قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اياز لطيف پليجو کان  سياسي صورتحال تي انٽرويو زاهده ابڙو    

همسري زاهده ابڙو:  هن وقت پاڪستان ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

اياز لطيف پليجو: چارلس ڊڪنس جو ناول آهي “The Tale of Two Cities” ان جا جيڪي پهريان جملا آهن اهي تمام تاريخ ساز آهن. It was best of the times and it was worst of the times بهترين دورن مان هڪ دور هو ۽ بدترين دورن مان هڪ دور هو. ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون حالتون اينديون آهن جڏهن ٻنهي پاسن لاءِ زبردست موقعا هوندا آهن ماڻهو ڳوٺان نڪري ڪشمور کان حيدرآباد اچي آباد ٿئي، ڍور ڍڳا کپائي اچي ويهي ۽ شهر ۾ سڀ پئسا ٻڏي وڃنس ۽ وري ڪنگلو ٿي واپس ڪشمور يا ميرپورماٿيلي موٽي يا وري ٻارن کي پڙهائي لکائي اڳيان نڪري وڃي ۽ ڪراچي جو مستقل رهائشي ٿي وڃي. تنهنڪري سنڌين لاءِ ۽ پاڪستانين لاءِ defying لمحا به آهن ته معاملن کي طئي ڪرڻ وارا لمحا پڻ آهن. عقل، ڏاهپ ۽ دور انديشي سان سڄي دنيا ۾ پنهنجي وجود کي مڃرائين علم جي حوالي سان امن جي حوالي سان چاهين ته ٻيڙي ٻڏي وڃي اڳيون سوجهرو به چٽ ٿي وڃي. تنهنڪري تمام وڏا موقعا به آهن، رياست پاڪستان کي به پنهنجا رخ طئي ڪرڻا آهن. پاڪستان 1947ع کانپوءِ شروع واري دور ۾ پڇ لٽڪائو رهيو. ملڪ غلام محمد کان، لياقت علي خان، حسين شهيد سهروردي، چوڌري محمد علي، محمد علي بوگرا، ايوب خان، اسڪندر مرزا، يحيٰ اهو سڄو دور پاڪستان آمريڪا جي مٿان ڀاڙيندو رهيو ڪو گس ڪونه هئس. جيڪڏهن آمريڪا امداد ٿي ڏني ته اٺ جي ڳچيءَ ۾ تختي لٽڪائي ڪراچيءَ ۾ گشت ٿي ڪرايائون “Thank you America”. ”سيٽو“ ۽ ”سينٽو“ جي معاهدن ۾ جيئن آمريڪا چيو ٿي تيئن پاڪستان ڪيو ٿي ۽ روس جي جاسوسيءَ لاءِ بڊابير جي اڏي تان يو ٽو فلائيٽس اڏامنديون هيون ڪيرايائون، ان وقت جي روسي وزيراعظم ڪوسيجن چيو ته پاڪستان کي ان شيءِ جو حساب ڪتاب ڏيڻو پوندو، ايترو اسان آمريڪا کي ويجهو هئاسين ۽ پاڪستان هينري ڪسنجر جي بئڪ ڊور ڊپلوميسي ۾ چين سان تعلقات بهتر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان وقت روس کي اڪيلو ڪرڻو هو، ان کانپوءِ جڏهن افغانستان تي قبضو ٿيو تڏهن پاڪستان آمريڪا سان گڏ وڃي بيهي رهيو ۽ روس جي خلاف پاڪستان آمريڪا جو اتحادي ٿيو ۽ اڳيان اڳيان بيٺو، جنهن جي اسان کي تمام گهڻي قيمت ادا ڪرڻي پئي، پاڪستان ۾ ضياءُالحق جي دور ۾ڪلاشنڪوف آئي، هيروئن آئي، پاڪستان ۾ انتهاپسندي پکڙي ۽ وري جڏهن نائن اليون ٿيو ته پاڪستان کان پڇيو ويو ته either you are with us or against us? ان وقت جي پاڪستان جي سربراهه پرويز مشرف چيو ته ”سب سي پهلي پاڪستان“ جيئن آمريڪن چيو ايئن ڪيوسين. انهن چئني موقعن تي پاڪستان بيٺو هو آمريڪا سان گڏ. هاڻي وري اهو دور آهي جڏهن آمريڪا توهان کان ٿورو پري آهي ۽ توهان کي ايترو ريسپانس ڪونه ٿو ڏئي ۽ نه ئي توهان مان ڪا وڏي توقع رکي ٿو. تڏهن وري هيءُ هڪڙو بيانيو ٺاهيو ويو آهي ته آمريڪا حڪومت تبديل ڪئي آهي. آئون نٿو سمجهان ته هينئر آمريڪا کي پاڪستان ۾ حڪومت کي تبديل ڪرڻ ۾ ڪا دلچسپي آهي. ڊپلوميسي ۾ هڪٻئي کي خط لکبا آهن، هڪٻئي سان displeasure ظاهر ڪبو آهي. هن وقت جيڪا ڪيبل جي ڳالهه هلي پئي ان کان وڌيڪ سخت زبان آمريڪا انڊيا جي لاءِ استعمال ڪئي آهي. انڊيا ۾ وڃي ان جي انڊر سيڪريٽري چيو ته جيڪڏهن اوهين روس کان پيٽرول وٺندوَ ته پوءِ جيڪڏهن چين بارڊر ڪراس ڪري هليو اچي ته توهان جي مدد لاءِ روسي ڪونه ايندا، اها وڌيڪ سخت زبان آهي. روسي ڪونه ايندا معنيٰ آمريڪا ايندو ۽ توهان کي بچائيندو. ان ۾ مودي اهو ڪونه چيو آهي ته منهنجي ڪا حڪومت آمريڪا تبديل پئي ڪري، هنن جواب ڏيئي ڇڏيو پنهنجي مرضي هلائين پيا. اهو ڪونه چيائون ته اسان کي مَٽائين پيا. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ان سڄي سياسي صورتحال ۾ سياسي maneuvering آهي. ذوالفقار علي ڀٽو، ايوب خان سان شملا معاهدي ۾ گڏ هو، پر جڏهن ڏٺائين ته ايوب ڪمزور آهي ماڻهو سندس خلاف ٿي ويا آهن ته ذوالفقار علي ڀُٽي ايوب جي خلاف ماحول ٺاهي ورتو ۽ ڪامياب ٿي ويو. سياسيت ۾ تصور يعني سوچ حقيقت کان وڌيڪ اهم آهي. ڀُٽي ان وقت ۾ اهو تصور ٺاهي ورتو ته ايوب خان پاڪستان کپايو پئي ۽ آئون شملا معاهدي کانپوءِ بچائڻ لاءِ اچي ويو آهيان. عمران خان به ساڳيو تصور ٺاهيو آهي ته باقي جيڪا سڄي خلق آهي جنهن ۾ عدليه، آرمي، نواز ليگ، پيپلز پارٽي، اي اين پي، مينگل اهي سڀ پاڪستان کپائڻ لاءِ تيار بيٺا آهن، آئون بچائڻ لاءِ ميدان ۾ لٿو آهيان. اهو نيريٽو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، پر حقيقت ۾ ايئن آهي ڪونه.

هڪڙي ڳالهه سنڌ جي عوام کي سمجهڻ کپي ته ڪي. پي. ڪي ۾ ۽ افغانستان ۾ 1947ع کانپوءِ 60/70 جي ڏهاڪي کانپوءِ هڪڙو ماحول ٺهيل آهي ته جيڪو آمريڪا جو يار آهي سو …… آهي، اهو ماحول ڪنهن ٺاهيو آهي. جيڪي ڪميونسٽ يا کاٻي ڌر جا هئا انهن به اهو چيو ته جيڪو آمريڪا جو يار آهي اهو فلاڻو آهي. اڳتي متحده مجلسِ عمل به ساڳيو نعرو هنيو ته جيڪو آمريڪا جو يار آهي اهو فلاڻو آهي. ان کانپوءِ اتي پي. ٽي. آءِ به ساڳيو نعرو هنيو ته جيڪو آمريڪا جو يار آهي اهو فلاڻو آهي. ڪي. پي. ڪي ۾ جيڪو ماڻهو جماعت اسلامي سان گڏ آهي ان جو به ساڳيو نعرو آهي، جيڪو طالبان سان گڏ آهي اهو به آمريڪا مخالف آهي، جيڪڏهن اي. اين. پي سان گڏ آهي ته تڏهن به آمريڪا مخالف آهي. پشتون جيڪي بلوچستان ۾ رهن ٿا اچڪزئي وارا، بلوچستان ملي عوامي پارٽي وارا اهي به آمريڪا مخالف آهن. تنهنڪري پشتون ٻار کي اهو مائنڊ سيٽ ڏنو ويو آهي ته اها سڄي تباهي آمريڪا ڪرائي آهي ۽ ڪيترين ڳالهين ۾ صحيح به آهن هن بياني کانپوءِ عمران خان جي پوزيشن اتي ڏاڍي سٺي ٿي وئي آهي. مردان ۾، يوب ۾، پشاور ۾ ڪٿي به توهان نعرو هڻندا ته سڀ توهان جي حق ۾ جواب ڏيندا، باقي پنجاب ۾ اليڪٽ ايبلز جو مقابلو آهي. پنجاب ۾ مقابلو ان تي به آهي ته نيريٽو ڪهڙو آهي، پر اصل ۾ اليڪٽ ايبلز جو مقابلو آهي. سنڌ ۾ به سنڌي ماڻهو مذهبي نعري يا آمريڪي نعري کان گهڻو متاثر نٿو ٿئي. سنڌ جي سياست جا وري ٻيا ڊائنامڪس آهن. وري ڪراچي آهي ته اتي مڪس آبادي آهي، اتي پنجابي ۽ پختون به آهن، سرائيڪي به آهن اردو اسپيڪنگ به آهن، اتي پي. ٽي. آءِ کي فائدو ٿي سگهي ٿو. ڪراچي ۽ ڪي. پي. ڪي ۾ پي. ٽي. آءِ کي فائدو ٿي سگهي ٿو. باقي سنڌ ۽ پنجاب جا جيڪي ڳوٺاڻا علائقا آهن انهن ۾ اهو نعرو گهڻو ڪري ڪونهي، اها ڳالهه به آئون اڄ جي حساب سان پيو ڪريان، ڇهن مهينن کانپوءِ يا سال کانپوءِ حالتون تبديل ٿي سگهن ٿيون.

زاهده ابڙو: توهان پنهنجي فالوورز کي اهو ٻڌايو ته توهان جي. ڊي. اي ۾ ڇو ويا ۽ ان کان عليحدگي ڇو اختيار ڪئي؟

اياز لطيف پليجو: پهرين پاڻ کي سمجهڻ کپي ته سياست ۾ جيڪي اتحاد آهن اهي انهن حالتن ۽ وقت مطابق هوندا آهن. اتحاد ساڳي پارٽي ناهن، جيڪڏهن مڪمل هم خيالي هجي ته پوءِ هڪ ئي پارٽي هجي، پر اهي اتحاد آهن. پاڪستان ۾ جيڪي به اتحاد ٿيا آهن، نيپ هجي، (پي اين اي) پاڪستان نيشنل الائنس هجي ان ۾ ڪير ڪير گڏ هئا. مفتي محمود جي جمعيت علماءِ اسلام، ڪٽر مذهبي تنظيم، جماعت اسلامي پروفيسر غفور ميان طفيل جي، سخت رائٽ ونگ، خواجه خيرالدين جي پاڪستان مسلم ليگ، ملڪ قاسم. وري ٻئي پاسي ڪير آهن (اين اي پي) نيشنل عوامي پارٽي، (اين ڊي پي) نيشل ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي، سردار شير باز مزاري، کاٻي ڌر جو ۽ خان عبدالولي خان کاٻي ڌر جو ٻئي خالص قومپرست ۽ کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ اهي ان اتحاد ۾ گڏ هئا. چئجي ته هڪڙي پاسي هئي انتهائي ساڄي ڌر ته ٻئي پاسي انتهائي کاٻي ڌر، پر ان وقت انهن جي اتحاد جو مقصد رائيٽ ۽ ليفٽ جي سياست نه هو، پر انهن جو مقصد هو ذوالفقار علي ڀُٽي مان جان ڇڏائڻ ان جي لاءِ هو گڏ ٿيا. ان کانپوءِ توهان ڏسندا ته پيپلز پارٽي ميان نواز شريف ۽ شهباز شريف جي والد ميان شريف کي گرفتار ڪيو. نواز ليگ جي دور ۾ وري آصف زرداري کي گرفتار ڪيو ويو، جيل ۾ سندس زبان پئي ڪٽي وئي اهو چئجي ته انتهائي ٽڪراءُ. وري جڏهن انهن کي ضرورت پئي ته انهن (اي. آر. ڊي) الائنس آف ريسٽوريشن آف ڊيمو ڪريسي ٺاهي ان ۾ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ گڏ هئا ۽ ٽئين پارٽي انهن ۾ هئي جيڪا سنڌين کي وسريو وڃي ايم ڪيو ايم حقيقي، ان ۾ نوابزاده نصرالله خان هڪ ماڻهوءَ جي پارٽي به شامل هو، ان ۾ گهڻيون پارٽيون هيون. ان کان علاوه (پونم) پاڪستانز آپريسڊ نيشنز موومينٽ ٺهي، اسين به هئاسين، محمود اچڪزئي به هو، مينگل صاحب به هو، گهڻا ماڻهو هئا. ان کانپوءِ ٺهي (اي پي ڊي ايم) آل پارٽيز ڊيموڪريٽڪ موومينٽ اها لنڊن ۾ ٺهي، جيڪا مشرف جي خلاف ٺهي. نواز شريف لنڊن ۾ اي پي سي جي نالي سان هڪڙي ڪانفرنس گهرائي، ان ۾ آئون به شامل هئس. جنهن ۾ پيپلز پارٽي شروع ۾ هئي پوءِ الڳ ٿي وئي، نواز ليگ هئي، عمران خان هو، قاضي حسين احمد هو، مولانا فضل الرحمان هو، ان ۾ اسين هئاسين، ان ۾ اسفند يار ولي وارا هئا، ان ۾ بلوچ هئا حاصل بزنجو وارا، محمود اچڪزئي هو، ان ۾ ليفٽ، رائيٽ، پروگريسوو، مڊل لبرل هر قسم جي پارٽي هئي ۽ ان ۾ آءِ ايس آءِ جو اڳوڻو هيڊ جنرل حميد گل به هو. اتحاد ۾ اهو ناهي هوندو ته ڪهڙي پارٽيءَ جو نقطهءِ نظر ڪهڙو آهي. ان نقطي تي اتحاد ٺهندو آهي جنهن تي سڀني جو اتفاق هجي. جيئن واپاري ايسوسئيشن دادو ۾ تنظيم ٺاهي ٿي جنهن ۾ مختلف ضلعن جا واپاري شامل ٿين ٿا ته بجلي ڪونهي ته سلام ڪوٽ جي بازار ۾ بجلي هئڻ کپي ۽ پاڻي هئڻ کپي، ان ۾ اهو ڪونه ڏٺو ويندو ته هڪڙو بانس پيو کپائي، ٻيو مڇي پيو وڪڻي، ٽيو توريون ٿو وڪڻي. جي ڊي اي جڏهن ٺهيو ته ان لاءِ ٺهيو ته پاڪستان جي سڀ کان خراب گورننس سنڌ جي آهي، پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ تعليم تباهه سنڌ ۾ آهي، پاڪستان ۾ پيئڻ جو پاڻي سڀ کان وڌيڪ تباهه سنڌ ۾ آهي، زراعت تباهه سنڌ ۾ آهي، بلديات تباهه سنڌ ۾ آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جيڪي سنڌ جا شهر آهن، ڌاريا، دهشتگرد روز توهان کي ڌمڪيون ٿا ڏين ته اسين ان کي ٽوڙينداسين، سڀ کان وڌيڪ تباهي سنڌ ۾ آهي. هاڻي وري نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي گڏجي معاهدو ڪيو آهي ته اسان ايم ڪيو ايم کي نوان انتظامي يونٽ ٿا ٺاهي ڏيون، سڀ کان وڌيڪ خطري هيٺ سنڌ آهي. جڏهن 2012ع ۾ ٻٽو نظام آندو ويو تڏهن پير صاحب پاڳاري جي قيادت ۾ حيدرآباد ۾ وڏو جلسو ٿيو جنهن جلسي کانپوءِ ماحول جڙيو آئون به ان اتحاد ۾ شامل ٿيس ۽ اهو ٻٽو نظام نه هليو. ان کان اڳ الائنس ۾ ايم آر ڊي هئي، جنهن ۾ نوابزاده نصرالله خان به هو، مولانا فضل الرحمان به هو، ڪيڏانهن مولانا فضل الرحمان ۽ جماعت اسلامي، ڪيڏانهن فتحياب خان، معراج محمد خان، رسول بخش پليجو ٽئي کاٻي ڌر جا ۽ هوڏانهن ساڄي ڌر جا مولانا فضل الرحمان، نوابزاده نصرالله خان، پيپلز پارٽي جي قيادت بينظير صاحبه کانپوءِ رائو رشيد (اڳوڻو آءِ جي پوليس لاهور) پئي ڪئي ۽ ان کانسواءِ پيپلز پارٽي جي نمائندگي ماڻهن کان وسري ٿو وڃي جنرل ٽڪا خان ”بنگال جو ڪاسائي“ جنهن چيو هو ته مون کي زمين کپي ماڻهو نه کپن اهو ان وقت پ پ جو جنرل سيڪريٽري هو ان سان سڀ ويٺا هوندا هئا، نصرالله خان به ويهندو هو، غوث بخش بزنجو به ويهندو هو، ولي خان به ويهندو هو، الائنس ايئن هوندا آهن. جي ڊي اي ان وقت جي ضرورت هو ۽ اڃان به وقت جي ضرورت آهي. جيڪڏهن جي ڊي اي پاڻ کي متحرڪ ڪري جيئن توهان اسڪول کوليو ٿا ته اهو توهان ٻارن لاءِ کوليو ٿا، پر ٻار نه هوندا ته استاد ويهي ڇا ڪندا. جي ڊي اي جا مقصد هئا ڪرپشن جو خاتمو، خراب حڪمرانيءَ جو خاتمو، پير صاحب جي ۽ اسان جي انڊر اسٽيڊنگ ان بنياد تي هئي ته گڏجي سنڌ ۾ تبديلي آڻيون ان ڪري اسان 2013ع واري اليڪشن گڏجي وڙهياسين. 2018ع ۾ جي ڊي اي کي گئلپ سروي مطابق متوقع پاپولر سينٽيمينٽ، 25 کان 28 سيٽون صوبائي اسيمبلي ۾ هيون، 8 کان 9 سيٽون قومي اسيمبلي ۾ هيون. اهي سيٽون 2007ع ۾ جي ڊي اي جي ماڻهن کٽيون هيون جڏهن بينظير صاحبه پاڪستان آئي هئي، اهي هنن کان زوريءَ کسيون ويون. هينئر پيپلز پارٽي کي سيٽيون ڏياريون ويون. سبب اهو هو جو پي ٽي آءِ کي وفاق ۾ حڪومت ڏيڻي هئي. پي ٽي آءِ انهن جو ٻار هو، ان کي ان وقت حڪومت ڏيڻي هئي. پنجاب ۾ ته مقابلو سخت هو، هنن ان کي سيٽون ڏياريون ڪراچيءَ مان، ڪراچي مان اهو ڪيئن ممڪن ٿيندو ته 10/15 سيٽون قومي اسيمبلي جون پي ٽي آءِ کي ملن ۽ اتان جون صوبائي وري ٻيو ڪير کٽي وڃي. ٿيو ايئن جو انهن کي جڏهن قومي سيٽون ڏنيون ويون ته 20/25 سيٽون صوبائي جون به ڏنيون ويون جيڪي هونئن ايم ڪيو ايم جون هجن ها يا پ پ جون هجن ها يا نواز ليگ جو هجن ها اهي به پي ٽي آءِ کي زوري ڏنيون ويون. پنجاب ۾ به زوري کٽايو ويو، ڪي پي ڪي ۾ به کٽايو ويو ته پي ٽي آءِ سنڌ ۾ به حڪومت ڪري سگهي ٿي، ايم ڪيو ايم سان گڏجي ته اهڙي صورت ۾ پ پ ته بائيڪاٽ ڪري اسيمبلي کان ٻاهر نڪري وڃي ها، نواز ليگ اڳ ۾ ئي نڪري پئي. نواز ليگ چيو ته استعيفائون ڏيو، پيپلز پارٽي کي جيڪڏهن حڪومت نه ملي ها ته اها به چوي ها ته اسان کي حڪومت ڪونه ملي ته قومي اسيمبلي ۾ وڃون ئي ڪونه ٿا ته عمران خان وزيراعظم ڪنهن جو ٿئي ها. ان ڪري عمران خان کي وزيراعظم بنائڻ لاءِ اهو ضروري هو ته قومي اسيمبلي جو بائيڪاٽ نه ٿئي ۽ پ پ اتي ويٺي رهي، ان لاءِ ان کي سنڌ جي حڪومت ڏني وئي. اڳي ته توهان ڏٺو ته پيپلز پارٽي پي ڊي ايم کي به ڇڏي وئي ۽ سينيٽ جي چونڊن ۾ به پ پ کي جيئن چيو ويو تيئن ووٽ ڪيائين. پيپلز پارٽي ڌڻين سان سٺن تعلقات تي هلي پئي ان ڪري پيپلز پارٽي کي فائدو مليو، هينئر به ان کي پٺڀرائي ملي رهي آهي. ان ڪري جي ڊي اي کان سيٽون کسيون ويون. ٿيڻ ايئن کپندو هو ته اليڪشن هارائڻ کانپوءِ جي ڊي اي سڄي سنڌ ۾ وري نڪري ها، تحرڪ پيدا ڪري ها. مون پاڻ پير صاحب کي چيو روبرو ميٽنگن ۾، الڳ نجي ڪچهرين ۾ ته سنڌ ۾ نڪرجي، گڏجي نڪرون. صدر الدين شاهه صاحب نڪري، ذوالفقار مرزا، مرتضيٰ جتوئي، غوث بخش خان مهر، علي گوهر مهر، صفدر عباسي، ارباب رحيم، نصرت سحر عباسي ٻيا سڀ ماڻهو، نوجوان ساٿي نڪرون ماڻهن کي موبلائيز ڪريون، ماڻهن وٽ ٻيو ڪو سهارو ڪونهي خراب حڪومتي ڪارڪردگي، لوڊشيڊنگ، زراعت، ڪمند جا اگهه، نوجوانن جي بيروزگاري، بلديات جا ملازم، پوليس جا ملازم، ليڊي هيلٿ ورڪر سڀ عذاب ۾ آهن. اسان کي چيو اهو ويندو هو ته نڪرڻ مان فائدو ڪهڙو جڏهن ڌڻي پ پ کي سپورٽ پيا ڪن، مٿي في الحال انهن کي سپورٽ آهي وري اليڪشن جي ڏينهن ۾ پاليسي ڏسبي. اسين ٻئي قسم جا ماڻهو آهيون اسين هر وقت تيار آهيون:

تيسين ڀڳي سان ئي ڀير،

جيسين رتو راس ٿئي.

يا رات کٽي يا پنڌ کٽي، انهن جو خيال آهي ته 2018 ۾ ڌانڌلي ڪري انهن کان سندن سيٽون کسيون ويون. هاڻي وري جڏهن 2023ع ۾ اليڪشن ٿيندي ته ان کان ڇهه مهينا اڳ سرگرم ٿبو.

زاهده ابڙو: ڇا توهان سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سان گڏجي ڪو اتحاد ٺاهي رهيا آهيو، ڇا ان جو ڪو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو آهي؟

اياز لطيف پليجو: جي. ڊي. اي جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تان مون جيڪا اسعيفيٰ ڏني آهي. آئون 2016ع جي آخر کان ۽ 2017ع جي شروعات کان G.D.A جو جنرل سيڪريٽري رهيس. سنڌ جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي اپوزيشن جي سياسي اتحاد جو جنرل سيڪريٽري رهيو آهيان. ماڻهن کي پٽيوالي، ڪلارڪي يا اسسٽنٽ تپيداري ملندي آهي ته اها به ڪونه ڇڏيندا آهن. ماڻهو کي پوليس ۾ سپاهيءَ جي نوڪري آهي ۽ ڪاروباري ڪيبن آهي ته ٻئي گڏ هلائيندا آهن. ماڻهوءَ جي ڪائونسلر سان دوستي آهي ته ان سان گڏ پيا سيلفي ڪڍرائين. سنڌ ۾ آپوزيشن جو وڏي ۾ وڏو اتحاد جتي جيڪي جيڪي ماڻهو ويٺا آهن جن جا پنهنجا چونڊ جا حلقا ۽ تڪ آهن جيڪي وفاقي وزير آهن. اياز لطيف پليجو جڏهن بريفنگ پيو ڏئي، جيڪو ننڍي عمر جو آهي، جنهن وٽ ايترو تجربو ڪونهي، جيڪو هڪ غريب گهر کان مڊل ڪلاس جو آهي، جنهن جي ماءُ هڪ استاد، جنهن جو پيءُ هڪ غريب وڪيل جيڪو نه جاگيردار آهي، نه وڏيرو آهي، نه پير آهي، نه سردار آهي. ڪابه پنجاهه سٺ لکن جي ڪانسٽيٽيوئنسي ڪانهي. اهو جڏهن پريس بريفنگ پيو ڏئي ته پٺيان عزت ماب پير صاحب پاڳارو بيٺو آهي. هوڏانهن ڪميونيڪيشن جو وفاقي وزير نگران وزير اعظم ۽ غلام مصطيٰ خان جتوئي جو پٽ مرتضيٰ خان جتوئي بيٺو آهي. هيڏانهن ذوالفقار مرزا اڳوڻو هوم منسٽر، ڊاڪٽر فهميده مرزا وفاقي وزير بيٺي آهي، پويان بيٺو آهي اڳوڻو وزير اعليٰ ارباب رحيم، غوث علي شاهه بيٺو آهي، چار چار پنج پنج وزيراعليٰ بيٺا آهن ۽ اياز لطيف پليجو سنڌ جي مسئلن لاءِ ڳالهائي پيو ۽ اهڙن مسئلن تي پيو ڳالهائي جن تي اڳ ۾ ڳالهايو نه ويندو هو. اياز لطيف پليجو G.D.A ۾ ڇا اچي چيو؟ اقليتن جو Forced Conversion بند ڪيو وڃي. ڪڏهن ٻڌو ته سنڌ جي ساڄي ڌر جون تنظيمون ان ڳالهه جي مخالفت ڪن ۽ جن رنڪل ڪماري، لتا ۽ آشا ڪماري جو زوريءَ مذهب مٽرايو هجي انهن جون ڏنل ٽڪيٽون واپس ورتيون وڃن. ڪڏهن ٻڌو ته سنڌ جي مقامي ضلعن ۾ گهوٽڪي، اوٻاوڙي، ڏهرڪي جي ضلعن ۾ جڏهن خانڳڙهه جي اجلاس مان چئي نڪتس ته اتان جي صنعتن ۾ اتان جي مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي ته مون کي چيو ويو ته آئون G.D.A کي قومپرستيءَ جو رنگ پيا ڏيان. مون کي چيو ويو ته پاڻ سڄي پاڪستان جي ڳالهه ٿا ڪريون، مون چيو ته سنڌ پاڪستان جو حصو آهي ۽ سنڌي پاڪستان جا شهري آهن انهن کي انهن جو قانوني حصو ملڻ گهرجي. مون کي مٽياري ۾، گهوٽڪي ۾، سکر جي اسٽيج تي چيو ويو ته اياز لطيف پليجو جي ڊي اي کي ٻيو رنگ پيو ڏئي.

اسان G.D.A کي ترقي پسند بڻايو، اسان ان کي عام ماڻهن جي لاءِ کوليو. ٽي ڀيرا G.D.A ۾ ايم ڪيو ايم کي شامل ڪرڻ لاءِ چيو ويو مون مخالفت ڪئي. مون چيو ته ايم ڪيو ايم هوندي ته اسين نه هونداسين. ان وقت ممتاز علي ڀُٽي صاحب مون کي سپورٽ ڪئي. ان وقت ممتاز ڀٽو به هو، اسماعيل راهو ۽ شاهه محمد شاهه، لياقت جتوئي، حسين هارون به اتحاد ۾ شامل هئا. ان کانپوءِ اهو اسٽينڊ وٺي اسان کي عوام ۾ نڪرڻو هو، اسان عوام ۾ نه نڪتاسين. اسان جا ٻيا قومپرست دوست آهن توهان انهن جو ماضي ڏسو نالا نٿو کڻان اهي ڪنهن سان ٿورو به ناراض ٿيندا آهن ته ذاتي حملا ڪندا آهن، ان تي وڏا الزام هڻندا آهن. توهان منهنجي واتان اهو ڪڏهن به نه ٻڌو هوندو ته آئون اوچتو ئي اوچتو ڪنهن جي خلاف بيان بازي ڪريان. حالانڪه مون تي تمام ذاتي قسم جي تنقيد ڪئي ويندي آهي، پر اسان ۾ برداشت جي حد وڌيڪ آهي. ڇو ته سنڌ جا مفاد اهم آهن. هينئر APC ٿي ان کان اڳ ڪوشش ٿي. جڏهن بحريه وارو واقعو ٿيو ته آئون سنڌ ايڪشن ڪميٽيءَ جي احتجاج ۾ نه هئس. جڏهن ايف آءِ آر ڪٽي ۽ الزام لڳو ته سنڌين اچي بحريه ساڙيو آهي ته اردو ميڊيا تي سڀ کان اڳ ۾ مون اچي ڊفينس ڪيو ته سنڌين ڪونهي ساڙيو. مون ڊان، جيو، آج، سماء تي ان ئي رات اهو چيو ته سنڌي پر امن آهن. مون اهو ڪونه سوچيو ته ڀلي ٻي قومپرست ليڊرشپ تي الزام لڳي ته ها انهن اچي ساڙيو آهي. مون چيو ته  اهو سنڌ جو مفاد آهي جنهن کي ڌڪ پيو لڳي ۽ مون ان کي ڊفينس ڪيو، آئون هميشه ايئن ڪندو آهيان. ڪجهه اهڙا ماڻهو آهن جيڪي ان ڏينهن تي پنهنجو جلسو رکندا جنهن ڏينهن تي ٻي پارٽي جلسو رکيو هوندو آهي ته جيئن پهرين پارٽيءَ جو جلسو خراب ٿئي. اسان پنهنجي جلسي جي تاريخ مٽائي ڇڏيندا آهيون ته جيئن اڳئين کي به ڪاميابي ملي ۽ ڪو ٽڪراءُ نه ٿئي. اهو رويو مون 2009ع جي لانگ مارچ کان اختيار ڪيو هو. آئون قومي عوامي تحريڪ جو صدر چونڊجي آيو هئس، ان وقت اها عوامي تحريڪ سڏبي هئي ۽ پوءِ ان ۾ 47 ڏينهن جو لانگ مارچ ڪيوسين. لانگ مارچ ۾ پهريون ڏينهن ٿيو ڪنڌڪوٽ ۾ منهنجو استقبال ڪرڻ لاءِ سڀ دوست آيا. چيم ته هيءُ جيڪو جهنڊو S.T.P جو جهنڊو آهي اهو منهنجو جهنڊو آهي، جيڪو سامهون تلوار وارو جهنڊو آهي اهو به منهنجو آهي، شهيد ڀٽو جو جهنڊو منهنجو جهنڊو آهي، هي ڪهاڙي وارو جسقم جو جهنڊو به منهنجو آهي ۽ هي جيڪو S.U.P جو جهنڊو آهي اهو به منهنجو جهنڊو آهي. نتيجو اهو نڪتو جو ڪنڌڪوٽ کان جڏهن شڪارپور پهتاسين ته S.U.P اسان جو استقبال ڪيو. سکر ۾ اسان لاءِ S.T.P ڪئمپ هنئين. اسان سان گڏ حيدرآباد ۾ S.T.P جي ليڊرشپ بيٺي هئي. قادر مگسي اسان جو استقبال پئي ڪيو آخر ۾ لانگ مارچ ۾ بشير قريشي صاحب اسان جو گلشنِ حديد ۾ استقبال ڪيو. صفدر سرڪي وارن سچل ڳوٺ ۾ استقبال ڪيو. اسان سڄي سنڌ کي جوڙيو، تنهنڪري هي دوست جيڪي ڪوشش ڪن پيا انهن جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو، سنڌ کي گڏيل الائنس جي ضرورت آهي. اها به سمجهڻ جي ڳالهه آهي ته اسان جي پارٽي جو ايجنڊا الڳ آهي، پارٽي پروگرام الڳ آهي. اسين پاڪستان جي ڏنل نيٽ ورڪ ۾ پنهنجن ڏنل حقن لاءِ ڪم ٿا ڪريون. اسين ان خيال جا ڪونه آهيون ته نوجوانن کي اڳتي آڻي جهيڙا ڪرائي پنهنجا ٻچا مارائجن انهن کي ٽڪراءُ ۾ آڻي انهن لاءِ راءِ عامه خراب ڪرائي تشدد پيدا ڪريون. ان ڳالهه ۾ اسان جو يقين ناهي، اسان امن ۾ يقين رکون ٿا، اسين سمجهون ٿا ته پاڪستان اسان جو ملڪ آهي ان جي نظام ۾ خرابيون به آهن، ان ۾ اڻبرابري آهي، سنڌين جا حق لٽيا ويا آهن، 58 سيڪڙو پيٽرول سنڌ جو آهي، 72 سيڪڙو گئس سنڌ جي آهي، 6th ڪول ريزرو سنڌ جو آهي، بندرگاهه سنڌ جو آهي، پر سنڌ جا ماڻهو بکون پيا مرن ان ۾ 20 سيڪڙو کان 30 سيڪڙو ذميوار مرڪز آهي، 75 سيڪڙو، 80 سيڪڙو ذميوار سنڌ حڪومت آهي. ڇو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ وسيلا سڀ سنڌ حڪومت وٽ آهن، تنهنڪري الائنس هئڻ کپي. اهڙو الائنس نه هجي جنهن ۾ ڏهه پارٽيون هجن جنهن ۾ اٺ پارٽيون پنهنجي پسند جون ٺاهي ۽ پوءِ چون نائين پارٽيءَ کي سوڙهو ڪجي يا ڏهين پارٽيءَ کي اڪيلو ڪري اٺ پارٽيون پنهنجي راءِ مسلط ڪن، UN به الائنس آهي، ملڪ سڀ برابر آهن. توهان غور ڪيو آهي ته ويٽنام ۽ آمريڪا به اتي برابر آهي، پر ان ۾ هڪ سيڪيورٽي ڪائونسل آهي. سڀ کان وڌيڪ برابري جي ڳالهه دنيا ۾ آمريڪا ٿو ڪري، پوءِ سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ ويٽو پاور پنجن ملڪن وٽ ڇو آهي. ويٽو پاور ته هجڻ ئي نه کپي سڀ برابر آهن، پر ويٽو پاور چين، روس، آمريڪا، برطانيه ۽ فرانس وٽ ڇو آهي؟ تنهنڪري آئون سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ جيڪو به الائنس ٺهي ان ۾ هڪ ٻه ٽي جيڪي مکيه پارٽيون آهن اهي پهرين طئي ڪن ته ڇا هي عارضي طور ڇهه مهينا گڏ هلي وري وڙهي ڪنهن هڪڙي سيٽ تي يا هڪ ٽڪي جي ڳالهه تي وڙهي ڌار ٿيندا يا ڇا ڪبو؟ پوءِ عوام مايوس ٿو ٿئي. بحريه ۾ پاڻ ڪيڏو ٽيمپو جوڙيو پوءِ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ عوام کي مايوس ڪيو ويو. ياد ڪريو محترم جي. ايم سيد صاحب سڄي سنڌ جي دوري تي نڪتو هو. زبردست دور پئي هليو ماڻهو آيا پئي سکر ۾ وڃي الائي ڪنهن جهنڊو ساڙي ڇڏيو، پوءِ سڀني تي ڪيس ٿيا. سائينءَ جي سچي جذبي کي جنهن سان قوم کي متحرڪ ڪرڻو هو ان سڄي ڪوشش کي نقصان رسيو. ان ڪري اسين هڪڙو ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ٺاهيون، هڪڙو رولز آف بزنس هجي ته اياز لطيف پليجو الائنس جو چيئرمين ٿيو ويٺيو هجي، ون مين شو نه هجي. M.R.D ۾ هر ٽئين مهيني ڪنوينر تبديل ٿي ٿيو. توهان کي ياد هوندو ڪنوينر ڪير هئا. بينظير، نوابزاده نصرالله خان، رسول بخش پليجو، ولي خان، جيئن سڀ ان تحريڪ کي پنهنجو سمجهي سگهن.

هڪڙو اهڙو سسٽم ٺاهجي ته ٽئين مهيني، ڇهين مهيني ڪنوينرشپ بدلجي. جيڪا به ڪميٽي يا باڊي هجي اها جمهوري هجي، ان ۾ برابري هجي، سڀ برابر هجن، سڀ صلاح مصلحت ڪن ۽ گڏجي فيصلو ڪن. پنهنجو ذاتي مفاد شامل نه ڪجي ۽ ڪوبه هڪ ليڊر ايئن نه سمجهي ته هو ليڊر آهي ۽ ٻي سندس رعيت آهي. سڀني کي گڏ کڻي هلجي، ان جو سنڌ کي سٺو پيغام ويندو. آئون ان جي حق ۾ آهيان ته سنڌ جون سموريون پر امن سياست ڪندڙ تنظيمون پاڻ ۾ گڏجي ڪم ڪن.

زاهده ابڙو: سنڌ ۽ بلوچستان جون قومپرست تحريڪون ٻن قسمن جون آهن هڪڙا اهي جيڪي پارليامينٽ جي سياست ٿا ڪرڻ چاهين، هڪڙا آزاد سياست ڪرڻ ٿا چاهين. توهان جي خيال ۾ ڪهڙي ريت قومپرست پنهنجو حق بهتر طريقي سان قوم کي وٺي ڏئي سگهن ٿا؟

اياز لطيف پليجو: مسئلو ئي سنڌين سان اهو آهي ته جنهن جو جيڪو برانڊ آهي اهو چئي ٿو ته آئون سٺو آهيان. ايئن چوڻ جو ته حق آهي، پر وري جڏهن اهو چئجي ته آئون سٺو اڳلو خراب ۽ چٽ آهي، بيڪار آهي ايئن نه ڪجي. مذهب ۾ به  ايئن آهي. پنهنجي مذهب جي تعريف ڪرڻ سڀ جو حق آهي. اسان مسلمان آهيون اسان کي پنهنجي دين سان پيار ڪرڻ جو حق آهي، پر ان جو مطلب اهو ته ڪونهي ته پاڻ حضرت عيسيٰ عليه السلام جي شان ۾ گستاخي ڪريون يا موسيٰ عليه السلام جي شان ۾ گستاخي ڪريون، مهاتما گوتم ٻڌ جي شان ۾ گستاخي ڪريون، انهن کي به لکين ماڻهو پيار ڪن ٿا. انهن جي لاءِ اسان کي عزت ڪرڻي آهي. جيڪڏهن آئون سمجهان ته آئون صحيح قومپرست آهيان باقي ٻيا بيڪار آهن ته اهو رويو درست نه آهي. ڪامريڊ مائوزي تنگ چيو آهي ته سمورن گلن کي پنهنجي بهار ڏيکارڻ گهرجي. جنهن گل ۾ وڌيڪ خوشبو هوندي رنگ هوندا اهو مقبول ٿيندو. جيڪي دوست پارلياماني سياست ڪن ٿا اهي پنهنجو ڪم ڪن اهي به قابل احترام آهن. جيڪي دوست هن نظام کي پسند نٿا ڪن ۽ هن نظام کان ٻاهر نڪري ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿا انهن کي جمهوري طريقي سان اهو اختيار آهي، منهنجا ته سڀ دوست آهن. منهنجي لاءِ ته بشير قريشي دوست هو، ڀاءُ هو، زين شاهه صاحب، قادر مگسي، جلال محمود شاهه هجي يا ٻيا سڀ دوست ۽ ڀائر آهن، راشد محمود سومرو صاحب منهنجو ننڍو ڀاءُ آهي، سندس والد خالد محمود سومرو وڏو ڀاءُ هو، مون سان سينيٽ ۾ هوندو هو، مون کان فون ڪري پڇندو هو ته ڇا ڳالهائڻو آهي ڇا نه ڳالهائڻو آهي. مرتضيٰ ڀٽو اسان جو پيارو اڳواڻ هو ان جي نياڻي فاطمه ڀٽو اسان جي ڀائيٽي آهي، اسان جي ننڍي ڀيڻ آهي، انهن سڀني لاءِ عزت ۽ احترام جو رشتو آهي. فنڪشنل ليگ لاءِ عزت ۽ احترام جو رشتو آهي، پير صاحب پاڳارو اسان جو وڏو به آهي، بزرگ به آهي. جڏهن به سنڌ جي ڪنهن اشو تي سڏ ڪندو، ڪرپشن يا خراب حڪمرانيءَ جي مسئلي تي ته پهرين صف ۾ وري سنڌ جي مسئلن تي گڏ بيهنداسين. ايئن اسان لاءِ ته بلاول ڀٽو صاحب قابل احترام آهي، بختاور ۽ آصفه به اسان جي ڀيڻ بينظير جون نياڻيون آهن. بينظير صاحبه اسان جي سنڌ جي بهادر نياڻي هئي، آخري وقت تائين ڄمي بيٺي هئي توهان ڏٺو ته ڪراچيءَ ۾ هيڏو وڏو ڌماڪو ٿيو ٻئي ڏينهن اسپتال پئي وئي، پنڊي ۾ بيٺي هئي. سندس والد ذوالفقار علي ڀٽو انتهائي بهادري سان آخر تائين ثابت قدم بيٺو رهيو. هن جي حڪمراني ۽ سياست سان هزارين اختلاف ٿي سگهن ٿا. بينظير صاحبه جي دور ۾ سنڌ ۾ تمام گهڻيون زيادتيون ٿيون، حڪمرانيءَ جا مسئلا رهيا، سنڌ جي حقن تي ٺاهه ٿيا اها پنهنجي جاءِ تي، پر هن سماج ۾ بينظير صاحبه هڪ وڏي ليڊر هئي ۽ هن جا ٻچا اسان جا ٻچا آهن اسين چاهينداسين ته انهن جي سياست ڪا ٻي هجي، آئون چاهيندس ته بلاول ڀٽو زرداري سنڌ کي ڏيڻ واري سياست ڪري، اها نه جنهن ۾ ايم ڪيو ايم کي انتظامي يونٽ، جنهن ۾ نوڪريون وڪامن پيون، جنهن ۾ روزگار تباهه ٿي ويو آهي، جنهن ۾ پاڻيءَ جو سودو آهي، جنهن ۾ حڪمرانيءَ جي ٻيڙي ٻڏي چڪي آهي، جنهن ۾ سنڌ ۾ نه اسڪول آهن نه ڪاليج آهن، نه اسپتالون آهن، سنڌ جي پئسن تي اسلام آباد ۾ سودا پيا ٿين، سنڌ جي پئسن تي لانگ مارچ پيا ٿين. اسين چاهيون ٿا ته سنڌ جا پئسا سنڌ ۾ خرچ ٿين، انهن سڀني شين جي باوجود هو بينظير صاحبه جو پٽ آهي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جو ڏوهٽو آهي ۽ منهنجي دل ۾ هن جي لاءِ تمام گهڻي عزت ۽ احترام آهي. توهان قومپرستن واري ڳالهه ڪئي آهي ۽ چوندس ته انهن کي ڇڏي ڏيو ته هو پرامن طريقي سان جمهوري انداز ۾ ڪم ڪن. جنهن جو رستو صحيح هوندو اهو عوام ثابت ڪندو ۽ اڳيان نڪري ويندو.

زاهده ابڙو: توهان قومپرستي جي سياست ٿا ڪريو ۽ پارليامينٽيرين طريقي سان ٿا ڪريو، پر ارڙهين ترميم ۾ صوبن کي تمام گهڻا حق ملي ويا آهن ڇا ان کانپوءِ قومپرست سياست جي ڪا گنجائش آهي؟

اياز لطيف پليجو: ها اها مزيدار ڳالهه آهي ته ماڻهن کي زمين ڏيئي ڇڏجي ته هيءَ زمين تنهنجي ڏاڏي جي نالي تي آهي، پر آهي تنهنجي، پر ويٺا فلاڻا ماڻهو آهن. آهي جتوئين جي، پر ويٺا کوسا آهن. آهي چانڊين جي پر ويٺا جوکيا آهن، آهي مهرن جي پر ويٺا سومرا آهن، زمين تنهنجي نالي آهي، پر نه تون ان تي پوکي سگهين ٿو نه اتي فصل ڪري سگهين ٿو، نه ڪو ڍور رکي سگهين ٿو نه مينهن پالي سگهين ٿو، نه ڪو پولٽري فارم کولي سگهين ٿو، پر آهي زمين تنهنجي. ارڙهين ترميم به تمام ڀلي اسان حق ڪنهن جي لاءِ پيا گهرون. اسان ڇا حق گهرون پيا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز لاءِ يا حق گهرون پيا سنڌ جي عوام لاءِ. آئون ارڙهين ترميم جي ڀرپور طريقي سان پٺڀرائي ڪريان ٿو تمام ڀلي شيءِ آهي ۽ ان جو آئون تحفظ ڪرڻ لاءِ بيهندس. اسين ته 1940ع جي قرارداد تحت حق ٿا گهرون، لاهور قرارداد جي تحت، انهن شقن تحت اسين حق ٿا گهرون، ارڙهين ترميم کانپوءِ حق ڪنهن کي مليا آهن. ڪنگلا ڪنگلا ايم پي اي ۽ ايم اين اي هئا جيڪي بکون ڪاٽيندا هئا جيڪي موٽرسائيڪلن تي هلندا هئا يا پنڌ پيا هلندا هئا اڄ اهي کرب پتي آهن. انهن وٽ V8 ۽ انهن وٽ ساڍا ٽي چار ڪروڙ رپين واريون گهرن ۾ گاڏيون بيٺيون آهن. آئون 2012ع واري گاڏي پيو هلايان، هينئر 2022ع پيو هلي هر روز منهنجي گهر وارا چوندا آهن ته هيءَ گاڏي قسطن تي وٺون. بينڪ مان هڪڙي گاڏي Fortunate ٿي ورتيسين ته بينڪ لون ئي بند ڪري ڇڏيو. وري هڪ ٻي گاڏي ڏٺيسين اوشيان چانگن ڪمپني جي، مون انهن کي چيو ته گاڏي قسطن تي ڏيندا اٺ ڏهه لک توهان کي ايڊوانس ڏيان چيائون قسطن تي ناهي ڪيش تي آهي. اهي ايم پي اي، ايم اين اي، ناظم جيڪي بکيا بکيا اهي جيڪي سنڌ ۾ چئبو آهي يهودا پيا ڪاٽين انهن وٽ لينڊ ڪروزرون، محل، اندر سئو سئو گارڊ بيٺا آهن، صاحب هلي ٿو ته ڇهه گارڊ هِن پاسي ته ڇهه هُن پاسي، ايگريڪلچر فارم هائوسز. هينئر ويس پئي ڪوٽڙي ان کان اڳ نوابشاهه رستي ۾ ڪجهه پيٽرول پمپ نظر آيا مون پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويٺل ساٿين کي چيو ته هي پيٽرول پمپ آهن هنن وٽ گاڏي تي هڪڙي به ڪونهي پوءِ اهي ڇو پيا هلن. مون سان گڏ هڪڙو ٻه لوڪل ماڻهو هئا اهي کلڻ لڳا چيائون سائين توهان کي خبر ڪانهي ته هن روڊ تي اهي پيٽرول پمپ ڪمائڻ لاءِ ڪونه ٺاهيا ويا آهن اهي پيٽرول پمپ رڪارڊ ۾ آهن جيڪي رشوت جا پئسا اچن ٿا اهي وائٽ هتان ٿا ٿين. چيائين ته بسون وٺي ڇڏيون اٿن پنجاهه پنجاهه اهي اهڙن رستن تي هلن ٿيون جتي مسافر آهن ئي ڪونه. جڏهن انڪم ٽيڪس جا رٽرنز ايندا آهن تڏهن چوندا آهن ته فلاڻي ٽرڪ اينڊ بس ڪمپني ۽ فلاڻي پيٽرول پمپ مان اسان هن مهيني چاليهه ڪروڙ ڪمايا، هاڻي رشوت جا پئسا آهن ان مان هنن کي تڪليف ئي ڪونهي چاليهن ڪروڙن مان پنج ڪروڙ جيڪڏهن ٽيڪس ڏيئي ڇڏيائون ته انهن جي گهر مان ڇا ويو، اهي ته سنڌ جا پئسا آيا هئا ٻه ارب جيڪي ٻه ارب ورهائجي ويا. فلاڻي وزير هن سال ٻه ارب ڪمايا هئا اهي ٻه ارب پندرهن مائٽن ۾ ورهائي ڇڏيائون هر ڪنهن کي آيا مثال: ڏهه ڏهه ڪروڙ، جن ڏهن ڪروڙن تي هن ٽيڪس ڏنو ٽيهه لک، 9 ڪروڙ 50 لک بچي ويس اهي ٿيا وائٽ مني، اهي پئسا هنڊيءَ ذريعي هتان ويا دبئي اتي شيخ زيد روڊ تي ورتو پلازه پوءِ اتان وٺن ٿا نيو يارڪ ۾، نيو جرسي ۾، هيوسٽن ۾، ڊيلس ۾، ايل. اي ۾، اتي وڃڻ کانپوءِ پوءِ خبر پوندي ته فلاڻي سنڌي ايم پي اي جا ڀائيٽا، ڀاڻيجا، ڪنهن جو دڪان فرنيچر جو آهي، ڪنهن ڪاسميٽڪ ڪمپني آهي اهي سڀ سنڌ جا پئسا آهن جيڪي هتان لٽجن پيا ڀينگ ڪري سنڌ ۾ ڪا شيءِ ڪونه ڇڏي اٿن، سنڌ جي ماڻهن کان هر شيءِ کسجي وئي آهي. پاڻ اهي آهيون جيڪي ٽي ويلا ماني کائي سگهون ٿا. سنڌ ۾ لکين ماڻهو اهڙا آهن جيڪي لنگهڻ ڪاٽين ٿا. هينئر توهان ڏٺو فريد آباد ۾ باهه لڳي ارڙهن ڪلاڪن تائين ايمبولينس نه آئي، فائر برگيڊ جي گاڏي نه آئي، اها آهي هن دور جي سنڌ ارڙهين ترميم کانپوءِ جي سنڌ. تنهنڪري ارڙهين ترميم جو سنڌ جي ماڻهن کي ڇا مليو؟ پوليس کاتو سنڌ وٽ آهي پوءِ سنڌين کي ڇا مليو، سنڌ جي سپاهين جي پگهار ڪيتري آهي، پنجاب جي سپاهي جي پگهار ڪيتري آهي، سنڌ ۾ استاد رڙيون پيا ڪن، جي ايس ٽي، پي ايس ٽي، توهان جون ٻه ڌيئون سي ايس ايس آهن انهن کي سي ايس ايس جو آرڊر ڪيئن مليو. انهن جو آرڊر ملڻ وقت ائين ته ڪونه هو ڏهه وڏيرا هڪ پاسي بيٺا هئا ڏهه وڏيرا ٻئي پاسي بيٺا هئا انهن آرڊر ڏنو هجي. هڪڙي ڇوڪري آهي جنهن کي آرڊر ڏنو پيو وڃي جنهن جي چوڌاري ويهه وڏيرا بيٺا آهن جيڪي ان کي آرڊر پيا ڏين ٺڳ ضلعي ناظم، تعلقي ناظم ۽ اها ڇوڪري وچ ۾ جهڙي فقيرياڻي هجي. سنڌ ۾ سنڌين جي اهڙي بيعزتي ڪنهن دور ۾ نه ٿي جهڙي ارڙهين ترميم کانپوءِ ٿي آهي. سنڌي ماڻهن کي ٽڪي جو ڪري بکاري ڪري ڇڏيو اٿن. هڪڙو انڪم سپورٽ پروگرام عمران خان جي حڪومت ۾ هليو جيڪا سٺي ڳالهه هئي، جو ان جو نالو احساس پروگرام هو، ان تي ايئن ڪونه هو ته ڪو پي ٽي آءِ جو جهنڊو لڳو پيو هجي. هاڻي وري انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪارڊ ڏيندا ۽ چوندا بينظير ڏنو آهي. عمران خان جي حڪومت ۾ عمران خان ڏنو، نواز ليگ جي حڪومت ۾ نواز ڏنو، هينئر شهباز شريف جي حڪومت آهي ته بجيٽ اها ٺاهيندي. هاڻي ووٽن جي منوورنگ ٿا ڪن. اها سڄي ٺڳي آهي ارڙهين ترميم جي نالي تي.

زاهده ابڙو: اياز صاحب توهان هينئر ڳالهه پئي ڪئي جيڪي ماڻهو سياست ۾ اچن ٿا پيرين اگهاڙا هوندا آهن ۽ پوءِ انهن وٽ ايتري دولت جمع ٿي وڃي ٿي، هيترو وقت ٿيو آهي ڇا سبب آهي جو توهان اهو سڀ ڪجهه نه ٺاهي سگهيا آهيو ۽ توهان کي پاڪستان جي سياسيت جي ڊائنامڪس جي به خبر آهي ته توهان بغير پئسي جي اليڪشن نٿا کٽي سگهو توهان ڪيستائين ايئن خالي هٿن سان اليڪشن وڙهندا رهندا توهان سنڌي ڊائسپورا کان فارين فنڊنگ ڇو نٿا وٺو انهن کي چئو ته اهي توهان جي مدد ڪن ته جيئن توهان اليڪشن کٽي پارليامينٽ ۾ اچي سگهو.

اياز لطيف پليجو: سنڌي ڊائسپورا هميشه مون کي ايئن چوندو آهي آئون انهن جو خاص ٿورائتو آهيان. اورسيز، آمريڪن، ڪئنيڊين، برٽشرز، سعودي عرب، گلف، فاريسٽ، هميشه ويندو آهيان ته مون کي چوندا آهن ته پنهنجو اڪائونٽ نمبر ٻڌايو ته توهان کي ٻه هزار ڊالر موڪلي ڇڏيون، پندرهن سئو ڊالر موڪلي ڇڏيون، توهان جي لاءِ هتي چندو گڏ ڪريون. آئون هميشه انهن کي اهو چوندو آهيان ته اڃان اسان اهڙي ڪا وڏي تحريڪ شروع ناهي ڪئي جنهن ۾ اسان کي ڪروڙين رپيا کپن. اڳين اليڪشن ۾ ڪجهه دوستن مون کي ڪجهه پئسا موڪليا جنهن ۾ هتان جا ۽ ٻاهر جا سنڌي شامل آهن، پر هينئر ڪابه اهڙي تحريڪ ڪونهي هڪڙا دوست اهڙا هوندا آهن جيڪي وڃي رڳو چندي جون سدائون هڻندا آهن ته مال کپي اسان انهن مان ڪونه آهيون، توهان جي عزتِ نفس به هجڻ گهرجي. ايئن نه ته هر جاءِ تي جهولي وڇائي ويٺا هجو، ها جهولي تڏهن وڇايون جڏهن سنڌ ۾ ڪا وڏي تحريڪ هلايون. اسان جي ضرورت ته آهي ته اسان جي هر ضلعي ۾ آفيس هجي ۽ ان جي لاءِ پئسا کپن. جنهن ۾ ڪاٿو لڳائجي ته هر ضلعي ۾ ٽي چار لک ساليانه خرچ ايندو، وري پنجاهه هزار جي موٽرسائيڪل به هجي، پر آفيسن کولڻ لاءِ اسين ٻين ماڻهن کان چندو وٺون اهو سٺو نٿو لڳي اسان جا دوست اڀرن سبرن حالن سان پنهنجن گهرن جي ڪنهن ڪمري ۾، ڪنهن ڪيبن ۾ آفيس کولي ويٺا آهن. جيڪڏهن اسان سنڌ ۾ اهڙي ڪا جدوجهد ڪريون جنهن ۾ لکين ماڻهن کي موبلائيز ڪجي پوءِ ته چندو وٺڻ جي ڳالهه ٿي سگهي ٿي، پر روٽين ۾ جهولي جهليو بيٺو هجي اها خراب ڳالهه آهي. ٻي ڳالهه توهان ڪئي ته اهڙي سياست مون جهڙو ماڻهو ڪيستائين ڪندو. سچي ڳالهه اها آهي ته مون کي ان ۾ مزو ٿو اچي هن سياست جي ماڊل ۾ مون کي ڪا زوري زبردستي ڪونهي مون کي مزو ٿو اچي ته آئون آزاد آهيان ۽ جيڪا راءِ ڏيڻ چاهيان ڏيئي سگهان ٿو. توهان ڏٺو ته G.D.A پي ٽي آءِ سان گڏ هئي آئون G.D.A جو جنرل سيڪريٽري هئس G.D.A جي ايم اين ايز پي ٽي آءِ کي ووٽ پئي ڪيو، مون ڪراچي کان ڪنڌڪوٽ تائين جزيرن تي مارچ پئي ڪئي ۽ بيداري مارچ ڪري ڪراچي جي پريس ڪلب تي اچي بس ڪئي ۽ عمران خان کي للڪاريو ۽ جزيرن کي رد ڪيو. توهان ڏٺو ته بحريه تي سڄي سنڌ کي موبلائيز ڪيوسين. آئون سيپٽمبر، آڪٽوبر ۾ آمريڪا ۾ هئس ۽ اتي مون کي دوستن چيو ته توهان جي پارٽي ايڏي سيلف ميڊ ۽ خود انحصار آهي جو توهان جي پارٽي هفتو نه، ڏهه ڏينهن نه پر ٽيهه ڏينهن مسلسل احتجاج ڪيو هو اها پارٽي جي مرڪزي ليڊرشپ آهي جنهن ڪم پئي ڪيو. ايم اين اي، ايم پي ايز کي ڇا ڪبو، ايم اين اي، ايم پي اي ٿي مال ڪمائبو. مال ڪمائي پوءِ ڇا ڪبو، هڪڙو ماڻهو هڪڙي وقت تي ڇهه بيدا ته ڪونه کائي سگهندو. هو V8 ۾ کڻي ٻن ڪلاڪن ۾ ڪراچي پهچندو آهي، آئون ويگو ۾ کڻي اڍائي ڪلاڪن ۾ پهچندس. هو قطر ايئرويز ۾ کڻي بزنس ڪلاس ۾ سفر ڪندا، آئون اڪانامي ڪلاس ۾ ويندس. هو سڄي سنڌ ۾ قابل نفرت آهن، صرف اهي ماڻهو انهن کي ساراهين ٿا جن ماڻهن جو انهن ۾ ڪم آهي، پرپٺ وڃي اهي به انهن کي گهٽ وڌ ٿا ڳالهائين. اسان جي سڄي سنڌ ۾ عزت آهي، وقار آهي. اسين پنهنجي راءِ رکي سگهون ٿا. رڳو آئون نه جيڪي به سچو گس وٺن ٿا، وٺو رسول بخش پليجو کي جيڪو نه ايم اين اي هو نه ايم پي هو، نه سينيٽر هو، نه وزير هو ڪير سڃاڻي ٿو محمد علي بوگرا کي يا سنڌ جا نگران وزيراعليٰ کڻي وٺو. رسول بخش پليجو تاريخ آهي، آءِ ڪون آهي، اميد جي روشني جو مينار آهي، Beacon of Hope Excellence and Commitment and Dedication جي ايم سيد آهي، اسڪالر هو، ليکڪ هو، پنهنجي سڄي زندگي ڏنائين. جي ايم سيد صاحب ڪو ايم اين اي يا ايم پي اي هو، ڪجهه ڪونه هو. حيدر بخش جتوئي ڇا هو ڪجهه ڪونه هو، سڄي سنڌ ان کي سڃاڻي ٿي هو به ايم پي اي، ايم اين اي ڪونه هو. مهاتما گانڌي ڇا هو، هو گورنر هو يا انڊيا جو چيف منسٽر هو، ڪجهه ڪونه هو. منڊيلا جيل ۾ پيو هو پوءِ وري الائنس اتحاد ۾ گورنمينٽ ٺهي. ڀڳت سنگهه جي تصوير انڊيا جي هر ٿاڻي ۾ پويان لڳي پئي آهي يا فوٽو لڳو پيو آهي نيتا جو. پاڻ تقريرن ۾ ڇا چوندا آهيون وزير اعليٰ، وزير اعظم، پاڻ چوندا آهيون دودو، هيمون اهي ڪي وزير اعليٰ هئا، ڪي وزيراعظم هئا يا ايم پي اي هئا. پاڻ اردو ڳالهائيندڙن مان پيار ۽ عزت سان نالو ڪنهن جو ٿا وٺون. شعيب ڪن ڪٽا، ڪامران ماڌوري يا فاروق ڪمانڊو، پاڻ نالو وٺون ٿا اديب رضوي، حڪيم سعيد. اديب رضوي ڪير آهي ماڻهن جا آپريشن ويٺو ڪري. پاڻ مهدي حسن جو نالو وٺون ٿا، مهدي حسن ڪو وزير اعليٰ هو يا فيض احمد فيض يا احمد فراز يا شيخ اياز يا لطيف سائين. بادشاهه ته ڪلهوڙا هئا، لطيف سائين ته ڪراڙ ڍنڍ تي ڀٽ تي ويٺو هو ڪير پڇڻ وارو به ڪونه هئس پنهنجي منهن پئي پنڌ هليو ان ڪري تاريخ ۾ انسان ڪهڙي شيءِ سان گڏ آهي اها فرق ٿي ظاهر ڪري. آئون اها ڳالهه وثوق سان ٿو چوان ته سنڌ ۾ ڪنهن به پارٽيءَ جي ليڊر کي ڪٿي وڃڻو آهي ته ان کي سڄي پارٽيءَ کي موبلائيز ڪري اتي ماڻهو گڏ ڪرڻا آهن. اياز لطيف پليجو ڪڙيو گهنور ٿو وڃي اتي هزارين ماڻهو گڏ ٿا ٿين، کورواهه ٿو وڃي، مٺي ٿو وڃي، لاڙڪاڻي ٿو وڃي، ٽنڊي باگي ٿو وڃي جيڏانهن وڃون ٿا اتي هزارين ماڻهو گڏ ٿي ٿا وڃن. اسان ڪٿي به ڪا ڪوشش نٿا ڪريون، پئسا ڪونه ٿا ڏيون. ٻين ضلعن مان بسون ڀرائي يا ڪنهن ارب پتي کان مدد ڪونه ٿا وٺون، ماڻهو مون سان پيار ٿا ڪن مون کي ان پيار کان وڌيڪ ڇا کپي. آئون ايترو Deserve نٿو ڪريان جيترو ماڻهو مون سان پيار ڪن ٿا مون کي اڃان وڌيڪ ڪم ڪرڻ کپي. سنڌ جا ماڻهو جيترو اسان کي عزت ڏين ٿا اڃان وڌيڪ ڪم ڪرڻ کپي.

زاهده ابڙو: هينئر ٻن ڊويزنن ۾ بلدياتي چونڊون ٿيڻ واريون آهن ڇا توهان جي پارٽي ان ۾ حصو وٺي پئي؟

اياز لطيف پليجو: نه صرف وٺي پئي پر آئون هينئر زاهده ابڙو کي چوان ٿو ته اها ماتلي مان بيهي يو سي ناظم لاءِ يا يو سي ميئر لاءِ. پاڻ مڊل ڪلاس جا ماڻهو آهيون، زاهده ابڙو هڪڙي ڪميٽيڊ اديب آهي، پاڻ هڪ ليکڪ آهي اهو ته آئون هڪڙو مثال پيو ڏيان، پر سنڌ ۾ جيڪي پڙهيل لکيل ماڻهو آهن چون ٿا ته سنڌ جو عوام نڪري ئي ڪونه ٿو ۽ هو پاڻ کي ڏسن ته اهي پاڻ به نڪرن ئي ڪونه ٿا، هاڻي آئون آهيان آئون سڄو ڏينهن سنڌ ۾ تقريرون پيو ڪريان ته عورتن کي برابريءَ جا حق ڏيو. هاڻي توهان کي جو خبر پوي ته اياز لطيف پليجي جي زال پڙهيل آهي ۽ هوءَ چوي ٿي ته آئون جاب ڪريان، پر اياز لطيف چوي ته تون برقعي کانسواءِ ٻاهر ڪونه نڪرندينءَ ۽ هوءَ چوي ته آئون گاڏي هلائڻ سکان ٿي ته اياز لطيف چوي ته خبردار تون گاڏي ڪونه هلائيندينءَ، اياز لطيف پليجي جي ڌيءَ کي ڪار هلائڻ نٿي اچي هو پنهنجي ڌيءَ کي آمريڪا نٿو وٺي وڃي سڄو ڏينهن گهر ۾ بند ٿي پئي آهي ۽ هو ڪو-ايجوڪيشن ۾ نٿي پڙهي سگهي، پر خبرون وڏيون ٿو ڪري ٻاهر تقريرون ڪري پيو عورتن جي برابريءَ جون، اهي ته سندس هوائي خبرون ٿيون. تنهنڪري ڳالهيون اهي ڪجن جيڪي اسين ڪري سگهون. سنڌ جو مڊل ڪلاس، سنڌ جا رٽائرڊ استاد انهن کي هينئر بيهڻ کپي. سنڌ جو ماڻهو ان ڊپ ۾ بيٺو آهي ته الائي کٽيندس الائي نه. ارسطو به سوچيو پئي ته کٽيندس الائي نه، ذوالفقار علي ڀٽو به ڦاسيءَ تي چڙهڻ کان پهرين سوچيو پئي ته کٽِيندس الائي نه ڪهڙيون خبرون پيا ڪريو زندگي آهي Trial and Error غلطي ڪرڻ ۽ وري عمل ڪرڻ جو نالو. جيڪو هي جهان ٺهيو پيو آهي اهو سڄو جهان Trial and Error جو نتيجو آهي. هينئر اليڪشن چئن ڊويزنن ۾ لاڙڪاڻو، سکر، ميرپورخاص، نوابشاهه ۾ انائونس ٿيون آهن ۽ چئني ۾ اسان اليڪشن ۾ حصو وٺنداسين قومي عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان، سيٽي جي نشان تان. سامهون ڪو هڪ ڪروڙ ووٽ کڻي اسان هڪ ووٽ کڻون تڏهن به مقابلو ڪنداسين ته جيئن تاريخ اسان جي لاءِ ايئن نه چئي سگهي ته اسان رستي تان لنگهياسين ته صحيح، پر پنهنجو ڪو نشان ڪونه ڇڏيوسين.

يي اعجاز هي حُسن آوارگي ڪا

جهان ڀي گئي داستان ڇوڙ آئي

اسان هر رستي تان لنگهنداسين اتي نشان ڇڏينداسين ۽ مقابلو ڪنداسين اڳتي وڌندا وينداسين.

زاهده ابڙو: اياز صاحب توهان فيڊريشن جي سياست ڪريو ٿا توهان قانوندان به آهيو توهان پنهنجي هڪڙي راءِ به رکندا هوندا ته وسيلا اصل ۾ صوبن جا هوندا آهن، پر جيڪڏهن عملي طور تي ڏٺو وڃي ته صوبن کي وسيلن تي مالڪي جو حق حاصل ڪونهي. وفاق ۾ ٻه يا ٽي اهڙيون وزارتون هئڻ کپن باقي وسيلن جون وزارتون صوبن وٽ هئڻ کپن توهان جو ڇا خيال آهي ته مرڪز ۾ وسيلن جي وزارت هجڻ کپي يا نه؟

اياز لطيف پليجو:

مون کي مون پرين ٻڌي وڌو ٻاڙ ۾،

اڀا ايئن چون ته متان پانڌ پسائيين.

ته سنڌ سان اهو حشر ڪو پنجابين، پشتونن يا بلوچن ڪيو آهي. سنڌ جي وسيلن تي آصف زرداري صاحب، انور مجيد جي آزاديءَ لاءِ اسٽينڊ وٺندو آهي ”اينٽ سي اينٽ بجادينگي“ سينيٽ جي چيئرمين يوسف رضا گيلاني کي کٽرائڻ لاءِ سوين ٺاهه ڪيائين. هينئر به آصف زرداري چوي ٿو ته ”ايڪ زرداري سڀ پي ڀاري“ پر جڏهن سنڌ جي وسيلن جي ڳالهه اچي ٿي ته چون ٿا اسان جو وس هلي ڪونه ٿو. ڪوئلو اينگرو کي ڏيئي ڇڏيائين پوءِ جيئن اينگرو وارا پيا ڪن انهن کي ڪير چوڻ وارو ڪونهي، پوءِ دودو ڀيل قتل ٿو ٿي وڃي ان جو لاش پيو هجي پئسا ڏيئي ٺاهه ٿي وڃي ٿو. سنڌ ۾ ڏسو ڪيئن لاش پيا آهن، نمرتا ڪماريءَ جو لاش، دودو ڀيل، نوشين ڪاظمي، روبينا اڄڻ، نائلا رند، تانيه خاصخيلي، ناظم جوکيو سنڌين جا لاش ئي لاش پيا آهن، قرت العين بلوچ. چون ٿا وس ڪونه ٿو هلي. رڳو پراسيڪيوشن کي چئي ايف آءِ آر ڪٽرائي ان کي جيل ۾ وجهڻو آهي. هڪڙي ڏينهن آئون ڪراچي پئي ويس ته مون کي ڪنهن ٻڌايو ته هڪ وفاقي وزير جي فيڪٽري پئي لڳي جيڪو پيپلز پارٽي جو آهي. ان ۾ ڇهه سئو يا هزار ملازم آهن اهي پنجاب مان وٺي آيو آهي ۽ پارٽنر سنڌ جا ماڻهو آهن. هتي جيڪا فيڪٽري يا انڊسٽري لڳي ٿي ان ۾ يا ته پشتون ويٺا آهن يا پنجابي، اسان جا سنڌ ۾ مستقل طور رهندڙ چاهي پشتون هجن يا پنجابي يا اردو ڳالهائڻ وارا، پر جيڪي ڪلهه آيا ٽيو ڏينهن آيا اهي سينيٽر پيا ٿين. سينيٽ جو مطلب ڇا آهي، سينيٽ قوم کي ريپريزنٽ ڪري ٿي. سينيٽ ۾ برابري ڇو آهي. آمريڪا ۾ پنجاهه رياستون آهن هر رياست مان ٻه ايم اين اي آهن ۽ آباديءَ مطابق ايم اين اي آهن، پر سينيٽر هر رياست مان ٻه آهن. انهن لاءِ آمريڪا ۾ شرط ڪهڙي آهي ته ڪانگريس مين ٿيڻ لاءِ جيڪو ڪانگريس جي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ چاهي ٿو اهو پنجن سالن کان ان رياست جو شهري هجي ۽ سينيٽر ٿيڻ لاءِ اهو ستن سالن کان ان رياست جو شهري هجي ۽ آمريڪا جي صدر لاءِ چون ٿا ته اهو پيدائشي آمريڪن هجي. پنهنجو ۽ پنهنجي قوم جو تحفظ ٿا ڪن، ملائيشيا ۾ ڇا آهي ملائيشيا لاءِ آهي ڀومي پترا معنيٰ ڌرتيءَ جو ٻچو. سعودي عرب ۾ وڃو بزنس ڪريو سڄو ڪاروبار ڪفيل وٽ آهي. دبئي ۾ وڃي ڪمپني کوليو اڌ ڪفيل وٽ آهي. سنڌ ۾ جيڪو اچي ٽپڙ کڻي هليو وڃي، سنڌ جا سڀ وسيلا هليا ويا آهن. ارڙهين ترميم جو فائدو سنڌ جي عوام کي ملڻ گهرجي. ان جي لاءِ هي پڇن ڪونه ٿا. يڪدم پهريون آرگيومينٽ پيپلز پارٽي ڪهڙو ڪندي اهي اسان جو فلاڻو ڪرپٽ ماڻهو آهي ان کي وزير ته ٺاهيو. الطاف حسين جو پهرين مطالبو ڪهڙو هوندو، ڪامران ماڌوري، فاروق دادا، فلاڻي لمبا کي جيل مان ڪڍو ۽ ان کي پوءِ وزير ڪريو ته جيئن عوام ۾ هڪڙو مئسيج وڃي ته ٻيا دهشتگرد سمجهن ته انهن جي چوڻ تي هلنداسين ته آخر ۾ هو اسان کي ڇڏائيندا به ۽ اسان کي وزارتون به ڏيندا هي به ايئن ٿا چون ته جيڪا به ڪرپشن ڪريو، وري جڏهن اسان جو اقتدار ايندو توهان کي وزير ڪنداسين، توهان کي سينيٽر ڪنداسين ته جيئن اهو مئسيج عام ٿئي ته اسان سان گڏ ڪرپشن ۾ هجو ته اسين توهان جو تحفظ ڪنداسين. تنهنڪري سنڌ جي ماڻهن کي انهن جا وسيلا ملڻ کپن، انهن تي ڪمپرومائيز پ پ ٿي ڪري.

زاهده ابڙو: لئنڊ رفارمز تي سنڌ صوبي جي سياستدانن ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ ڪيترو ڪم ڪيو آهي. ان کانسواءِ سماج سڌارڪ ڊونر ايجنسين کي به پئسا ملندا ته اهي پراجيڪٽ ٺاهي ڏين، پر اصلاحات جو فائدو عام ماڻهو کي نٿو پهچي. 1947ع جي حساب سان اهي ڪهڙيون لئنڊر فارمز آهن جن سان عام ماڻهو کي فائدو رسي سگهي.

اياز لطيف پليجو: انسان ارتقا ۾ ان ڪري ڪامياب ٿيو آهي جو ان پاڻ کي تبديل ڪيو. ڊارون کان ڪنهن پڇيو ته ڪهڙيون Species پنهنجي بقا ۾ ڪامياب ويون آهن، ڇا اهي جيڪي سڀ کان طاقتور آهن؟ چيائين ”نه“ پڇيائين ته ڇا اهي جيڪي سڀ کان ذهين آهن چيائين ”نه“ جواب ڏنائين ته اهي ڪامياب بقا ماڻين ٿيون جيڪي پاڻ کي تيزيءَ سان تبديل ڪن ٿيون. پاڻ جڏهن آمريڪا ۾ هوندا آهيون ته ايئرپورٽ تي لائين ۾ بيٺا هوندا آهيون جيسين نمبر اچي تيسين اميگريشن ۾ بيٺا آهيون. چاهي دنيا جو ڪوبه ايئرپورٽ هجي. وري جڏهن ڪراچي پهچندا آهيون ته هن کان اڳيان نڪري وياسين، هن کان اڳيان نڪري وياسين هِتان هُتان ڪري جلدي ڊوڙي نڪرڻ جي ڪندا آهيون. ڪووڊ واري کي هي پرچي ڏيکاري سين، خبر آهي ته هت سڀ ائين ئي پيا ڪن. تنهنڪري جڏهن سڀ ايئن پيا ڪن ته توهان به ايئن پيا ڪريو. ڀُٽي صاحب جڏهن لئنڊ رفارمز ڪيون ته زمين غريبن کي ڏيڻ جي بجاءِ وڏيري زمين پنهنجن هارين جي نالي ڪري ڇڏي. 2000 ايڪڙ هئي ته ماڻهن کي ڏيڻ بجاءِ 100، 100 ايڪڙ پنهنجن هارين جي نالي ڪري ڇڏي. بي نامي ملڪيت ڇا آهي؟ توهان ڇا ٿا سمجهو ته نواز شريف جي سڄي ملڪيت سندس نالي تي هوندي، آصف زرداري جي ملڪيت سندس نالي تي هوندي، عمران خان جي ملڪيت سندس نالي تي آهي، پر جيڪا جهانگير ترين ۽ عليم خان جي هوندي، جيڪا زرداري صاحب جي مٽن ۽ مائٽن جي نالي سان هوندي سا هاڻي انهن جي آهي. هاڻي ليڊر رفارمز جي نالي تي زمين ورهائجي وئي. ڊونر ايجنسيون پاڪستان ۾ ڏسن پيون ته خلق ايئن ئي پئي هلي. هڪڙو باٿ روم ٺهرائين ٿيون، هڪڙو فوٽو ڪڍي موڪلين ٿيون. جوهيءَ ۾، ڊرگهه بالا ۾ فلاڻي تنظيم باٿ روم ٺهرايو. ان باٿ کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڪو آهي ئي ڪونه ان ۾ ڪبوتر ۽ گڏهه ويٺا آهن. هنن بجيٽ وٺي ڇڏي باٿ روم ٺهرائي ڇڏيو. ٿر ۾ کوهه کوٽرائين ٿا، پر پوءِ موٽي ته ڏسو ته ان مان پاڻي به نڪري پيو يا نه؟ ڇهن مهينن کانپوءِ اهو کوهه آهي ئي ڪونه ان ڪري مسلسل مانيٽرنگ ۽ ايويليوئيشن جي ضرورت آهي. پنهنجو مرشد سائين چئي ويو آهي (شاهه ڀٽائي):

هڻڻ هڪلڻ ٻيلي سارڻ

اي مانجهائين مَرڪ

وجهن تان نه فرق

رڪ وهنديءَ راند ۾

اسان وياسين پئي رستي تي هڪ زبردست بلڊنگ پئي ٺهي فشريز  ڊپارٽمينٽ جي، مون کي ڪنهن چيو ته سائين اها خانگي هوندي، مون ان کي چيو ته ايترو خرچ معنيٰ سرڪاري ۽ اهڙا افعال آهن معنيٰ سرڪاري آهي. ڇاڪاڻ جو بلڊنگ ٺاهي بجيٽ کائي ايلوڪيشن ڪرائي اتي پوسٽنگون وٺي پئسا کائي فرنيچر رکي هاڻ بلڊنگ پئي ڌوڙ پائي. هاڻي اسڪول هجي نه هجي، ليبارٽري هجي نه هجي انهن جو ڪم ايترو ئي آهي. وفاق به توهان سان ايئن ٿو ڪري. توهان غور ڪيو آهي ته سکر کان ملتان جو موٽروي ڪنهن ٺاهيو آهي اهو سي پيڪ تحت ٺهيو آهي ۽ چائنيز ڪمپني ٺاهيو آهي، جيڪو اي ون ٺهيل آهي ۽ ڪراچيءَ کان حيدرآباد تائين جيڪو موٽروي آهي سو لوڪل ڪمپني کي ڏنو ويو انهن هڻي ڀينگ ڪري ڇڏي. هنن جي علائقي ۾ جيڪو ٺهيو اهو اي ون جيڪو مضبوط هجي جيڪو هلي. سنڌ درويشن، فقيرن، يتيمن، بکين، ڀينگين، مستن، چرين، پاگلن جو وطن آهي، انهن جو ڪو ڌڻي سائين آهي ڪونه، انهن کان ڪو پڇڻ وارو آهي ڪونه جيئن وڻين بلڊنگون ٺاهين، روڊ کائي چٽ ڪري ڇڏين. ڀينگ ڪري، مال کائي، حيدرآباد جو ايئرپورٽ هلي پيو ڪونه پيو هلي. مال ٺاهي، پوسٽنگون ڪري ماڻهو پئسا ڪمائيندا هوندا، ادرا ٺهيا پيا آهن، ڪوڙيون يونيورسٽيون ٺهيون پيون آهن، شاگرد آهن ئي ڪونه.

زاهده ابڙو: اياز صاحب توهان جيڪا سنڌ جي ابتري واري صورتحال ٻڌائي آهي اها ڪيئن تبديل ٿي سگهي ٿي؟ توهان سياستدان آهيو ۽ توهان جو تعلق هڪ اهڙي خاندان سان آهي جيڪو علمي ۽ ادبي به آهي ڇا توهان جي پنهنجي پارٽي جي ايجنڊا ۾ تعليم سڀني کان مٿي آهي؟

اياز لطيف پليجو: ٽاپ تي، آئون سمجهان ٿو ته اهو بيانيو ته اسين مظلوم آهيون اهو به صحيح آهي، پر ميرٽ کانسواءِ اسان جو ڪوبه مستقبل ڪونهي. آئون توهان جي ذريعي سنڌ جي ٻارن کي اپيل ٿو ڪريان، نوجوانن کي، ادڙين کي، ٻارڙين کي اها جيڪا سرڪاري نوڪري ۽ وڏيري جي پويان ڊوڙڻ ان جو فيوچر ٻه ٽي سال آهي ان کانپوءِ ان جو ڪوبه مستقبل ڪونهي، پوءِ خانگي دنيا آهي. ايلن مسڪ پيو هلي، ٽيسلائون پيون هلن، بل گيٽ پيو هلي، فيس بُڪ ۽ ٽوئيٽر جا باني پيا هلن، ميٽا پيو هلي، ايمزون پيو هلي. اهي سڀ سرڪاري شيون ڪونه آهن اهي سڀ خانگي آهن. اوبر، A.B.N.B اهي سڀ خانگي شعبي ۾ آهن ۽ اربين رپيا ڪمائين پيا. اتي ڪونه ڏسندا ته ڊوميسائل ڪٿان جو آهي ۽ ڪهڙي وڏيري جو ماڻهو آهي. ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ نوڪري ملندي ميرٽ تي ۽ سنڌ جو ماڻهو ميرٽ کان پري آهي، سنڌ جي تعليم به سنڌين ئي تباهه ڪئي آهي، جيڪو ڳڙهي ياسين جو اسڪول تباهه آهي يا سيتا جو يا جنگشاهي جو يا جهمپير جو اتي هيڊ ماستر ڪير آهي، اتي سيڪريٽري ايجوڪيشن ڪير آهي، ڊائريڪٽر اسڪولز ڪير آهي، صوبائي وزير ڪير آهي؟ کڻي هڪڙو دور هو جنهن ۾ نسرين جليل يا ايم اي جليل ويٺا هئا جن تعليم کي تباهه ڪيو يا هيلٿ ۾ صغير احمد هو جنهن صحت کاتي جي ٻيڙي ٻوڙي، پر ان کانسواءِ باقي سڀ دور ۾ سنڌي وزير آهن، سنڌي سيڪريٽري آهن، هاڻي کڻي پ پ راجپوت صاحب کي چيف سيڪريٽري آندو آهي، ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ لاءِ، پر هونئن چيف سيڪريٽري به اسان جا سنڌي هوندا آهن. تعليم جو مطلب ميرٽ آهي، هن وقت سنڌ جون يونيورسٽيون تباهه آهن، سنڌ جون يونيورسٽيون ڳريون ڳريون فيون وٺن ٿيون، پر موٽ ۾ اها تعليم نٿيون ڏين. هڪڙي هڪڙي يونيورسٽي ۾ ڏهه کان چاليهه هزار تائين داخلائون ٿين ٿيون جيڪڏهن في شاگرد 15 کان 20 هزار في سيميسٽر وٺندا هجن ۽ ان ۾ هزار شاگرد 15 هزار تي 15 ڪروڙ ۽ جي ٽيهه هزار شاگرد ته ٽيهه ڪروڙ، چاليهه ڪروڙ مهيني ۾، خرچ پنج ڏهه ڪروڙ آهي، اضافي استاد رکيل آهن. ڪراچي کان ڪنڌڪوٽ تائين هليا وڃو توهان کي اضافي استاد رکيل ملندا. حيدرآباد جو هڪڙو اسڪول آهي جنهن جو نالو نٿو کڻان جنهن ۾ مون کي ٻڌايو ويو ته ان ۾ يارهن ٻار آهن ۽ ستاويهه استاد مقرر ٿيل آهن ۽ ستاويهن استادن مان هڪڙي هڪڙي جي لک ڏيڍ لک پگهار هوندي ۽ ڪٿي وري ٻه سئو ٻار آهن ته هڪڙو استاد آهي، ايئن وري سنڌ جون اسپتالون ڏسو ۽ سڀ ادارا ڏسو، سنڌ جي عدليه ڏسو، سنڌ جا سول جج، جڊيشل مئجسٽريٽ ڪيس هلن پيا، ايڊجرنمينٽ ٿين پيون ڪيس هلن ئي ڪونه ٿا، ماڻهن کي رليف ملي نٿو، تاريخ تي تاريخ پئي ملي. سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ HIV ڪٿي هئي لاڙڪاڻي ۾ بينظير ڀٽو، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ فريال جي ضلعي ۾ جتان اليڪشن کٽين ٿا. حيدرآباد جي ٻهراڙيءَ ۾ HIV جنهن به ڳوٺ ۾ توهان هليا وڃو مسو ڀرڳڙي، ڇلگري، واڻڪي وسي، هٽڙي انهن ڳوٺن ۾ نه پيئڻ جو صاف پاڻي آهي نه روزگار اٿو، گٽڪا آهن، ٺرا آهن، ويڪسينيشن آهي ئي ڪونه، ريبيز جي يا اينٽي وينم ويڪسين مهيا ڪونهي، هيپا ٽائيٽس جي ويڪسين ڪانه لڀي، ڪووڊ جي حوالي سان ڪجهه ڪونه ٿيو اسان وڃي ڪم ڪيا. جڏهن مينهن جو پاڻي ٿو بيهي ته اياز لطيف پليجو ماڻهو ٿو موڪلي ته واڻڪي وسي، هٽڙي، مسو ڀرڳڙي ۾، ڇلگري ۾ قومي عوامي تحريڪ وڃي گٽرن جا پاڻي ڪڍرايا، ڳوٺن کي بچايو. هنن سڀني مرحلن ۾ گئس وٺڻ لاءِ مون هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي آهي. قاسم آباد ۾ جيڪڏهن ڪنهن ثنا سينٽر ۾ گهر ۾ ڪو ماڻهو ٻار اغوا ڪري ٿو ته آئون ٿو پڄان، قاسم آباد ۾ جيڪڏهن سنجر ميربحر ۽ پالاري واري روڊ تي چون ٿا ته غير قانوني والار چئي ماڻهن کي اٿارين ٿا ته آئون باءِ پاس بند ڪري اچي هزارين ماڻهو وٺي ويهان ٿو ته هي ماڻهو قديمي ڳوٺن جا ويٺل آهن هنن جا گهر نه ڊاهيو، ڊوڙون ٿا، پڄون ٿا انهن ماڻهن لاءِ سجاڳي ڏيڻي آهي. بند پيل اسڪولن کي کولرائڻ لاءِ ۽ هلائڻ لاءِ اسان سڀني کي محنت ڪرڻي آهي ۽ چڱو ڪم ٿيندو آهي ته اسان ان کي ساراهيندا به آهيون. هينئر آئون ويس مانجهند ته اتي اسڪول چڱو پئي هليو، ماسترن سٺو پئي پڙهايو، مون سردار شاهه صاحب کي فون ڪيو اتان ئي مانجهند مان چيومانس ته اسڪول چڱو پيو هلي اهڙا اسڪول ٻيا به ٺاهيو اتي اسڪول ۾ پڙهائي زبردست پئي هلي، اسڪول ۾ هيڊ ماستر بيٺا هئا اتي سولر به لڳا پيا هئا، ماحول سٺو هو مون کي وڻيو، مون يڪدم تعليم جي وزير کي چيو ته هي سٺو اسڪول آهي ته مون کي چيائين ته توهان ٽائيم ڪڍو ۽ سنڌ جا سڀ اسڪول وزٽ ڪريو آئون نوٽيفڪيشن ٿو ڪڍان توهان اسان جي رهنمائي به ڪريو. مون هن کي چيو ته آئون جتي جتي ويندس چڱي شيءِ ڏسندس ته ان کي ساراهيندس. مثال طور: قاسم آباد جي واڌو واهه واري اسپتال جي ڪارڪردگي ڏاڍي سٺي هئي، نئون ايم ايس آيو ته مون ان کي فون ڪري چيو ته مون کي خبر پئي آهي ته توهان سٺو ڪم پيا ڪريو ۽ ماڻهن کي سٺو علاج معالجو دستياب آهي، آئون توهان کي ساراهيان ٿو، رڳو گلا ڪانه ڪبي. عمران خان جي دور ۾ ڪيتريون ئي چڱيون ڳالهيون ٿيون، ڪرتار پور بارڊر کليو، امن لاءِ زبردست ڳالهه آهي، اڃان هي کوکرا پار وارو بارڊر به کولجي ها. جيڪڏهن سک اچي سگهن ٿا ته سنڌ جا جيڪي ڀائر اسان جا اتي آهن انهن کي به هتي اچڻ جو موقعو ملڻ کپي، هنگلاج ماتا وڃن، اهي سکر جي ساڌ ٻيلي وڃي سگهن. ڪجهه ڏينهن کان هلي پيو ته شهباز شريف صاحب مختلف جاين جا دورا ڪري پيو، بازارون، ميٽرو، پشاور جا دورا پيو ڪري ته ان کي به ساراهبو. بلاول ڀٽو جيڪڏهن ڪو ساراهه جوڳو ڪم ڪندو ته ان کي به ساراهبو. رڳو چوويهه ڪلاڪ سڀني کي تنقيد يا تبرو يا گلائون ڪونه ڪبيون. سنڌ جي حڪومت جيڪڏهن سٺو ڪم ٿي ڪري ته آئون انهن سان گڏ بيهندس، جيڪڏهن ڪنهن يونيورسٽي جو وائيس چانسلر چاهي اهو لمس جو هجي، سنڌ يونيورسٽي جو هجي، شاهه لطيف يونيورسٽي جو هجي، مهراڻ جو هجي. هينئر فتح مري ايگريڪلچرل يونيورسٽي جو وائيس چانسلر آهي جيڪو ڪافي بهتر ڪم ڪري رهيو آهي. ايئن نٿو چوان ته ڪو تمام آئيڊيل ڪم ڪري رهيو آهي. سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر صديق ڪلهوڙو به ڪافي بهتر ڪم ڪري رهيو آهي. آئيڊيل اهي ٻئي دور ڪونه هئا. ڪلهوڙي صاحب وارو دور ۽ برفت وارو دور اڳي کان بهتر هئا، عقيلي صاحب وارو دور ٺيڪ هو، بيکا ۽ ڊاڪٽر اڄڻ وارو دور ٺيڪ هو. لطيف يونيورسٽيءَ جو اهڙو دور هجڻ کپي. اين. اي. ڊي جو هجڻ کپي. انهن کي ڪنهن به مدد جي ضرورت هوندي ته سپورٽ ڪنداسين. هتي اڃان تمام گهڻو اسپيس آهي، ڪم ڪرڻ جو، گهڻيون خاميون ۽ خرابيون آهن انهن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

زاهده ابڙو: عدم اعتماد کانپوءِ جيڪا صورتحال پئدا ٿي آهي ان ۾ سنڌ حڪومت ايم ڪيو ايم کي هڪ معاهدي تحت گهڻا اختيار ڏنا آهن جيڪا ڳالهه سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ظلم برابر آهي، ڪيترو نقصان ڀوڳڻو پوندو.

اياز لطيف پليجو: چوندا آهن ته گناهه اهو ڪجي جنهن ۾ مزو اچي، پر اهو آهي گناهه بي لذت. ڪجهه ننڍپڻ جا اهڙا دوست آهن جن کان پڇبو ته ڪٿي آهين چوندا ته آئون ڪراچي آيل آهيان، مون پڇيومانس ڪراچي ڪيڏي مهل پهتو آهين، چيائين صبح پهتو آهيان رات جو واپسي آهي، وري چيائين ته ٽائيم ڪڍو ته ملون، مون چيومانس ته ملي ته هينئر به سگهجي ٿو. چيائين توهين به ڪراچي آهيو ڇا؟ مون چيومانس ته آئون تنهنجي گاڏيءَ جي پٺيان بيٺو آهيان جيم خانا ۾. مزيدار دوست آهن، نه مون کي هنن کان ڪجهه وٺڻو هو ۽ نه هنن کي مون کان. سنڌ پارٽي Verdict تي اچي به ٻاهر آهي، حڪومت هنن وٽ آهي، هنن کي ووٽ ڪونه ٿا کپن. وفاقي حڪومت ملي آهي شهباز شريف کي، سنڌ غريب جي زال سڀ ڪنهن جي ڀاڄائي، ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳرو. مون هڪ اصطلاح ايجاد ڪيو آهي ته سنڌ هڪ بدي جو سڱ آهي. ڪيتريون شيون آهن جيڪي مون چيون آهن، پر پوءِ سنڌ وارن کي وسري ويندو آهي ته چيو ڪنهن. سنڌ ۾ پهريون ڀيرو اهو ڪيس مون ٺاهيو ان وقت قائم علي شاهه وزير اعليٰ هو. مون تحقيق ڪئي ته 72.5 سيڪڙو گئس سنڌ ٿي پئدا ڪري، 27.5 سيڪڙو باقي سڄي پاڪستان جي پئداوار آهي. مون سڀ رپورٽون پڙهي تحقيق ڪئي ته 58 سيڪڙو تيل جي پئداوار سنڌ ٿو ڏئي ۽ باقي 41 سيڪڙو ٻيا صوبا ٿا ڏين. تيئن مون چيو آهي ته سنڌ بدي ۾ ڏنل سڱ آهي. سنڌ جا حڪمران سنڌ عيوضي ۾ ڏيئي پنهنجا مفاد پورا ڪن ٿا. ڳوٺن ۾ ماڻهو پنهنجي سئوٽ جو سڱ ڏيئي پنهنجي لاءِ سڱ وٺندو آهي، هي سنڌ ٿا ڏين سنڌ کي ٿالهيءَ ۾ رکي پيش ٿا ڪن. ست ڪروڙ سنڌي ٿالهيءَ ۾ رکي پيش ڪن ٿا. هيءَ سنڌ آئي توهان کي اسان کي اقتدار ڏيو. هينئر ايم ڪيو ايم جنهن لاءِ پاڪستان جي رياست اهو فيصلو ڪيو هو، ڪنهن ٻي ڌر اهو فيصلو ڪونه ڪيو هو ته ڇو ته سي پيڪ لاءِ چائنيز جي گهر هئي ته ڪراچيءَ کان اڳتي امن هئڻ گهرجي. ان وقت ايم ڪيو ايم پنهنجون حدون اورانگهيون، ARY جي آفيس جو گهيراءُ ڪيائون. رياستي ادارن کي گهٽ وڌ ڳالهايائون. ان تي پاليسي ٺهي ۽ انهن تي آپريشن ٿيو. 2012ع ۾ جڏهن ايم ڪيو ايم مون تي سڌيون گوليون هلايون هيون تڏهن مون انهن کي چتاءُ ڏنو هو ته پان منڊيءَ ۾ 22 مئي تي جڏهن ادي غزالا بتول کي گولي لڳي هئي. مون ڪراچي پريس ڪلب ۾ وڃي پريس ڪانفرنس ڪئي هئي. سنڌ ۾ روايت آهي ته خبرون وڏيون ڪبيون آهن، پر فائرنگ ٿيڻ تي ”جوڳي نه ڪنهن جا مِٽ.“ گوليون پئي هليون ان ۾ اياز لطيف پليجو ۽ ان جا ساٿي، قومي عوامي تحريڪ جا اڳواڻ، اسان جون سنڌياڻي تحريڪ جون ڀينرون پان منڊيءَ کان پريس ڪلب تي اچي پهتيون اتي مون اچي ايم ڪيو ايم کي چيو هو ته ”اڄ توهان جي زوال جو آغاز آهي“ جرمن جن انگلينڊ تي حملو ڪيو تڏهن چرچل کان پڇائون ته ڇا هي متحده برطانيه جي پڄاڻي آهي؟ هن چيو ته اها پڄاڻي ناهي. هيءَ پڄاڻيءَ جي شروعات به ناهي، پر هيءَ جرمنن جي شروعات جي پڄاڻي آهي. مون به ان وقت ايم ڪيو ايم کي چيو هو ته توهان جي خاتمي جو آغاز ٿي ويو آهي. ڏسو 2012ع جي مئي کانپوءِ سندن زوال شروع ٿي ويو. ايم ڪيو ايم جيڪا تباهه ٿيل هئي ان ۾ زرداري وري ساهه ڦوڪي ان کي وينٽيليٽر تان لاهي، جهٽڪا ٻٽڪا هڻي تيار ڪري ڇڏيو آهي. حيدرآباد بورڊ مان سنڌي ملازمن کي ڌمڪيون پيون ملن، چيف سيڪريٽري تبديل ٿي ويو، سنڌ جا وزير کاتا انهن ڏانهن پيا وڃن. آئون توهان جي ذريعي مخاطب ٿو ٿيان سنڌ جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي ۽ سينيٽرن کي، آءِ جي پوليس وارا، ڊي سي، ڊي ايس پي، آفيسر سڀ مون سان رابطي ۾ هوندا آهن. ڇاڪاڻ جو آئون انهن کان ڪجهه به گهران ڪونه ٿو. آئون انهن کي صلاحون پيو ڏيندو آهيان ته شين کي ڪيئن بهتر ڪن. عمران خان جي دور ۾ آئون، عمران اسماعيل، فيصل واوڊا، ادي فهميده کي سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ، سنڌ کي پاڻيءَ جو قانوني حصو نه ملڻ، گئس جو حصو نه ملڻ تي صلاحون ڏيندو هئس ته جيئن اهي پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هينئر شهباز شريف کي چونداسين انهن جي وفاقي وزيرن خواجه آصف، سعد رفيق کي چونداسين ته سنڌ کي پنهنجو حصو ڏيو. جيڪي چار پنج وزارتون هنن کي ڏيندئو ته اهي توهان جون ئي وينديون. انهن جي چوڻ تي ڊي سي ۽ ايس پي لڳندا. اهي جيڪڏهن عام اردو ڳالهائيندڙن کي ڀرتي ڪن ته اسان جون اکيون ٿڌيون، اهي اسان جا ڀائر آهن، پر اهي ڀرتيون ڪندا دهشتگردن جون، جن ماڻهو ماريا، جن ڊرل مشينن سان سوراخ ڪيا. اهي جيڪي واٽر بورڊ ۾، ڪي ڊي اي ۾ ڀرتي ٿيل هئا، جيڪي هڙئي دهشتگرد هئا، وري ڀرتي ٿيندا. جيڪڏهن صحت، تعليم يا بلديات جو وزير انهن جو ٿيو ته پوءِ ان جي حد رڳو ڪراچي هوندي ڇا ان جي حد ته پوءِ ڏهرڪي جي اسپتال به هوندي. ان جي حد ته ڏيپلي جي اسپتال به هوندي، وزير تعليم ته ڏيپلي جو اسڪول به هلائيندو ته شاهپور چاڪر جو اسڪول به هلائيندو، وري سنڌ دهشتگردن جي حوالي. ٻيو ته هي چون ٿا ته ٻه معاهدا آهن هڪڙو پ پ ڪيو آهي ته ٻيو نواز ليگ ايئن ناهي، پ پ جو ئي معاهدو آهي. هڪڙي ۾ هنن پاڻ دستخط ڪئي آهي ته ٻئي ۾ شهباز شريف دستخط ڪئي آهي. سنڌ ۾ چيائون ته انتظامي يونٽن تي اسين صحيح ڪنداسين ته سنڌ جو عوام گوڙ ڪندو. اها ڳالهه اڃان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. شهباز شريف کي اهو اختيار ڪنهن ڏنو آهي ۽ پ پ کي اهو اختيار ڪنهن ڏنو آهي ته پ پ ويهي سنڌ وڪڻي. ڇا پ پ وٽ ان ڳالهه جو مينڊيٽ آهي ڇا؟ ڇا شهباز شريف وٽ اهو مينڊيٽ آهي ڇا ته هو سنڌ جي نون انتظامي يونٽن لاءِ يا سنڌ جي اقتدار اعليٰ ڏيڻ لاءِ سنڌ جا وسيلا ڏئي ڪو ٺاهه ڪري. اها سنڌ دشمني آهي، سنڌ سان ويساهه گهات آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

زاهده ابڙو: پ پ جي عوام دشمني واري رويي کي عام ماڻهو سمجهي به ٿو. منهنجو خيال آهي ته ڪجهه قومپرست اهڙا به آهن جن کي عوام اسيمبلين ۾ ڏسڻ ٿو چاهي ۽ عوام انهن کي اسيمبلين ۾ آڻي به سگهي ٿو، پر اڃان تائين قومپرست ليڊرن کي اها ڪاميابي نه پئي ملي. ڇا ان جو سبب Manipulation آهي يا واقعي سنڌي ماڻهو قومپرست سياستدان کي سپورٽ نٿو ڪري؟

اياز لطيف پليجو: اسان جي ڳوٺ ۾ هڪڙو منهنجو چاچو ٻيو منهنجي پيءُ جو سئوٽ، اهي ٻئي واپار ۾ هئا. غلام قادر صاحب ۽ حمزو خان صاحب جيڪو هاڻي گذاري ويو آهي. هو آڪٽرائي جي واپار ۾ هو ٻيو منهنجي ماٽيلي ڀيڻ جو ڀاءُ جنهن جو نالو سائين سليمان هو. هو استاد هو، تمام ڀلو ماڻهو هو، هاڻي ٻئي هن جا مائٽ هئا. هاڻي هو اختلاف ۾ ڪنهن جو پاسو وٺي. غلام قادر ۽ حمزي جا ڪن ڳالهين تي اختلاف هوندا هئا پوءِ سائين سليمان چوندو هو ته حق تي حمزو به آهي ته غلط غلام قادر به ڪونهي. سنڌ جي سڄي مڊل ڪلاس به ايئن ئي آهي، چوندا حق تي اياز به آهي غلط زرداري به ڪونهي. هاڻي فارمولو آهي اهو جنهن مان ٿيڻو ڪجهه به ڪونهي. مڊل ڪلاس جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهوءَ کي ڏسندو ته چوندو پيو ته اياز کي اسيمبلي ۾ هجڻ گهرجي، پر بيٺو آئون فلاڻي وزير سان گڏ آهيان. چوندا هي ڪم زرداريءَ ڀلو ڪيو آهي، پر اياز لطيف جو به ڪم ڏاڍو سٺو آهي. اسين اياز لطيف جي ڀرپور حمايت ٿا ڪريون ۽ اسين بلاول جي مارچ جي به حمايت ٿا ڪريون، اسين نواز شريف جي به حمايت ٿا ڪريون ته اسين عمران جي به حمايت ٿا ڪريون. بابا تون آهين ڪنهن سان؟ ناني ورائي ڪنهن مهل پنهنجي ڪنهن مهل پرائي، تون هيڏانهن به آهين هوڏانهن به آهين، خدا جا بندا تون ٻڌائي ته تون آهين ڪنهن سان؟ تون يزيد جو به حمايتي آهين، تون حسين جو به حمايتي آهين، تون ڪوفي مان خط به لکين پيو وري گهرائي انهن تي نيزا به هلائين پيو، وري پِٽڪو به ڪرين پيو. سنڌ جو هڪڙو مڊل ڪلاس ڪوفي آهي. خط لکي اياز لطيف پليجي کي گهرائي ٿو ته اچي ريليون ۽ جلسا جلوس ڪڍو. جڏهن اياز ۽ ٻيا قومپرست ميدان ۾ اچن ته هو ڀڄيو وڃي. ڪڏهن وري فيس بُڪ تي ويٺو لکندو ته هن پارٽيءَ جي جلسي ۾ جهنڊا گهٽ هئا. دال واري بريانيءَ ۾ ٿوريون پٿريون هيون، ڀينرن جو تعداد وڌ يا گهٽ ڇو هو، پوءِ ٽيبلو ڇو ڪيائون؟ باقي هن پاسي ڀرتيون، سفارشون، نوڪريون، پراجيڪٽ فائدا اهي سڀ هوڏانهن وٺندا. رات جو وزير جي بنگلي تي ڪچهريءَ ۾ هوندا. اتي بليڪ ليبل، شيواز ريگل کلي پئي هوندي اهي پي نگٽس کائي، شاشلڪ ۽ پران فرائيڊ کائي صبح جو يارهين وڳي اٿي پوءِ قومپرستن ۽ ترقي پسندن کي مشورا ڏيڻ شروع ڪندا ته سنڌ جي حقن لاءِ هينئن ڪرڻ کپي، هونئن ڪرڻ کپي. ڇهين ستين وڳي تائين مشورا ڏيئي وري وزير صاحب جي بنگلي تي. ان مخلوق سنڌين کي منجهائي ڇڏيو آهي. شهرن جا ماڻهو سمجهن ٿا ۽ شهري ماڻهو آزاديءَ سان ووٽ ٿو ڪري. قاسم آباد سڄو آئون ٿو کٽان 175 پولنگ اسٽيشنن مان 71 پولنگون آئون کٽيو وڃان، 40 پولنگون هو کٽين ٿا. اتي جتي هي کٽين ٿا اتي اسان جي ڀينرن کي يرغمال بڻائي انهن جا هٿ ٻڌي وات ٻڌي هٿ سان ٺپا هڻي پوءِ اتي رزلٽ 2000 ووٽن مان 1999 پ پ جا هڪ ووٽ اياز کي ايئن ويهن پولنگن جو مارجن ڪڍن ٿا هڪڙي ڳوٺ ۾، ڇا اهو رڳو مون سان ٿا ڪن، اهو سڀني سان ٿا ڪن، جلال محمود شاهه سان به ايئن ٿا ڪن، ايئن زين شاهه سان به ڪن ٿا. ايئن ٺٽي جي اليڪشن ۾ رسول بخش پليجو ۽ قادر مگسي بيٺا انهن سان به ائين ئي ڪيائون. ايئن ڄام ساقي بيٺو ان سان ٿيو. جي ايم سيد، يوسف لغاري ۽ سوڀو گيانچنداڻي سان ڪيو ويو. اتي جتي ايئن ڪن ٿا اتي پرزائيڊنگ آفيسر ڪير آهن اهي سنڌي آهن، اهي استاد ئي آهن جن کي پاڻيءَ جي ڦُوهارن سان ڪيرائين ٿا. جن کي پوسٽنگون نٿيون ملن، جن آءِ بي اي پاس کي نوڪريون نٿيون ملن اهي اوڏي مهل ٺپا ويٺا هڻائين. پوءِ وري چار سال يارهن مهينا شامِ غريبان پڙهن ٿا ۽ وري آخري پندرهن ڏينهن لاءِ انهن سان گڏ ٿا بيهن، وري چوندا ته ادا قومپرستن ۾ به هي خاميون آهن، هڪڙو 5.5 فوٽ جو ماڻهو دسيو پيو آهي ان جي مٿان ستن فوٽن جو ماڻهو ان کي دسي ٺونشا پيو هڻي ۽ توهين پيا چئو ته ٻنهي جون ڪجهه غلطيون آهن. هيٺئين جي به غلطي آهي ته مٿئين جي به غلطي آهي. اوڏي مهل ته ان ست فوٽي کي لاهه دسيل کي ڪڍ، جنهن هن جو اکيون، چپ زخمي ڪري وڌا آهن. فريد آباد ۾ سڙي ويلن جي به غلطي آهي اتي ڳوٺ نه ٺاهين ها، فائر برگيڊ وارن جي به غلطي آهي. ڳوٺ سڙي ويو نو ماڻهو سڙي رک ٿي ويا، پر انهن جي غلطي پيا ڳڻائين. تنهنڪري سنڌ جو مڊل ڪلاس ڪجهه قلمڪار، صحافي، اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي چون ٿا ته ٻنهي ڌرين جون غلطيون آهن. توهان اياز پليجو، جلال محمود شاهه، زين شاهه، قادر مگسي کي ڇڏيو، پر سول سوسائٽي چوي ٿي ته حيدر بخش ڀلو ماڻهو هو، جي ايم سيد ڀلو ماڻهو هو، رسول بخش ڀلو ماڻهو هو، انهن کي ڪونه کٽرايائون ڇو ڀلا؟ رسول بخش پليجي کي 9000 ووٽ مليا، بابو غلام حسين کي 52000 ووٽ ڏنا، ڇهوڻ تي ووٽ. 1988ع جي اليڪشن ۾ رسول بخش پليجو ڪوٽ لکپت جو فاتح هو، اتي اکين جو نور وڃي سگهيس ٿي. هائپو ٿرميا جي بيماري ٿي وئي هئس، قيد تنهائي ۾ پيو هو ايم آر ڊي ۾ شاندار ڪردار ادا ڪيائين. ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ فور فرنٽ تي اسان جي پارٽي هئي. جي ايم سيد جنهن سڄي سنڌ کي علم ۽ ساڃاهه ڏني ڪتاب ڏنا، سنڌ الاجيون، سنڌ يونيورسٽيون ٺاهڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو، پر جي ايم سيد هارائي ويو، ملڪ سڪندر کٽي ويو. حيدر بخش جتوئي هارائي ويو، سوڀو گيانچنداڻي هارائي ويو، ڀڳوان داس ٺيڪيدار کٽي ويو. ڄام ساقي سڄي زندگي هارائي ويو ٻيو کٽي ويو. تنهنڪري سنڌ جي ان حالت لاءِ فرانس، چين، روس، آمريڪا، جرمني، پنجاب، پشتون، بلوچ اسٽيبلشمينٽ ان جي ذميدار ناهي. ان ۾ سنڌ جو ماڻهو ذميدار آهي. خاص ڪري ٻهراڙيءَ جو ماڻهو جيڪو ميرن، پيرن، مامن، چاچن، ٽڪي جي بدلي، انڪم سپورٽ پروگرامن پرزائيڊنگ آفيسرن انهن سڀني جي لالچن، ٽڪي جي بدلي، ٽڪي جي واپڊا جي ڪنڍي لاءِ فڪرمند آهي ته منهنجو غير قانوني ڪنڍو لڳل آهي جيڪو مون کان ڪونه ڪڍرايائين، منهنجي ڀيڻ نرس آهي جيڪا گهر ۾ ويٺي پگهار پئي کڻي، منهنجو ڀاءُ استاد آهي ويزا تي آهي گهر ويٺي پگهار پيو کڻي. ان سستي اگهه تي وڪامجندڙ قوم لاءِ ايئن چئجي ته قوم وڪيائون ڪيڏي سستي وڪائون. هتي پنجاب ۾ ڏسو حڪومت ڪڏهن پرويز الاهيءَ وٽ آهي ته ڪڏهن نواز ليگ کي ڪڏهن پي ٽي آءِ کي ڪڏهن عارف نقئي، ڪڏهن چٺا، ڪڏهن وٽو. ته وري ڪي پي ڪي ۾ ڪڏهن ويٺي آهي اي اين پي ڪڏهن پي ٽي آءِ ڪڏهن ويٺي آهي متحده مجلسِ عمل، ڪڏهن ويٺي آهي پ پ بلوچستان ۾ ڪڏهن مينگل ويٺو آهي ڪڏهن بزنجو ويٺو آهي. ڪڏهن مالڪ بلوچ ويٺو آهي. حڪومتون بدلجن پيون، سنڌين کي ڳٽ وجهي ڏنو اٿن ته هڪڙي ئي پارٽي کي ووٽ ڏيڻو آهي ۽ سڀ ان جا مددگار آهن. اسٽيبلشمينٽ ته ٻين صوبن ۾ ايئن ڪرڻ چاهي ٿي، پر اتي ايئن ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي. سنڌ ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ سنڌ جا ماڻهو سول سوسائٽي سنڌ جي مالڪي ٽوڪريءَ ۾ سجائي دان ڪري پيش ٿا ڪن. ڪرپٽ وڏيرن کي ته وڃو هاڻي وڃي سنڌ کي وڪڻو، وڃو سنڌ بدي ۾ ڏيو ۽ اقتدار وٺو. رسول بخش پليجي کي هارائڻ جو ذميدار ٺٽي جو عوام آهي. جي ايم سيد کي هارائڻ لاءِ ذميدار دادو ۽ ڄامشورو جو عوام آهي. حيدر بخش ۽ سوڀي کي هارائڻ جو ذميدار لاڙڪاڻي جو عوام آهي. يوسف لغاري ۽ ڄام ساقي کي هارائڻ لاءِ ذميدار ميرپورخاص ۽ ٿر جو عوام آهي. سنڌين پنهنجي ڳچيءَ ۾ اهو ڳٽ پاڻ وڌو آهي، کين پنهنجو پاڻ کي سجاڳ ڪرڻو پوندو ۽ سمجهائڻو پوندو. سنڌي پوليس واري کي ۽ بيوروڪريٽ کي جڏهن موقعو ملي ٿو ته اوڏي مهل اسان جو ٻيڙو ٻوڙي ٿو، پيپلز پارٽي جي حق ۾ قومپرست جو ستياناس ڪري ٿو. پوءِ وري جڏهن رٽائر ٿو ٿئي ويهين ٻاويهين گريڊ مان ته پوءِ وري ٻه ڪم ٿو ڪري يا تبليغي ٿئي ٿو، هڪڙو لوٽو وٺي ٿو، هڪڙو بسترو کڻي ٿو ريل ۾ چڙهي روانو ٿو ٿئي، هيڏي وڏي ڏاڙهي ٿو رکي، خميس جي ڏينهن سڀني جي در تي ٺڪ ٺڪ ڪري چوي ٿو اياز پليجا گهر ۾ آهين نماز جو ٽائيم ٿيو آهي اچ هاڻي اهو جيڪو ايڪيهين گريڊ ۾ آهي پنهنجي وقت ۾ لٽي ڀينگ ڪئي آهي، پئسا سڀ موڪليا اٿس لنڊن، دبئي، آمريڪا، ٻچا اتي پيا رهن ڌنڌا پيا ڪن هي پنهنجي وقت جو ڪرپٽ ترين آفيسر آهي هاڻي ٺونٺ جيڏي ڏاڙهي آهي، هٿ ۾ لوٽو آهيس، بسترو ڪلهي تي آهي، سڀني کي چئي پيو خميس جي ڏينهن ٻاهر اچو نماز پڙهو. ٻيو وري سنڌي بيورو ڪريٽ قومپرست ٿو ٿئي، سنڌ سان هي ظلم ٿيو، سنڌ جا وسيلا لٽي ويا، آئون سنڌ جي فلاڻي آرگنائيزيشن ٿو ٺاهيان، فلاڻي اين جي او ٿو ٺاهيان، سنڌ جا ٽپڙ کاڄي ويا، سنڌ جا وسيلا کاڄي ويا رڙ پئي پوندس، ليٽر ٿو لکان، ڪتاب ٿو لکان، آئون وڏو ريسرچ آرٽيڪل ٿو لکان. اڙي جڏهن تون هئين تڏهن سنڌ جا ٽپڙ تو ويهي کاڌا تو پاڻ لٽيو جيڪو بيوروڪريٽ، ڊي سي، آءِ جي، ڊي آءِ جي، سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري، ڪمشنر سڀ ٽپڙ کائي وري پوءِ آخر ۾ قومپرست ٿين ٿا.

زاهده ابڙو: هاڻي جيڪا اليڪشن ٿيندي ان ۾ توهان قاسم آباد مان اليڪشن وڙهندا يا ٻئي ڪنهن تڪ مان توهان جي تياري آهي.

اياز لطيف پليجو: بلدياتي اليڪشن تي هينئر اسان سڄي سنڌ مان وڙهون پيا ۽ توهان جي وسيلي سڄي سنڌ جي ماڻهن کي اپيل ٿو ڪريان ته قومي عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان وڙهو يا ٻي ڪنهن قومپرست پارٽي جي پليٽ فارم تان بلدياتي اليڪشن ۾ حصو وٺو جيڪا رجسٽرڊ هجي. ڪنهن سنڌ دوست گروپ طرفان وڙهو، پر وڙهو ضرور. سنڌ جو ماڻهو بلدياتي چونڊ وڙهي، ڪائونسلر وڙهي، چيئرمين وڙهي، وارڊ وڙهي، يو سي وڙهي. ايئن نه ته درياهه جي هن پار بيٺا هجو ۽ چئو:

چڙهجا بيٽا سولي پي

رام ڀلا ڪريگا

پاڻ وڙهڻ لاءِ تيار ڪونهي. اسان کي ان تبديليءَ ۾ حصو وٺڻ گهرجي جيڪا تبديلي اسان ڏسڻ چاهيون ٿا.

پاڻ ئي پنهنجا ويڄ ٿياسين

 درد اسان کان دور ڀڄي ويا-

(ابراهيم منشي)

ٻين تي ڀاڙڻ سان ڪجهه ڪونه ٿيندو. تنهنڪري پاڻ سڀ وڙهون پنهنجن سڀني عزيزن، پنهنجن شاگردن کي، پنهنجن ساٿين کي متحرڪ ڪريو ته اهي اليڪشن وڙهن. جيڪڏهن پاڻ نٿا وڙهو ته پنهنجي ڪنهن ڀائيٽي، ڀاڻيجي کي ويڙهايو، مڊل ڪلاس جو ماڻهو جيستائين اهو سوچيندو ته اهو مون کان زور آهي وڏيرو کٽي ويندو. ماڻهو جڏهن اليڪشن وڙهي ٿو ته ان جي سڃاڻپ ٺهي ٿي. هونئن ماڻهو گمنام آهي، اسان جو هڪڙو بار جو اڳواڻ هوندو هو جيڪو هميشه بار جي اليڪشن وڙهندو هو، هر دفعي هارائيندو هو. ڇهه ست دفعا هارايائين، آئون جڏهن نئون نئون وڪالت ۾ آيس ته مون پڇومانس ته تون هر دفعي اليڪشن وڙهين ٿو ۽ هارائين ٿو، چيائين ادا هي ڪورٽ ۾ ڏس منهنجا سڄا پوسٽر لڳا پيا آهن، اها بار جي اليڪشن جي خبر ته وڪيلن کي آهي ته مون اليڪشن کٽي يا هارائي، پر جيڪي ڪلائينٽ ٻاهران اچن ٿا اهي سڄي ڪورٽ ۾ منهنجا پوسٽر ڏسن ٿا ته سمجهن ٿا ته وڏو وڪيل آهي ئي اهو. اٺ ڏهه هزار خرچ ڪيم بار جي اليڪشن ۾ چئن سالن تائين منهنجا فوٽو لڳا پيا آهن، اڳي ڪلائينٽ مون وٽ ٽي چار ايندا هئا هاڻي مون وٽ سئو ٿا اچن منهنجي ته مارڪيٽنگ ٿي وئي. سنڌ جو رٽائرڊ استاد ڊاڪٽر چنگچي وارو، پٽيوالو اليڪشن وڙهندو ميهڙ مان، ميرپورماٿيلي مان ۽ ڪنب مان، سانگهڙ مان ان جي سڃاڻپ ٿيندي ۽ هو سڀاڻي وڃي ڊي سي کي چوندو ته هتي گٽر بند آهي ته سندس ڳالهه ٻڌي ويندي ۽ جيڪڏهن ايس ايڇ او جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي غلط سلط پڪڙي ويندو ته ان کي اها خبر هوندي ته هن ڪائونسلر اليڪشن وڙهي آهي، هن سان سئو ماڻهو گڏ آهن ۽ جيڪڏهن مون ناجائز ماڻهو کي ٻڌو آهي ته اهي گوڙ ڪندا. هي رستو بلاڪ ڪري سگهن ٿا، هن کي صحافي سڃاڻن ٿا، هو جيڪڏهن ڪائونسلر نه به آهي تڏهن به ڪنهن اسڪول ۾ هليو ويندو ته ماستر ان جي ڳالهه ٻڌندو. آئون ايم اين اي يا ايم پي اي ته ڪونه آهيان يا ناظم ته ڪونه آهيان سنڌ جو ڪهڙو ايم اين اي يا ايم پي اي آهي جنهن کان منهنجي گهٽ ٿي هلي. کاتي ۾ سندس هلندي هوندي، هن جي سئو سيڪڙو هلندي منهنجي ٽڪي جي ڪونه هلندي، منهنجي چوڻ تي ڪنهن کي ٽڪي جي نوڪري به ڪونه ملندي، پر اتان جو ڊي سي، ڪمشنر، ڊي آءِ جي، آءِ جي، ايس ايڇ او کي جيڪڏهن ڪا حق جي ڳالهه چوندس ته منهنجي ڳالهه ضرور ٻڌندا. آئون جيڪڏهن ڪنهن کي چوندس ته لالچند ڀيل گرفتار ٿيل آهي ۽ مقصود ڀرڳڙي گرفتار ٿيل آهي ۽ فلاڻي ماڻهو تي ٺٽي ۾ حبيب الله يا منور تي ڪيس پيا داخل ڪن ته منهنجي هڪڙي فون تي چئن ضلعن جا ماڻهو آءِ جي صاحب، ڊي آءِ جي صاحب جي مهرباني سان ناجائز ڪيسن ۾ ڦاسايل اڌ ڪلاڪ جي نوٽس تي آزاد ٿي ويندا. آئون جيڪڏهن پروين رند جي ايف آءِ آر لاءِ فون ڪندس ته منهنجي ڳالهه ٻڌي ويندي. آئون جيڪڏهن فون ڪندس نمرتا لاءِ ته ڳالهه ٻڌي ويندي، آئون جيڪڏهن فورينزڪ جي لاءِ نوشين ڪاظمي جي لاءِ چوندس ته فورينزڪ انويسٽيگيشن ٿيندي اهو ان ڪري جو اسين نشانبر ٿي رستي تي بيٺا آهيون. سنڌ جو ماڻهو جيڪڏهن ڪائونسلر لاءِ نشانبر ٿي بيهندو پوءِ آهستي آهستي وارڊ ۽ يو سي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ بيهندو ته ان جي سڃاڻپ ٿيندي ۽ اهو پنهنجن ماڻهن جي حقن کي محفوظ ڪري سگهندو. شيخ اياز چيو آهي:

جنهن وقت به ڪنهن جو طوق ٽُٽو

مون سمجهيو منهنجي گردن هلڪي ٿي

جو محڪومي مان ڪوبه ڇٽو

مون سمجهيو منهنجي گردن هلڪي ٿي

**

خنجر چلي ڪسي پي تڙپتي هين هم امير

ساري جهان ڪا درد هماري جگر مين هي

سڄو پاڪستان پنهنجو تڪ آهي، مون کي ته اجازت ڏين آئون ممبئي مان به وڃي وڙهان. هينئر ڪولمبو سريلنڪا کي تباهه ڪري ڇڏيو اٿن جيڪو چين جي قرض جي گهيري ۾ اچي تباهه ٿي ويو آهي ۽ هاڻي ان کي پنهنجي ڪالوني ٺاهي ڇڏيو اٿس. هينئر سريلنڪا وڏي عذاب ۾ آهي. مون کي موڪل هجي ته مان اتان به وڃي اليڪشن وڙهان. آئون ته ٽوباٽيڪ سنگهه مان به وڙهڻ چاهيان ٿو آئون ته پشاور مان به وڙهڻ چاهيندس، پر وسيلا ڪونه آهن. مون کي جيڪڏهن پولنگ ايجنٽ هٿ ڪري ڏيو ته آئون وڃي پشاور مان بيهان، زيارت، خضدار، حب مان بيهان. تنهنڪري سنڌ جا ڪي به ماڻهو انهن کي توهان جي ذريعي آفر ٿو ڪريان ته ڪابه ٽيم نوابشاهه جي، لاڙڪاڻي جي، دادو جي، شڪارپور جي. ڇاڪاڻ جو صوبائي اليڪشن ۾ پولنگ اسٽيشنون 120 ٿين ٿيون ۽ قومي ۾ 220، 240 ٿين ٿيون. هر پولنگ اسٽيشن تي گهٽ ۾ گهٽ ڏهه پندرهن پولنگ ايجنٽ ڀائر ۽ ڀيڻون کپن اتي ٻاهر ڪئمپ لڳائي ڪارڊ ٺاهڻ لاءِ پنج ست ماڻهو کپن، هڪڙي آفيس کپي ٿي. آئون سڄي سنڌ کي توهان جي ذريعي آفر ٿو ڪريان اهي سنڌ جي ڪنهن به ضلعي ۾ اهڙي ڪا ڪميٽي ٺهي، جيڪي پولنگ اسٽيشنن کي سنڀالڻ لاءِ ۽ آفيس هلائڻ لاءِ اهو نوجوان اڳيان اچن ۽ بنا خرچ پنهنجي مدد پاڻ تحت اچن ۽ منهنجون پولنگ اسٽيشنون سنڀالين دورا ڪرڻ آئون ويندس، گهر گهر آئون ويندس، اليڪشن آئون وڙهندس، ڀلي آئون اتان هڪڙو ووٽ کڻان ۽ سامهون واري کي سٺ هزار ووٽ ملن تڏهن به آئون بيهندس آئون چاهيندس ته سنڌ ۾ سجاڳي اچي. اياز لطيف ويندو سجاڳي پيدا ٿيندي. مون وٽ ايترا وسيلا ڪونه آهن اها آفر آئون سنڌ جي سڀني وڏن شهرن لاءِ ڏيان ٿو. منهنجي خواهش ته اها آهي ته سڄي سنڌ وڃان ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو. منهنجي پارٽي فيصلو ڪندي، منهنجي مرڪزي ڪميٽي فيصلو ڪندي جتي مون کي چوندا اتان آئون اليڪشن وڙهندس. آئون پنهنجو سِر تريءَ تي کنيو پيو هلان مون کي اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ ڪابه گهٽتائي محسوس نٿي ٿئي ته هارائي وياسين يا کٽي وياسين. اهو ته هينئر ٿا چئو نه هارائي وياسين يا کٽي وياسين پنجاهه سالن کانپوءِ سنڌ ته جي ايم سيد کي پسند ٿي ڪري، ايئن ته ڪونه ٿا چئون فلاڻو ملڪ کٽي ويو. اسان هن دور وٽ جوابده ڪونه آهيون. آئون سمجهان ٿو ته سنڌ جي مستقبل جا ماڻهو طئي ڪندا ته اسان ڪهڙي پاسي بيٺل هئاسين. هينئر چاهي هڪڙو ووٽ کڻون يا هزار ووٽ کڻون، پر جيڪڏهن اسين بيٺل هن پاسي هجون ۽ اهل اقتدار سان گڏ هجون ها ۽ سنڌ کي دوکو ڏيون ها ته ڇا سنڌ اسان کي ياد رکي ها. هينئر عمران خان جي ساڍا ٽي سال حڪومت هئي، ان ۾ ريلوي جي وزارت هئي، ان ۾ صرف پنهنجي لاءِ ڊائننگ ڪارڊ وٺي ڇڏيان هئا، پنهنجا لاءِ ڪي ريلوي جا ٺيڪا ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي) ڪنهن وٽ هو وفاق وٽ هو. پورٽ قاسم ڪنهن وٽ هو وفاق وٽ هو، سوئي سدرن وفاق وٽ، حيسڪو جا بورڊ ڪنهن وٽ وفاق وٽ، جيڪڏهن چاهي ها ته اياز حيسڪو جي ڪنهن بورڊ جو چيئرمين مقرر نه ٿي وڃي ها. ڇا عمران خان يا پير پاڳاري جي ايتري ڪونه هلي ها. ڇا اياز لطيف پليجو فيڊرل ايڊوائيزر نٿي ٿي سگهيو. شيرين مزاري صاحب کان ته وڌيڪ ڪم ڪريان ها. اين ايڇ اي، موٽر پوليس، اسٽيل مل انهن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز، ايف آءِ اي، نيب ۾ نٿي ويهي سگهيس. وڪيل آهيان ۽ آئين جو وڪيل آهيان انهن ۾ ويهي سگهيس ٿي. نيشنل بينڪ، اسٽيٽ بينڪ، حبيب بينڪ، يو بي ايل، ايم سي بي، ان ۾ سڀ پنهنجي پينل جا وڪيل لڳرائي ڇڏيون ها، پنون ها وڃي جيئن سنڌ جا وڏيرا ۽ جاگيردار پنندا آهن ڪونه پنياسين بيٺا هئاسين نه پنياسين تڏهن ته چئي سگهون ٿا ته جزيره ڇو ٿا کڻو. جڏهن عمران جي حڪومت هئي ان وقت چيوسين ته ”ڪراچي ڪي نفيس لوگون ڪي ڪراچي ڪميٽي ڪو رد ڪرتي هين.“ ڪراچي ڪميٽي  ٺهي آئون پهريون ماڻهو هئس جنهن انهيءَ ڪميٽي کي رد ڪيو، آئون پهريون ماڻهو هئس قومي عوامي تحريڪ پهرين پارٽي هئي جنهن ان کي رد ڪيو.

همين ڪو جرئت اظهار ڪا سليقا هي

سدا ڪو قهط پڙيگا تو هم هي بولين گي

جڏهن ڳالهائڻ جو ڏڪار ايندو ته اسان ئي ڳالهائينداسين سڄي سنڌ اسان جي آهي جيترا وسيلا هوندا اتان اليڪشن وڙهنداسين.

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments