گهر ۾ رهان يا بيگم جي دل ۾….
الطاف شيخ جي سفر نامي “وسي وڏ ڦڙو” مان کنيل
گهر ۾ رهان يا بيگم جي دل ۾….
الطاف شيخ
دنيا جا اُهي ملڪ، مثال طور سنگاپور، جاپان، هانگ ڪانگ وغيره يا اهي شهر جهڙوڪ: ممبئي، نيو يارڪ (مئن هٽن) جتي زمين جي کوٽِ آهي ۽ عوام گهڻو آهي، اتي رهائش لاءِ Vertical (اڀيون عمارتون)، يعني فليٽ سسٽم بهترين جواب آهي.
مون سنگاپور کي تڏهن به ڏٺو يعني گذريل صدي جي سٺ واري ڏهي ۾، جڏهن اهو اڃان به Fishing Village لڳو ٿي. هن تر ۾ جهازن ۽ جهازين (جهازن کي هلائڻ وارن ۽ سفر ڪرڻ وارن مسافرن) لاءِ ڪولمبو ۽ عدن بلي بلي بندرگاهه هئا. پوءِ اتي جي سياستدانن جي جڏن ڪمن ۽ فيصلن ڪري سلون (هاڻوڪو سريلنڪا) ۽ يمن پٺتي رهجي ويا ۽ پوءِ ستر واري ڏهي جي شروعاتي سالن کان سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جو اوج شروع ٿيڻَ لڳو. سنگاپور ۾ پهرين پيپلز پارڪ امپوريم ۽ پوءِ هڪ ٻه ٻيا گهڻ ماڙ وارا شاپنگ سينٽر کلڻ شروع ٿيا نه ته سنگاپور ۾ ورلي ڪا وڏي عمارت هئي. وڌ ۾ وڌ هيٺ دڪان ته مٿان ان دڪاندار جو فليٽ جيڪي عمارتون هن پاسي “شاپ هائوس” سڏجن ٿيون.
ڏسندي ئي ڏسندي سنگاپور هر فيلڊ ۾ ايڏي ترقي ڪئي جو سڄي دنيا جا واپاري ۽ امير ماڻهو هن مٽياري ضلعي جيڏي ٻيٽ نما ملڪ ۾ ڪاروبار لاءِ پئسو لڳائڻ لڳا. ڏسندي ئي ڏسندي اسان جي سامهون شپنگ ڪمپنيون، ايئر لائينون، بئنڪون، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون، ڪارخانا ۽ فئڪٽريون، شپ يارڊ ۽ فارين آفيسون کلي ويون جن کي هلائڻ لاءِ ڌارين ملڪن جا ماڻهو هڪ طرف رهڻ لڳا ته گهمڻ جا شوقين ٻئي طرف اچڻ لڳا. ملڪ ۾ خوشحالي ۽ پئسو ته جام اچڻ لڳو، پر رهائش وڏو مسئلو ٿي پيو. ننڍڙي ٻيٽ تي آفيسون، دڪان، روڊ ٺهڻ بعد باقي زمين ئي ڇا ٿي بچي جنهن تي ماڻهو بنگلا ٺهرائين. ان مسئلي جو حل ان وقت جي وزير اعظم “لي ڪئان يو” کي اوچين عمارتن ۾ نظر آيو. هن سنگاپور کي فلئٽن جو شهر بڻائي ڇڏيو. نه رڳو پرائيويٽ ڪمپنين کي فليٽ ٺاهڻ جي اجازت ڏني، پر سرڪاري طرح به ٺهرائڻ شروع ڪيا. ان سان گڏ سنگاپور ۾ رهندڙ ٽنهي قومن (ملئي، چيني ۽ انڊين) جي ماڻهن کي حڪومت طرفان آسان قسطن تي قرض به ڏنائين، پر هن فليٽ ٺاهيندڙن ۽ انهن ۾ رهندڙن لاءِ ڪجهه قاعدا قانون به ٺاهيا جو “لي ڪئان يو” هميشه چوندو هو ته “جيترو قاعدو اوترو فاعدو.”
اوچيون عمارتون يعني فليٽ ٺاهڻ وارين ڪنسٽرڪشن ڪمپنين لاءِ اهو ضروري ڪيائين ته هر بلڊنگ اڳيان هڪ ننڍڙو پارڪ هجي جتي ان بلڊنگ جي فليٽ ۾ رهندڙ ٻار ۽ والدين ٻين سان ملي سگهن ۽ چهل قدمي ڪن. هر عمارت جي چوڌاري “جاگنگ” ٽرئڪ ضروري ڪيائين جيئن مردَ توڙي عورتون پنهنجي صحت صحيح رکڻ لاءِ صبح توڙي شامَ جو واڪ ڪري سگهن. عمارتون ٺاهڻ وارن تي هن اها به سختي ڪئي ته هر فليٽ جون اليڪٽرڪ تارون ۽ سوئچ، گٽر سسٽم ۽ نلڪا اعليٰ رکيا وڃن جيئن نه پاڻي جو ذيان ٿئي ۽ نه گٽر اٿلي گندگي پيدا ڪن. بهرحال ٻيون به ان قسم جون ڳالهيون. ساڳي طرح فليٽن ۾ رهڻ وارن لاءِ پڻ ڪيترائي قانونَ مقرر ڪيائين جن مان ڪجهه هن ريت آهن ته فليٽ ۾ رهندڙن يا انهن جي مهمانن کي عمارت اڳيان هارن وڄائڻو ناهي ۽ نه موٽرسائيڪل وارن کي ڦاٽل سائيلنسر استعمال ڪرڻو آهي. هرهڪ کي ٽي وي ۽ ريڊيو جو آواز ايترو رکڻو آهي جو اهو سندس فليٽ تائين محدود رهي ۽ ڀر واري فليٽ ۾ ٻڌڻ ۾ نه اچي. ڪنهن کي به دريءَ مان ڪچرو اڇلائڻ جي اجازت نه آهي. پهريون دفعو شڪايت ملڻ تي فليٽ جي مالڪ کي وارننگ، ٻئي دفعي تي ڏنڊ ۽ ٽئين دفعي تي فليٽ ضبط ڪرڻ جي سزا مقرر ڪئي وئي ۽ پوءِ اسان ڏٺو ته سنگاپور جي حڪومت پنهنجن ماڻهن کان انهن قانونن تي عمل به ڪرايو. قانونَ جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي سزائون ڏنيون ويون ۽ کانئن فليٽ خالي ڪرايا ويا. هڪ ڪنسٽرڪشن ڪمپنيءَ پنهنجي عمارت اڌ فوٽ کن اڳيان ڪري ٺاهي. حڪومت کي جيئن ئي خبر پئي ته هن اها سڄي عمارت ڊهرائي پٺتي ڪرائي. اهو ئي سبب آهي جو سنگاپور ۾ توهان کي فليٽن واري عمارت ۾ به ماڻهو امن سان رهندي نظر اچن ٿا. دنيا سنگاپور جا مثال ڏئي ٿي ته فليٽ ڀلي سنگاپوري ٺاهين ريل گاڏيون ڀلي سنگاپوري هلائين جن ۾ چيغم کائڻ يا دورين جهڙي تکي ڌپ واري ميوي کڻي هلڻ تي به 500 ڊالر ڏنڊ آهي ۽ آئون وري پنهنجن ماڻهن کي اها ئي نصيحت ڪندو آهيان ته بابا سنگاپور ۾ خيالَ سان رهجو، خيال سان هلجو. پنهنجي ملڪ جون گنديون عادتون ڪراچي ايئرپورٽ تي ئي ڇڏي وڃجو. بهتر ته اهو آهي ته سنگاپور بدران گهٽ پگهار تي ملائيشيا ۾ کڻي نوڪري ڪجو نه ته سنگاپور ۾ ملندڙ ڪجهه وڌيڪَ ڏوڪڙ توهان ڏنڊ ۾ ئي وڃائي ڇڏيندئو ۽ سنگاپور جي ايڏي ضابطي واري زندگي آهي جو اسان جهڙن ملڪن جي ڇڙواڳن لاءِ مونجھارو پيدا ڪريو ڇڏي.
هي سڀ ڳالهيون مون کي پنهنجي مُلڪَ جي سنڌي چئنل تان ڪنهن رهائشي اسڪيم ۾ گهر يا فليٽ خريد ڪرڻ لاءِ ايندڙ بار بار اشتهار ڏسي ياد اچي ويون آهن. هن قسم جي “گهر اسڪيمن” جو زور حيدرآباد ۾ گهڻو نظر اچي ٿو. چي توهان جي سهڻي شهر حيدرآباد ۾…! حيرت آهي انهن اسڪيمن جا مالڪ عوام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ حيدرآباد کي سهڻو شهر سڏين ٿا. ڪنهن زماني ۾ اهو شهر واقعي سنڌ جو پئرس هو، پر هاڻ اهو شهر ڪهڙي لحاظ کان خوبصورت ۽ صاف سٿرو آهي؟ آئون اهو سوال اکين وارن کان ٿو ڪريان. مون کي اسان جي ملڪ جي هڪ کٿل فلمي اداڪاره ٿي ياد اچي جيڪا انڊيا کان چڪر هڻي موٽڻ تي پاڻ پڏرائي رهي هئي ته مون کي انڊيا ۾ ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي آفر ملي، پر پنهنجي ملڪَ جي حُبَ ۽ سِڪَ مون کي واپس وطن وٺي آئي. فلاڻي ڊائريڪٽر ته مون سان هٿ ملائي چيو ته تون بيحد سهڻي آهين… پريس ڪانفرنس ۾ ويٺل اخبار رپورٽرن مان هڪ کان براداشت نه ٿيو ۽ سندس وات مان ازخود نڪري ويو:
“اهو ڊائريڪٽر انڌو هو ڇا؟”
سو اڄ جي دور ۾ جڏهن دنيا جي ماڻهن کي صحت ۽ صفائي جي چڱي ريت ڄاڻ آهي ۽ جڏهن ڪينيا، ملائيشيا، ٿائلينڊ، موزمبق ۽ انڊونيشيا جهڙن مينهوڳي واري موسمن وارن ملڪن جا شهر به چمڪن پيا اتي ڇا توهان سکر، لاڙڪاڻي، حيدرآباد توڙي نوابشاهه ۽ خيرپور جهڙن شهرن کي سهڻا شهر سڏيندئو؟ ۽ ان تي طرو اهو ته… حيدرآباد جي سهڻي شهر جي دل قاسم آباد ۾ هي خوبصورت ۽ سهولتن سان پُر رهائشي اسڪيم آهي جنهن ۾ توهان اڄ ئي فليٽ (يا شايد بنگلو) بڪ ڪرايو…
يار! قاسم آباد ۾ نوي سيڪڙو سنڌي رهن ٿا ۽ سنڌين کي گاريون ڏيڻ يا ٽوڪڻ جا ٻيا به طريقا ٿي سگهن ٿا. قاسم آباد اهو ئي آهي نه جتي پڪوڙا چوڪ، نسيم نگر چوڪ وغيره آهي جتي اسان جي دوست فيروز ميمڻ جو نيو فيلڊس نالي ڪِتابن جو دڪان آهي جتان آئون ڪِتابَ وٺندو آهيان ۽ سامهون رستي جي ٻي پار سومرا هوٽل آهي جتي چانهه يا منجھند جي ماني کائيندو آهيان يا اهو چوڪ جتي علي CNG اسٽيشن آهي… ان قاسم آباد کي توهان ڪيئن سهڻي شهر جي دل ٿا سڏيو… جتي بکايل ۽ سنڍ ڍڳيون ڪچري جي ڍير کي پيون ڦولين، جتي مرضيل ۽ زخمي ڪُتن مٿان مکيون ويٺيون آهن، جتي گٽرن جو پاڻي بيماريون پکيڙي رهيو آهي، جتي فوٽ پاٿن تي دڪانن جا سامان ۽ موٽرسائيڪلون پارڪ ٿيل آهن ۽ پيادا هلڻ کان هلاڪ آهن، جتي هفتو کن اڳ جو اڌ ڪلاڪ کن وسيل مينهن جو پاڻي اڃان سڪو نه آهي، جتي رهندڙ رشوت خور ڪامورن جا مٿي ڦريل نوڪر ۽ ڊرائيور پنهنجي صاحبن جي بنگلن ٻاهران ڪرسين تي ويهي سگريٽن جا سُوٽا هڻي رهيا آهن ۽ پاڙي جي ايندڙ ويندڙ نياڻين تي رمارڪ ڏئي رهيا آهن…
ٽي وي تي هلندڙ ان اشتهار ۾ ڪمپيوٽر تي ڊيزائين ٿيل فليٽ ڏي اشارو ڪري اسان جي ٽي وي ڊرامن جو پسنديده اداڪار نه صرف اسان ناظرين کي هرکائي رهيو آهي ته هن اهو فليٽ خريد ڪيو آهي، پر سندس ڪنوار (ٽي وي اسڪرين جي هڪ ٻي پسنديده هيروئن) کيس چئي رهي آهي ته “مون سان شادي ڪرڻ بعد تنهنجو هي ٻيون بهترين فيصلو آهي.”
“مون کي پنهنجي فيصلي تي فخر آهي ته مون کي پنهنجي فيملي سان بيحد پيار آهي.” هيرو صاحب ٽانءَ ۾ اچي چوي ٿو ۽ پوءِ مونجھاري واري شڪل ٺاهي چوي ٿو ته “سمجهه ۾ نٿو اچي ته بيگم جي دل ۾ رهان يا هن خوبصورت علائقي ۾ ٺهيل گهر ۾…”
جن قاسم آباد ڏٺو هوندو ۽ اتي جا ڀڳل رستا ۽ پوسل وارا گهر ڏٺا هوندا، اُهي هن صاحب جي بيگم جو به اندازو لڳائي سگهن ٿا جنهن سان هو هن جي ڀيٽ ڪري رهيو آهي. هئڻ ته ائين کپي ته اهو چوڻ تي سندس بيگم پاڻ ئي پنهنجو سئنڊل لاهي کيس ٺاهوڪا موچڙا هڻي ته تو مون کي قاسم آباد ڇو سمجھيو آهي. مون کي ذليل ڪرڻ جا ٻيا به طريقا ٿي سگهن ٿا… اهڙيون گاريون ڪنهن ٻئي کي ڏي…
ساڳي وقت اهو ڪمپيوٽر جو به ڪمال آهي جنهن ذريعي هڪ اڻ ٺهيل شيءِ اڳواٽ ڏيکاري سگهجي ٿي… جنهن کي ڏورانهن شهرن ۽ ڏيهن ۾ رهندڙ حقيقت سمجھي اڪن ڇڪن ٿيو پون ۽ فليٽ يا بنگلي جي بُڪنگ ڪري ڦاسيو پون. ٽي سالَ کن اڳ جڏهن آئون ڪراچي آيل هئس ته آمريڪا ۾ رهندڙ منهنجي هڪ سنڌي دوست ان قسم جو اشتهار ٽي وي تان يا اخبارَ ۾ ڏسي فليٽ جي بڪنگ ڪرائي ۽ ڇهه مهينا کن قسطون ڏيڻ بعد مون کي منٿ ميڙ ڪئي ته ٻن ڪلاڪن جو سفر ڪري حيدرآباد وڃي اهو سهڻو علائقو ڏِسان جتي سندس گهر ٺهي رهيو آهي. انڪار ڪرڻ بدران حيدرآباد جو رُخ ڪيم ۽ ان رهائشي اسڪيم کي اچي ڏٺم ته سُڃَ ئي سُڃَ لڳي پئي هئي. روڊ کان گهڻو هيٺ Low Line ۾ اهو زمين جو حصو هو جتي ڪنسٽرڪشن ڪمپنيءَ رهائشي اسڪيم ٺاهڻ لاءِ اشتهار بازي ڪري رهي هئي. سم ۽ پوسل جي پاڻيءَ تي فقط ڪَنگَ نظر اچي رهيا هُئا. دوست کي فون ڪيم ته بابا هتي ته ڪمپني جي آفيس کان علاوه ٻيو ڪوبه گهر ٺهيل نه آهي. مڪمل گهر ته ڇا اڃان بنياد به نه کوٽيا ويا آهن. منهنجي دوست حيرت مان پڇيو ته “ائين وري ڪيئن! ملڪ جي خوبصورت اداڪاره ته ٽي وي تي هلندڙ اشتهار ۾ هر وقت اهو اچي چئي رهي هئي ته مون ته هن اسڪيم ۾ گهر وٺي ڇڏيو آهي توهان به اڄ ئي خريد ڪريو.”
“بس ادا!” مون جواب ڏنومانس “پوءِ توهان ان ئي اداڪاره سان رجوع ڪريو جيڪا اڄڪلهه نورس شربت جي اشتهار ۾ بار بار چئي رهي آهي ته آئون پنهنجو روزو هر روز نورس شربت سان کوليان ٿي.”