ادببلاگ

ٻوڏ کي ٻوڙيندڙ حسرتون!

هن جي حساسيت جي گود ۾ درد ٻارن وانگي لڪل ئي رهيو! ھوءَ جيڪا پيڙھيل طبقي جي ھسيل حساس شاعره آھي. جنهن رڳو دردن سان جهيڙيو آهي، جيڪا سماجي روين جي بنا ليڪ جي نڪتل ديوار ۾ هڪ عام رواجي ڳوٺاڻي ڇوڪري وانگي خاموش رهي آھي. هوءَ پنهنجي اندر جي اڌمن کي شاعري جي روپ ۾ مهمان پکين جي خوبصورت اڏارن وانگي پنهنجي پراين ڏکن خوشين تي سنسان رات جي تاريڪي ۾ ڪجهه نه ڪجهه لکندي رهي آهي. جنهن جي شاعري ۽ احساسن ۾ رڳو درد ئي اوتيل آهي ۽ ھوءَ رات جي سانت ۾ پنهنجي ڊائري تي دردن سان مخاطب ٿي لکي ٿي ته: ”درد جو به عجيب فسانو آ؟ درد جي پيڙا درد جي شدت ۾ ورتل دل ئي بهتر سمجهي سگهي ٿي ته درد ڪيئن ٿو نينهن وانگي نهوڙي؟ ڪي انفرادي درد ته گھڻو ڪري حجابي چهري وانگي مرڪن جي چنري سان ڍڪيل هوندا آھن، پر اجتماعي درد هر حساس من کي چٽ جي ڪاڙھن وانگي من اندر کي سيڪ ڏيندا رهندا آھن. انفرادي درد جي مٿان اجتماعي درد حاوي آهن! انفرادي درد جو اثر ورلي ڪڏھن سڄي سماج تي اثر انداز ٿيندو آهي نه ته جلدي ئي دلين تان لهي ويندو آھي، پر اجتماعي درد جو سفر صفا اوکو هوندو آھي، جيڪو ڪڏھن ڪڏھن ته ڪنهن دردناڪ واقعي جي روپ ۾ سڄي سماج کي سوڳوار ڪري ڇڏيندو آھي ۽ ماحول جا مڙئي مزيدار رنگ بي رنگ لڳڻ لڳندا آھن.

اهڙو ئي هڪ اجتماعي درد جو منظر گذريل سانوڻي جون برساتون کڻي آيون، هر دل درد ۾ ٻڏل نظر آئي! ڪنهن کي گهر ٻڏڻ جو ڪنهن کي ڪچا ڪوٺا ڪرڻ جو ڪنهن کي چوپائي مال مرڻ جو ڪنهن کي دربدري جو درد سڀ منظر وک وک تي ڏسندي رهيس. روڊن تي ڀڏن تي سڪل واهن جي ڪپرن تي سرڪاري عمارتن ۽ خالي مسواڙي دڪانن ۾ آلين ڪاٺين جي ٻرڻ جهڙو درد دونهون بڻجي نظر آيو.“

مون هيلوڪي ٻوڏ ۾ اباڻن جي اهنجن سان گڏ زندگي جا منفرد روپ ڏٺا، مون روڊ ڪناري پلاسٽڪ جي خيمي ٻاهران مطمئن ٿي راند ڪندڙ صرف معصوم چهرن تي مرڪ ڏٺي هئي ۽ مون خيمي اندر شام جي پهر ۾ انهيءَ عورت جي درد کي ڏٺو جيڪا وسندڙ مينهن ڪڻين ۾ آلين ڪاٺين کي ڦوڪون ڏيندي پنهنجا ڳوڙھا اگهندي پوءِ به خوشي وچان ماني پچائي رهي هئي! مون لڱ ساڙيندڙ گرمي ۾ بخار ۾ بيحال وجود هڙڪندي ڏٺا آھن ۽ صاف سٿري پاڻي لاءَ واٽر ٽينڪ پٺيان ٿاٻڙندي ڪرندي خوش گهراڻن جي دربدر فردن کي ڏٺو.

ڪٿ وري رڳو ئي ڏکن جا طوفان ڏٺا اهي لمحا ڪڏھن به دل جي دنيا تان نه لهندا جڏھن مون انهيءَ جوان جيجل جون اڀ ڏاريندڙ آھون ۽ اوهيرا ڪري وسندڙ اکيون به ڏٺيون!!! جنهن جي خيمي ٻاهران کيڏندڙ گڏي روڊ حادثي ۾ زندگي هارائي وئي. مون راشن پٺيان لٺيون کائيندي انهن پورهيتن کي ڏٺو جيڪي بک وچان بيحال ٿي ڀٽڪندا رهيا، پر سڀني دردن کان اوکو مون کي هڪ درد لڳو جنهن منهنجي جيءَ کي جهوري ڇڏيو، ڀر ۾ رهندڙ بي زبان ڇوڪري جنهن جي زبان مون وانگي ڊائري ۾ رکيل هئي جيڪا ڪچي ڪوٺي ڪرڻ سان پسي پروڻ ٿي وئي… جنهن ۾ زندگي جا راز لکيل هئا، جنهن ۾ دلربائي ادائن پنهنجن پراون جي خوشين ۽ تڪليفن جا قصا هئا، هڪ جيڏين سرتين جون ڳالهيون هيون، سفر ڪٿائون هيون، ٽھڪ ھئا، خوبصورت خوابن جون ڳالهيون هيون! انتظاري اکين جي آروزئن جا احساس هئا… وصل جي گهڙين جا من لڀائيندڙ قصا هئا، رهجي ويل تمنائن جا تذڪرا هئا، بيوسي ۾ ٽمندڙ ڳوڙھن جو ڳالهيون هيون، ورهين جون ڊائري ۾ سانڍيل حسرتون هيون سي سڀ مٽي ۽ پاڻيءَ ۾ ملي ميسارجي ويون..!

هيءَ ٻوڏ اسان جي گهرن کي ته ٻوڙي وئي، مگر اسان جي خوابن ۽ حسرتن کي به لوڙھي وئي، وري نئين جوش جذبي سان جاڳي پنهنجي زندگي سان پيار جي پچار ڪندي پنهنجن ماڳن ڏانهن موٽڻو آھي، مگر هن ٻوڏ ۾ اندر کي نئين احساس سندو منظر ڏسڻ لاءِ اهو مليو ته اسان جي پيڙھيل طبقي جي بي زبان عورت صدين کان روايتي خاموشين جي صندوق جا زنگيل تالا ٽوڙي پنهنجي رواجي سياسي وڏيرن سامهون پنهنجي دردن جو احساس ڏيارڻ لاءِ سماج جي سڀني فردن سامهون چپ چورڻ لڳي آھي، اهو ئي تبديليءَ جي سڏَ جو پڙاڏو بڻجندو…

***