ڊائري جا ورق خواجھ غلام علي کوساڻي  

18 فيبروري1992 ڪراچي گارڊن جماعت خاني ٻاهران شام ساڍي ڇهين وڳي جماعت خاني سامهون اوڀر ۾ باغ جي وڻن مان چوڏهين رات جو پورو گول چنڊ ڪراچي جي دونهاٽيل ۽ مرطوب فضا ۾ ميرانجهڙو مٽيءَ هاڻو ٿي اڀرڻ لڳو. عورتون، مرد، ڇوڪريون، ڇوڪرا ۽ ٻار جماعت خاني ڏانهن تڪڙا تڪڙا نماز لاءِ وڃي رهيا هئا. چنڊ جيئن ئي مٿي چڙهڻ لڳو تيئن اونداهي آسمان ۾ وڌيڪ چٽو ٿيڻ لڳو. تڏهن منهنجي دل ۽ دماغ ۾ به ڪراچي ۽ ان سان وابسته ويهه سال اڳ وارين يادن جا منظر به چٽا ٿيڻ لڳا ۽ غير ارادي طرح منهنجون نظرون ايندڙ ويندڙن ۾ هڪ مخصوص چهري کي ڏسڻ ۽ ڳولڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳيون. چنڊ وڻن مٿان ٿيندو جماعت خاني جي وڏن ۽ بلند قبن (گنبذن) ڏانهن وڌڻ لڳو ۽ وڌيڪ چٽو ۽ روشن ٿيڻ لڳو هو ۽ منهنجي دل ۾ به هڪ خواهش، هڪ تمنا ڪر کڻڻ لڳي، پر وري هڪدم ذهن، دل کي ڌڙڪو ڏنو ته تون ڇو اڄ اٽڪل سال ڏيڍ کانپوءِ ڪراچي ۾ اتفاق سان هڪ ڪم سانگي آيو آهين، ڪم ڪار لاهي واپس ورڻ خاطر دوستن جو انتظار پيو ڪرين ۽ جيئن ئي همراهه ايندا تون ڪار ۾ روانو ٿي ويندين. انهيءَ اوچتي خواهش جي پوري ٿيڻ جو ڪوبه امڪان ڪونهي. اتي بيٺي ئي خيال آيو ته هينئر هوءَ هتي اچي ته ڪر مان ڳالهايان ۽ چوانس ته، مون کي معاف ڪج مون تو سان وفا نه ڪئي، تنهنجي زندگيءَ کي ويران ڪرڻ ۾ منهنجو به ڏوهه هو. وري خيال آيو ته چوندو سانس ته، پاڻ جي جدائي جو هڪ سبب اهو به هو جو انهن اهم ۽ فيصلا ڪن ڏينهن ۾ پاڻ ڪوشش جي باوجود هڪٻئي سان ملي ۽ ڳالهائي نه سگهيا هئاسين، پاڻ کي ملاقات ڪرڻ، سوچ ويچار ڪرڻ ۽ فيصلي ڪرڻ جو موقعو ڪونه مليو هو ۽ ايئن ئي خاموشيءَ ۾ ۽ پري هجڻ جي ڪري پاڻ هميشه لاءِ جدا ٿي وياسين. انهن ئي خيالن ۾ مان فوٽ پاٿ تي چهل قدمي ڪري رهيو هئس ته اوچتو سامهون کان هن کي هڪ پنجن ڇهن سالن جي ڇوڪري سان گڏ ايندو ڏٺم. هڪدم منهنجي دل ۽ دماغ جهٽڪو کاڌو، هوءَ ويجهو آئي هن به مون کي ڏٺو پهريون تاثر هن جي چهري تي به حيرت ۽ وائڙائپ وارو هو، پوءِ وري اها ئي ويهه سال اڳ واري معصوم مسڪراهٽ تري آئي، جنهن کي ڏسي منهنجو به حوصلو ٿيو ۽ مون به هڪدم اڳيان وڌي سلام ڪيو، هن به شرمائيندي لڄائيندي جواب ڏنو ۽ بيهي رهي فوٽ پاٿ تي. مون هڪدم چيو توهان جا ڪهڙا حال آهن؟ ۽ تنهنجي امان جي انتقال جو ٻڌي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو. مرحومه مون کي ڏاڍو ڀانئيندي هئي ۽ هن جي شديد خواهش هئي ته پاڻ ٻئي هڪ ٿيون. منهنجي ايئن چوڻ تي هن منهنجي اکين ۾ ڏٺو ۽ ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. وري مون چيو توهان ڪيڏا ڪمزور ٿي ويا آهيو. دراصل مان توهان جو ڏوهاري آهيان، مون کي احساس آهي ته مان ئي توهان جي برباديءَ جو ڪارڻ آهيان. اتي هن چيو نه نه ايئن ڪونهي دراصل اهو تقدير جو ليک آهي، پاڻ جي قسمت ۾ ملڻ ڪونه هو ۽ شايد منهنجي ئي قسمت خراب آهي. اهڙيءَ ريت ويهه سالن کانپوءِ صرف پنج منٽ اسان فوٽ پاٿ تي بيهي ڳالهايو ۽ پوءِ هڪٻئي کي حسرت سان ڏسندي ڀڳي دل سان جدا ٿيندي موڪلايوسين. ويندي ويندي مون هن کي پنهنجو فون نمبر ڏنو ۽ هن کان به گهريم پر هن وٽ فون ڪونهي. پوءِ هوءَ هلي وئي، پر منهنجي دل ۽ دماغ ۾ هڪ طوفان برپا ڪري وئي. حيدرآباد واپسي ۾ منهنجي ماضيءَ جيڏي ڊگهي سپر هاءِ وي تي مسلسل هن سان ڪيل ڳالهيون، هن جون چيل ڳالهيون، هن جا لفظ، جملا ۽ جذبا اکين اڳيان ڦرڻ لڳا. ڪالهه کان مسلسل ان ملاقات جو اثر سوار آهي.

****

13 فيبروري 1992

جڏهن اسان نئين گهر ۾ آياسين ته ظاهر آهي سڀ ڏاڍا خوش هئاسين. حالانڪه سڀني کي ٿورو ٿورو ڏک هن پراڻي ٽنڊي ولي محمد واري گهر جو به هو، پر جيئن ته نئين گهر ۾ سهولتون ۽ آرام سڪون وڌيڪ هو، ان ڪري سڀ خوش هئاسين. ڪل چار ڪمرا جن ۾ ٽي بيڊ هڪ ڊرائنگ، ڪمرا چڱا خاصا، هر ڪمري سان اٽيچڊ باٿ ۽ گيلري وڏي دري وغيره. سڀ کان سٺو ڪمرو ڪنڊ وارو، ڇوڪرين سنڌو، جيما چيو اسان جو، ٻيو ڪمرو سارنگ ۽ سليم حوالي، ٽيون ۽ جنرل ڪمرو مون کي ۽ رضيه کي مليو، فرنيچر ٻن ڪمرن جو ته هو پر اسان وارو ڪمرو خالي. ان لاءِ وري امان هڪ وڏو جديد شاندار پلنگ مون کي ڏنو. بهرحال مجموعي طرح اسان جو گهر به سٺو ٿي ويو. فون، ايئرڪنڊيشن، ڪار به ابري سڀري آهي. مجموعي طرح سان ڏاڍي سک ۽ آرام سان آهيون. مان به روزانو ابا ۽ امان سان مليو اچان، نيزار وغيره به هتي آهن. ڇوڪريون به روزانو ڪالونيءَ جي چوديواري اندر واڪ ڪن، راند ڪن، ڇوڪرا به ڪرڪيٽ وغيره کيڏن.

****

10 فيبروري 1992

نور محمد ڪراچي ويو هو، شيخ اياز جي باري ۾ ٻڌايائين ته اياز ڏاڍو پريشان آهي. هڪ ته هو بيمار آهي، پر وري گهريلو ۽ خانداني صورتحال به هن کي پريشان پئي ڪري. اياز پنهنجي بقايه زندگيءَ کي وڌ ۾ وڌ لکڻ ۾ گذارڻ ۽ ڪتاب تيار ڪرڻ ۽ ڇپائڻ ٿو چاهي، پر هو پنهنجي مرضيءَ مطابق لکي نه پيو سگهي ۽ نه ئي وري ان محلي ۾ هن جي ڪير مدد ڪرڻ وارو آهي. اياز چوي ٿو مان گهڻي دير ويهي لکي نه پيو سگهان، ڪير لکڻ وارو هجي ته مان هن کي لکائيندو وڃان ۽ لکيل مواد فيئر ڪرڻ سيٽ ڪري ترتيب ڏيڻ وارو به ڪير ڪونهي. نور محمد ٻڌايو ته اياز جي ڊاڪٽر پٽ ۽ ٻين فردن طرفان ڏاڍو دٻاءُ آهي جو هو اياز کي لکڻ ته ٺهيو، پر صرف پلنگ تي ويهڻ جي به اجازت نٿا ڏين. ڪتاب پڙهڻ تان به منع. نور محمد ٻڌايو ته اسان ويٺا هئاسين، جويو صاحب به هو ته اياز پلنگ تي ٿورو اٿي ويٺو هو ته سندس پٽ اوچتو آيو ته هڪدم چيائين بابا هي توهان ڇا ٿا ڪريو، توهان وري ويٺا آهيو، توهان بلڪل احتياط نٿا ڪريو. پٽ پنهنجي عظيم پيءُ کي اهڙي ته ڪڙي انداز ۾ چيو جو ويٺلن کي به خراب محسوس ٿيو. ان تي جويو صاحب جيڪو هنن جو مائٽ به آهي، تنهن چيو ته نه نه سليم هاڻ ٻه منٽ مس ٿيا آهن جو جوس پيئڻ لاءِ اٿيو آهي نه ته مسلسل ليٽيو پيو آهي. ڊاڪٽر سليم هڪدم چيو ته چاچا توهان کي خبر نه آهي اسين ڊاڪٽر آهيون اسان کي خبر آهي ته ڇا ٿيندو، پوءِ وري ئي پريشاني ٿي ٿئي، بابا احتياط نٿو ڪري ته سڀ پريشان ٿين ٿا. جويو صاحب به ماٺ ٿي ويو. حالانڪه اهڙي عظيم تخليقڪار جي هر گهڙي هر منٽ قوم جي امانت آهي. ان جي هر پل مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ قومي ادارن جو فرض آهي.

****

07 فيبروري 1992

 مون پنهنجي پنجويهه سالا سياسي زندگيءَ ۾ ڪيئي اهڙا نوجوان شاگرد ۽ سياسي ورڪر ڏٺا جيڪي شروع ۾ جڏهن تنظيم ۾ آيا ته انتهائي جوش جذبي، سچائي واري ولولي سان تمام گهڻي محنت ۽ جدوجهد ڪيائون، پر ڪجهه عرصي کانپوءِ اهي لالچ ۽ مفادن جي چڪر ۾ اچي ويا يا ته وڪامي ويا يا ماٺ ٿي ويا.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments