ڪنهن موسم يا وقت تائين محدود نه هو، هر وقت پيو لکندو هو، سندس هر ڪهاڻي ۾ احساس سمايل آهي. شاعراڻي ڪهاڻي جو فن به علي بابا لکڻ ڄاڻي سندس هر ڪهاڻي جي شروعات دلچسپ ۽ پڇاڙي ڇرڪائيندڙ هوندي آهي، اهم گڻ انهن ۾ هوندا آهن جيڪي پنهنجي پڙهندڙن کي پاڻ طرف ڇڪڻ ڄاڻيندا آهن، ايئن علي بابا جون ڪهاڻيون به سنڌ ۽ سنڌين جو روح آهن. سنڌو کان ويندي ڪارونجهر، ڪينجھر ۽ رني ڪوٽ کي علي بابا پنهنجي اصل حيثيت سان ڏيکاريو آهي. علي بابا اهي سنڌ جا اصل ڪردار ڳولي اسان آڏو پيش ڪيا آهن جن کي اسان لاپرواهي ۾ وساري چڪا آهيون. سندس ڪهاڻيون سماج جو چٽو پٽو عڪس آهن جنهن ۾ سماج جا سڀ رنگ جڙيل آهن. علي بابا چنڊ ۽ ماني، جانورن جي دنيا، دي ايڊيٽر، ڪارونجهر جا قيدي، اسان ماڻهو لاڙ جا، جهڙيون ڪيتريون ئي شاندار ڪهاڻيون اسان کي سرجي ڏنيون. علي بابا پي ٽي وي تي 100 کان مٿي ڊارما لکيا جن ۾ ٻالي شاهي، موکي ۽ متارا، مومل راڻو، هوشو شيدي، رقص حيات، (جيڪو موهن جي دڙي جي ناچڻي ۽ ان جي زندگي تي هو) ۽ دنگي منجهه دياهه ۽ ٻيا مشهور ٿيا.
دنگي منجهه درياهه:
دُنگي منجهه درياهه علي بابا جو هيءُ هڪ اهڙو شاهڪار ڊارمو هو جنهن ڏسندڙن کي ڏندين اڱريون ڏيئي ڇڏيون، سڀ ان ڳالهه تي حيران هئا ته علي بابا سنڌي ادب ۾ اهڙو ڊارمو ڪيئن سرجي سگھي ٿو. 1976ع ۾ جرمني جي شهر ميونخ شهر جي عالمي ميلي ۾ پيش ڪيو ويو هو، جتي 79 ملڪن حصو ورتو هو. ان ميلي ۾ هن ڊارمي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي هئي، اهو پهريون سنڌي ڊارمو هو جيڪو مهاڻن تي لکيو ويو هو. هن ڊارمي ۾ سنڌو درياهه جي جيون کي شاندار نموني سان پيش ڪيو ويو هو مهاڻن جي زندگي ۽ انهن جي رهڻي ڪهڻي ٻولي تي اعليٰ طريقي سان پيش ڪيو ويو آهي. هن ڊارمي ۾ ٻولي جي حوالي سان به بهترين ڪم ڪيو آهي. سڀني ڪردارن سان ڀرپور نڀايو ٺيٺ سنڌي استعمال ڪئي آهي پهاڪا پڻ شامل آهن. هن ڊارمي ۾ ٽي مرڪزي ڪردار شامل آهن ڍانڍي (مڙس)، ڏاڻو (زال)، ساماڻو (پٽ). علي بابا ٽنهي سان برابر انصاف ڪيو آهي، انهن ٽنهي مان ڏاڻو تيز عورت جو ڪردار ادا ڪري ٿي. ڊارمي جو ڪجهه منظر هيٺ پيش ڪجن ٿا.
”ڍانڍي ڄار سولو ڪري سرهه سڌو ڪري ٿو. ٻيڙي درياهه ۾ چير وجھندي، هوائن جي زور تي ڪنهن طرف وڌندي ٿي نظر اچي، ڪئمرا ڏاڻو کي ٻنهي ٻارن جي وچ ۾ ليٽيل ٿي ڏيکاري، اوچتو ڏاڻو جو پٽُ ننڊ مان ڇرڪ ڀري روئڻ ٿو لڳي.
ٻار: آن آن… موندو ڦوتنو… آن… آن… آن….
(هيج مان)
ڏاڻو: الي الي توندو ڦوتنو خواب لڌو اٿئي ماٿلي ڪري سمهي پئُه لطيف اجهو آيو ڪيِن آيو پوءِ پانجي پت کي گالو گالو ڦوتنو وٿي ڏينديس ۽ رنگ برنگي ڳانو ڳچيءَ ۾ پائيندين نه…
***
ڍانڍي: رن، منڇر مان لڏائي، ڪينجهر مان لڏائي، هاڻ درياهه شاهه تان به ٿي تڙائين ڇا؟
ڏاڻو: ڇو، وات ڇو بند ڪريان؟ درياهه بادشاهه جي دُن ۾ ايتريون مڇيون به ڪونه هونديون جيتريون منهنجي پيٽ ۾ گاريون- او…. ڪوٽڙي واري پل تان بيهندي سانءِ
(منشي کي نهاري نماڻائيءَ مان)
ڍانڍي: سائين، دل ۾ مَ ڪجان هيءَ ٿوري واترادي آهي
(ڪجهه جھيڻو ٻوليندي ٿهمَر سان)
ڏاڻو: ڇو؟ آئون وڏي واترادي آهيان ڏيڍ هزار گاريون برزبان ياد اٿم.
هي سين نمبر 1 مان ڪجهه ڊائلاگ کنيل آهن.
علي بابا هن ڊارمي جي لاءِ هڪ سدا بهار گيت لکيو جيڪو جيڪي زرينا بلوچ جي آواز ۾ رڪارڊ ڪرايو جهڙو سدا بهار گيت تهڙو ئي سدا بهار آواز هو. هي گيت درياهه جي درد تي سمايل گيت آهي، جنهن ۾ علي بابا درياهه جو درد پيش ڪري ٿو جنهن جو سٽون هن ريت آهن:
اسين ماڻهو لاڙ جا
درياهه جي پڇاڙ جا
اُترڙو ٿو لڳي
اُترڙو ٿو لڳي الا
واسرو ٿو لڳي
جھريل جھوپا پنهنجا
هانوَ به هڄيل پنهنجا
تو بن منهنجا ڙي راڻل
روحَڙو نه لڳي
اسين ماڻهو لاڙ جا
درياهه جي پڇاڙ جا
اُترڙو ٿو لڳي
توسين منهنجا جھيڙا
توسين منهنجا ميڙا
توکي ڏسيو ڙي راڻل
ساهڙو ٿو کڄي
ساهڙو ٿو کڄي ڙي الا
اسين ماڻهو لاڙ جا.
سنڌ باد جو سفر:
علي بابا سنڌ باد جو سفر هي ناول خاص ڪري ٻاراڻي ادب جي کوٽ محسوس ڪندي ٻارن لاءِ لکيو هو. هي ناول نه صرف ٻارن لاءِ آهي، پر وڏن لاءِ به تمام ڪارائتو آهي. هن ناول جي اها خوبي آهي ته علي بابا هن ناول ۾ ڪٿي به رت ناهي وهايو، هن ناول اندر سنڌ باد نالي هڪ ڇوڪري کي سنڌ ملڪ جي سيلاني (سفير) طور پيش ڪيو آهي جيڪو ٻيڙي ذريعي درياهه بادشاهه جو سير ڪري ٿو. هن ناول ۾ ۾ درياهه ۽ ڪارونجهر جي ڪور جي آسپاس جا ڪجهه منظر پيش آهن. ناول ۾ موجود سڀ ڪردار گوڪل گوڪان، هوٿل پري، ديو ۽ مهاڻو هن سڀني ڪردارن سان ٺهڪندڙ ڊائلاگ لکيا آهن. جيتوڻيڪ هي ناول اڻپورو هوندي به اڻپورت جي ڪمي محسوس نٿي ٿئي. علي بابا جي هن ناول ۾ علي بابا جو قلم ڪٿي ڪٿي وزنائتا لفظ کڻي آيو آهي ته ڪٿي تمام سادا سولا لفظ لکيا آهن. ڪاش اڄ علي بابا زنده هجي ها ته اسان کي هن ناول جو ٻيو حصو به پڙهڻ لاءِ ملي ها.
علي بابا ڏک وچان مهاڳ ۾ لکي ٿو ته: ڪاش اسان وٽ ايترا پئسا هجن ها ته آئون ان تي آزاد ٿي لکان ها ۽ آرٽسٽ کان پنهنجي مرضيءَ جون تصويرون ٺهرائي ناول سهڻي نموني ڏيان ها ته ناول وڌيڪ اثرائتو ٿئي ها.
موهن جو دڙو:
علي بابا جو هي شاهڪار ناول موهن جو دڙو آهي جنهن هن وقت تائين سنڌي ادب ۾ تمام گھڻي مڃتا ماڻي آهي. علي بابا جو هي ناول موهن جو دڙو تمام سٺي حيثيت رکندڙ ناول آهي. هن ناول ۾ به علي بابا سٺو نڀايو آهي. هي شاهڪار ناول ٻن حصن ۾ اچڻو هو، پر ٻيو حصو اڌورو رهجي ويو ۽ علي بابا به ڪوهين ڏور هليو ويو، باقي پهرين حصي جا ڪيترائي ڇاپا اچي چڪا آهن.
هن ناول جون ڪجهه قسطون 1968ع واري دور ۾ حميد سنڌي جي مئگزين ”روح رهاڻ“ جي آخري پرچن ۾ شايع ٿيون هيون. ”روح رهاڻ“ تي بندش کانپوءِ بقايا قسطون شمشير الحيدري جي ادارت ۾ ”نئين زندگي“ مئگزين ۾ شايع ٿيون. هن ناول بابت مدد علي سنڌي لکي ٿو ته ”تمام گھٽ پڙهندڙن کي اها خبر هوندي ته جڏهن علي بابا پنهنجو اهو شاندار ناول لکي رهيو هو ته ان وقت هن اکين سان موهن جو دڙو گھمي به نه ڏٺو هو، پر هن ناول ۾ جيڪا هن منظر ڪشي ڪئي آهي يا هن ۾ مطالعي ۽ آبزرويشن جو جيترو تعلق آهي اهو سندس اعليٰ ذهن جو اظهار آهي. ”سنبارا“ لفظ به اسان علي بابا جي واتان ٻڌي ۽ ناول ۾ پڙهي پوءِ واقف ٿياسين.
مدد علي سنڌي جي هن راءِ مان پاڻ ئي اندازو لڳائي سگهو ٿا ته علي بابا ڪيترو نه ذهين هو، هن پورو تجربو مشاهدو گھر ويٺي ڪتابن مان ڪيو ۽ اهڙو شاندار ناول لکي تاريخ رقم ڪيائين.
علي بابا 1983ع ۾ پهريون ڪهاڻين جو مجموعو ڌرتيءَ ڌڪاڻا شايع ڪرايو. ان کان علاوه 1984ع ۾ ڪهاڻين جو آيل ڙي اولاڻا 1990ع ۾، موهن جو دڙو ناول 1993، سنڌ باد جو سفر ٻارن لاءِ ناول ۽ 1996 ۾ منهنجون ڪهاڻيون نالي ڪتاب شايع ٿيا. علي بابا جي ڪھاڻي ”چنڊ ۽ ماني“ يونيورسٽي جي نصاب ۾ شامل آھي. سنڌو جو هي مست درويش ڪهاڻيڪار 8 آگسٽ 2016 تي سومر جي ڏينهن 71 سال 7 مهينا گذاري هميشه لاءِ سنڌي ادب کي يتيم ڪري ويو. علي بابا جي وفات کانپوءِ سنڌ حڪومت پاران سندس ياد ۾ گورنميٽ بوائز ڊگري ڪاليج ڪوٽڙي جو نالو مٽائي علي بابا گورنمينٽ ڪاليج رکيو ويو ۽ سندس مرڻ کانپوءِ مواد گڏ ڪري ڪتاب شايع ڪرايا ويا. افسوس! اهو سڀ ٿيو اهو به تڏهن جڏهن علي بابا اسان کان وڇڙي ويو، پر جيئري جيڪڏهن اسان ان کان ڪڏهن حال پڇون ها ته شايد علي بابا اسان کي گھڻو ڪجهه ڏيئي وڃي ها، پر ڏئي به ڇو ها؟ جيڪو علي بابا اسان کي ڏيئي ويو ان بدلي ۾ کيس اسان ڇا ڏنو آهي؟ دُنگي منجهه درياهه جهڙو ڊرامو يا موهن جو دڙو جهڙو ناول ڪنهن ٻئي ادب اردو يا انگلش ۾ لکجي ها ته ان ليکڪ کي ڇا ڇا ملي ها، توهان سوچي به نٿا سگهو، پر هن ليکڪ کي ايترا پئسا نه مليا جو هو پنهنجي مرضي مطابق هڪ ڪتاب ڇپرائي سگهي. بس هن جو ڏوهه اهو هو ته هي هڪ غريب سنڌي هو ۽ ڪنهن ادبي ٽولي جو ساٿي نه هو نه وٽس ڪو عهدو هو. علي بابا اڄ اسان جي دلين ۾ ميسارجڻ لڳو آهي.
احمد شاڪر مضمون ”سنڌوءَ جي سير ۽ علي بابا“ ۾ لکي ٿو ته:
جيئن سنڌ ۽ سنڌو علي بابا کان دور ٿيندا پيا وڃن ايئن علي بابا اسان توهان کان دور ٿيندو پيو وڃي. اسان جڏهن ابتا پيرا کڻنداسين ته علي بابا اسان کان نه پر اسان علي بابا کان ڏور ٿي پيا وڃون.
آئون علي بابا جي نانءُ هي سٽون ڪندس:
ڍونڍو گي اگر ملڪون ملڪون
ملني ڪي نهين ناياب هين هم
تعبير هي جس ڪي حسرت و غم
اي هم نفسو وه خواب هين هم.