هنڊائي ڪمپني وڏو اعلان ڪري ڇڏيو
ٽويوٽا انڊس موٽر کانپوءِ هونڊا ۽ سوزوڪي به اگهه گهٽايا. جڏهن ته پاڪ سوزوڪي مختلف ماڊلن جي اگهن ۾ 79 هزار کان هڪ لک 99 هزار رپين تائين گهٽتائي ڪري ڇڏي، پر هاڻي هنڊائي ڪمپني گاڏين جي قيمتن بابت اهم اعلان ڪري ڇڏيو. ڪمپني تازو ئي پنهنجي ڊيلرز کي ٻڌايو آهي ته هو ٻين ڪمپنين وانگر پنهنجي ڪارن جا اگهه نه گهٽائيندي. ڪمپني پاران ائين ڪرڻ جو سبب پڻ ٻڌايو ويو آهي. هنڊائي چيو آهي ته ٻين ڪمپنين ڊالر مهانگو ٿيڻ تي پنهنجا اگهه وڌايا هئا، پر هنڊائي اگهه نه وڌايا هئا ان لاءِ هنڊائي هاڻي اگهه نه گهٽائيندي. ڪمپني موجب اسان جي قيمت اڳ ئي گهٽ آهي.