ڌرتي ماءُ سڪرات ۾ آهي! ڪامران جتوئي

1635 Shares

پوري ڪائنات ۾ صرف ڌرتي ئي واحد گولو آھي، جتي زندگي آھي. ڌرتي والدين جيان ساڍا ست ارب انسانن ۽ لکين ڪروڙين جانورن، جيتن، پکين، ٻوٽن ۽ گلن کي کاڌ خوراڪ، پاڻي ۽ تحفظ مھيا ڪري ٿي، پر اوھان ڪڏھن سوچيو آھي ته انسانن انھن نعمتن ۽ انعامن جي بدلي پنھنجي ڌرتيءَ ماءُ کي ڇا ڏنو آھي؟ افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان انسانن ھن خوبصورت جنت کي دوزخ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ وسان نه گهٽايو آهي. زرعي انقلاب وارن ڏينھن ۾ ھيءَ سڄي ڌرتي ساوڪ جي پوشاڪ سان ڍڪيل ھوندي ھئي. خوبصورت وڻن، ٻوٽن ۽ گلن سان ڀريل ٻيلا ڌرتيءَ جي سونھن ھوندا ھئا. اھي ئي ٻيلا پکين، جانورن، جيتن ۽ ٻئي جيوت جي محفوظ پناھ گاھ ھوندا ھئا. پھاڙن مان نڪرندڙ ندين جو پاڻي جڏھن ٻيلن مان گذرندو ھو، تڏھن صاف شفاف پاڻيءَ ۾ مڇين کي جھومندي ۽ ترندي ڏسي سگھبو ھو. اسان جي ڌرتي پاڪ ۽ صاف ھئي، پر صنعتي انقلاب اچڻ کانپوءِ اسان انسانن ھن خوبصورت گولي کي تباھ ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪو اڄ تائين جاري آھي. اھا تلخ حقيقت آهي ته اسان جيڪي مادي شين جو لطف يا ٽيڪنالاجيءَ جو ثمر ماڻيون ويٺا دراصل اھو ماحولياتي گدلاڻ ۽ ڌرتيءَ جي تباهيءَ عيوض وٺون ٿا.

هر سال جيان هن سال به ڌرتي ماءُ جو ڏهاڙو ملهايو ويو. هلندڙ سال ان ڏهاڙي جو ٿيمInvest In Our Planet  هو. پهريون دفعو ڌرتي ماءُ جو ڏهاڙو 1970ع ۾ گڏيل قومن طرفان ملهايو ويو. هاڻ هر سال مختلف ٿيمز سان اهو ڏينهن ملهايو ويندو آهي. گڏيل قومن طرفان ڌرتيءَ جو ڏھاڙو ملھائڻ جو مقصد اھو آهي ته اسان مان ھر ڪنھن کي اھو احساس ٿئي ته ڌرتي ۽ ان جو ماحولياتي نظام ئي اسان کي زندگي، کاڌ خوراڪ ۽ تحفظ فراهم ڪن ٿا. اسان جو مجموعي طور فرض ٿئي ٿو ته فطرت ۽ ڌرتيءَ سان باھمي تعلق برقرار رکون ته جيئن مستقبل ۾ انسان ذات جي معاشي، سماجي ۽ ماحولياتي ضرورتن کي حاصل ڪري سگھون. اچو ته ھيٺين سببن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون ته اسان انسانن ھن خوبصورت سياري کي ڪيئن نه تباھ ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽايو آھي:

ٻيلن جي واڍي:

ڌرتيءَ تي ٻيلا ٪30 جڳھ والارين ٿا. وڻ ۽ ٻوٽا اسان جي فضا کي ٿڌو رکن ٿا، آڪسيجن فراهم ڪن ٿا، طوفانن کي روڪين ٿا ۽ ڌرتيءَ کي سج جي تپش ۾ ڇانوَ بخشين ٿا. ٻيلا ڪيترن ئي جانورن، پکين ۽ ٻئي جيوت کي پناھ ڏين ٿا، مٽيءَ کي ذرخيزي ڏين ٿا ۽ ٻوڏ جي پاڻي کي روڪين ٿا. وڻن ۽ ٻوٽن مان اسان کاڌ خوراڪ، تيل، جڙي ٻوٽيون ۽ فرنيچر لاءِ ڪاٺ حاصل ڪريون ٿا، سڀ کان اهم ڳالھ ته وڻ ۽ ٻوٽا ڌرتيءَ تي موجود ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي توازن ۾ رکن ٿا. ناسا وارن جي ريسرچ موجب آمريڪا، ايشيا ۽ آفريڪا جي ٻيلن گذريل ڪجھ سالن ۾ 247 گيگا ٽن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي جذب ڪيو آھي، تنھن باوجود به تاريخ جو وڏي ۾ وڏو ڏوھ انسانن ٻيلن کي ختم ڪري ڪيو آھي، جنھن جي سزا کيس اڄ نه ته سڀاڻ ضرور ڀوڳڻي پوندي. ڏٺو وڃي ته اڪثر طور ٽراپيڪل رين فاريسٽس/ٻيلن جي واڍي ٿئي ٿي، انھن ٻيلن جي ڪري ئي ته وايو منڊل ۾ توازن برقرار رھي ٿو ۽ ان جي نتيجي ۾ سٺيون برساتون به ٿين ٿيون، پر بدقسمتيءَ سان انھن ٻيلن جي واڍي سان اھو توازن بگڙجي چڪو آھي، نتيجي ۾ ڪجھ علائقن ۾ شديد برساتون ته وري ڪجھ علائقن ۾ شديد ڏڪار پون ٿا. ٻيلن جي واڍي سان گرمي پد به وڌيو آھي. الميو اھو آھي ته اسان ساون ٻيلن کي ڪانڪريٽ جھنگلن ۾ تبديل ڪيون پيا، زراعت ۽ رھائشي مقصدن خاطر ٻيلن جو قتلام جاري رکيو آھي. اسان ٻيلن کي ڪٽي اجگر اپارٽمينٽس ۽ برج خليفا کڙا ڪري ڇڏيا آهن، اسان روڊ رستن ۽ فيڪٽرين جو ڄار وڇائي ڌرتيءَ جي سيني کي سوڙھو ڪري ڇڏيو. نتيجي ۾ ماحولياتي نظام ۾ تبديلي اچڻ ۽ موسمن جي ڦير گھير سبب حياتياتي رنگارنگي سخت متاثر ٿي آھي. ھڪ تحقيق مطابق اسان گذريل 30 سالن ۾ ٻيلن جي واڍي ڪري ڌرتيءَ کي وڏي جوکي ۽ نقصان ۾ وڌو آھي، جي ايئن ئي ٻيلن جي واڍي جاري رھي ته ٻاويهين صديءَ ۾ اسان جا ايندڙ نسل ٻيلن جو ذڪر صرف ڪتابن ۾ پڙھندا!

صنعتڪاري:

ارڙهين صديءَ ۾ صنعتي انقلاب اچڻ سان جتي اسٽيل ملون، ڪپڙي جون فيڪٽريون، ٽيڪنالاجي، ريل ۽ روڊ رستا، تيز ترين آمد رفت، ٽائيپ رائيٽر، ٽريڪٽر، ريفريجريٽر، ريڊيو، ٽي. وي، سئنيما، اخبارون، ٻاڦ واري انجڻ، پوسٽل سروس، اسپورٽس ڪلب، لائبريريون، شرٽون، جوتا، ڪارون، واچون، رانديڪا، صابڻ، شيمپو، ڪئميرا وغيره جھڙين مشينن ۽ شين جي اچڻ ڪري جتي سڄي دنيا تبديل ٿي وئي، ماڻھن کي سھولتون ۽ آسائشون مھيا ٿيڻ لڳيون ته اتي وري صنعتڪاري جي ڪري ڌرتيءَ جي فطري ماحول تي به سخت اثر پيا آھن. ڏٺو وڃي ته صنعتون، ملون ۽ ڪارخانا خام مال زمين، پاڻي، وڻن جي ڪاٺ يا فاسل فيولز مان حاصل ڪن ٿا. ڪارخانن جو گند ڪچرو ۽ زھريلو ڪيميڪل پاڻيءَ ۾ ڦٽو ڪيو وڃي ٿو، جيڪو انساني صحت ۽ ٻئي جيوت لاءِ نھايت ئي ھاڃيڪار آھي. توانائي حاصل ڪرڻ لاءِ فاسل فيولز جو استعمال ڪيو وڃي ٿو، جيڪو پڻ ماحولياتي گدلاڻ جو سبب ۽ انساني صحت لاءِ سخت خطري جو باعث بڻجي ٿو. ان کان علاوه فيڪٽرين مان نڪرندڙ دونھين سبب فضائي گدلاڻ، آبي گدلاڻ ۽ گوڙ شور ٿئي ٿو، جنھن سان مختلف قسم جون بيماريون انسانن سميت مختلف جيوت لاءِ خطري جو باعث بڻجن ٿيون. ياد رھي ته 1952ع ۾ فيڪٽرين مان نڪرندڙ دونھين سبب لنڊن ۾ ٽي کان چار ھزار ماڻھن جو موت واقع ٿيو ھو.

شهرڪاري:

شھرڪاري جو بنياد صنعتڪاري آھي. صنعتي انقلاب کانپوءِ شھرڪاريءَ ۾ زبردست اضافو ٿيو آھي. مثال طور: 200 سال اڳ دنيا ۾ صرف ٪2 آبادي شھرن ۾ رھندي ھئي. گڏيل قومن جي ھڪ رپورٽ موجب ھن وقت سڄي دنيا ۾ شھري آبادي ٪55 آھي، جيڪا اڳتي ھلي 2050ع تائين ٪68 ٿي ويندي. ھن وقت ايشيا ۾ ٪54 ماڻھو شھرن ۾ رھن ٿا. ھن وقت دنيا ۾ 33 اھڙا شھر آھن، جن کي ميگا سٽي چئجي ٿو. ميگا سٽي ان شھر کي چئبو آھي جنھن جي آبادي ھڪ ڪروڙ يا ان کان وڌيڪ ھجي. دنيا ۾ وڌندڙ شھرڪاريءَ(Urbanization)  جا سبب شھرن ۾ ٻھراڙيءَ جي ڀيٽ ۾ بھتر تعليم جو نظام، صحت جون بھتر سهولتون، روزگار جا موقعا، کاڌ خوراڪ جي فراهمي ۽ تفريح وغيره اچي وڃن ٿا. مٿين سببن ۽ ڪن ٻين سببن جي ڪري ٻھراڙيءَ جا ماڻھو شھرن ڏانھن رخ ڪري رھيا آھن، پر انھن سهولتن جي باوجود شھرڪاريءَ جي ڪري ماحولياتي نظام ۽ حياتياتي رنگارنگي تي وڏو فرق پيو آھي. شھرڪاريءَ سبب جتي گاڏين جي گوڙ شور ۽ دونھين، توانائي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوئلي جو بيحد استعمال، سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ ٻين زھريلن گئسن سبب فضا ۾ تمام گھڻي آلودگي ٿئي ٿي، جنھن سان گلوبل وارمنگ ۽ ڪلائيميٽ چينج جھڙا خطرا لاحق ٿين ٿا ته اتي وري شھرن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ پڻ ٿئي ٿي. ھڪ رپورٽ مطابق شھرڪاريءَ سبب ايندڙ ڪجھ سالن ۾ ايميفيبين جا 139 نسل، ميملس جا 41 نسل ۽ پکين جا 25 نسل ختم ٿي ويندا. اسان جا شھر ”گرميءَ جا جزيرا“ بڻجي چڪا آھن، جتان جون موسمون تبديل ٿي چڪيون آھن. انھن تبديلين جي ڪري شھرن ۾ رھندڙ مخلوق جي طبعي توڙي ذھني توازن تي گھرو اثر پيو آھي. جيڪڏھن اسان غير فطري رھڻي ڪھڻي کي تُرڪ ڪري ماحول دوست شھرن جو بنياد نه وجهنداسين ته ايندڙ ڪجھ سالن ۾ اسان جا شھر رھڻ جي لائق به نه رھندا.

آباديءَ ۾ غير معمولي واڌ:

صنعتي انقلاب سبب شھرڪاريءَ جو بنياد پيو، شھرڪاريءَ جي وڌڻ سان آباديءَ ۾ غير معمولي طور اضافو ڏسڻ ۾ آيو آھي. جيتوڻيڪ انگريز مفڪر ٿامس رابرٽ مالٿس اڍائي سئو سال اڳ خبردار ڪندي چئي ويو ھو ته جيڪڏھن مصنوعي طرح سان يا قدرت مداخلت نه ڪري ته آباديءَ ۾ غير معمولي واڌ(Excessive Population Growth)  کي ڪير به اڳتي ھلي روڪي نه سگھندو. جيتوڻيڪ شھرڪاري کانسواءِ آباديءَ جي واڌ جا ٻيا به ڪيترائي ئي سبب آھن، پر پاڻ ”آباديءَ جي ٽائيم بم“ جي ڌرتيءَ تي پوندڙ اثرن جو ذڪر ڪريون ٿا. ڏٺو وڃي ته ھن ڌرتيءَ تي ھن وقت انسانن جي آباديءَ ساڍا ست ارب آھي، جيڪا گڏيل قومن جي رپورٽ موجب 2025ع تائين اٺ ارب ٿي ويندي. 2040ع تائين نوَ ارب ٿي ويندي ۽ ھلندڙ صديءَ جي آخر ڌاري يارنھن ارب تائين پھچي ويندي. ان مان صاف ظاھر آھي ته آباديءَ جي واڌ سان کاڌ خوراڪ جي گھرج به وڌندي، نتيجي ۾ ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ٻيلن جي واڍي ڪري زرعي مقصد ۽ انساني ضرورتن جو پورائو ڪيو ويندو. دنيا جا ٪80 ٻيلا زرعي زمينن جي پوکائي خاطر ختم ڪيا ويندا. ٻيلن جي واڍي وڌندي ته يقينن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۾ اضافو ٿيندو، جنھن سان گلوبل وارمنگ ۽ ڪلائيميٽ چينج جھڙن مسئلن کي منھن ڏيڻو پئجي ويندو. ھن وقت ڌرتيءَ تي تازو پاڻي صرف ٪2.5 آھي، آباديءَ جي واڌ سبب تازي پاڻي جي ذخيرن ۾ به گھٽتائي اچي ويندي، نتيجي ۾ ماھرن طرفان مستقبل ۾ پاڻي تي جنگين ٿيڻ جو خدشو ڏيکاريو پيو وڃي. آباديءَ ۾ غير معمولي واڌ سان گھڻن شين جي گھرج وڌندي نتيجي ۾ تيل، گئس، پاڻي سميت ٻين قدرتي ذخيرن ۽ وسيلن تي رياستن ۾ ڇڪتاڻ ٿيندي. حڪومتن کي آباديءَ جي غير معمولي واڌ کي روڪڻ لاءِ خانداني منصوبا بندي سوڌو ٻيا تڪڙا اپاءُ وٺي، ھن خوبصورت ڌرتيءَ تان اضافي بوجھ گھٽائڻ گھرجي ته جيئن ڌرتي ۽ ان تي رھندڙ ٻي جيوت به سک جو ساھ کڻي سگھي.

ماحولياتي گدلاڻ:

صنعتڪاري، شھرڪاري، ٻيلن جي واڍي ۽ آباديءَ ۾ غير معمولي واڌ سبب ڌرتيءَ جي ماحوليات تباھ ٿي چڪي آھي. گلوبل وارمنگ ۽ ڪلائيميٽ چينج ھن ڌرتيءَ تي وسندڙ جيوت لاءِ وڏو خطرو آھن. ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ گرين هائوس گئسن جي نتيجي ۾ وايو منڊل ۾ گرميءَ جي شدت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رھيو آھي. ڇا اوھان ڪڏھن سوچيو آھي ته اربين انسانن، جانورن، جيتن، پکين، گلن ۽ ٻوٽن جو جياپو صرف ۽ صرف پاڻيءَ جي ڪري ممڪن آهي، پر پوءِ به افسوس سان اسان سالن کان ٽنن جا ٽن گند ڪچرو پاڻيءَ ۾ ڦٽو ڪندا آيا آهيون. اسان جي درياهن، ندين، ڍنڍن ۽ ڍورن جو پاڻي خالص ناھي رھيو، جنھن سان آبي گدلاڻ وڌي آھي، نتيجي ۾ انسانن سميت سامونڊي جيوت جي حياتياتي رنگارنگي(Biodiversity)  سخت متاثر ٿي آھي. پلاسٽڪ جون بئگون ۽ بوتلون اسان پاڻي ۾ اڇلائيندا رھيا آھيون، جنھن کي آبي جيوت واپرائي ٿي، نتيجي ۾ سندن نسل ناپيد ٿيندا ٿا وڃن. اسان جي تيل ڪڍڻ جي حِرص سمنڊن کي گدلو بڻائي ڇڏيو آهي، جنھن سان مڇين سوڌو ٻي آبي جيوت مري رھي آھي ۽ سندن وجود خطري ۾ اچي چڪو آھي. پاڻيءَ جي گدلاڻ سبب ڪالرا جھڙيون بيماريون منھن ڪڍن ٿيون، جنھن سان اسان جي ذھني سگھ متاثر ٿئي ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ آبي جيوت جو به خاتمو ٿئي ٿو. صحت جي عالمي اداري ورلڊ ھيلٿ آرگنائيزيشن موجب دنيا ۾ ھر سال 30 لک ماڻھو فضائي گدلاڻ سبب فوت ٿين ٿا. ڏٺو وڃي ته نقصانڪار گئسون جيڪي ايئرڪنڊيشنن، ريفريجريٽرن، صنعتن يا وري گاڏين مان نڪرن ٿيون، اھي اوزون جي تھ کي کاٽ ھڻن پيون، جنھن سان اوزون جي تھ ۾ سوراخ ٿي پيو آھي، نتيجي ۾ سج مان نڪرندڙ الٽرا وائيوليٽ شعاعن سبب انسانن ۽ مختلف جانورن ۾ چمڙي جون بيماريون ۽ ڦڦڙن جو ڪينسر ٿئي ٿو. ان کان علاوه فضائي گدلاڻ جي ڪري دم، سھڪي جھڙيون بيماريون انسانن ۽ جانورن ۾ ٿين ٿيون، ويندي نباتات جي واڌ ويجھ تي به اثر ٿئي ٿو. گوڙ ۽ شور جي گدلاڻ سبب ننڊ پوري نٿي ٿئي ۽ دل جون بيماريون به جنم وٺن ٿيون. دنيا ۾ ھن وقت چين جو شھر جونگ ڪنگ فضائي گدلاڻ سبب ٽاپ تي آھي.

گلوبل وارمنگ:

ڌرتيءَ جو مٿاڇرو گذريل ھڪ صديءَ ۽ خاص طور ھلندڙ صديءَ جي ٻن ڏهاڪن ۾ تمام گرم حد تائين وڌي چڪو آھي، جنھن جي پٺيان اسان انسانن جو ئي ھٿ آھي. ھر سال اسان جا اونھارا گرم کان گرم ترين ٿيندا ٿا وڃن، ڌرتيءَ جو گرمي پد گذريل 50 سالن جي ڀيٽ ۾ ھن وقت ٻيڻ تي وڌي پيو، ان جو ڏوھ ڀلا انسانن کانسواءِ ٻيو ڪنھن کي ڏجي؟ ٻيلن جي واڍي ۽ ھوا ۾ زھريلن گئسن جي ڇوڙ سبب اسان پنھنجي فضا کي گدلو ڪري ڇڏيو آهي. ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي وڌڻ سان اوزون جي تھ ۾ سوراخ ٿي چڪو آھي. اھوئي سبب آھي جو ڪائنات جو ھي خوبصورت گولو ھاڻ گرم ٿي رھيو آھي. گلوبل وارمنگ کي وڌائڻ ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو اھم ڪردار آھي. انٽارڪٽيڪا ۽ گرين لينڊ جي گلئشرن جون برفاني چوٽيون پگھرجي رھيون آھن. ڪاٿي تيز برسات ته ڪاٿي ڏڪار جھڙي صورتحال آھي، سامونڊي سطح اڀري آئي آھي، ماھرن موجب ايندڙ ڪجھ سالن ۾ شھرن جا شھر ۽ ڪجھ ٻيٽ اسان کي صرف نقشي ۾ ملندا.IPCC  طرفان ايندڙ صديءَ تائين گرمي پد 2.5 ڊگري کان 10 ڊگري فارن ھائيٽ وڌڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آھي، جيتوڻيڪ ريو ڊي ڊڪليئريشن، ڪيوٽو پروٽوڪول يا تازو پئرس معاھدو (2015) گلوبل وارمنگ کي حد درجي ۾ رکڻ جا معاهدا ۽ پروگرام آھن، پر اھي تڏھن ڪامياب ٿيندا، جڏھن چين ۽ آمريڪا جھڙا ملڪ جيڪي گلوبل وارمنگ جا ٽاپ ڪنٽريبيوٽر آھن، اڳتي ايندا ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو استعمال گھٽائيندا، نه ته ٻي صورت ۾ گلوبل وارمنگ جي ڪري ھن ڌرتيءَ تي ماحولياتي تبديلين جي صورت ۾ وڏو اثر پوڻ وارو آھي. گيرڊلي يولڊ موجب 2030ع تائين آرڪٽڪ تي ڪابه برف نه بچندي. واشنگٽن يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ايمرائيٽس ڊان جو چوڻ آھي ته ٿڌ جو نئون سائيڪل وڏو خطرناڪ ٿي سگھي ٿو. انساني سرگرمين سبب جيڪا گرمي پئدا ٿئي ٿي، ان کي ائنٿرو پوجينڪ وارمنگ چئبو آھي، ماحوليات سان منسلڪ ٪97 سائنسدان ڌرتيءَ جي حد درجي کان وڌيڪ گرمائجڻ جي پٺيان انسانن جي ھٿ کي قرار ڏين ٿا.

 مختلف نسلن جي جيوت جو انت:

اوھان ڪڏھن سوچيو آھي ته ھن ڌرتيءَ تي ڇا حق صرف انسانن جو آھي؟ ڇا جانورن، جيتن، پکين، ٻوٽن، گلن ۽ ٻي جيوت جا ڪي به حق ناھن؟ ڏٺو وڃي ته تاريخ ۾ پنج دفعا مختلف نسلن جي جيوت جي معدونيت (فنا) ٿي چڪي آھي. آخري معدونيت ۾ ڊائنوسارز ۽ ٻي مخلوق جو انت اچي ويو. ھتي سوال اھو ٿو پئدا ٿئي ته مختلف وقتن تي جيوت جي فنا ٿيڻ جا ڪھڙا محرڪ ھئا ۽ جي ٻي مخلوق فنا ٿي وئي ته اسان انسان ڪيئن بچي وياسين؟ ان تي تاريخدان يووال نوح ھراري لکي ٿو ته لکين سال اڳ اسان انسانن جا ڇھ مختلف نسل ھئا، پر انھن سڀني مان اسان انسان يعني ھومو سيپين ئي بچيا آھيون. ان جو سبب اھو آھي ته اسان انسانن ۾ ٻي مخلوق يا جيوت جي ڀيٽ ۾ ڪگنيٽوِو سگھ يعني سوچڻ، سکڻ، ياد ڪرڻ ۽ ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جي سگھ ٻين مخلوقن کان گھڻي بھتر ھئي ۽ ان آڌار تي ئي انسان پنھنجو نسل بچائيندو آيو آھي، پر ان جي ڀيٽ ۾ ٻي مخلوق يا جيوت ڪگنيٽوِو سگھ نه ھجڻ ڪري ناپيد ٿي وئي. جيتوڻيڪ ٻي جيوت جي معدونيت جا سبب ٻيا به ھئا، جن ۾ ميٽيورس ۽ ايسٽيرئاڊ جو ڪرڻ، گلوبل وارمنگ وغيره اچي ويا. پُلزر پرائيز کٽيندڙ ليکڪا ايلزبيٿ ڪولبرٽ پنھنجي ڪتاب(The Sixth Mass Extinction: An Unnatural History) ۾ سائنسي بنيادن تي تحقيق ڪري اھو نتيجو اخذ ڪيو آھي ته جيوت جي معدونيت ۾ ٽيمپريچر جو اھم ڪردار رھيو آھي. ڪجھ جيوت جيڪا موسمياتي ڦير گهير سان پنھنجون جايون تبديل يا ھڪ علائقي کان ٻئي علائقي ڏانھن ھجرت ڪندي ھئي ته اتي وري اڪثريت صرف ان مخصوص ٽيمپريچر تي ئي حيات رھي پئي سگھي، جيئن ئي ٽيمپريچر گھٽ وڌ ٿيو ته ڪافي نسلن جي جيوت جو خاتمو ٿي ويو. ايلزبيٿ جي ڳالھ پنھنجي جاءِ تي، پر اسان ڏسنداسين ته ھنن جانورن، جيتن، پکين ۽ ٻوٽن جي ئي ڪري حقيقت ۾ اسان لاءِ بھترين ماحول جڙيو آھي ۽ ڪيتريون ئي شيون اسان لاءِ انهن مُھيا ڪيون آھن، جيڪي فطرت کي سونھن بخشيندڙ آھن، پر بدقسمتيءَ سان اسان انسانن پنھنجي مفاد ۽ فائدي خاطر باقي جيوت ۽ مخلوق جي نسل ڪشي ڪئي آھي، جيڪا افسوسناڪ ڳالھ آھي. ھن ڌرتيءَ ماءُ تي ٻي مخلوق جو به اوترو ئي حق آھي، جيترو انسانن جو. اسان جو وجود به تڏھن ممڪن آھي، جڏھن ٻي جيوت به حيات آھي. فطرت جو پورو ھڪ سائيڪل آھي، جيڪڏھن اھو توازن ٽُٽُو ته باقي جيوت سميت اسان انسان به ڇھين معدونيت جا شڪار ٿي وينداسين. حياتياتي سرشتو تبديل ٿيڻ ڪري جھنگلي جيوت سوڌو آبي جيوت به اڄ سخت خطري ۾ آھي. سمنڊن ۾ موجود گريٽ بيئر ريف ڪورلس جو نسل به ناپيد ٿيڻ وارو آھي. ياد رھي ته لاتعداد آبي جيوت کي کاڌ خوراڪ اھي ڪورلس مھيا ڪن ٿا، جڏھن ڪورل جھڙيون مخلوقون ختم ٿي وينديون ته نتيجي ۾ ڪورل تي دارو مدار رکندڙ وڏيون مڇيون کاڌ خوراڪ نه ملڻ جي صورت ۾ فنا ٿي وينديون. آمريڪا جي ھڪ يونيورسٽيءَ جي تحقيق موجب ھن وقت ويھن ھزارن کان به وڌيڪ مختلف نسلن جي جيوت جنھن ۾ جانور ۽ ٻوٽا به اچي ويا، اھي فنا ٿيڻ جي ويجهو آھن، جيڪڏھن اھو سلسلو ايئن ئي جاري رھيو ته ھن ڌرتيءَ تي باقي مخلوق جو ڪو به نالو نشان نه رھندو.

فطرت جو رد عمل:   

ڇا اوھان ڪڏھن سوچيو آھي ته اسان صرف انسانن جي ٺاھيل قانونن جو ته احترام ڪريون ٿا، پر فطرت جي جڙيل قانونن جو ڇو نه؟ اسان انسانن فطرت ماءُ جي نرم مزاجي ۽ حساس طبيعت جو غلط فائدو ورتو آھي، فطرت دادلن ٻارن جيان اسان جا انگل آرا ته برداشت ڪري سگھي ٿي، پر جڏھن اسان فطرت جي جڙيل قانونن کي ٿُڏي حد کان وڌي وينداسين ۽ فطرت سان جڙيل ٻي مخلوق کي آزارڻ شروع ڪنداسين ته يقينن فطرت حرڪت ۾ ايندي ۽ پنھنجو رد عمل به ڏيندي. ھي ٻوڏون، زلزلا، شديد بارشون، ڏڪار، بيماريون جھڙوڪ: پليگ، ڪالرا ۽ ڪورونا فطرت طرفان انسانن جي ڪن مھٽ نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ وڪٽر ھيوگو ڪٿي لکيو ھو ته ”اسان فطرت جي ساز ۽ آواز کي نه سمجھي سگھون، ان کان وڏو ٻيو ڪھڙو اُلميو ٿيندو.“ تازو ڪورونا وائرس وبا نه صرف عوامي صحت ۽ دنيا جي معيشت لاءِ خطرا پئدا ڪيا آھن، پر حياتياتي رنگارنگي تي به فرق پيو آھي، ٿي سگھي ته حياتياتي رنگارنگي ئي ان وبا جو حل ھجي، ٿي سگھي ٿو حياتياتي رنگارنگي ۾ موجود مختلف جيوڙا ان وائرس کي روڪڻ ۾ڪامياب ٿين. فطرت جي نظام ۾ مداخلت انسانن لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگھي ٿي، اسان فطرت کي تسخير ڪرڻ يا حڪم ھلائڻ بجاءِ سندس سان ھم آھنگ ۽ سندس طابع ٿيون، ان ۾ ئي پوري انسان ذات جي ڀلائي آھي. پئبلو سولون صحيح چيو آھي ته ”سپر پاور ملڪن جو وقت ھاڻي پڄاڻي تي پھچڻ وارو آھي، فطرت کي ليبارٽرين جي حوالي نٿو ڪري سگھجي. مستقبل سائنسي ايجادن تي نه بلڪه اسان جي ان قابليت تي آھي، جنھن سان اسان فطرت کي ٻُڌي سگھون.“

اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟:

  • اسان کي گھرجي ته انفرادي توڙي اجتماعي طور ماڻھن ۾ ٻوٽا پوکڻ بابت شعور پئدا ڪريون.
  • ماحول کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ پنھنجي آس پاس گند ڪچرو نه اڇلايون.
  • نان رينيوئبل توانائي جھڙوڪ: ڪوئلي، ٿرمل وغيره جي جاءِ تي رينيوئبل توانائي جھڙوڪ: شمسي، ھوا ۽ سامونڊي لھرن ذريعي پئدا ٿيندڙ توانائيءَ جو استعمال ڪريون.
  • چين وانگر اسان جي حڪومتن کي به ريگستاني علائقن ۾ گرين پراجيڪٽ يا وڻڪاري مھم شروع ڪرڻ گھرجي.
  • حڪومتن تي اھو زور رکيو وڃي ته ماحول دوست پاليسيون جوڙيون وڃن.
  • اسان کي گھرجي ته پنھنجن گھرن، ڳوٺن توڙي شھرن کي ماحول دوست بڻايون.
  • ٻيلن جي واڍي روڪرائڻ لاءِ ڪورٽن ۾ پٽيشنون داخل ڪرايون.
  • حڪومتن کي گھرجي ته ماحول دوست ڊاڪيومينٽريز ۽ وڊيو گيمز ٺاھي، ان ذريعي پيغام عام ڪن.
  • اسان جي ليکڪن ۽ شاعرن کي گھرجي ته ڌرتيءَ جي ماحوليات واري پاسي تي آرٽيڪلز، مضمون، گيت ۽ ڪتاب لکن.
  • پرائمري کان وٺي يونيورسٽيءَ تائين جي نصاب ۾ ماحولياتي تبديليون، گلوبل وارمنگ، ڪلائيميٽ چينج، ٻيلن جي واڍي، شھرڪاريءَ، خانداني منصوبا بندي ۽ ڌرتي سان جڙيل ٻين اھم مسئلن تي مضمون شامل ڪيا وڃن.
  • آمريڪا ۾ روزانو چار ڪروڙ چاليھ لک اخبارون پڙھي اڇلايون وڃن ٿيون، جيڪڏھن انھن اخبارون کي ھفتي ۾ صرف ھڪ دفعوrecycle ڪيو وڃي ته تقريبن پنج لک وڻ بچي پوندا.
  • اسان کي گھرجي ته جڏھن به گھر جي ڪمري يا آفيس مان نڪرون ته لائيٽون ۽ پنکا بند ڪري پوءِ نڪرون، ان سان توانائيءَ جو بچاءُ ٿيندو.
  • اسان کي گھرجي ته اسڪولن، گھرن ۽ اسپتالن ۾ اجايو ھلندڙ پاڻيءَ جي ٽوٽين کي بند ڪريون.
  • اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ڌرتيءَ سان واڳاپيل مٿين اھم مسئلن تي ورڪشاپ ۽ سيمينار ڪرايون.
  • حڪومتن کي گھرجي ته ماحول دوست سياحت کي هٿي ڏئي.
  • اسان کي گھرجي ته گدلاڻ ڦھلائيندڙ ڪارخانن، فيڪٽرين ۽ مِلن خلاف ھر پليٽ فارم تي موثر آواز اٿاريون.
  • اسان کي گھرجي ته گاڏيءَ جي جاءِ تي سائيڪل يا پنڌ ھلڻ کي ترجيح ڏيون.
  • اسان کي گھرجي ته پنھنجن گھرن ۾ باغباني ڪريون.
  • اسان کي گھرجي ته Junk کاڌن جھڙوڪ: پيزا، برگر وغيره کان پاسو ڪريون.
  • اسان کي گھرجي ته گوشت جي جاءِ تي سايون ڀاڄيون واپرايون.
  • بھتر آھي ته پنھنجون ڀاڄيون پاڻ پوکيون ۽ پاڻ کائون.
  • اسان کي گھرجي ته پلاسٽڪ جون ٿيلھيون يا بوتلون استعمال نه ڪريون.
  • اسان کي گھرجي ته ٿانءُ يا ڀاڄيون ڌوئيندي يا گھڙاونجيءَ تي پيل دلي يا ڪولر مان پاڻيءَ جو مناسب استعمال ڪريون.
  • اسان جيڪڏهن پنھنجي ڌرتيءَ ماءُ کي خوبصورت گفٽ ڏيڻ چاھيون ٿا ته اسان مان ھر ڪنھن کي گھرجي ته پنھنجي سالگره تي ھڪ ٻوٽو ضرور پوکي.

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments