ڪهاڻي ڪتاب ”ميران جوڳڻ“ جو اڀياس امداد ڪانهيو July 2021

سنڌي ادب ۾ مرد تخليقڪارن جي سگهاري ڪردار رهڻ سان گڏ، عورت ليکڪائن جو به جٽادار حصو رهيو آهي. جتي مرد تخليقڪار سنڌي ادب جي جهول ۾ پنهنجي فن پارن جا شاهڪار سِتارا ڀريندا رهيا آهن، اُتي سنڌ جي عورت ليکڪا به هر دور ۾ ڀرپور نڀائيندي پنهنجو پاڻ ملهايو آهي، پوءِ اُها شاعره هُجي يا ڪهاڻيڪاره، پر سندس تخليقي پورهيو ڪنهن به طرح نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. وقت بوقت هر دور ۾ سنڌ جي سُگهڙ عورت وانگر سنڌ جي پڙهي لکي عورت به پاڻ مڃائيندي معلوم ٿي آهي، ادب ۽ تخليق جي جهان ۾ مرد لِکاري سان هم قدم رهندي ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل نظر آئي آهي. ايئن اسان جي سينواريل سماج ۾ انيڪ ڏکيائين باوجود عورت ليکڪا لکندي به اچي پئي ۽ لکندي به رهندي ۽ اهو سنڌي ادب جو هڪ خاص ۽ اهم حصو پڻ آهي.

موجوده وقت ۾ اُسرندڙ يا وري لکندڙ عورت تخليقڪارن جو ذڪر ڪبو ته ڪئي سُٺا نانءُ اسان جي سامهون ايندا، اُهي سڀ نانءُ پنهنجي مُنفرد اسلوب، فڪر، فلسفي، ڏات ۽ تخليق سان ادبي پورهيو ڪندي معلوم ٿيندا، اهڙي صف ۾ اُتي هڪ اُڀرندڙ نانءُ شميم مري به آهي.

شميم مري شاعره به آهي ته وري ڪهاڻي کيتر ۾ ڪهاڻيڪاره طور اُڀري ويجهڙ ۾ پڙهندڙن اڳيان پڻ آئي آهي، جنهن جو مثال سال 2018 ۾ سندس پڌرو ٿيل ڪهاڻين جو ڪتاب “ميران جوڳڻ” آهي. هي ليکڪه ميرپورخاص جي پرانهين ڳوٺ سان تعلق رکندڙ، تعليم و تدريس جي شعبي سان وابسته، سماجي نمائنده، سماجي اڳواڻ ۽ عورت علمبردار طور پڻ سُڃاتي وڃي ٿي.

شميم مري جي ڪهاڻي ڪتاب جي نانءُ منجهان ئي اندازو ٿي پوي ٿو ته سندس قلم سماج جا ڪي سياهه پردا چاڪ ڪرڻ جي راهه تي گامزن آهي، پر اتي وري سندس هن ڪهاڻي ڪتاب جي مطالعي بعد معلوم ٿي وڃي ٿو ته محترمه ليکڪه هن ڪهاڻي ڪتاب ذريعي بي باڪ، بي ڊپو، جُرئتمند، سِڌو مُنهن تي چئي ڏيڻ جهڙي ڪنهن باغي ليکڪه طور، خود کي متعارف ڪرائڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آهي. هتي سندس هن ئي ڪهاڻي ڪتاب “ميران جوڳڻ” جي اڀياس ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي.

ڪنول پبليڪيشن طرفان ڇپيل هڪ سئو ٻارهن صفحن جي هن ڪهاڻي ڪتاب ۾ ليکڪه جي چوئيتاليهه ڪهاڻين سميت، اداري جو نوٽ، محترم ضراب حيدر جو لکيل مهاڳ ۽ ليکڪه جو پنهنجو نوٽ پُڻ شامل آهي. تنهن کانسواءِ بئڪ ٽائيٽل تي مختصر ٻه رايا محترم اخلاق انصاري ۽ نواز زنئور جا ڏنل آهن ته جلد جي اندرين پاسن کان اختر حفيظ ۽ هالار لغاري جا رايا پُڻ شامل آهن.

شميم مري جي هن ڪهاڻي ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي “ميران جوڳڻ” آهي، جيڪا ڪتاب ۾ موجود سڀني ڪهاڻين کان آخر ۾ ڏنل آهي، ڪتاب ۾ بهتر ڪهاڻين سان گڏ گهڻيون فلئش فڪشن جون مختصر ڪهاڻيون ۽ ڪئي خيالي ڊائري ورق يا چُٽڪلا به ڪهاڻي جي نانءُ ۾ پُڻ موجود آهن، هن ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي جو نالو “رشيدان اوڏڻ” آهي، فني حوالي کان هن ڪهاڻي ۾ ڪافي کوٽ ڏسجي ٿي، ان جو مثال ڪهاڻي جو ترتيب ۾ نه هجڻ به آهي، ڪهاڻي جو مرڪزي ڪردار جنهن کي شروع ۾ هارياڻي ۽ ڳوٺ ۾ ويٺل ڏيکاريو ويو آهي، بعد ۾ ٻوڏ ڪارڻ سندس لڏپلاڻ ۽ شهر جي ٻاهران کيس ويهندي ڄاڻايو ويو آهي ۽ وري کيس هارياڻي ظاهر ڪيو ويو آهي، ڪهاڻي تمهيد سان هلندي فلئش بئڪ ۾ وڃي ٿي وري تمهيد ۾ موٽي ٿي اچي ۽ وري اچانڪ فلئش بئڪ ۾ ويندي اختتام ڏي وڌي ٿي، جنهن سان ڪهاڻي جي ترتيب اثر وڃائيندي ڪهاڻي کي مونجهه جو شڪار ڪري ٿي، اُن کان علاوه ڪهاڻي ۾ ڪردار جو گهڻو ابهام به ڏنو ويو آهي، جيڪو ڪهاڻي جو ڪمزور پاسو آهي. ايئن ٻيون نمبر ڪهاڻي “ڪاڪا نهال” آهي، جنهن ۾ به فني ۽ فڪري لاها چاڙها آهن، “ڪاڪا نهال” مجبوري ۾ ڏاڍ جي اڳيان آڻ ته مڃي ٿو، پر کيس ٻانهون وقت سر نه پر صبح جو واپس ڪرڻ جو چئي ٽاريو وڃي ٿو ۽ هُو گهر اچي بيچيني ۾ رات گُذاري ٿو. اتي سوال اهو اٿي ٿو ته سليمان وارا کيس گهر ۾ اڪيلو ڏسي ڪجهه به نٿا پڇن يا چون!؟. اهو ڪهاڻي جو وڏو فني ۽ فڪري جهول آهي ۽ پڻ پلاٽ کي ڪمزور ڪري ٿو. ان کان علاوه ڪهاڻي جي پسمنظر جي ڪابه منظر نگاري ناهي ٿيل، تنهنڪري ڪردار جا اوچتا آيل اهڙا مڪالما، جيڪي ڪهاڻي جي مزاج يا ڪردار جي بيهڪ ۽ جوڙجڪ سان نه ٺهڪندڙ هجن سي به ڪهاڻي کي سواليه نشان آڇيندي ڏسجن ٿا، جيئن، “ڪربلا جهڙي ان ڪرب ۾ ڪاڪا نهال پنهنجي گهر جي ڇت تان بيهي مڪلي جي قبرستان ڏي نهاري رهيو هو”.

ڪهاڻي ٽڪور پنهنجي پلاٽ ۾ بهتر ڪهاڻي آهي ۽ منجهس رواني ۽ تمهيد ٺيڪ ۽ مُناسب آهي. ڪهاڻي “دونهين” به پنهنجي ترتيب ۽ رواني سان بهتر آهي، پر ڪهاڻي جو ڪلائمڪس حقيقتن سان قطعي طور نه ملندڙ، پر بِنهه برعڪس آهي، ڪابه عورت ڀريل پيٽ سان آخري مهينن ۾، پئسن ڪاڻ جنسي عمل راضپي سان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ۽ اُهو به انهيءَ ٻار جي پيدائش لاءِ، جيڪو پنهنجي آخري مهينن ۾ هوندي سندس پيٽ ۾ آهي، سو ممڪن ناهي، ڪهاڻي جو اهڙو ڪلائمڪس ڪهاڻي جي سموري رنگ کي ڀنگ ڪري ٿو، ضروري هو ڪا ٻي وزندار مجبوري ڪهاڻي ۾ ڄاڻائي ڪلائمڪس کي جاندار ۽ جٽادار ڪجي ها.

هن ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻي ٽڪيٽ پنهنجي ترتيب ۽ سٽاءُ ۾ انتهائي ڪمزور ڪهاڻي آهي، ڪهاڻي جي پلاٽ ۾ جيڪا تمهيد آهي يا جيڪو فلئش بيڪ ۾ ويندي ڪهاڻي جو اظهار آهي ته نائڪه سان هرهنڌ پوءِ اها پبلڪ پليس ئي ڇو نه هجي، اتي ئي اهاني بهاني سان جنسي عمل ڪيو وڃي ٿو. ڪهاڻي جو اهڙو تت انتهائي ڇسو، خاليپڻي ۽ جُڙتو هجڻ جو مظهر آهي. اهڙي منظر نگاري جيڪا حقيقتن سان ٺهڪندڙ نه هجي سا چڱي چوکي ڪهاڻي کي کوکلو بڻائي ڇڏي ٿي، البته هن ڪهاڻي جو ڪلائمڪس قدري چڱو ڏسجي ٿو.

“ميران جوڳڻ” جيڪا ٽائيٽل ڪهاڻي پُڻ آهي، اُن جي تمهيد ۽ ڪهاڻي جو پلاٽ ۽ اظهار جاندار وزني ضرور آهي، پر ڪرادر جي جُڙتو هجڻ جو الميو به پڌرو ڏسجي ٿو، ڪنهن جوڳڻ جي ڪردار کي اهڙي پلاٽ ۾ گهڙي پيش ڪرڻ حقيقت جي انحرافي آهي. جيتري قدر اسان جو مشاهدو آهي ته جوڳي ۽ ڪابه جوڳڻ ڪسب جهڙي ڪم سان واسطيداري رکڻ ته پري جي ڳالهه، پر ان کان ڪونهين ڏور ڳوٺ ڳوٺ، وستي وستي، در در وڃي سين هڻي ويهڻ وارا سنياسي رهيا آهن. اهڙي ڪردار لاءِ ٻيون پينو ذاتيون جن ۾ ڪوچڙا، ڪبوترا، ٻالا وغيره ته ٺهي سگهن ٿا، پر جوڳي نه!.

ڪهاڻي “ميران جوڳڻ” جو ڪلائمڪس قابل داد آهي، پر ڪردار جي سُڃاڻپ سموري ڪهاڻي کي بي مزه ۽ جُڙتو بڻائيندي ڪهاڻي جي سموري جوهر کي ڌَڪي ٿي.

ڪهاڻي گڏيل ٻار، غيرت، عاقبت، اوٻر، نوران، ڏنگي ۽ اڻپور، پنج سئو رپيا چڱيون ڪهاڻيون آهن، باس، جانڻ سائين ۽ سنيل هن ڪتاب جي بهترين ڪهاڻين واري حيثيت جون حامل ڪهاڻيون آهن، سنيل ڪهاڻي پڙهندي پل لاءِ ايئن محسوس ٿئي ٿو ته جيئن اها ڪهاڻي ئي اصل ۾ هن ڪهاڻي ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي هُجي ۽ ڪهاڻي ڪتاب جو نالو ميران جوڳڻ نه، پر سُنيل هُئڻ گهرجي ها، اها محسوسات هن ڪهاڻي جي تُز لب و لهجي ۽ رواني مان پڙهندي محسوس ٿئي ٿي.

ڪهاڻي “شينهن سرڪار” علامتي ڪهاڻي آهي، جڏهن ته “مسلمان لڙڪا”، فرقي ۽ مذهب جي موضوع ۾ سرجيل بهترين ڪهاڻي سڏي سگهجي ٿي.

ڪهاڻي “ڳاڙهي سائي مرچ” ۽ “پيٽ” فلئش فڪشن جون بهترين مختصر ڪهاڻيون هن ڪتاب جون چئي سگهجن ٿيون، ان کان علاوه فلئش اسٽوريز ۾ جيڪي مختصر ڪهاڻيون هن ڪتاب ۾ شامل آهن، تن ۾ ڪلامڙو، سنت، سبسڊي، ڪافر، رئيس ننڍو، معطلي، پاڇو، نئين گاڏي، مڙس، چُهنڊڙي وغيره نُمايان آهن، جيڪي پنهنجي حوالي سان بهتر ڏسجن ٿيون.

هتي ڪجهه ڪهاڻين جا مڪالما، جُملا ڏجن ٿا جيڪي تخليقي ۽ ڪڙي سچ جهڙا آهن، جن کي پڙهندي ذهن سان گڏ دل به ڪٿي ڪٿي ڇرڪ ڀري ٿي وٺي، اهڙا جُملا ۽ مڪالما ڪهاڻيڪاره جي تخليقي زرخيز ذهن ۽ نِجي ڏات جي اپٽار ڪندي نظر اچن ٿا. مثال طور: جيئن، “مردن لاءِ جنت دوزخ جو سامان، پنجاهه رپين واري لاءِ مال هڪ ته پنجاهه لکن واري لاءِ مال ٻيو، ٻروچاڻي يا سيدياڻي، ڪُک ۾ موهه جي مٺاڻ به کڻي موٽنديون هيون، (رشيدان اوڏڻ)” “ڏوراپي کيس ڪنهن ڏيهه جو به نه ڇڏيو (ڪاڪا نهال)”، ان بک جو ڇا ڪري جا هڪدم ئي سٽ ڏيئي پاسا ڀڃڻ لڳي هئس (دونهين)”، “سطحي مردن جي غيرتي پٽڪن جا ور ڄڻ ته کُلڻ لڳا، غيرت جي ڊرپ چاڙهي (غيرت)”، “سنڌي پنهنجين ڏاڏي پوٽين لاءِ ڀلي شينهن مُڙس هجن، پر جڏهن به ڌاريون پرڻجي آيا زن مريد ثابت ٿيا (مسلمان لڙڪا)”، “عاشق مزاج ماڻهو ڪيڏو به پوڙهو ٿي وڃي اک ۾ اُجالا رکندو آهي، عورت ڪچي هجي يا پڪي، ننڍڙي هجي يا جوان، اک جي اُگهاڙپ منٽ ۾ جهٽي وٺندي آهي، اڄ الائي ته ڪيئن سندس لُڇ ۾ سُهري جون اُهي اگهاڙيون اکيون ڪُڇي پيون هيون (عاقبت)”، “منهنجو هٿ ڇا سنيل جي ڪلهي تي پيو ڄڻ ٻرنديءَ تي تيل هاراڻو. سنيل جي ڪلهي جي گرمي نه لهي ته منهنجي هٿ جو پگهر (سنيل)”، “وڏي شهر جون ڇوريون هيون جيڪي شارٽ ۽ ننڍين چولين مان ڇال ڏيئي ڏيئي پيون ڇُلنديون هيون (اوٻر)”، “ڀوتار ڊمڻ بلا جيئان ڦوڪيو پيو هو، سندس شاهي پيٽ ڌمڻ جيان ڦوڪيو ۽ سُسيو پئي (نوران)”، “هيڏانهن ٻانهن ورائي هلي ناهي هوڏانهن ڳوٺ جي ڇورن جي من ۾ سيٽيون وڳيون ناهن، ٻيا ته ڇڏيو خود هالو به شاديءَ کان اڳ کوڙ ڀيرا کيس خوابن ۾ ڀاڪر پائي راتيون رنگين ڪري چڪو هو (ڏنگي ۽ اڻپور).”

ڪتاب جي مختلف ڪهاڻين ۾ موجود اهڙا نج نبار تخليقي جملا ڪهاڻين کي حُسن ۽ جٽاءُ بخشين ٿا ته اُتي وري ڪجهه بي لباس جُملا به ڪهاڻين ۾ آهن، جيڪي شميم مري جي ڪهاڻين کي اگهاڙو ڪرڻ سان گڏ عورت کي به جا بجا بي لباس ڪندي معلوم ٿين ٿا، جيئن،

“مهيني واري ماهواري نه ايندي هُين، شهر جي شريفن جون شلوارون خلوت جي خواهش ۾ آليون ٿيڻ لڳنديون هيون، رشيدان جي چڪلي جا گراهڪ بدليا پئي، مڙسهنس کي زميندار جي زمين کيڙڻ ته آئي پئي، پر رشيدان جي دل جي سر زمين ڪيئن کيڙجي، اُن ۾ سو اناڙي هو، زميندار زمين وانگيان مٿس به حق جتائڻ پُڄي ويو، مُڙسهنس ۾ مُڙسي نه ڏٺائين، زميندار کي مُڙس کان به ويل ڏٺائين (رشيدان اوڏڻ)” “ڀڙوو (ڪاڪا نهال)، راشد کٽ تي اونڌو ڦٿڪيو پئي ۽ استاد مٿس سريو پئي (ٽڪور)”، “ڇلڪندڙ ڇاتيون، اڀريل اُرهه، عورت جي اُرهن تي پيس، نرن منجهه پاڻي سُرندو محسوس ڪيائين (دونهين)”، “پوتي اوڍيندي پهريون دفعو مون کي پنهنجي وڌندڙ ڇاتي جو احساس ٿيو ۽ مون ڇاتي جي ٻنهي پاسي کٽي کٽي، پر وڻندڙ خارش محسوس ڪئي (سنيل)”، “نورو تڪڙ تڪڙ ۾ ڪم ٽپائي اچي سيٺ سامهون سر جهڪائي بيهي رهندو هو (اوٻر)”، “ڪڻڪ جي آنڀن جهڙين سندس ڇاتين، شلوار ۾ ڪو چُڀڪو محسوس ٿيس، ڀوتار شهپرن تي هٿ ڦيريندي خارش جهڙي چڀڪي کي ماٺو ڪيو (نوران)”، “ٿڃ ڏيندي، ويڪري ڇاتي (ڏنگي ۽ اڻپور)”، “وک تي بيٺل جنتر ڏي ٿا هلون، پر ڀوتار ايترو صبر ڪري ته ڇُٽي پوي، سو اتي ئي هڪ ٻه لوڏا هڻي اڳٺ ٻڌي ٿيو روانو، جتي مائي ڏسي (ننڍي وڏي، شادي واري يا ڪنواري) اتي اڳٺ ڇوڙيو ڇڏي (ٽڪيٽ)”، “ڳالهايائين ته گهڻن جي سٿرن کي خراب ڪيائين (سبسڊي)”، “هڪ هٿ سان ننڍڙي ٻارڙيءَ کي بُبو وات ۾ ڏيئي ٻئي سان ٿالهه ۾ رکيل پالڪ پئي چونڊي، مڙس ڪا گسڻ جي شيءِ ناهي جو هو هن کي گسائي ڇڏيندي (مڙس)”، “مڙس مهر نه ڪريس، ماهواري رت لڪائڻ لاءِ ڪڇو، عورتن جي لڏندڙ ۽ بي ڊولين ڇاتيون ٿانيڪيون ڪرڻ لاءِ پهريون دفعو برا به ڳوٺ ۾ ميران وٺي آئي هئي، ڪلاڪ کن جي هڻ هڻان پڄاڻان (ميران جوڳڻ)” وغيره.

اهڙا ڪئي لفظ ۽ جملا پُڻ مختلف ڪهاڻين ۾ پڙهڻ لاءِ ملن ٿا، جن کي لکندي محترمه ليکڪه اڳواٽ پنهنجي نوٽ ۾ عنوان ڏئي لکيو آهي ته، “اسان حقيقت پسند ڇو نٿا ٿيون؟.” يا وري “جيڪي ڪجهه اسان پنهنجي زندگي ۾ ڪيون ٿا، اهو سڀ ڪهاڻي جي روپ ۾ ڇو نٿا ڏسي سگهون؟. ڇا آئيني منجهه ڏسڻ جي همت ناهي يا وري اهو سڀ هڪ عورت ليکڪه لکي ان ڪري اهو سڀ قبول ناهي؟”.

ليکڪا جي نوٽ ۾ ڪهاڻيڪاره جا اهڙا ڪجهه سوال آهن، پر هتي جواز ڪو به نه آ، صرف اها ڳالهه چئجي ٿي ته ادب جا پنهنجا زاويا، لب و لهجا ۽ گهاڙيٽا آهن، ليکڪ بيشڪ بيمار سماج جو نبض شناس طبيب آهي، پر هر عمل جو طريقو آهي، ائين ته ناهي جو بس جيئن دل ۾ اچي ڪجي؟. منٽو جنسيات جي موضوع تي جام لکيو آهي، اسان کي اهو پڙهي ڄاڻڻ گهرجي ته اديب ڪيئن ٿو سماجي بُراين کي فني انداز ۾ چِٽي، فڪري نوع ۾ پيش ڪري. جيڪو سماجن، معاشرن ۾ بُراين، بُڇڙاين ۽ حرامپائين جو ڪُڌو ڪم پسجي ٿو، ان کي ڪهاڻي جي روپ ۾ بلڪل ڏئي سگهجي ٿو، پر قبول تڏهن ڪري سگهجي ٿو جڏهن اُهو انهن محرڪات جي مطابق ۽ موافق هجي، پر جي ٺهڪندڙ نه هجي، واڌو هجي، اجايو ورجاءُ هجي ته قبول ڇا اهو سڀ پنهنجي اهميت ۽ افاديت به وڃائي ويهي ٿو ۽ ٻيو مشهور چوڻي آهي ته بابي جي زال کي امان ئي چئبو آهي!. جيڪر نه ته پوءِ اسان حقيقت پسندي جي نانءُ ۾ انتها حقيقت پسند ٿي پئون ته پوءِ امان کي امان، امڙ، جيجان نه بلڪه کيس بابي جي…

ميران جوڳڻ تي لکيل پنهنجي رائي ۾ اختر حفيظ لکي ٿو ته، “هوءَ شاعري لکندي لکندي پاڻ کي ڪهاڻيڪاره ڪري ويٺي ۽ انهن مان ڪيتريون ئي اهڙيون (ڪهاڻيون) آهن جيڪي اڌ جاڳ ۽ ننڊ واري ڪيفيت ۾ لکيل آهن، پر کيس خبر آهي ته ڪهاڻي وسيلي سماج کي ڪيئن ڦلهوري انهيءَ کي پڙهندڙ اڳيان رکي سگهجي ٿو.”

مُحترم اختر حفيظ ضرور هن ڪتاب جون سموريون ڪهاڻيون پڙهيون هونديون يا وري شايد سڀ جون سڀ نه به پڙهيون هجن، پر هن ڪتاب ميران جوڳڻ جي مطالعي بعد اختر حفيظ جي رائي سان سهمت نٿو ٿي سگهجي، هن ڪتاب جون اڌ جاڳ ۽ ننڊ واري ڪيفيت ۾ ڪيتريون ئي لکيل ڪهاڻيون (بقول اختر حفيظ جي) آخر ڪهاڻي ڪيئن ٿيون سڏي سگهجن؟؟. ڪهاڻي ته سُجاڳ ذهن، سالم ڪيفيت ۽ جائيتي هوش حواس ۾ فڪري ۽ فني ترتيب سان لکجي، ڪهاڻي لکڻ نه فقط هڪ تخيلاتي، پر اُن سان گڏ نِج تخليقي ڪم پُڻ آهي، ان لاءِ اول ڪهاڻي جي جُزيات، ڪهاڻي جي بُنيادي اصولن ۽ ڪهاڻي جي گهاڙيٽن کي سمجهڻ لازمي امر آهي ۽ ان ڪارڻ ڪهاڻي جي صنف تِهائين وڌيڪ ڌيان طلبيندڙ گُهرج رکي ٿي.

بيڪ ٽائيٽل تي محترم اخلاق انصاري جو ڏنل سمورو رايو پڙهڻ سان گڏ انتهائي فڪر ڪرڻ جوڳو پُڻ آهي ۽ وري هيٺ محترم نواز خان زنئور به لکي ٿو ته، “هوءَ جنهن به موضوع کي پنهنجي قلم جي نوڪ سان ڇُهي ٿي، ان کي زنده جاودان بڻائي ڇڏي ٿي، هن جو قلم پارس به آهي، جنهن جي ڇُهڻ کانپوءِ حرف حرف سون ٿي جرڪڻ لڳي ٿو، هن جو قلم وقت جي اڻ مٽ مُهر به آهي، جيڪا ڪاغذ جي گداز سيني تي سدا سلامت رهڻي آهي”.

مُحترم ليکڪ نواز خان جو چوڻ ته موضوع زنده ٿي پوي ٿو، سو کڻي ڪنهن لحاظ کان درست به هجي، پر سندس پيش ڪيل ڪاغذ جي گداز سيني واري تشبيهه ميران جوڳڻ جي انيڪ ڪهاڻين جي مزاج ۽ موضوعن سان ڀرپور ٺهڪندڙ ته آهي، پر محسوس ايئن ٿئي ٿو ته زنئور صاحب جذباتي اولڙي ۾ ڪجهه وڌاءُ لکي ويو آهي ته هن جو قلم وقت جي اڻ مٽ مُهر به آهي، حقيقت ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي، جو مذڪوره ڪتاب جون انيڪ لکڻيون ساڳي هڪ ئي موضوع تي رهندي ورجاءُ ۽ ساڳي جذبي جي تشريح ڪندي نظر اچن ٿيون.

هي سڀ رايا ڏاڍا دلچسپ ۽ دلفريب آهن، مان سمجهان ٿو ڪنهن به پڙهندڙ کي اول هي رايا پڙهڻ بجاءِ پهرين هن ڪتاب ميران جوڳڻ جو مڪمل مطالعو ڪرڻ گهرجي ۽ تنهن بعد ئي پوءِ هي سڀ رايا پڙهڻ گهرجن، اهڙيءَ طرح هن ڪتاب سان گڏ شامل راين مان به تمام گهڻو محضوظ ٿي سگهجي ٿو.

هن ڪتاب ۾ ليکڪه جي ڏنل چوئيتاليهه ڪهاڻين مان گهڻيون ڪهاڻيون هڪ صفحي يا ٻن صفحن جون آهن، تنهن مان با آساني اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ڪا به ڪهاڻي ڊيگهه ۾ ناهي بلڪه تهائين مختصر آهي ۽ وري ڪجهه ڪهاڻيون جيڪي هڪ ٻن صفحن کان وڌيڪ آهن ته ڇا اُهي پنهنجي جوهر ۾ ڪهاڻي جي مزاج ۽ پيرائي سان ٺهڪندڙ آهن يا نه؟. ڪهاڻي جا مشهور ۽ مڃيل ست جُز جيڪي آهن، سي هنن ڪهاڻين ۾ آهن يا نه؟، اهو پڙهي هر پڙهندڙ ته جائزو وٺي سگهي ٿو، پر خود ليکڪه ۽ هن ڪتاب تي رايا لکندڙ محترم دوستن جي لاءِ به اهو نهايت اهميت جوڳو سوال آهي.

ڪنهن به پنهنجي مختصر لکت کي ڪهاڻي سمجهڻ، ڪهاڻي سان انصاف ناهي، ڪهاڻي رڳو ڪا لکت ناهي، ڪابه عام لکڻي ڪهاڻي نٿي ٿي سگهي، ڪهاڻي جا به ڪي مُحرڪات هوندا آهن، جن تي ڪهاڻي جي جوڙجڪ ۽ اُڻت ٿئي ٿي يا هجي ٿي، هن ڪتاب ميران جوڳڻ ۾ به ڪجهه ڪهاڻين سان گڏ ڪي اهڙا ننڍا ننڍا ليک ۽ نثري ٽُڪرا به آهن، جن کي ڪهاڻي ڪري پيش ڪيو ويو آهي، جو اهي سڀ ليک جيڪي فني کوٽ ته ڇا فن توڙي فڪر کان ويندي ڪهاڻي جي مزاج سان به ڪي نڀاءُ ڪندي نظر نٿا اچن، جن ۾ نه ڪا منظر نگاري آهي، نه ڪا ڪردار نگاري، نه تمهيد، نه فلئش بيڪ، نه پلاٽ، نه نئون مرڪزي خيال، نه ئي ڪلائمڪس، نه ئي وري اينٽي ڪلائمڪس، نه ترتيب، نه مڪالما آهن، انهن کي ڪهاڻي چوڻ کان پهرين ڪهاڻي کي چڱي طور سمجهڻ ضروري امر آهي، ڪنهن به سڏيل ڪهاڻي ۾ ڪا ڪهاڻي ئي نه هُجي، ڪو ڪهاڻي وارو عنصر ئي نه هُجي، ان کي ڪهاڻي سان گڏ ڪيئن بيهاري ٿو سگهجي!؟. اُهي سڀ ڪهاڻي جي وصف کان هٽيل ڪي لکڻيون آهن، جيڪي ڪهاڻي کان پرڀرو ٿي بيٺل ڏسجن ٿيون، تنهن کانسواءِ جيڪي ڪهاڻيون آهن سي سڀ عورت جي مظلوميت کان وڌيڪ عورت جي نِجي احساسن، وجودي حصن، عورت جي پرده پوش خد و خالن جي تشريح ڪندي ڏسجن ٿيون، جن ۾ ڪوبه ليک مخصوص ڪردار جي اُڀارڻ ۾ سرگرم معلوم نٿو ٿئي ۽ هر ڪهاڻي هڪ ئي موضوع هڪ ئي رُخ سان ور ور جو ورجاءُ آهي، موضوعن جي چونڊ به ڪهاڻي لاءِ وڏي اهميت جي جڳهه رکي ٿي، پر هن ڪتاب ۾ موضوع جي هڪ ئي چونڊ ڏسي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته پنهنجي پهرين ڪهاڻي ڪتاب ميران جوڳڻ ۾ شميم مري جيڪي به ڪهاڻيون، فلئش ڪهاڻيون ۽ نثري ٽُڪرا ڏنا آهن، سي تقريبن جو تقريبن سڀ پنهنجي موضوع ۾ جنس، جنسيت، جنسي عمل واري هڪ ئي المئي تي آڌاريل آهن، اهو سڀ پڙهندي هڪ پل ايئن محسوس ٿئي ٿو ته جيئن ليکڪه سماج جي هر مير ۽ بُرائي کي رڳو جنسي عمل جي اک سان ئي ڏٺو آهي يا وري جيڪا به سماجي پستي آهي، تنهن کان وڌ کيس هڪ اها ئي بُرائي وڌيڪ چُڀي ۽ محسوس ٿي آهي، جنهن کي جا بجا ليکڪه مختلف زاوين سان پنهنجي هن ڪتاب جي هر ٻي ڪهاڻي ۾ اظهاريو آهي ۽ هر طرف کان هڪ انهيءَ ڪُڌي ڪم کي چِٽيو ۽ ننديو آهي ۽ ان کي ليکڪا سميت وقت جو نقاد پنهنجي رائي ۾ بغاوت يا حقيقت پسندي کڻي سڏي، پر تڏهن به ان تي فڪري سوچ ويچار جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي ته ڇا اها بغاوت يا حقيقت پسندي آهي؟، جُرئت يا احساس محرومي آهي؟ يا وري اڃان ڪجهه ٻيو آهي!!.

ميران جوڳڻ جون جو ڪيتريون ئي ڪهاڻيون پنهنجي عنواني نالن مان ئي پنهنجو پلاٽ واضح ڪندي نظر اچن ٿيون، جن جو اندازو رشيدان اوڏڻ، ڪاڪا نهال، ٽڪور، دُونهين، گڏيل ٻار، ڳاڙهي سائي مرچ، عاقبت، اوٻر، نوران، ڏنگي ۽ اڻپور، باس، ٽڪيٽ، ڪافر، رونق، طريقه واردات، شرم، مڙس، چُهنڊڙي، جهڙن ڪهاڻي جي عنوانن ۽ نالن مان لڳائي سگهجي ٿو.

سنڌي ڪهاڻي جو سگهارو نانءُ ضراب حيدر شميم مري جي هن ڪهاڻي ڪتاب ميران جوڳڻ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته، “شميم پنهنجي ڪهاڻين ۾ جنسيت واري استحصال کي باقائده هڪ موضوع بڻائي کنيو آهي”.

ميران جوڳڻ جي مطالعي بعد ضراب سائين جي اها رائي پڙهندي، بطور هڪ عام پڙهندڙ جي مان انهيءَ رائي تي پهتو آهيان ته محترمه شميم مري صاحبه جنسيت کي نه صرف هڪ موضوع طور کنيو آهي، پر هن سموري ڪهاڻي ڪتاب ۾ وٽس ٻيو ڪو موضوع آهي ئي ڪونه!!.

شميم مري جي هر ڪهاڻي مختلف رُخن کان، مختلف ڏسائن کان صرف ۽ صرف جنسيت، جنسي عمل جي چوطرف گُهمي ڦري ٿي، جنسي عمل جي ڀر ۾ رهندي اٿي ٿي ۽ اختتام پذير ٿي وڃي ٿي، هن ڪتاب ۾ هڪ ئي الميو جنسي عمل جي اظهار سان ليکڪه پڙهندڙ اڳيان پيش ڪيو آهي، ايڪڙ ٻيڪڙ ڪا ٻي ڪهاڻي ڪنهن ٻئي موضوع سان آهي ته اُها به بس ڪنهن پرئڪٽس ليک جي طرح آهي، جن ۾ پيٽ، شينهن سرڪار، ڪلامڙو، سُنت، سبسڊي، ويهه پرسنٽ، معطلي، پاڇو وغيره جهڙيون چند لکڻيون چئي سگهجن ٿيون، جيڪي ڪهاڻيون نه پر ڪنهن ڊائري ورق، يادگيري، لکيل احساسات وانگر پسجن ٿيون، حيرت جهڙي ڳالهه اها به آهي ته هن ڪتاب ۾ ڪجهه ٻه چار سٽن جون اهڙيون ڳالهيون به ڪهاڻيون ڪري شامل ڪيون ويون آهن، جيڪي ڪنهن به حوالي کان ڪهاڻي نٿيون سڏي سگهجن. ڪهاڻي جي فارميٽ، ڪهاڻي جي گهاڙيٽي، ڪهاڻي جي لوازمات، ڪهاڻي جي ڪنهن به هڪ جُز يا جُزيات کان خالي، وانجهيل اُهي چُٽڪلا به ڪهاڻي ڪري شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي ڪنهن به طرح پڙهندڙ کي ڪهاڻي جو ڪو تاثر ئي نٿا ڏئي سگهن، انهن ۾ رونق، رئيس ننڍو، ويهه پرسنٽ، ٻروچاڻي، دوستي، نازو، طريقا واردات، رپورٽ، ٽهڪ، شرم، بدلو، همراهي، تبديلي پسند، بگهڙ اکيون، عزت جو سوال وغيره شامل آهن.

مُحترم ضراب حيدر ميران جوڳڻ جي مهاڳ ۾ وڌيڪ اڳتي ڪهاڻي “دُونهين” متعلق لکي ٿو ته، “ڪهاڻي “دُونهين” سُٺي ڪهاڻي آهي، هي ڪهاڻي جيتوڻيڪ پنهنجي پلاٽ ۾ سادگي ۽ اُگهاڙپ جو شڪار ٿي آهي” يا ان کان علاوه جيئن، “لڳ ڀڳ اُن ساڳئي ٿيم تي لکيل ڪهاڻي “گڏيل ٻار” به آهي يا وري “ٽڪور” ڪهاڻي ڇوڪري بازيءَ واري موضوع تي لکيل ڪهاڻي آهي يا وري هم جنس پرستيءَ تي لکيل شميم جي مختصر ڪهاڻي “ دوستي” ڀرپور تاثر ڇڏيندڙ آهي.

انهن چند ڪهاڻين جا مهاڳ ۾ مختصر حوالا ڏيندي ضراب حيدر جنسي موضوع کي ظاهر ڪيو آهي، پر مان سمجهان ٿو هي سمورو ڪهاڻي ڪتاب ميران جوڳڻ جنهن جون ڪئي ڪهاڻيون جنسيات، جنسي عمل کان خالي ناهن، ان هوندي به ڪتاب ۾ تقريبن هر ڪهاڻي سڏيل ليک، جنسي عمل مان گُذري ٿو، ٿوري گهڻي ڦير گهير ۽ واقعي جي مٽ سٽ هوندي به هر ڪهاڻي ڦري گهري جنسي عمل ڏي وري ٿي، سيڪس، جنسي عمل، اُگهاڙپ، عورت جي جسم جا خد و خال ۽ هر واقعي کي عورت سان ريپ، عورت سان جنسي عمل ۾ هن ڪتاب جون گهڻيون ڪهاڻيون ڪتاب جي قدامت واري هيئت تي اثر اندز آهن، جنهن کي ضراب حيدر به محسوس ڪندي ڪٿي سواليه نشان طور اظهار ڪيو آهي ته ڪٿي وري اِسڪپ ڪري ويو آهي، جو اها مهاڳ جي ضرورت به آهي!.

هن ڪتاب ميران جوڳڻ تي پنهنجي مجموعي رائي ۾ ضراب حيدر شميم مري جون سموريون ڪهاڻيون پنهنجي شروعاتي ۽ ارتقائي مرحلي ۾ هُجڻ جو ٻُڌائي ٿو ۽ پڻ مشاهداتي تناظر ۾ پرکيندي ليکڪه شميم مري کي وڌيڪ مطالعي جي، پردن ۾ ويڙهيل صلاح به آڇي ٿو، پر اتي وري مان سمجهان ٿو ته لِکڻ يعني ڏات جهڙي صلاحيت رکندڙ ڪنهن به نئين ليکڪ توڙي ليکڪه کي جيڪر فقط ڪنهن هڪ ئي موضوع ۾ گرفتار ڏسجي ته کيس ٻين موضوعن ڏي سوچڻ، لوچڻ، فڪر ڪرڻ ۽ لکڻ لاءِ ترغيب ۽ صلاحون ڏجن. شين، معامرن، حادثن ۽ واقعن کي وسيع تر نقطهءِ نگاهه سان ڏسڻ لاءِ سندس اصلاح ڪجي، ٻيا به انيڪ سماجي، معاشرتي، سياسي، سماجي، اجتماعي، انفرادي ۽ دنياوي مسئلا، مونجهارا، ٿيڻيون، اڻ ٿيڻيون آهن، جيڪي جا بجا موجود هجن ٿيون ۽ لڳاتار ٿينديون رهن ٿيون ۽ اُهي ڪنهن به ليکڪ ۽ ليکڪه جي اک کان اوجهل نٿيون ٿي سگهن، مڃجي به کڻي محترمه ليکڪه فئمنسٽ آهي، ڳوٺن جي ماحول يا معاشري ۾ ٿيندڙ عورت سان زيادتين جي ڀرمار کيس عورت جي دردن، ڏکن، پيڙائن، مجبورين، محرومين، ڀوڳنائن ۽ بي واجبي عورت جي استعمال ٿيڻ جون وارداتون کيس عورت جي لاءِ قلم کڻڻ لاءِ اتساهيو آهي، عورت جي اهنجن ۽ تڪليفن کي منظر عام تي آڻڻ لاءِ سندس قلم اهڙي موضوع کي ئي مرڪز ڪيو آهي، پر ان هوندي به انهن سڀني معامرن کي فقط هڪ جنسي نوع ۾ ته نٿو ڏسي ۽ پرکي سگهجي!. الميا ته خاندانن ۾، معاشرن ۾، برادرين ۾ ذات پات جا، تعليم جا، نياڻين جي تعليم جا، انا پسندي جا، ننڍ وڏائي جا، معتبر ۽ نيچ هجڻ جا، ورهاست ۽ خانداني ملڪيتن جا، سڱاوتي مسئلن ۽ اڻ برابرين جا، ڪوڙ، بهتان، غُربت، لاچارين، دشمنين، خونريزين، حق تلفين کان ويندي اڪيچار ٻين گهڻ ئي مونجهارن جا ٽڙيا پکڙيا پيا آهن، انهن مان به عورت کي انهيءَ جي ڪنهن پسمنظر ۾ ڏسي سگهجي ٿو يا بس عورت کي جنسي عمل جي اک مان ئي ڪڍي پنهنجي هر ليک ۾ پيش ڪرڻ ڪافي آهي؟. تنهنڪري هر مسئلي کي هڪ ئي سماجي بُرائي بُڇڙائي جي رنگ ۾ پڙهندڙ اڳيان پيش ڪرڻ به فن ناهي يا وري هڪ ئي واقعي، ڪهاڻي يا حادثي کي انيڪ ڪئي ڪهاڻين ۾ آڻي آسا پاسا مٽائي بار بار پيش ڪرڻ ورجاءُ آهي، ڪا نئين ڳالهه ڪونهي!!.

تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته صرف مطالعي يا مشاهدي جي کوٽ اصلاحي تنقيد يا اصلاح ۾ ڄاڻائڻ ڪافي ڪونهي، اديب ۽ ادب سماج جو ذميوار پاسو آهي، ذميوار حصو آهي، ان ۾ لاپرواهي جهڙو سمجهوتو ناقابل تلافي نقصان آهي، اُن لاءِ ذهن جي دريءَ مان ٻين مڙني ڪهاڻين کي نِت نئين ڍنگ ۽ رنگ ۾ ڏسڻ، ڳولڻ ۽ لکڻ جي صلاح ڏيڻ جي به اشد ضرورت محسوس ڪجي ٿي.

شميم مري لاءِ انيڪ احترام آهن، پر وقت جي نقاد کي عرض آهي ته اهڙي ڪنهن به ڪتاب جي ڇپجڻ کان پهرين جيڪو چريا سياڻا اکين اگهاڻا وارو پروانو جاري ڪيو وڃي ٿو، تنهن کان اڳ ۾ ڪنهن به نئين لکندڙ جو ڌيان اهڙين خامين، گهٽتائين، ڪمين بيشين ڏانهن ضرور آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، نه ته سنڌي ادب ۾ ڪجهه ڪهاڻين سان گڏ گهڻيون رواجي ۽ غير معياري لکيل ڳالهيون ڪهاڻي جي نالي ۾ ڇپائي ڇڏڻ کي پڙهندي به اکيون بند ڪري ويهڻ تخليقڪار جي سوچ لوچ تي بند ٻڌي ڇڏڻ جي مترادف آهي ۽ گڏ وري اهڙا ڪتاب پڙهندي ۽ لحاظن جي بنياد تي سر خم ٿيڻ، تنقيد ۽ اصلاح لاءِ جيڪو سڪتو بڻجي وڃي، سو نيٺ هڪ ڏينهن تنقيد ۽ اصلاح جي لاءِ خودڪشي به ٿي پوندو!.

مثال طور: جيئن هڪ دوست سوشل ميڊيا تي پنهنجا ويچار ونڊيندي لکيو، “شميم مري جي ڪهاڻين جو ڪتاب “ميران جوڳڻ” پڙهڻ لاءِ مليو، ڪالهه همسري مئگ ۾ شميم جي هڪ ڪهاڻي پڙهڻ لاءِ پڻ ملي، هي پهريون ڪتاب آهي جيڪو مون پڙهڻ شروع ڪيو ۽ هڪ ڪلاڪ ۾ 112 صفحا پڙهي ويس!.”

“اصل ۾ ليکڪه جي لکڻ جي انداز کان وڌيڪ فائدو، ڪهاڻين جي ڊيگهه مان مليو، ڪتاب ۾ وڏي مان وڏي ڪهاڻي ٽن صفحن جي مس هوندي، جڏهن ته لڳ ڀڳ 40 لکڻين، جن کي شميم مري ڪهاڻي سمجهي ڇپرايو آهي، تن مان لڳ ڀڳ 30 کن نثري ٽُڪرا جن کي فليش فڪشن چئبو آهي سي شامل آهن.”

“آخري صفحي تائين مان ڪتاب ۾ ڪهاڻي ڳوليندو رهجي ويس ۽ سمجهه ۾ آيو ته هي ڪتاب پاڻ ئي هڪ ڪهاڻي آهي.”

“شميم مري جيڪو ڪجهه ڪهاڻي جي حوالي سان پنهنجي پاران ۾ لکيو آهي، اهو پڙهي به حيرت ٿي، هُوءَ لکي ٿي ته، “آئون نٿي ڄاڻان ته ڪهاڻي مون کان ڪيئن لکجي ويندي آهي!. بس قدرت ان لمحن کي، پر عڪس حقيقي مجسمو ڪرڻ چاهيندي آهي ۽ ايئن مون کان ڪهاڻي لکجي ويندي آهي، ڪنهن ڪڪر جيان ڪهاڻي منهنجي من تي چڙهي ايندي آ ۽ پوءِ مون وٽ سيڪنڊن جي وٿي هوندي آهي ۽ آئون ليپ ٽاپ يا موبائل کڻان ۽ پوءِ ڪهاڻي اکرن جي صورت ۾ پئي پنن تي وسندي آهي ۽ جڏهن ان بارش جو تسلسل رڪندو آهي ته ڏسندي آهيان ته ڪا ڪهاڻي لکجي چُڪي هوندي آهي.”

“هي بلڪل ائين آهي ته ڪو اڻڄاڻ ڊرائيونگ سيٽ تي ويهي الله سائين جي آسري اکيون بند ڪري گاڏي هلائڻ شروع ڪري ۽ اکيون کولي ته منزل تائين پهچي چُڪو هجي ۽ الله سائين جو شُڪر ڪري!.” يا وري “ڪهاڻي “رشيدان اوڏڻ” پڙهي ايئن لڳو ڄڻ ڪنهن ڊمي اخبار جو ڪو اجايو لکيل مضمون پڙهندو هُجان”.

سوشل ميڊيا تي آيل اهڙا ڪمئنٽ ۽ رايا نه فقط هن ڪتاب، پر هر اهڙي ڪتاب لاءِ پڙهندڙ پاران نه فقط نندا آهي، پر هي اهڙي سخت طنز، ڪهاڻيڪاره لاءِ سندس ڪهاڻي سان غير ذميوار هجڻ، ڪهاڻي کان لاپراوهي اختيار ڪرڻ ۽ پنهنجي هر ننڍي کان ننڍي خيال، ويچار ۽ جهڙي تهڙي ڳالهه کي لکي ڪهاڻي جي نانءُ ۾ پيش ڪرڻ، پنهنجي هڪ ئي مشاهدي هڪ ئي مخصوص موضوع کي ظاهر ڪرڻ يا هڪ المئي کي ورجاءُ جي تناظر ۾ بي لباس لفظن سان بيان ڪري ڇڏي ڏيڻ جي پڌري نشاني آهي.

ڪتاب ميران جوڳڻ جي اڀياس ۽ تنقيدي اصلاحي مضمون پيش ڪرڻ ۾ منهنجو قطعي مقصد ڪنهن به ليکڪ، ليکڪه جي دل آزاري ڪرڻ، ڪنهن کي لوئڻ يا وري رنج پُڄائڻ نه آهي، شميم مري سان منهنجي ملاقات ڪڏهن به نه رهي آهي، نه ئي ڪنهن رابطي کي به ڳڻائي سگهجي ٿو، بطور هڪ ليکڪ جي پنهنجي دور جي ڪنهن به ڪهاڻي ڪتاب جو اڀياس ڪرڻ منهنجو فرض آهي ۽ ان ۾ درپيش فڪري لاڙن تي رائي ۽ اصلاح ڏيڻ هڪ ليکڪ جي ذميواري سمجهندي ان تي لکڻ، پنهنجي حصي جو ڪم سمجهان ٿو، هتي مون رڳو ڪتاب ۾ ڏنل مواد ۽ مسودي تي پنهنجو تبصرو ۽ اصلاحي تنقيدي نقطهءِ نگاهه کي پيش ڪيو آهي، شميم مري جي مزاج ۾ ڪهاڻيڪاره بيشڪ موجود آهي، ان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، پر ان کي ڀرپور نموني ظهور پذير ڪرڻ لاءِ کيس تمام گهڻي محنت جي طلب ڏسجي پئي ته جيئن انهيءَ ڪهاڻيڪاره کي شميم مري دريافت ڪري سگهي، ڪهاڻي کي پنهنجي گهاڙيٽي، ويزن ۾ ڳولي لهي سگهي، باقي هن ليک کي ڪنهن به انفرادي ذات، شخصيت، فرد کي نشانو بڻائڻ لاءِ موضوع نه ڪيو ويو آهي، هن کان علاوه به همعصر ليکڪ ساٿين کي پڙهندي سندن ڪتابن تي کُلي دل سان لکي سگهجي ٿو ۽ وقت سان گڏ لکبو به رهبو، وقت جي اهم ضرورت آهي ته اسان پڙهندڙن پاران پڌري ٿيندڙ ادبي ڪتابن تي مثبت رائي ۽ اصلاحي تنقيد جي ونڊ ورڇ ڪندي، اهو ڄاڻي سگهون ته اسان جي سرجيل تحرير جو مان مقام ڇا آهي ۽ ڇا هئڻ گهرجي!.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments