تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل
سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ جي خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ جي خلاف ڪيس ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب حليم عادل شيخ جي خلاف داخل ڪيل ڪيس ۾ دهشتگردي، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ هوائي فائرنگ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ خلاف ڪيس سرڪاري مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي ۽ کيس اڄ دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. واضح رهي ته حليم عادل شيخ کي گذريل ڏينهن پوليس ان وقت گرفتار ڪيو هو جڏهن هو ضمني چونڊ دوران ڪيمپس جو دورو ڪري رهيو هو ۽ اليڪشن ڪميشن جي طرفان کيس چونڊ تڪ مان ٻاهر ڪڍڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. اليڪشن ڪميشن چيو هو ته حليم عادل شيخ کي سرڪاري پروٽوڪول ۽ هٿيارن سان گڏ گهمڻ تي تڪ مان بيدخل ڪيو وڃي.

