ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو…

هر سال جو آخري مهينو جيئن ته ڊسمبر آهي، پر سال 1997ع جي ڊسمبر مهيني جي گهري ۽ گهائيندڙ ياد هميشه اسان سان گڏ رهندي. 28 ڊسمبر 1997ع تي عظيم نقش گر شاعر شيخ اياز هي جهان ڇڏي ويو. اهو درد سدائين اسان سان گڏ رهندو.

شيخ اياز کي سندس تخليق کي اسين ياد ڪريون ٿا جو هن جي شاعري اسان جي من و ذهن کي هميشه مسرت بخشي آهي ۽ انهيءَ جي گهري احساس کي اسان جي اندر ۾ پيدا ڪيو آهي. اهڙو احساس جو اعليٰ شاعري ماڻهو جي اندر ۾ پيدا ڪندي آهي. اها زنده رهڻ واري شاعري آئنده صدين تائين اسان سان گڏ هوندي. هن ڪيئن نه پنهنجي حياتي ۾ شعر ۽ نثر جو پنهنجو هڪ جهان ۽ پنهنجي هڪ ڪهڪشان تخليق ڪئي هئي.

شيخ اياز پنهنجي اوائلي عمر کان پنهنجي درس تدريس ۾ هڪ نمايان شاگرد هو. پاڻ ڏسون ٿا هو پنهنجي پيشه ورانه زندگيءَ ۾ هڪ ڪامياب شخص هو، هو بهترين وڪيل هو، هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو وائيس چانسلر جو مرتبو ماڻيو، پر هن جي طبيعت شاعريءَ لاءِ وڌيڪ موزون ثابت ٿي. هن ننڍي عمر ۾ مشهور شاعرن جي ڪلام کي پڙهي ورتو ۽ عمر جي آخري حصي تائين ادب جي دنيا جي شهپارن جو به هُو پُر شوق پڙهندڙ رهيو. شاعريءَ تي هن جو رچاءَ ۽ گرفت سندس اولين تخليقن مان ئي ظاهر آهي، جيڪي ورهاڱي کان اڳ لکيون ويون. شيخ اياز جي خوبي اها آهي ته پنهنجي شاعري جي شروعات ۾ ئي هڪ پڪو پختو شاعر هو. شاعر محبت به شاعر انقلاب به.

“او باغي، او راج دروهي” جهڙي شاعري کان جنهن شاعر جي شروعات هجي، اڳتي هلي زندگي جي سڀني موڙن تي شاعر ناانصافي ۽ جبر خلاف بغاوت ڪئي نتيجي ۾ ڪشت ڪاٽيا ۽ قيد قبوليا. هن بي مهابا اختيار ۽ طاقت کي مڃڻ کان انڪار پئي ڪيو. شيخ اياز جنهن زماني جو شاعر هو انهيءَ ۾ هن پنهنجي شاعريءَ سان هڪ تحريڪ پيدا ڪئي ۽ اعليٰ قدرن کي مڃيندڙ وطن پرست نوجوانن جو هُو هڪ خواب بڻجي ويو. دنيا ۾ اهڙا شاعر گهٽ ٿيا آهن جن پنهنجي حياتيءَ ۾ پڙهندڙن کي مخاطب ڪيو هجي ۽ متاثر به. آدرش وادي نوجوان ۽ ادب جي پڙهندڙن هن جي شاعريءَ جي هر نئين ڪتاب جو انتظار ٿي ڪيو.

شاعر سنڌ جي سياسي تحريڪن جي آدرش سان سدائين هم قدم رهيو. بنا ڪنهن نفعي ۽ نقصان جي پرواهه جي. شاعري، هر تخليق ۽ فن جبر کان انڪار جي وصف رکي ٿو. شيخ اياز جي شاعري ۽ نثر ۾ جبر کان اهو انڪار ظاهر ظهور آهي ۽ سندس هر بيواجبي جبر ۽ طاقت کان انڪار جي وصف ئي آهي جنهن سندس شخصيت ۽ شاعري کي شان بخشيو آهي.

جيئن ته هو شڪارپور ۾ جنميو شڪارپور ۽ ڪراچي ۾ پڙهيو. سنڌ جي انهن ٻن شهرن جي خوبصورتي، سماجي جوڙجڪ، رهڻي ڪهڻي جيڪا پر مسرت به هئي ته ڪنهن ڀيد ڀاو کان آزاد به هئي. هن جي نشو نما ۾ گهرو ڪردار ادا ڪيو. هن 75 سال حياتي گذاري ۽ 75 نظم ۽ نثر جا ڪتاب اسان کي ڏنا. هو پويان اسان لاءِ جل جل مشعل جل جهڙي شاعري ۽ نثري پورهئي جي روشني ڇڏي ويو آهي. اهو سمورو تخليقي جادو ۽ روشني ايندڙ صدين تائين اسان سان گڏ رهندي. اهو شعر ۽ نثر سموري انسان ذات جو ورثو آهي. اهڙو ورثو جنهن ۾ تخليق جو جادو آهي ۽ اها مسرت به آهي جا اعليٰ فن پارن جي جوهر هجي ٿي.

شيخ اياز انهن شاعرن مان هو جن جي وابستگي پنهنجي وطن ۽ انهيءَ جي عوام سان هئي. شاعر سموري زندگي ۽ سڄي پنهنجي تخليقي جهان ۾ انهن جي خوشي ۽ درد جو ترجمان رهيو. انهيءَ لاءِ هن ادبي پورهيو ڪيو. ڏاڍ ۽ جبر سان مقابل ٿيو. هن هڪ آدرش وادي تخليقي حياتي گذاري. هو جو هڪ عظيم شاعر ۽ نثر نويس هو. هن پنهنجي پويان اسان لاءِ ۽ اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ 75 ڪتابن تي مشتمل ادبي ذخيرو ڇڏيو آهي جن جي آفاقي اهميت آهي. هُو فيض احمد فيض ۽ پئبلو نرودا جو هم عصر هو ۽ اوتري ئي وڏي درجي جو شاعر.

هن جي شاعري کي آفاقي پيغام آهي. هن جي جاءِ اعليٰ شاعري جي صفِ اول ۾ آهي. اسان جو نصيب آهي ته اسان جي ورثي ۾ شيخ اياز جهڙو شاعر آهي. ايندڙ صديون هن جي شاعري لفظ ۽ آواز جي صورت ۾ اسان سان گڏ هوندي، هو هميشه اسان کي ياد رهندو.

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments