چاهتن جا قافلا ڪتاب تي تبصرو اياز لطيف دايو | مارچ 2022

1023 Shares

اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، اهو انهن سماجن کان بلڪل مختلف ڪونهي جتي ظلم، ڏاڍ، جبر، قهر ۽ بي رحمي پنهنجي پوري اوج سان راڄ ڪري رهي آهي. هيڻو ڏاڍي جي آڏو اهڙي طرح بيوس بڻيل آهي، جهڙي طرح جھنگ ۾ ڪمزور جانورن جي حيثيت هوندي آهي، جتي جسماني طور تي ڏاڍو جانور، هيڻن ۽ ڪمزور جانورن جي لاءِ جان جو دشمن بڻيل هوندو آهي، پر اسان جي سماج ۾ ۽ جهنگ جي قانون ۾ ٿورڙو فرق آهي، اسان جي انساني سماج ۾ سازشون تمام وڏو هٿيار هونديون آهن، هيڻن ماڻهن کي انهن سازشن جي حوالي ڪري سندن حوصلي، همت، غيرت ۽ عظمت کي جهڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. امن ۽ انصاف جي ديوي کي رتو رت ڪيو ويندو آهي، سک، شانت ۽ خوشحالي جي گلابي گيتن جي رستا روڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، انساني روحن کي زخمي ڪرڻ جو ڀوت هر هنڌ لامارا ڏيندو رهندو آهي، آزادي ۽ آجپي جي مشعلن کي وسائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ۽ اهو سلسلو آد جڳاد کان وٺي جاري آهي. جڏهن انساني تهذيب پنهنجي ابتدائي مرحلي ۾ هئي انهيءَ وقت ئي فلسفي، عقل ۽ دليل جي سوچ جنم ورتو. انساني فطرت اڻبرابريءَ جي خلاف پنهنجون ابتدائي وکون کڻڻ شروع ڪيون ۽ انهيءَ عمل ۾ فلسفين سان گڏ جن ماڻهن انساني فڪر جي آبياري ڪئي، انهن ۾ سر فهرست شاعرن جو ڪردار آهي، انهن شاعرن ڏات جي ڏيئن کي روشن ڪري پنهنجي لفظن سان انساني عظمت جي جذبن کي جرڪايو، انهن شاعرن مختصر ترين لفظن سان انھيءَ دور جي وحشي رسمن جي خلاف بغاوتن جا جهنڊا بلند ڪيا، جيڪو سلسلو هزارين سالن جو سفر طئي ڪري اڄ به جاري ۽ ساري آهي.

اسان جو سنڌي سماج به اهڙين وحشت ڀرين رسمن سان ڀريل آهي. ڇاڪاڻ ته ڌارين جي يلغارن، جيڪو ڏاڍو سو گابو جي اصطلاحن ۽ اجتماعيت جي اڻ هوند جي نفسيات اسان جي سنڌي سماج کي ويڳاڻپ، نراسائي، مايوسين ۽ بي رحمين جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهيءَ سموري عمل ۾ سنڌي عورت سڀني کان وڌيڪ ڀوڳيو آهي ۽ هن مهل تائين ڀوڳي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته جاگيرداري ڪلچر جي اثرن هيٺ کيس مرد، خاندان، سماج ۽ رياست جي ذاتي ملڪيت تصور ڪيو وڃي ٿو. رڳو ايئن به ناهي ته انهيءَ سماج ۾ عورت اڪيلي جبر جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهي آهي، پر انهيءَ سان گڏ اهو مرد به سڀني محرومين جي باهه جي ڀنڀٽ ۾ سڙي رهيو آهي، جنهن کان زندگيءَ جون سڀ آسائشون کسيون ويون آهن، پر هو پنهنجي سڀني محرومين جو ملبو پنهنجي گهر جي مٿان ڪيرائي ٿو ڇڏي ۽ عورتن مٿان ڏاڍ، ناانصافي ۽ تشدد ڪري انساني نفسيات جي احساس برتري واري ڪيفيت جو ٿڪ پنهنجي وجود مان لاهي ڇڏيندو آهي.

اهڙي صورتحال ۾ شعور جا ڪرڻا سماج مان اوڀر جي سج وانگر اڀري ايندا آهن ۽ اهو شعور گڏيل ميراث هوندو آهي، جنهن ۾ رنگ، نسل، مذهب، ٻولي، جنس ۽ مايوسين جي ڪابه ڪيفيت نه هوندي آهي ۽ اهو فطري عمل آهي ته جتي به رات هوندي، انهيءَ هنڌ ڏينهن ضرور ٿيندو، جتي به خاموشي هوندي، انهيءَ هنڌ شور ضرور ٿيندو، جتي فرعونيت جنم وٺندي، انهيءَ هنڌ موسيٰ جو جنم به ضرور ٿيندو، جنهن ڌرتيءَ تي شاهه بيگ ارغون غاصب ايندو، انهيءَ هنڌ مخدوم بلاول جو جنم ضرور ٿيندو ۽ اهو سلسلو قبل مسيح جي تاريخ کان اڄ جي جديد دور تائين ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ پنهنجو سفر ڪري رهيو آهي، پر سوڀ سدائين سچ جي ٿيندي آهي. ڇاڪاڻ ته اهو فطرت جو فيصلو آهي، اهڙي طرح اسان جي سماج به ارتقائي عمل تحت شعوري سفر کي ڀرپور نموني سان قبول ڪيو آهي. شعور جي اها ميراث اسان جي مردن سان گڏ عورتن جي تاريخي ۽ فڪري جدوجهد جي نتيجي ۾ علم، ادب، فڪر، فلسفي ۽ شعور جي آبياري ٿي رهي آهي ۽ سنڌ ديس جي هڪ علمي، ادبي ۽ فڪري گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ هڪ عورت گلبدن جاويد مرزا دادو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ سنڌ جي يگاني شاعر احمد خان آصف مصراڻي جي گهر ۾ جنم وٺي ٿي ته سماج جي اندر انڌ نگر جون سڀ ريتون، رسمون ۽ رواج موجود هئا، پر اسان جي هن ڀيڻ کي انهن جي ابتڙ گهر ۾ علم، ادب ۽ شعور جي مشعل جو ورثو هٿن ۾ مليو، جنهن کي هن پنهنجي شعوري سفر سان وڌيڪ مضبوط ڪيو ۽ هن سنڌي سماج جي شعوري قافلي ۾ پنهنجي اهم جڳهه والاري آهي. سندس ڪتاب چاهتن جا قافلا جو پهريون نظم آهي، ڳوٺ جي ياد اهو پڙهي سندس شعوري سفر جي آساني سان پرک ڪري سگهجي ٿي. انهيءَ نظم ۾ ست رنگي چني جهڙا سندس چٽ چٽيل آهن ته ساڳئي وقت انهيءَ المناڪ راتاهي جو به ذڪر آهي، جهڙي طرح هوءَ چئي ٿي:

ھن خواب خوشين جي ديري ۾،

هڪ آڌيءَ جي انڌيري ۾،

هت مارين اچي مار ڪيو،

۽ منهنجي گهر تي وار ڪيو،

منهنجون ڀينر ٻئي ڪسجي ويون،

جيون جون خوشيون لٽجي ويون،

پر ڳوٺ سڄو هو اجڙي ويو،

منهنجو بابو به هو ڪسجي ويو.

هي نظم هن ديس جو ڪيڏارو آهي، جنهن کي پڙهڻ سان لڙڪ اندر ۾ کاٽ هڻي ڪري پيهي ٿا وڃن، اگر گلبدن انهيءَ شعوري سفر جي قافلي ۾ شامل نه ٿئي ها ته اهو المناڪ واقعو اسان جي ادب جي تاريخ ۾ اهڙي طرح شامل نه ٿي سگهي ها ۽ هن پنهنجي لکڻ جو جيڪو سفر تيرهن ورهين جي عمر ۾ شروع ڪيو، هوءَ انهيءَ تي عمل پيرا رهي پنهنجي شعوري سفر جي حصي جو ڪردار ڀرپور نموني نڀائي رهي آهي.

گلبدن جاويد مرزا سنڌ جي ٻن شعوري گهراڻن احمد خان آصف مصراڻي ۽ ممتاز مرزا جي گهر مان جيڪا لاٽ حاصل ڪئي آهي، اها سماج جي تمام گهٽ فردن کي ملندي آهي ۽ انهيءَ لاٽ جي ورثي کي سنڀالڻ وري هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هوندي آهي، هن سنڌي سماج ۾ علمي ۽ ادبي حوالي سان شاندار ڪردار ادا ڪندي نوي واري ڏهاڪي کان سرتيون جي ذريعي سنڌي عورتن کي ادبي کيتر جو هڪ نئون اتساهه ڏنو آهي ۽ ساڻ گڏ پنهنجي پورهئي کي به جاري ۽ ساري رکيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سال 2021 جي اندر سندس شاعري جا ٻه ڪتاب چاهتن جا قافلا ۽ ٻيو ڪتاب عشق اهڙي اڏار ڏي! منظر عام تي اچي چڪا آهن. سندس شاعري ۾ رومانس کان وٺي ڌرتي جي دردن جو ڀرپور جوڀن شامل آهي. هن جي لفظن ۾ سادگي جا ستارا ٽاڪيل آهن، جنهن ۾ گلبدن آساني سان پنهنجو پيغام پهچائي رهي آهي، جيڪو اسان جي انھيءَ عورت جي لاءِ تمام گهڻو عام فهم آهي، جيڪا تعليم جي زيور کان محروم آهي. ناليواري ليکڪ نصير مرزا جي بقول ”گلبدن انهن ٿورڙين سنڌي شاعرائن مان هڪ آهي، جنهن وٽ پابند ۽ آزاد شاعريءَ ۾ چوڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي. احساس، لفظ، محاورا، تشبيهون، موضوع“ ۽ اها حقيقت آهي ته هن پنهنجي شاعريءَ کي عورتن جي جاڳرتا جو منشور بڻائي ڇڏيو آهي، اٺين مارچ عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ملهايو ويندو آهي ۽ انهيءَ پسمنظر ۾ سندس گيت ۾ اتساهه جو چنڊ چمڪي رهيو آهي، جنهن ۾ عورتن کي روايتن کان بغاوت جو سڏ ڏيندي چوي ٿي ته:

سرتي ڏينهن اسان جو آهي،

پوتيءَ کي ڇڏ جهنڊو ٺاهي!

جهڙي طرح شيخ اياز چيو هو ته:

سڄو ڏيهه ڏاٽا ڪري جي اڀا،

لکين عيد جا چنڊ اڀري پون!

اهڙي طرح انقلاب جي واٽ ۾ ڏاٽا جيڪڏهن اڀا ٿين ۽ پوتيون پرچم بڻجي اسان جي اڳواڻي ڪن ته جدوجهد جا انڊلٺي رنگ سامهون اچي وڃن ٿا. هي گيت اٺين مارچ جي عظمتن ڀري ڏهاڙي جي حوالي سان اسان جو عالمي ترانو بڻجي سگهي ٿو. انهيءَ سان گڏ هن پنهنجي آزاد نظم جي ڪينواس تي ڪلاسيڪل درد جا عڪس پيش ڪيا آهن، سندس آزاد نظم هڪ لاش جو آواز سنڌ جي هر ڏينهن جي درد جي المناڪ ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ عورتن جي چچريل لاشن، مسخ ٿيل چهرن، ڳڀا ٿيل ڏيل، پيڪن ۽ ساهرن مان ملندڙ لاش، درياهه ۾ لڙهندڙ لاش جا المناڪ عڪس آهن، پر هڪ عورت جو لاش پڇي ٿو ته ڪٿي آهي عورت جي اڳواڻ عورت، ڪٿي آهي سماج جيڪو قاتلن، رهزنن کي پڪڙي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي، اهڙي طرح گلبدن جي شاعري انهن دردن جي ديس ۾ عورتن کي عظمتن ڀري ارپنا آهي، اهڙي ارپنا اها ئي عورت ڏيئي سگهي ٿي جيڪا روايتي فيمينزم کان گهڻو پري هوندي آهي، جنهن وٽ مظلوم، بيوس، بيڪس ۽ مجبور عورت جو تصور عالمي ڊونر ادارن جي ايجنڊا جو حصو نه هوندو آهي. فائيو اسٽار هوٽلن جي انتهائي مهانگن سيشنز سان انهن عورتن جي ڪا ترجماني ٿي نٿي سگهي، پر درد جون پاڙون گلبدن جاويد مرزا جي دل وانگر جڏهن پيوند ٿيل هونديون آهن، انهيءَ پل اهڙين نام نهاد عورت اڳواڻن جي ماسڪ پاتل چهرن کان اهڙا سوال پڇيا ويندا آهن.

گلبدن جي سموري شاعري ۾ صرف ايئن ناهي ته هن سماج جي عورتن جا درد شامل آهن، پر هوءَ هن ڌرتي جي ڀائرن جي به ترجمان شاعره آهي هڪڙي نظم ۾ چوي ٿي ته:

هي ڀينر، هي مائر ۽ هي ونيون،

سالن کان ڀائرن، ورن ۽ پٽن جي،

کنڀجي وڃڻ تي ويٺيون نير وهائين،

گهر گهاٽ ڇڏي ڪورٽن،

۽ پريس ڪلبن تي ويٺيون،

پور پچائين پڇائين ۽ پڪارين ٿيون،

وارث وري ورن، ته ويڙها وسن،

اهڙا خواب روز ڏسن ٿيون،

۽ روز جھڄن ٿيون، روز جهرن ٿيون،

سڏڪن، لڇن ۽ مرن ٿيون!

اهڙي طرح سندس نظم اظهار سڀني عورتن جي دردن جو اظهار آهي، هن ڳوٺن سان گڏ پنهنجي ديس جي دل ڪراچي سان سان به رشتي کي مضبوط رکيو آهي ۽ پنهنجي نظم ڪراچي شهر ۾ سمنڊ جي ڪناري کي سارو جيون سمجهي ٿي، ڊفينس کي چنڊ، ڪلفٽن کي تارو ۽ ڪراچي جي سموري سونهن کي سمائي اسان جي عظمتن جي آدرشي شاعر شيخ اياز کي به ياد ڪري ٿي، سندس هڪڙو آزاد نظم تصويرون ڪجهه هن ريت آهي:

تصويرون به

تاريخ ٿينديون آهن

جيڪي هر دور سان وابسته

لمحن کي

يادن جي مالا

۾ پوئي امر

ٿي پونديون آهن!

هي ننڍڙو نظم عالمي تصويرن جي ڪنهن شاهڪار نمائش جو پينا فليڪس ٿي سگهي ٿو. هوءَ پنهنجي ڪوتائن ۾ ڪارونجهر ۽ روپلي کي به ياد ڪري ٿي، سحر ۽ امداد سان به سندس نينهن آهي، پنهنجي جيجل کي به ياد ڪري ٿي، ڀينرن ۽ اولاد سان گڏ پنهنجي ور جي لاءِ به بي ساختا اظهار ڪري ٿي. مون سندس شاعري جا ٻئي ڪتاب اڪيلائي جي اداس وادين ۾ ويهي پڙهيا آهن، هر نظم، هر غزل ۽ هر ڪوتا تي لکڻ جي ضرورت آهي ۽ آخر ۾ انهيءَ ڪتاب جو ضرور ذڪر ڪندس جيڪو سنڌي ادبي بورڊ پاران 2006 ۾ شايع ٿيو هو، جنهن جو نالو آهي، دنيا جون شاعر عورتون، جنهن جو ترجمو اسان جي مانائتي ليکڪا ڊاڪٽر فهميده حسين ڪيو آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ روح ۾ انڊلٺي رنگ ڀريندڙ شاعر ۽ ليکڪ اعجاز منگي لکيو هو ته هن ڪتاب ۾ اڍائي ٽن هزار سالن جي عرصي تي ڦهليل عورتن جي پيڙائن جي تاريخ آهي. هن ۾ عيسوي سن کان به اڳي جي شاعرائن کان وٺي ويهين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين يونان جي سيفوءَ کان وٺي هندستان جي امرتا پريتم تائين وڃي شاعرائن جي خيالن، جذبن ۽ احساسن ۾ هڪجهڙائي حيرت ۾ وجهندڙ آهي. هن ۾ سماجي سطح تي عورتن سان ٿيندڙ ڏاڍاين ۽ ظلمن جو هڪ لاڳيتو سلسلو نظر اچي ٿو. انهيءَ تاريخي ڪتاب جو مهاڳ اسان جي ديس جي مشعلن جهڙي شاعر امداد حسيني لکيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته ڪتاب ۾ سنڌو ماٿر جي ڪنهن به شاعره جو ڪلام ناهي، ٻين سڀني قديم تهذيبن مصر، يونان، هندستان، چين جي شاعري ان ڪتاب ۾ موجود آهي، پر سنڌو ماٿر جي عظيم ۽ قديم تهذيب جي شاعري عدم موجود!! ۽ سائين امداد حسيني جي خواهش وانگر منهنجي به اها خواهش آهي ته مستقبل ۾ اهڙو ڪو عورت شاعرائن جو عالمي ڪتاب منظر عام تي اچي ته انهيءَ ۾ اسان جي ڀيڻ گلبدن جاويد مرزا جي شاعري به موجود هجڻ گهرجي، جيڪا اسان جي ديس جي مظلوم، محڪوم، مجبور ۽ بيوس عورتن جي ڀرپور نمائندگي ڪري رهي آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments