بلاگ

هر دور جو ڪيميا گر: شاهه عبداللطيف ڀٽائي شوڪت لوهار  

شاهه عبداللطيف ڀٽائي دنيا جي عظيم شاعرن جي قطار ۾ بيٺل هڪ عظيم شاعر آهي.

انساني الميي جا ڪيئي رخ آهن، ماڻهو سان لاڳاپيل مسئلا ڀل اهي ان جي داخلي دنيا يعني اندرين جهان جا هجن يا ان جي ٻاهرين دنيا يعني ان جي رهڻي ڪهڻي، اٿ ويهه، سماج، ڪٽنب قبيلي جا هجن. بهرحال هو سدائين پنهنجن مسئلن، پريشانين کي گهٽائڻ ۽ زندگي کي سولو بڻائڻ ۽ عزت ڀري زندگي گذارڻ، اهڙو جيون بسر ڪرڻ، جنهن ۾ هڪ تازگي ۽ نغمگي هجي، جنهن ۾ جهيڙا ۽ جنگيون نه هجن، جنهن ۾ ذري ذري ڳالهه تان ڪنڌ نه ڪپجندا هجن، اهڙيون حالتون نه هجن، جن ۾ ماڻهو هوريان هوريان جهوري ۾ ٿورو ٿورو مري ۽ ڀور ڀور ٿيندو هجي، بلڪه هو بانس جي وڻ جهڙو سڌو ۽ نم جي ڇانوَ جهڙو گهاٽو هجي، جنهن جي زبان، هٿ ۽ عمل کان ٻيا انسان محفوظ هجن.

هي پرٿوي اهڙن ٿورن ڏاهن ماڻهن جي ڪري ۽ انهن جي پيش ڪيل زندگي جي دستاويز تحت هيل تائين هلي آئي آهي ۽ اڃا سوڌو پئي رڙهي.

دنيا جا عظيم شاعر جيڪي پنهنجي وقت کان ڪيئي سئو سال اڳيان ڏسندا آهن، شاهه عبداللطيف به انهن مان هڪ آهي. سنڌو جو ميرڙو جل ۽ ڀاڳ واري آهي هيءَ ڀونءَ، جنهن هن عظيم سپوت کي جنميو، ماڻهو روزاني ڄمندا ۽ مرندا آهن ۽ ائين هن جهان جو ڪاروهنوار ڊوڙي ۽ ڍڪي رهيو آهي، پر ڪي ڪي ماڻهو جهانن ۽ مڪانن تي حاوي هوندا آهن، انهن جو فڪر ۽ فلسفو، انهن جون ڳالهيون عالم انسان لاءِ هڪ ترياق جو ڪم ڪنديون، ماڻهو جيڪو طرحين طرحين روڳن ۾ ورتل پئي رهيو آهي، اهڙا ماڻهو ترياق هوندا آهن ۽ سندن صدين جي بيمارين جو علاج هوندا آهن.

هومر جيڪو يوناني شاعر هو، جيڪو اکين کان انڌو هو ۽ جهنگن ۽ بيابانن ۾ زندگي بسر ڪندو هو، ان پنهنجي تصنيف Odesy اوڊيسي جيڪو جنگي رزميه داستان آهي، ان ۾ اهي عالم آشڪار انڪشاف ڪيا جو ڏند ڪٿائي دنيا ۾ رڪڻيون پئجي ويون. ڀوٽان جيڪو ان وقت ڏند ڪٿائي دور مان گذري رهيو هو، هومر جيڪو شايد دنيا جو پهريون شاعر، حضرت عيسيٰ مسيح کان اٺ سئو سال اڳ موجود هو.

ان کانپوءِ ائين ڪونهي جو اهو سلسلو ختم ٿيو آهي. انسانن کي روشن راهه ڏيکارڻ ۽ سنئون دڳ لائڻ جو ڪم سدائين سونهن جي هٿ پئي رهيو آهي. هومر کانپوءِ لاطيني ٻولي جو شاعر وِرجل آهي، جنهن وٽ هُومر جي لکڻي Anaid انئيڊ آهي. انگريزي دور ۾ اهڙا کوڙ سونها شاعر آهن جن منجهيل ماڻهن کي راهه ڏسي آهي. فطرت پرست شاعر وليم ورڊس ورٿ آهي، جيڪو فطرتي حسناڪين تي آڳند جهڙو داستان رقم ڪري ٿو، جنهن ۾ پينٿي ازمPantheism  جو نظريو آهي، يعني ڪک پن ۾ ساهه، هر شيءِ جو وجود ۽ ان جي وقعت آهي.

جڏهن شيڪسپيئر ۽ شاهه صاحب جو تقابلي جائزو ورتو ويندو آهي ته اتي ان ڳالهه کي خبر ناهي ڇو نظر انداز ڪيو ويندو آهي ته وليم شيڪسپيئر هڪ شاعر کان وڌيڪ هڪ ناٽڪ نويس آهي، جيتوڻيڪ طريقيڪار ٻنهي جو ساڳيو آهي، يعني ٻنهي پنهنجي لوڪ ۽ جهان ۾ موجود لوڪ ڪهاڻين ۽ داستانن کي تمثيلي طور استعمال ۾ آندو آهي، پر دنيا جي ادب ۾ شيڪسپيئر جي سڃاڻپ شاعر کان وڌيڪ ناٽڪ نويس جي آهي، جيتوڻيڪ ان جي ڪردارن ۽ منظرن ۾ زندگي کي ڀرپور نموني ڀريو ويو آهي ۽ جهڙي طرح هن پنهنجي ناٽڪن جي ڪردار نگاري ڪئي آهي ۽ انهن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي اڻت ڪئي آهي، اهو سڀ ڪجهه بلڪل فطرتي لڳي ٿو ۽ ڪمال جي ڪاريگري به. جڏهن اسين شاهه عبداللطيف جي فن ۽ فڪر جي ڳالهه ڪريون ٿا، اسين دنگ رهجي وڃون ٿا، فن ۽ فڪر ڪو اهڙي سائنس جو نالو نه آهي جيڪا سمجهه ۾ نه ايندي هجي. فن ۽ فڪر جو مطلب آهي ته شعر جو واسطو، تعلق، سلهاڙپ، ڪهڙي ۽ ڪيتري گهرائي سان آهي، ان کي نڀائيندڙ ڳالهائيندڙ ڪردار خود ڇا آهي، شعر جي جسامت ۾ ٻولي جي نغمگي ۽ ترنم ڪيئن آهي وغيره.

انهيءَ کانسواءِ اها سڄي پيشڪش ڪيئن آهي، پڙهڻ کانپوءِ اها ماڻهو جي زبان، لهجي، حواسن تي ڪهڙو اثر ڇڏي ٿي، ان جو مفهوم ڪهڙي ريت معنيٰ ڏئي ٿو، انهيءَ شعر جو Discourse ڪيئن ٻئي تائين پهچي ٿو.

شاهه عبداللطيف ۽ مولانا جلال الدين رومي جي شاعري ۾ ڪافي ويجهڙائي آهي، هتي اسان جو هرگز به اهو مطلب ڪونهي ته هڪ شاعر کي ننڍو ڪري ٻئي کي وڏو ڪري ڏيکارڻ آهي. اسان وٽ عام طور تي ائين ئي ٿيندو آهي، حالانڪه ٿيڻ ائين کپي جو شاعرن جي فڪر کي سمجهڻ ۽ انهن جي پيغام کي عام ڪرڻ مقصد هجڻ گهرجي.

شاهه صاحب جي رومي سان عقيدت جي حوالي سان کوڙ شعر سندس رسالي مان مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿا.

طالب ڪَسر سونهن سين اي رومي جي روم،

جنين ڏٺي جُوءَ، تيئن ڪتبو ڪپن ڪي.

يعني سڄي جهان جي تلاش انهيءَ ڳولها ۾ آهي، جنهن جي ڪري هي چوڏس حسن موجود آهي.

“ان راکه خبر شَد خبرش باز نيامد”

ساري ڪائنات جو حسن هي جهان جنهن جي تلاش ۾ آهي ۽ رومي جي راءِ ۾ هي اهڙي زندگي ڪٿان آئي آهي، هي سڀ ڪجهه هڪ جادو آهي ۽ انسان جي حقيقت ڇا آهي؟

“هر که، بيدار است او در خواب تر

هست بيداريش از خوايش

جون بحق بيدار نبود جان ما،

هست بيداري جو در بندان مان، (409.10)

“هتي جيڪو ظاهري جاڳ ۾ آهي، اهو روحاني طرح ستل آهي. هن جو اوجاڳو سندس ننڊ کان وڌيڪ هاڃيڪار آهي، جڏهن اسان اوجاڳي ۾ پنهنجي محبوب کي ماڻي نٿا سگهون اهو ائين آهي ڄڻ اسين جيئري ئي جيل ۾ آهيون”

شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:

تن تسبي مَن مڻيون دِل دنبورو جن،

وحده لاشريڪ لهه اهو راڳ رڳن،

سي ستا ئي سونهن، آهي ننڊ عبادت جن جي.

شاهه صاحب جي رومي سان عقيدت اها آهي جو هو به پنهنجي شعر ذريعي پيغام ڇڏي ٿو، جڏهن رومي وٽ آکاڻي آهي، جيڪا نئين ۽ پراڻي به آهي، شاهه صاحب جو ڪمال اهو آهي ته هن ماڻهن ۾ اڳ موجود داستان کي کنيو آهي ۽ انهن کي پنهنجي شاعري جون سورميون ۽ سورما ٺاهيو آهي، انهن جي ذريعي پيغام ڏنو آهي، انهن جي ذريعي ڳالهه پهچائي آهي.

اسان وٽ سسئي پنهون، ليلا چنيسر، عمر ماروي، سهڻي اهي سڀ اڳ ئي موجود آهن، يعني شاهه صاحب ڪنهن ڌارئين ڪردار کي پنهنجي شعر جو حصو نه ٺاهيو آهي.

سي ئي جون ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا،

رُئان رهن نه سپرين، آيل ڪريان ڪيئن،

مون کي چاڙهي، چيئن، ويو وڻجارو اوهري.

سُر سامونڊي ۾ شاهه صاحب وڻجاري جي وني واتان سندس لاءِ شڪوا ۽ شڪايت بيان ڪرائي ٿو ته اي امڙ آئون ڇا ڪريان جو وڻجارو مون کي هن ڪهڙي ڪيفيت ۾ ڇڏي وڃي رهيو آهي جو مان پاڻ کي باهه جي مچ ۾ پيئي ڀانئيان، هي سندس ڪهڙو وهنوار آهي جو مون کي اڪيلو ڪري هو ڏورانهين وڃي ٿو، ساڳي سُر ۾ شاهه صاحب چئي ٿو ته:

“وڃئي وسري شال جي تو سودو سکيو،

اڃا آئين ڪالهه، پڻ ٿو سفر سنبرين”

شال ڌڻي ڪري ته اهو واپار توکان وسري وڃي، هي ڪهڙي ڪار آهي جو اڃا ڪالهه آيو آهين ۽ وري سفر لاءِ ٿو سنبرين.

هينئڙو ٻيڙيءَ جان، ڏُتڙ پيئي ڏينهن ٿيا!

پڇيو تان ته پريان، ڪر لاهوتي ڪڏهين.

خراب ٿيل تڙ تي پيل ٻيڙي جيان منهنجي دِل بيحال آهي، ڪيڏو وقت ٿيو آهي جو منهنجي محبوبن منهنجي سار به نه لڌي آهي.

شاهه عبداللطيف جي شاعري زندگي گذارڻ جو آسان ۽ سولو دستاويز آهي، اسين پنهنجي زندگي گذارڻ جو گس ڪاميابين ڪامرانين جون ڪيئي املهه ڳالهيون ان مان معلوم ڪري سگهون ٿا، پر ان لاءِ شرط اهو آهي ته شاهه جو رسالو پڙهڻو پوندو، اسين جهڙي ريت پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي وطن کي ٻين جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي يا آهستي آهستي اهي شيون اسان جي هٿن مان کسڪي رهيون آهن، اسان ساڳي ريت شاهه جي رسالي کان منهن موڙي ڇڏيو آهي.

اسان وٽ جيڪو به تعليمي نصاب آهي، انهيءَ جي جوڙجڪ ڪندڙن کي شاهه صاحب جو ڪلام اسڪول کان وٺي يونيورسٽي تائين لازمي مضمون ڪري شامل ڪرڻ گهرجي. جيئن اسان کي دنيا جي ڪارونهوار ۾ هڪ سونهون ملي وڃي.

“چمڪيون چوڌار ڌڄون ڌاڙيچن جون،

ماءُ سامونڊي آئيا سهسين ڪري سينگار…”