ڊائري جا ورق سرمد کوسو  

زندگي

  • زندگيءَ هر روز ماڻهو سان گڏ آهي، ماڻهو جي آسپاس آهي. زندگي ڪڏهن اجنبي به لڳي ٿي ته ڪڏهن پنهنجي به لڳي ٿي. ڪڏهن ڀاڪرن ۾ ڀري مٺيون به ڏي ٿي ته ڪڏهن ڌڪو ڏئي پري ڪري ٿي. ڪڏهن سياري جي سرد صبح جهڙي آهي، ته ڪڏهن نٽهڻ اُس آهي. ڪڏهن چانڊوڪي رات جهڙي مڌر آهي ته ڪڏهن خوفناڪ انڌيري رات آهي.
  • ڪڏهن معصوم ٻار وانگر ڇيڳري ۽ بيچئي آهي ته ڪڏهن سخت اصول پرست استاد آهي. زندگيءَ ڪڏهن ڪاميابي آهي، جنهن جا سڀ وارث آهن ۽ ڪڏهن ناڪامي آهي، جيڪا لاوارث آهي. ڪڏهن ٽُوهه جهڙي کاري ته ڪڏهن ماکي جهڙي مِٺي!
  • بس زندگيءَ خبر ناهي ڇا آهي؟ ڪير به کيس سمجهي ناهي سگهيو. زندگيءَ تي سوچيندي ڪڏهن دل چوندي ته هن سان پيون روح رهاڻيون ڪجن، ڪڏهن دل چوندي ته هن سان رُسي وڃجي ۽ هڪ لفظ به نه ڳالهائجي.
  • لفظ سماعتون ڳولي وٺندا آهن.
  • يقين مرڻ لڳي ته سفر بيهي رهي ٿو!
  • ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو تي گهر جا در ۽ ديوارون به کلنديون آهن.
  • ڪتابن مان خوشبوءِ ته ختم ناهي ٿيندي، پوءِ ڇو اسان انهن کي وساري ڇڏيو آهي!
  • خوشحالي لاءِ برساتن کي دعوت ڏيڻي پوندي آهي.
  • جيستائين اندر ۾ ٿڌيون هوائون نٿيون گُهلن، تيستائين ٻاهر جون هوائون سُڪون نٿيون ڏئي سگهن!
  • معصوم اکين جي نصيب ۾ ساڀيان ناهي هوندي.
  • هر زخم تي پهريون مرهم اسان کي پاڻ لڳائڻو پوندو آهي.
  • اونداهي وڌي وڃي ته اکيون اونداهي ۾ ڏسڻ جون عادي ٿي وينديون آهن.
  • ماڻهو هجن يا گهر، انهن کي جڏهن اڪيلو ڇڏيو ويندو آهي ته اُهي اندر ئي اندر ۾ مرڻ لڳندا آهن.
  • اسان جون خوشيون، سُورن ۽ ڊپ جي سيج تي پلجن ٿيون.
  • اڄڪلھ ٻئي کي ايذائڻ عام جام ٿي ويو آهي.
  • هر ٻيو ماڻهو پنهنجائپ جو جُبو پائي هميشه ايذائڻ جي ڪم ۾ مصروف آهي. اهڙن ماڻهن کان لاتعلقي ۽ پري رهڻ ۾ ئي عافيت آهي.
  • هر ماڻهو پنهنجي اصليت دير يا سوير ضرور ڏسيندو آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments