وزيراعظم کي پنهنجي تقرير ۾ واضح طور تي عالمي ملڪن کان مدد وٺڻ گهرجي

انور قاضي

محترم وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ آمريڪا جي شهر نيويارڪ روانو ٿي ويو آهي، جتي اجلاس کي هو پڻ خطاب ڪندو. وزيراعظم پاڪستان لاءِ هي انتهائي اهم موقعو آهي ته هو دنيا جي ٻين ملڪن کي خاص طور G.7 ۽ ٻيا ترقي يافته ملڪ جن جو ڌرتيءَ جي ماحول کي گدلو ڪرڻ ۾ وڏو هٿ آهي. جنهن جي ڪري موسمي غير فطري تبديليون ٿين پيون ۽ هن سال پاڪستان انهن ملڪن جي ڪيل ڪرتوتن جي سزا ڀوڳي آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ سالن ۾ به ڀوڳي. وزيراعظم صاحب اها ڳالهه اسيمبلي ۾ اثرائتي نموني سان رکي نه ڪي انهن ملڪن کي التجائي انداز ۾ درخواست ڪري. جڏهن ته U.N جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پڻ اها ڳالهه پاڪستان جي دوري دوران بار بار ڪئي آهي ۽ ان پڻ موسمي تبديلين جو ذميوار صنعتي ترقي يافته ملڪن کي قرار ڏنو آهي. هن اهو به چيو ته پاڪستان جو حصو ماحولياتي آلودگي ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، پر جيڪا ڀوڳنا هن وقت پاڪستان ڀوڳي پيو خاص طور سنڌ ۽ بلوچستان اها تڪليف بيان ڪرڻ کان وڏي آهي ۽ جنهن نموني سان هو ماڻهن جا ڏک سور ڏسي ۽ ٻڌي پيو ۽ هن جي باڊي لئنگويج نظر آئي پئي ته هو ماڻهو خود ان تڪليف کي محسوس ڪري رهيو هو. وزيراعظم صاحب جيڪڏهن صرف سيڪريٽري جنرل جي ڳالهه کي ئي U.N جنرل اسيمبلي ۾ رکي جنهن ۾ هن چيو ته پاڪستان کي هن وقت ٽيهه ارب ڊالرن جي ضرورت آهي ۽ پاڪستان جو قرض به معاف ڪيو وڃي بلڪه هن ته اهو به چيو ته اها امداد نه هوندي، پر جن صنعتي ملڪن جي ڪري ماحول گدلو ٿيو آهي ۽ موسمي تبديليون آيون آهن انهن تي اهو جرمانو هجڻ کپي. اسان سمجهون ٿا ته هن وقت اسان جي وزيراعظم صاحب کي ڪنهن بهتر ماڻهو کان هڪ صاف ۽ سادي تقرير لکرائڻ گهرجي جنهن ۾ صرف پنهنجو مسئلو ۽ ان جي حل بابت سهڪار جي اپيل ڪرڻ ۽ اها به ان لهجي ۾ ته اسان ته سزا ناڪرده گناهه جي ڀوڳيون پيا. اهو ترقي يافته ملڪن جو فرض ٿو ٿئي ته هو اسان کي هن وقت وڌ کان وڌ وري آباد ٿيڻ ۾ سهڪار ڪن. اهڙو آرٽيڪل جيئن فاطمه ڀٽو صاحبه جو ”دي گارجين “ لنڊن ۾ شايع ٿيو آهي ان مان پڻ مدد ورتي وڃي، جنهن ۾ فاطمه ڀٽو دنيا جي ضمير کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن لکيو آهي ته جڏهن فرانس ۾ چرچ سڙي ٿي ته ان لاءِ عالمي ملڪن طرفان 24 ڪلاڪن اندر 88 ڪروڙ ڊالر جمع ٿين ٿا، پر پاڪستان جا ساڍا ٽي ڪروڙ ماڻهو دربدر آهن، گهر ڊهي پٽ پيا آهن، بک ۽ بيمارين جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿيو آهي، پر عالمي ميڊيا بجاءِ ان کي اجاڳر ڪرڻ جي فوڪس پئي ڪري ته فن لينڊ جي پرائم منسٽر پارٽي ڪيئن ڪئي اهو به هڪ الميو آهي. ڪٿي آهن انساني حقن جون عالمي تنظيمون جيڪي هن ملڪ لاءِ آواز اٿارين. بس اسان جي گذارش وزيراعظم صاحب کي اها آهي ته مهرباني ڪري پنهنجي تقرير کي فصاحت ۽ بلاغت کان پاسي رکي ۽ هر جملو ٻه ٽي دفعا نه چوي ۽ پوءِ ويٺو لفظ ڳولهي جيئن عام طور ڪندو آهي. هڪ سادي سولي ۽ سمجهه ۾ ايندڙ اثرائتي تقرير لکي يا لکرائي ۽ اها اسيمبلي ۾ پڙهي ته جيئن دنيا جي امير ملڪن کي ڪجهه شرم اچي ۽ هو اسان جي ملڪ جي بهتر سهڪار ڪن ته جيئن اسان ساڍا ٽي ڪروڙ متاثرين کي بهتر نموني بحال ڪري سگهون ۽ انهن جا اهنج دور ڪري سگهون.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments