وقت جو سفر حصو پهريون ذيشان جوڻيجو | مارچ 2022

1982 Shares

هڪ وقت جو سفر هونئن به سائنسدانن لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻيل آهي، پر اهو وقت جو سفر جيڪڏهن ماضيءَ ۾ يعني گذريل وقت ۾ هجي ته انيڪ مصيبتون ڪر کڻي بيهن ٿيون. اسٽيفن هاڪنگ به خود وقت جي سفر Time travel ۾ ڏاڍي دلچسپي رکندڙ هو. مستقبل ۾ شايد اسين ان قابل ٿي وڃون تهTime Travel  ڪري وقت ۾ اڃان به اڳتي يعنيFuture  ۾ وڃي سگهون، پر ماضيءَ ۾ سفر پوءِ به مٿي جو سُور بڻيل ئي رهندو.

اسٽيفن هاڪنگ جي وقت جي سفر متعلق اڳ ۾ ڪجھ حصن تي مشتمل مواد لکيو آهي، پر اردو ۾ هئڻ ڪري پڙهندڙن جي نظر کان پري رهيو آهي. اڄ ڪوشش ڪريان پيو هاڪنگ جا خيال سنڌيءَ ۾ پيش ڪرڻ جي.

ماضيءَ ۾ وقت جو سفر ممڪن آهي يا نه اهو ڏسڻ لاءِ هاڪنگ پنهنجي گهر ۾ هڪ پارٽي رکي هئي، اها پارٽي مستقبل جيTime travelers  لاءِ هئي. هاڪنگ دعوت نامو موڪلي اهو ڏسڻ پئي چاهيو ته ڇا مستقبل مان ڪو وقت جو مسافرTime Traveler  دعوت نامي تيAddress  پڙهي سندس پارٽيءَ ۾ پهچي ٿو يا نه… گهڻو انتظار ڪرڻ کانپوءِ به جڏهن ڪو نه آيو ته هاڪنگ کي ٿورڙي مايوسي ته ٿي، پر هُو شايد قصي کي سمجهي ويو ته سندس پارٽي ۾ مستقبل مان ڪو ڇو نه اچي سگهيو…

هاڪنگ پارٽي واري تجربي جي ناڪاميءَ جو سبب ڪجھParadoxes  کي سمجهي ٿو.Paradox  کي سولي سنڌيءَ ۾ سمجهجهي ته ڪنهن به شيءِ متعلق تضادن سان ڀريل هڪ خيال هڪ تصور هوندو آهي جيڪو ثابت ڪرڻ تقريبن ناممڪن هوندو آهي. ماضي ۾time travel  جي جڏهن به ڳالھ ايندي آهي ته سائنسدانن لاءِ سڀ کان وڏو مٿي جو سُور Grandfather paradox هوندو آهي. هيparadox  ٻين سڀنيparadoxes  جو به ڏاڏو ئي آهي. فرض ڪيو ته پاڻ وٽ هڪ ڪردار آهي A، اسان جو ڪردارA  ڄمي ٿو، وڏو ٿي هڪTime machine  ٺاهي ٿو، ان مشين ذريعي هو ماضيءَ ۾ سفر ڪري وڃي ٿو، ماضيءَ ۾ وڃي هُو پنهنجي ڏاڏي کي ماري ڇڏي ٿو… هاڻيA  جو ڏاڏو مري ويو ته مطلبA  جو پيءُB  به ڪو نه ڄميو، جڏهنB  ئي ڪونه ڄميو ته خودA  جو به ڪو وجود ڪو نه هوندو ۽ جڏهن A جو ڪو وجود ئي ڪونهي ته هنTime machine  به ڪو نه ٺاهي، هاڻي جڏهن ٽائيم مشين ئي ڪونهي ٺهيل ته مطلب اسان جو ڪردارA  ماضي ۾ ئي نه ويندو. سو جڏهنA  ماضيءَ ۾ ئي نه ويو ته پنهنجي ڏاڏي کي به ڪو نه ماريندو، ڏاڏو زنده آهي تهA  جو پيءُB  به ڄمندو. ساڳئي ريتB  ڄميو ته لازميA  کي به اچڻو آهي. اهڙيءَ ريت A ايندو ته اهو وري Time machine ٺاهيندو. مطلب اهو سلسلو ايئن پيو هلندو، ان کي Bootstrap paradox به چوندا آهن. جنهن ۾ واقعن جي اهڙي سائيڪل يعني چڪر يا ڦيرو ٺهي ويندو آهي جو اصل واقعو ڪڏهن ۽ ڪٿان شروع ٿيو ان جي خبر ناهي پوندي. پوءِ ڪنهن به شيءِ جي شروعات ئي ان جو انت به نه هوندي آهي. جيڪڏهن توهان نيٽفلڪس جيDark Series  ڏٺي هجي ته ان ۾ بهترين انداز ۾ فلمايو ويو آهي انparadox  کي.

سو اسٽيفن هاڪنگ وٽ grandfather paradox جو وري هڪ نئون روپ آهي جنهن کيMad scientist’s paradox  چئي ٿو. قصو مڙئي ساڳيو ئي آهي بس ڪردار تبديل ٿيل آهن.

هاڪنگ چئي ٿو فرض ڪريو ڪو جنوني سائنسدان آهي جيڪو وقت جي سرنگھ ۾ هڪ اهڙو ورم هولWormhole  ٺاهي ٿو جنهن جي ذريعي هُو وقت ۾ صرف هڪ منٽ پوئتي وڃي سگهي ٿو. هونئن ته هڪ منٽ ايڏو وڏو ڪونهي، پرTime travelers  لاءِ اهو هڪ منٽ جو سفر به وڏي مصيبت بڻجي سگهي ٿو. سوچو جيڪڏهن اهو جُنوني سائنسدان ان wormhole ذريعي وقت ۾ هڪ منٽ ئي پوئتي وڃي پنهنجي هڪ منٽ پراڻيversion  يعني روپ کي قتل ڪري ڇڏي ته؟ جيئن فلمن ۾ ڏيکاريو ويندو آهي. ان جو موت ٿي ويندو… هڪ منٽ پهرين وارو سائنسدان اڃان پسٽل جي سيٽنگ به نه ڪري سگهيو هوندو ته ماريو ويندو، پر نيٺ گولي ڪنهن هلائي؟ ان کي ماريو ڪنهن؟ هُو ته اڃان پسٽل تيار ئي ڪري پيو گولي هلائڻ لاءِ… اهو ئيparadox  آهي جيڪو ماضيءَ جو سفر ڪرڻ وارن سائنسدانن لاءِ مصيبت بڻيل آهي. ان جو ڪو مطلب ته ڪونهي، پر سائنسدان پريشان آهن. ان سان اهي بنيادي قانون ئي ٽٽي پوندا جن تي پوري ڪائنات هلي ٿي پئي. شايد ان ڪري اسين ڪنهن ڪم جو انجام ڏسي ته سگهون ٿا، پر ان کي بدلائي نٿا سگهون. اگر ايئن ٿئي ته پوري ڪائنات ۾ افراتفري مچي ويندي. ان ڪري ڪجھ نه ڪجهه هميشه اهڙو ٿيندو آهي جيڪوParadox  کي روڪي ڇڏيندو آهي. اسان جا سائنسدان ان حال تائين ئي ناهن پهچي سگهندا ته پاڻ کي گولي هڻي سگهن. هاڪنگ جي مطابق اهڙي ڪنهنwormhole  جو وجود ئي نٿو ٿي سگهي. ان جو سبب وريfeedback  ٻڌائي ٿو.

جيڪڏهن توهان ڪنهن ڊسڪو يا ڪنهنMusic concert  ۾ ويا هوندئو ته اسپيڪرن مان ايندڙ ان سنهڙي، باريڪ پر ڪنن ۾ چڀندڙ تيز آواز کان ضرور واقف هوندا جيئن ڪو رڙيون ڪندو هجي… اها ئيfeedback  هوندي آهي جنهن جو سبب به تمام معمولي آهي. توهان جي (ڳائڻي جو) آواز پهرين مائڪmicrophone  ۾ ويندو آهي، پوءِ تارن جي وسيليamplifier تائين پهچندو آهي، اتان تيز ٿي پوءِ اسپيڪرن مان ٻاهر نڪرندو آهي، پر جيڪڏهن اسپيڪرن مان نڪري اهو آواز بار بار مائيڪmic  ۾ واپس وڃي ته ان سان هڪ loop ٺهي ويندو آهي، جنهن سان آواز لڳاتار تيز ٿيندو ويندو آهي. جيڪڏهن ان کي روڪيو يا ٺيڪ نه ڪيو ويو ته اهو feedback دراصل پوري سسٽم کي ئي تباهه ڪري ڇڏيندو. هاڪنگ مطابقwormhole  سان به ايئن ئي ٿئي ٿو. جتي آواز جي جاءِ تي radiations هونديون آهن. جڏهن ڪوwormhole  وڏو ٿيڻ شروع ٿيندو آهي تهradiations  جي بار بار اندر وڃڻ سان هڪloop  ٺهي ويندو ۽ اهو feedback به ايڏو طاقتور هوندو جو پوروwormhole  ئي تباهه ڪري ڇڏيندو.

….(هلندڙ)… 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments