بلاگخاص

برموڊا ٽڪنڊي ۾ حادثن جا سببَ(حصو ٻيون)

الطاف شيخ جو سفر نامون “بنارس کان برموڊا تائين” مان کنيل

(حصو ٻيون)

برموڊا ٽڪنڊي ۾ حادثن جا سببَ

الطاف شيخ

اڄ کان 45 سال کن اڳ جڏهن 1968ع ۾ مون سامونڊي نوڪري اختيار ڪئي، ان وقت کان اڄ تائين برموڊا ٽڪنڊي تي گهٽ ۾ گهٽ ڊزن کن ڪتاب، سئو کن مضمون ۽ ڪيتريون ئي فلمون ۽ ٽي وي ڊاڪيومينٽريون ڏسي چڪو آهيان، پر آئون پاڻ به مونجھاري جو شڪار آهيان. ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته ڳالهه ۾ آهي ڪجهه ڪونه اسان جهازي ماڻهن، ڪهاڻي نويسن ۽ ميڊيا وارن کڻي ان ڳالهه کي اڇاليو آهي جيئن رکي رکي سنڌ ۾ ڪنهن قبر تي مقبرو اڏجي ويندو آهي، چوڌاري جھنڊا لڳي ويندا، مجاور ويهي ويندا ۽ اهو مشهور ڪيو ويندو آهي ته هي وڏي ڪاني ڪرامت وارو بزرگ آهي ۽ پڙهيل توڙي جاهل ماڻهو دل جون مرادون پوريون ٿيڻ لاءِ سکائون باسڻ لاءِ پهچي ويندا آهن. اخبارن ۽ ٽي وي وارا به اهڙين ڳالهين کي کڻي کڻندا آهن ۽ پوءِ ڪيترا اهڙا مريد به نڪري پوندا آهن جيڪي ان پير جون هٿ ٺوڪيون ڪرامتون ٻڌائي ماڻهن جي دلين ۾ خوف ۽ تجسس پيدا ڪندا آهن. “برموڊا ٽڪنڊو“ به ائين آهي، پر ڳالهه آهي ته ان کان به ته ڪو انڪاري ناهي ته سمنڊ جي هن حصي ۾ صدين کان…. گهٽ ۾ گهٽ ڪرسٽوفر ڪولمبس کان (جيڪو هي سمنڊ اڪرڻ وارو پهريون ماڻهو هو) جهاز جا پُر اسرار واقعا ٿيندا رهيا آهن ۽ اڄ به ٿيندا رهن ٿا. برموڊا ٽڪنڊي جي حيرت انگيز حادثن جو سبب ڪيترا ماڻهو سخت موسم به چون ٿا. جيئن 1502 ۾ هتي لڳندڙ سخت قسم جي هوائن ۾ اسپيني ٻيڙو Fleet ٻڏي ويو هو. طوفانن ڪري جهازن جي ٻڏڻ جو هي پهريون دستاويزي واقعو آهي. ڪيترائي جهاز ۽ انساني جانيون هنن طوفانن ۾ غرق ٿي ويون…. خاص ڪري هڪ صدي اڳ تائين جڏهن جهاز هلائڻ وارن کي سمنڊ ۾ ايندڙ طوفانن جي اڳواٽ خبر نٿي پئي. ڪڏهن ڪڏهن سمنڊ مٿان گرم يا گهڻي ٿڌي هوا جي تيز لهر اچڻ ڪري به جهاز ٻڏيو وڃن. 14 مئي 1986ع تي برموڊا ٽڪنڊي واري سمنڊ ۾ ”پرائيڊ آف بالٽيمور“ نالي هڪ جهاز ٻڏي ويو، پر ان جا هڪ ٻه ماڻهو بچي ويا. اهي ٻڌائين ٿا ته هوا جي رفتار اوچتو ئي اوچتو 20 ميل في ڪلاڪ مان وڌي 90 ميل في ڪلاڪ ٿي وئي…. ان سان گڏ هوا پنهنجو رخ به ڦيرائي ورتو هو. اهڙيءَ ئي حالت ۾ 2010ع ۾ Concordia جهاز ٻڏي ويو هو. جنهن لاءِ طوفانن جو ماهر جيمس (James Lachine) پنهنجي رپورٽ ۾ لکي ٿو ته:

“During very unstable weather conditions the downburst of cold air from aloft can hit the surface like a bomb, exploding outward like a giant squall line of wind and water.”

بہرحال اہي جهاز ته موسم جي خرابيءَ ڪري ٻڏي ويا ۽ ٻڏي ويل ماڻهن مان جيڪي بچي سگهيا انهن پنهنجو ۽ جهاز جي ٻڏڻ جو احوال ٻڌايو، پر ”ايلن آسٽن“ نالي جهاز جيڪو 1881ع ۾ نيويارڪ ڏي وڃڻ لاءِ برموڊا ٽڪنڊي وارو سمنڊ لتاڙي رهيو هو ان لاءِ ٻڌائين ٿا ته اهو جهاز ڏسندي ئي ڏسندي غائب ٿي ويو. ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن هو وري نظر آيو ته ان تي هڪ به ماڻهو موجود نه هو …. نه مسافر نه جهاز هلائڻ وارا! نيٺ جهاز جي مالڪ ٻئي جهاز ذريعي نئون عملو هن جهاز تي موڪليو جيڪي ان کي هلائي نيويارڪ وٺي آيا.

برموڊا ٽڪنڊي ۾ ٿيندڙ حادثن جو وڏو سبب جهاز تي استعمال ٿيندڙ ڪمپاس (قطب نما) ۾ نقص (error) به چيو وڃي ٿو جيڪو ڪنهن حد تائين صحيح به آهي …. يعني اهو سبب. ڪراچي بندرگاهه کان يا ٻئي ڪنهن بندرگاهه بمبئي يا ڪولمبو کان آفريڪا کنڊ جي ڪنهن بندرگاهه ڏي وڃڻ لاءِ الهندي جو رخ اختيار ڪبو ته ڪجهه ڪلاڪن بعد چوڌاري سمنڊ ئي سمنڊ نظر اچي ٿو. ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪنهن وڏي ٿالهه جي وچ ۾ فقط توهان جو جهاز بيٺو آهي. ٿالهه جو مثال ان ڪري ڏنو اٿم جو دنيا گول آهي. چورس هجي ها ته پوءِ چوڪنڊي رومال جي وچ ۾ محسوس ڪجي ها.

هاڻ جيستائين ماڻهو بندرگاهه ۾ آهي ته عمارتن جي رخ  مان خبر پئجو وڃي ته هي پاسو اتر آهي، هي پاسو ڏکڻ، پر سمنڊ تي جيڪڏهن توهان کي ڪو به اوزار نه هجي ته توهان کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙو طرف ڪهڙي پاسي آهي. صبح جو يا شام ڌاري ته سج اڀرڻ ۽ لهڻ مان توهان کي اوڀر ۽ اولهه جي خبر پئجي سگهي ٿي جنهن مان اتر ۽ ڏکڻ جو به اندازو لڳائي سگهو ٿا، پر منجھند مهل جڏهن سج بلڪل مٿان آهي يا رات جي وقت جڏهن ڪڪرن ڪري تارا به نظر نٿا اچن ۽ توهان جي ٻيڙي يا جهاز مختلف طرفان کان لڳندڙ ڇولين ۽ تيز هوائن ڪري ڦيرا پيو کائي ته ان کي توهان ڪيئن سڌي واٽ تي آڻيندوَ…. مثال طور توهان ڪيئن معلوم ڪندوَ ته الهندو ڪهڙي پاسي آهي جنهن طرف ڏي آفريڪا کنڊ آهي جنهن جي ممباسا، زنجبار يا مپوتو بندرگاهه ۾ توهان کي لنگر انداز ٿيڻو آهي؟ سو بنا طرف سڃاڻڻ جي سمنڊ تي جهاز هلائڻ ناممڪن ڳالهه آهي. زمين تي ته اڳواٽ روڊ ٺهيا پيا آهن جن تان توهان ڪار يا بس هلايو ٿا. بلڪه روڊ تي ميلن يا ڪلو ميٽرن جا پٿر به  لڳا پيا آهن جن مان توهان کي خبر پوي ٿي ته توهان ڪيترو فاصلو طئي ڪيو آهي ۽ منزل تي پهچڻ لاءِ اڃان ڪيترا ميل يا ڪلو ميٽر مفاصلو رهي ٿو. ان کان علاوه توهان کي ڪار جي ”اسپيڊ و ميٽر“ مان به خبر پئجو وڃي ته اها ڪيتري رفتار سان هلي رهي آهي ۽ گهر کان نڪرڻ بعد ڪيترا ميل هلي آهي.

سمنڊ تي زمين وارو حساب ناهي ۽ نه جهاز موٽر ڪارون آهن. سمنڊ تي پاڻ رستو ٺاهڻو پوي ٿو ۽ طرفن جي معمولي غلطي به حادثي جو سبب ٿي سگهي ٿي. جهازن تي جيتوڻيڪ ڪار وانگر اسپيڊو ميٽر آهي جيڪو رفتار به ٻڌائي ٿو ته طئي ڪيل فاصلو به پر سمنڊ تي طوفانن ۽ لهرن ڪري ضروري ناهي ته جهاز اوترو اڳيان وڌيو به هجي. ٿورو تصور ڪريو توهان ڪار ۾ هڪ سئو جي رفتار سان حيدر آباد کان ڪراچيءَ پيا وڃو. ٽن ڪلاڪن بعد جڏهن توهان ڪنهن واٽهڙوءَ کان پڇو ته ”بابا ڪراچي اچي وئي يا نه؟“ ۽ هو توهان کي  جواب ڏئي ته ”هي ته ڄامشورو آهي“ ته توهان جي ڇا حالت ٿيندي، پر سمنڊ تي اها ڪارروائي هڪ نارمل ڳالهه آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته سامهون جا ايڏا ته سخت طوفان ۽ انهن سان گڏ سمنڊ جون سامهون جون ڇوليون هونديون آهن جو 24 ڪلاڪن بعد جڏهن دنيا جي گولي تي پنهنجي جهاز جي پوزيشن معلوم ڪبي آهي ته خبر پوندي آهي ته جتان کان هليا هئاسين ان کان به پٺيان ٿي ويا آهيون …. يعني ڄامشورو ته ڇا بلڪه حيدرآباد جي به پٺيان مٽياري يا هالا ۾ بيٺا آهيون.

صدين کان سمنڊ تي طرف ڏسڻ لاءِ اڄ به بنيادي اوزار ڪمپاس (قطب نما جي دٻي) آهي جنهن جي سُئي هر وقت اتر قطب ڏيکاري ٿي …. يعني اتر ڏيکاري ٿي، پر جيئن ته قطب نما جي هيءَ سئي يا ڪانٽو جيڪو ان بنياد تي ڪم ڪري ٿو ته دنيا جي گولي اندر چقمق موجود آهي. ان ڪري ڪمپاس جي سُئي جيڪو طرف ڏيکاري ٿي اهو اتر ضرور آهي، پر اسان ان کي چقمقي اتر (Magnetic North) سڏيون ٿا ۽ ضروري ناهي ته ان سُئيءَ موجب هوائي جهاز يا پاڻيءَ واري جهاز ۾ هلندا وڃون ته بلڪل اتر قطب ۾ وڃي نڪرنداسين. ڌرتي جي گولي وارو ”اتر“ جاگرافيائي اتر (Geographic North) سڏجي ٿو. ٻنهي جي وچ ۾ جيڪو ٿورو گهڻو فرق اچي ٿو ان کي ڪمپاسي فرق (Compass Variation)  سڏجي ٿو ۽ سمنڊ تي رستي جو حساب ڪتاب ڪرڻ مهل ان فرق (Deviation) جو هميشه خيال رکڻو پوي ٿو ۽ اهو فرق مختلف هنڌن تي مختلف ٿئي ٿو جنهن جو مدار سمنڊ اندر لوهي کاڻين جا جبل به ٿي سگهن ٿا! برموڊا ٽڪنڊي وارو سمنڊ ان معاملي ۾ بيحد بدنام آهي جو اهو فرق هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ۽ هڪ وقت کان ٻئي وقت تمام گهڻو هيٺ مٿي ٿيندو رهي ٿو ۽ هوائي جهاز توڙي پاڻيءَ جو جهاز هلائيندڙن جون وايون بتال ڪريو ڇڏي. سو ڪنهن حد تائين جهازن جي حادثن جو ”ڪمپاس“ (قطب نما) کي ڏوهه ڏيڻ صحيح آهي، پر برموڊا ٽڪنڊي ۾ هر حادثو ڪمپاس جي error ڪري به ته چئي نٿو سگهجي.

 

ائين ته جهازن جي حادثن جو سبب انساني غلطيون (Human Error) به آهن. جهازن جي هيڏي ماڊرن هجڻ جي باوجود سمنڊ جي زندگي ذهني توڙي جسماني طرح بيحد ٿڪائيندڙ آهي. سو ٿَڪَ ۽ پريشاني جي حالت ۾ ڊيوٽي وارو نيويگيٽر غلط حساب ڪتاب به ڪري سگهي ٿو. ويتر جي هن کي ڪمپاس ئي غلط رستو ڏيکاري ته هو ڇا ٿو ڪري سگهي! ۽ رستو ڏيکاريندڙ اوزار برموڊا ٽڪنڊي واري سمنڊ تي ئي گهڻي خرابي پيدا ڇو ٿا ڪن اهو اڄ به اڃان راز آهي ۽ ائين به ته نه آهي ته برموڊا ٽڪنڊي ۾ هر وقت ۽ هر جهاز سان اها ويڌن ٿيندي رهي ٿي …. آخر اسان به ڪيترائي دفعا اهو سمنڊ جو حصو اڪريو هوندو. سواءِ پهرين دفعي بوائلر جي مسئلي ڪري جهاز کي برموڊا جي بندرگاهه هئملٽن ۾ وٺي آيا هئاسين نه ته ڪڏهن ڪجهه نه ٿيو …. اڄ به ۽ هن وقت به، برموڊا ٽڪنڊي واري سمنڊ تان ڪيترائي جهاز آمريڪا، يورپ ۽ آفريڪا کنڊن جي بندرگاهن ڏي اچي وڃي رهيا آهن. ….(پورو ٿيو)….