احساس ڪمتري سدره شاهه
ھوءَ
پلنگ تي ستل پنھنجي وارن جي کليل چڳ کي آڱر ۾ وڪوڙي، اکين کي ڇت ڏانھن ھڪ سٿ ۾ بيھاري يادگيرين جي سمنڊ ۾ ٻڏڻ لڳي ھئي.
نيڻن ۾ لڙڪن جون قطارون، ميڙ ٺاھيو وھڻ لڳيون ھئس،
ماضيءَ جي ڪن انيڪ پاڇولن سندس وجود کي پڪڙي ورتو ھو.
ھن بيچيني مان پاسو ورائي ڳوڙھن کي اگھيو.
ھڪدم ڇرڪ ڀرجي ويس،
عجيب ڪيفيت، چھرو ڦڪو ۽ چپ خشڪ.
ھن صوفي جي ڪانس تي پيل رئو کڻي،
ڪمري جي دري کولي وڏو ساھ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي.
آڌيءَ رات، چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ ھن جي روح کي فرحت جو احساس ٿيڻ لڳو.
”آڪسيجن“ جيان جڏھن ھن پنھنجي اندر ھوا کي ڀري پورو ڪيو ته دريءَ جا ٻئي تاڪ بند ڪيا.
اکيون مھٽي پلنگ تي اچي ستي.
ڪجھ ئي وقت ۾ ھن جون اکيون ننڊ جي اونھين وادين ۾ ٻوٽجنديون ويون ۽ ھوءَ خيالن جا برقعا ويڙھي گھري ننڊ سمھي پئي.
سسئي او سسئي!
ورانڊي مان سڏ ٻڌي ھن پنھنجي مٿان چادر ھٽائي.
وارن کي پونيءَ سان ٻڌي ھوءَ پلنگ تان اٿڻ لڳي ته ساڳئي سڏ وايون بتال ڪيس.
ننڊ جا خمار اڃان به کيس سر تي سوار ھئا.
صندل تي پالڪ جو ٿال رکيو ڏاڏي حاجرہ پئي پالڪ جي پتن کي سويو.
سسئي کي ڪمري مان سستي سان ايندي ڏسي،
عينڪ کي نڪ تي لاھي ڏاڏي حاجره ته جھڙو راڪيٽ وانگر تپي وئي.
منڊم ھاڻ ھوريان پير ڪندينءَ ته شام ٿي ويندي، ٻپھرن تائين ستي پئي آھين.
ڏاڏي اڃان ته صرف ٨ ٿيا آھن.
ماٺ ڪر ھاڻ،
وڏي سڄي ڏاڏي کي جيستائين جواب ڪانه ڏين تيستائين تنھنجي ھينئين ۾ پيو ساڙو ٿيندو.
سسئي ھميشه وانگر ڏاڏي جي ڳالھين کي صبر جو پيالو سمجھي پي ورتو.
ٺڪ ٺڪ ٺڪ…!
دروازو کڙڪيو.
ڇوري در تي ته ڏس ڪير آھي، ڏاڏي حاجرہ، سسئي ڏانھن دانهن ڪئي
جنھن اڱڻ ۾ ٻوھاري پئي ڏني.
ساجھر سوير الائي جي ڪنھن جي ننڊ ڦٽي آھي جو سڌو منھنجي گھر جا پير ڪيا اٿائين.
ڏاڏي پالڪ کي مٺ ۾ جھليو در ڏانھن ڏسي پئي ڳالھايو.
”سلام عليڪم“ جيجي “حاجره“
اڙي…!
مائي شبي تون،
ڏاڏي حاجرہ، مائي شبي کي در کان ٽپندي ئي تجسس منجھان ڏسي کيکاريو.
مٿي تي ڪپڙن جو ٻوجھو رکيو، ھوءَ سھڪندي سھڪندي اچي ڏاڏي حاجرہ جي سامھون پٽ تي ويٺي.
ٻوجھي کي ڀر ۾ رکي ٿڌن ساھن جون پئي ڦوڪون ڏنائين.
امڙ ڪو چانھ ڍڪ ته پياريم، مائي شبي مٿي تي ھٿ رکي سسئي کي چيو.
جنھن سر سر ڪندي ٻوھاري پئي ڏني.
جيجي ”حاجره“ تون چئينس پوٽيءَ کي مون کان تيز ڳالھايو ڪونه ٿو ٿيم.
ڇوري سسئي، او ڇوري!
ڏاڏي حاجرہ سڏيس،
جي ڏاڏي!
ھن ٻوھاري جي سر سر آواز کي جھلي ڏاڏي کي وراڻيو.
مٿي تي ٻڌل رئي جي پٽي کي ڇوڙي ھٿ ڇنڊيندي رڌڻي ڏانھن وئي.
ڪنن کان به گھٻري ٿي وئي آھي،
ڏاڏي حاجرہ پالڪ جي ڏنڊين کي ميڙندي چيو.
جيجي سچي ٻڌا،
ھيڏي سھڻي سيبتي نينگري ڪيئن ڪنن کان گھٻري ٿي وئي
نڪ کي چيچ ھڻي مائي شبي توبھ ڪندي ڏاڏي ڏانھن ڏٺو.
مائي ڪھڙا ٿي حال پڇين،
ھن ڇوري تي جيترا اسان نوٽ وڃايا آھن جي ڪنھن سڪل وڻ تي وجھون ھا ته اھو به سائو ٿي وڃي ھا.
رڳو بيمار ڪڏھن مٿي ۾ سور ته ڪڏھن پاسي ۾، جيجي اھو ڀلا ڪيئن؟
مائي شبي سسئي کان چانھ جو پيالو وٺي کيس عجب مان نھاريو.
سسئي نيڻن کي ڦيري پنھنجي ڌيان مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي.
وٺ ٿال،
رڌڻي منجھ رکي اچ.
ڏاڏي حاجرہ سسئي کي پالڪ وارو ٿال ڏئي صندل تي پلٿ ھڻي ويٺي.
ننڍپڻ کان ايئن موڳي آھي،
ساڳيو سندس ننڍي ڀيڻ ماروي ھوشيار پڙھي لکي
ھاڻ ته پڻس کيس ”ڪاراچي“ (ڪراچي)
پڙھڻ لاءِ موڪليو آھي ۽ ھي ٻارھن به ڏکيو ڪيو گھر ويٺي آھي.
سڄو ڏينھن پئي ڪنڊ پاسا ڳولھيندي.
شل نه ڪو مھمان اچي ڪوٺي ۾ گھڙيو ونھ جي وني ٿيو پئي ھوندي آھي.
چانھ جي پھرين ڍڪ کي ڀريندي ئي ھن ڏاڏي حاجرہ جي ڳالھ ڪٽي چيو،
جيجي ”حاجره“ ڪو پاپو ٻاپو ھجنئي ته کارائي،
ٺلهي چانھ ته ويتر جيرو پئي ساڙيندي.
ھٿ وارو پکو ھڻندي ڏاڏي حاجرہ سسئي ڏانھن زورائتي رڙ ڪئي
جي ڏاڏي…؟
سسئي پالڪ واري ديڳڙي تان باھ کي ھلڪو ڪري ڏاڏي ڏانھن آئي.
ڪالھ پڻھين جيڪا پاپن جي ٿيلهي وٺيو آيو ھو،
تنھن مان ٻه پاپا ھن لاءِ کڻي اچ.
ھا ته مون ڇا پئي چيو!
ڏاڏي حاجرہ پنھنجي ڳالھ کي جاري رکندي طول وھاڻي کي ٽيڪ ڏني.
سوچيندي آھيان ته منھنجي حياتي کانپوءِ الائجي ڪير سندس سارون لھندو. ھن جھڙو ڪو موڳو سوڳو ڇوڪرو ملي ته جلد پرڻائي پنھنجي سر تان بار ھلڪو ڪريان.
وارن جي اڇي سينڌ کي ٺاھي ڏاڏي حاجرہ چيو،
ماڻس به مري وئي منھنجي پٽ به ٻي شادي ڪانه ڪئي. پوءِ ڪري ھا نه بابا شادي، ڪمري جي دريءَ مان سموريون ڳالھيون ٻڌي سسئي زبان ڪونه روڪي سگھي.
شبي کي پاپا ڏيئي ھوءَ ورانڊي جي ٺلھ کي ٽيڪ ڏيئي چوڻ لڳي. ماسي شبي منھنجي ڏاڏي منھنجي حال جي ذميوار اٿئي.
ننڍي عمر ۾ امي جي وفات ٿي وئي، ماءُ جي وڇوڙي کانپوءِ منھنجي پيءُ ۽ ڏاڏيءَ تي فرض ھو ته ھو مون کي محبت ڏيئي ڪڏھن امي جي ڪمي محسوس نه ڪرڻ ڏين ها.
سسئي جي زبان مان پھريون ڀيرو بغاوت جا لفظ ٻڌي ڏاڏي ڳاڙھي لال ٿي وئي.
سسئي جنھن جي نڙي ڳالھائيندي ڏڪڻ لڳي ۽ نيڻ دردن جي ڊگھن قصن جو ڪتاب بڻجي نمايان ٿيڻ لڳس.
ماسي آئون پڙھڻ ۾ پھريون نمبر ھوندي ھئس،
منھنجي اسڪول جا استاد بابا سان ھميشه منھنجون تعريفون ڪندا ھئا.
مائي شبي پاپي کي طوطي وانگر ٽڪيندي ڪڏھن ڏاڏي ڏانھن پئي ڏٺو ته ڪڏھن سسئي ڏانھن.
منھنجا به ھزارين خواب ھئا، ماروي جيان يونيورسٽي پڙھڻ جو شوق ھئم،
پر پنھنجي پيءُ مون کي ”احساس ڪمتري“ جو شڪار بڻائي اھو چيو ته آئون موڳي آھيان شھر ۾ ڀلجي وينديس.
ڏاڏي ھميشه مون کي موڳو، ڪم عقل ۽ چريو سمجھيو آھي.
جڏھن ته پڙھيل ڇوڪرن جا رشتا مون لاءِ ايندي به ڏاڏي ھنن کي ماروي جو چئي موٽائي ڇڏيندي آھي.
ننڍپڻ کان اھو فرق ڏسي ھاڻ ته راتين جو منھنجو ساھ گھٽبو آھي.
ننڊ به گھڻي قدر مون کي ڪونه ايندي آھي.
ڇا ڪريان جيستائين پنھنجي پيرن تي بيھان اھو ظلم منھنجو مقدر ھوندو.
دعا ڪر ته ڪا نوڪري ملي ته آئون به پنھنجو گھر اڪيلو وٺي رھان.
اھو چئي، ھوءَ زارو قطار روئيندي رڌڻي ڏانھن وئي.
مائي شبي جنھن تي اھو سڀ ڪجهه ٻڌي سڪتو طاري ٿي ويو.
مائي ڇڏينس ڪجھ به چيو ڇڏيندي آھي.
ڏاڏي حاجره، ڳالھ کي بدلاڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڪپڙا ته ڏيکاريم، ڪو چڱو چوکو رنگ آندو اٿئي ته اوڌر تي وٺان.
جيجي ڪپڙا ته ھڪ کان ھڪ عاليشان اٿئي.
تون سڀ وٺي ويندينءَ، مائي ھاڻ ٺھيو ايڏو به پنھنجي ڪپڙن کي نه پڏاءُ،
کولينس ٻوجھي کي، مائي شبي ٻوجھو کولي ڏاڏي حاجره کي ڪپڙا ڏيکارڻ لڳي.
آئون به ڏسان ماسي شبي ڪھڙا ڪپڙا آندا اٿئي.
سسئي ٻوجھي کي کلندو ڏسي رڌڻي مان آئي،
۽ ڏاڏي جي ڀرسان پيل کٽ تي ويٺي
نسوار جي پڙي مان ڳوڙھي ٺاھيو مائي شبي وات ۾ وجھي آڱر ٻوجھي جي ڪنڊ سان اگھي.
مائي ڪو شرم ڪر ڇا ڪن ويٺي کائين
ڏاڏي رئي سان نڪ ڍڪي پئي پکو ھنيو.
جيجي عادت ٿي پئي اٿم ڇا ڪريان
ھي وٺ وڳو ھلڪو رنگ تنھنجي بدن تي ڏاڍو ٺھندو.
مائي شبي ھڪدم سليٽي رنگ جو وڳو ڏاڏي جي ھنج ۾ رکيو
جنھن کي ڏاڏي پئي ابتو سبتو ڪري ڏٺو،
ھي وٺ امان تون پائيندئين ته حور لڳنديئن
سائي رنگ جو عاليشان وڳو مائي شبي، سسئي کي ڏيندي چيو
جيتري تون سھڻي وڳو به اھڙو سھڻو
اھو ٻڌي ڏاڏي جا تارا گول ٿي ويا
ڇو مائي مون کي ڦٽل جوڙو ڏيکاري ھن کي وري رنگين پئي ڏين
مٿي کي کني تيل ۾ جڪڙيل وارن جي لٽ کي مائي شبي ڪن جي پويان ڪندي چيو
جيجي تون پنھنجي عمر ڏس ۽ ھن جي جواني ڏس
کيکي ڪندي سسئي جو ٽھڪ نڪري ويو.
مائي شبي به ڏاڏي جي ڊپ کان کل کي گھڻو ئي جھليو
پر کل ھئي سان پاڻ جھليو ڪونه سگھي.
ھيڏانھن ڏيم وڳو
ڏاڏي، سسئي کان وڳو کسي
ٻوجھي ۾ کڻي اڇليو
ائي جيجي ڇا ٿيو، مائي شبي، ڏاڏي جي چھري تي مٽيل رنگ ڏسي حيرت مان پڇيو.
نڪر ھتان ھاڻ ٻيھر منھنجي گھر جا پير نه ڪجانءِ
ڏاڏي ٺونٺيون ھڻي کيس ڌڪاريو
ائي جيجي چڱي ڀلي ويٺي ھئين، مون ٻه اکر جي تنھنجي پوٽي لاءِ سچ جا چيا ته ماڳي تپي وئين.
ائي مالڪ تنھنجا رنگ
اھو چئي ھن ٻوجھو کنيو
ڇوڪري جو ته ڪو ڏوھ ئي ڪونھي، ڏاڏي آهي جو احساس ڪميتري (احساس ڪمتري) منجھ ٻڏي پئي آھي.
اچ امان در ڏي،
سسئي سندس ڳالھيون ٻڌي مطمئن ٿي لبن تي مرڪ وکيري، گھڻن غم جي ٻوجھ کان ڄڻ آجي ٿي، دروازو بند ڪرڻ وئي.
***

