ڊائري جا ورق خواجه غلام علي کوساڻي  

25 مارچ1992

اڄ پاڪستان ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ کٽي ورتو آهي. خوشي ان ته آهي ئي ته پاڪستان کٽيو آهي، پر خوشي ان جي آهي ته يورپ ۽ انگلستان جي بجاءِ اهو اعزاز ايشيا ۽ اسان کي مليو آهي.

****

30 مارچ 1992

انگريز هتان نه وڃن ها ته! انگريزن جو اڃان تائين جن ملڪن تي قبضو آهي. مثال طور: اسڪاٽ لينڊ، آئرلينڊ وغيره ۽ انهن جي حالت هڪ ترقي يافته ملڪ جي آهي. جڏهن ته اسان انگريزن جي غلاميءَ مان نڪري جنهن مقامي جاگيردار، سرمائيدار، نوڪر شاهي جي اذيت ناڪ غلاميءَ ۾ ڦاٿاسين تنهن مرڳو تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. انگريز ته وري به ڪجهه بين الاقوامي قانونن، آدابن جو ڪجهه احترام ڪرڻ تي مجبور رهن ها، پر هتي جي ظالمن ته پنهنجا طريقا به اهي ئي جاهلانا، پراڻا، غلامانا رکيا، جن هن علائقي کي وڌيڪ پوئتي ڌڪي ڇڏيو. انگريز هيستائين هتي هجن ها ته صورتحال ڪجهه ٻي هجي ها حالتون اهڙيون ڪونه هجن ها، جهڙيون هن وقت آهن.

****

03 اپريل 1992

مان اڪثر شام سج لهڻ وقت ۽ صبح جو پرهه ڦٽي مهل گئلري ۾ بيهي نظارو ڪندو آهيان. شام جو به سج لهڻ وقت شفق جي ڳاڙهاڻ سڄي وايو منڊل کي لال ڪري ڇڏيندي آهي ۽ صبح جو به پرهه ڦٽي کانپوءِ افق ۾ به ڳاڙهاڻ ٿيندي آهي. جڏهن رات ٿيڻي هوندي آهي، جڏهن ظلم جي اونڌاهي ٿيندي آهي تڏهن به ڳاڙهاڻ (رت) هوندو آهي ۽ جڏهن آزاديءَ جو صبح ايندو آهي تڏهن به گهيڙو رتا اهڃاڻ ظاهر ٿيندا آهن.

****

07 اپريل 1992

انسان، انسانيت، پيار، امن ۽ سڪون اهي اعليٰ آدرش آهن ڪٿي؟ اسان جي رهبرن جا عظيم پيغام، اسان جي عالمن، شاعرن ۽ رهنمائن جا سچا نظريا اهي سڀ ڪٿي آهن؟ هتي ته ڪجهه به ڪونهي. صرف هڪ شيءِ آهي، هر اعليٰ آدرش ۽ سچن پيغامن ۽ عظيم قدرن جي تباهي و بربادي هر سٺي ۽ سچي شيءِ جو ٽوڙ ڦوڙ. هر هنڌ، هر جاءِ، ڳوٺ توڙي شهر ۾ قدم قدم تي لمحي لمحي ۾ اها تباهي، بربادي، ٽوڙ ڦوڙ، بلڪه قتل عام، لٽ مار، اگهاڙي دهشتگردي نظر ايندي. هر حساس ۽ سمجهدار ماڻهو کي وک وک تي انسانيت، پيار ۽ امن جي اڻاٺ ڏسڻ ۾ ايندي، سڙيل زخم نظر ايندا.

****

12 اپريل 1992

اسان جي سنڌ جون حالتون انتهائي خراب آهن. ايڏيون ته دردناڪ ۽ ڏکوئيندڙ حالتون آهن جو انهن کي ڏسي ۽ محسوس ڪري اندر جا ڦٽ کليو پون، روح زخمي ٿيو پوي، دل درد مان دانهن ڪريو اٿي ته مار هيڏو ڪلور، هيڏو ظلم ستم اسان جي ڌرتيءَ ۽ ديس واسين تي پيو ٿئي. سچ پچ ته حيران ۽ پريشان ٿيو پوان جڏهن حالتن جي انهيءَ حد کي ٿو ڏسان. هيڏو ظلم هيڏو انڌير ته منهنجي ديس ۾ ڪڏهن ڪونه ٿيو هو. خوفناڪ دهشتناڪ حالتون آهن، انڌي دهشتگردي شهرن ۽ ڳوٺن ۾. لٽ مار، ڦر، اغوا، ڌاڙا، قتل، زنا، رشوت، ڪوڙ، فريب، دوکو، تمام تر اعليٰ انساني قدرن جي تباهي بربادي، پيار، محبت، ڀائيچارو، رشتيداري وغيره سڀ فنا ٿي چڪا آهن. لڱ ڪانڊارجيو وڃن، انهن حالتن ۾ ڏسي پنهنجو وطن ۽ وطن واسين کي، ايئن پيو لڳي جهڙوڪر ڪنهن مرندڙ جسم تي مکيون ۽ جيت جڙا اچي چهٽن. ڄڻ رت پياڪ ڄرون چهٽيل آهن منهنجي ماءُ جي بيمار جسم تي.

****

16 اپريل 1992

دنيا سڄي ۾ هن وقت جا ولوڙ آهي، ڌرتيءَ تي رهندڙ تمام انسانن ۾ جا سچ ڀريل سجاڳي آئي آهي ان هر ماڻهوءَ جي من ۾ مانڌاڻ مچايو آهي. اها ولوڙ اها سچ ڀريل سجاڳي ۽ اهو مانڌاڻ تيزيءَ سان رنگ پيو ڪڍي. ملڪن، قومن ۽ عوام جي زندگين جا فيصلا ٿي رهيا آهن. ظلم و ستم، جبر ۽ ڏاڍ جو خاتمو ٿي رهيو آهي، سچ ۽ حق جي جيت پئي ٿئي. تڏهن مون کي به پنهنجي هن مظلوم ملڪ ۽ عوام جي نجات ويجهي نظر پئي اچي ايئن پيو لڳي ته تمام وڏيون تبديليون تمام تيزيءَ سان پيون اچن. آزاديءَ جي پرهه ڦٽي ويجهي آهي، باک به ڦٽندي ڳاڙهي لالاڻ به ٿيندي ۽ پوءِ آزاديءَ جو سج اڀرندو.

اهڙو وري واءُ، ٿئي ڪو سڻاءُ

منهنجي جيجل ماءُ، مرڪي اٿي مان سان.

****

17 اپريل 1992

ڪيڏا نه خوش نصيب آهيون جو هن موجوده غلامي جي گندي نظام ۾ دهشتناڪ ظلم ۽ ستم ۾ منهنجي مظلوم قوم جي وڏي اڪثريت جو هر لمحو ۽ هر پل مسلسل ڏينهن راتيون، مهينا ۽ سال اذيت جي هڪ نه کٽندڙ دور ۾ گهاري پئي، اتي مان وچئين طبقي جي هڪ سفيد پوش فرد جي حيثيت ۾ شهر جي عاليشان گهر ۾ سڪون سان زندگي گذاري رهيو آهيان. جڏهن ته منهنجا ماروئڙا رت پيا روئن، سانگهيئڙن جا ساهه مٺ ۾ آهن، جهانگيئڙن جا جيءَ جهريل آهن، مانجهين جا من مانڌا ۽ منجهيل آهن، منهنجون مارويون قيد آهن، منهنجون موملون ملول آهن، پر مان ذاتي طرح خوش ۽ مطمئن آهيان، صرف پنهنجا مسئلا حل ڪري خوش آهيان. قوم، وطن، عوام انهن جا مسئلا، انهن جا ڏک سک، انهن جا حق ۽ خوشيون به ته منهنجون آهن، مان انهن کان ڌار ڪيئن ٿو خوش رهي سگهان.

****

23 اپريل 1992

هيڏن سارن ظلمن، دهشتگردين، انڌير نگرين، ڏکن ۽ سورن جي باوجود به زندگي ڏاڍي حسين، خوبصورت ۽ پياري آهي. مٿيون تمام مصيبتون ۽ مشڪلاتون عارضي هٿرادو پيدا ڪيل آهن چند ظالم انسانن جون. ورنه انسان، انسانيت، پيار، برابري، حق ۽ انصاف کان مٿي عظيم تر ٻي ڪابه شيءِ نٿي ٿي سگهي. هيءَ ڪائنات ۽ ان ۾ زندگي، انسان جو وجود، سوچ ۽ احساس هن فطرت جو ادراڪ اهو سڀ ڪيڏو حسين، عظيم ۽ حقيقي آهي. صرف ظلم و ستم جي هن معاشي نظام کي بدلائڻو آهي. سچ، حق، انصاف، برابري ۽ امن ڀريو جديد عوامي، جمهوري، قومي انقلاب ايمانداريءَ سان عوام جي اتحاد ۽ قوت سان آڻڻو آهي. تڏهن ئي هن ڌرتيءَ جو هر ماڻهو ننڍو توڙي وڏو، امير توڙي غريب، عورت توڙي مرد، ٻار يا ٻڍو هن حسين زندگي ۽ رنگين فطرت کي ماڻي سگهندو.

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments