بلاگخاص

سي ئي سندر آهن قسط-4

الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”

قسط-4

سي ئي سندر آهن

الطاف شيخ

پوءِ جڏهن شادي ٿيندي هئي ته پاڙي جون ننڍيون وڏيون ڪنوار کي اچي سينگارينديون. گهر جو ڪم ڪار ڪنديون ۽ آيل مهمانن جي لاءِ ماني ٽڪي تيار ڪنديون. “ڪنوار جا وار هينئن نه هينئن ٺاهينديس ان اسٽائل ۾ ته صفا ڏهه سال پوڙهي ٿي لڳي.” ڪا پڇندي: “امان ڇوڪرو ڪهڙي ٿو نوڪري ڪري؟”

“اڃان پڙهي پيو. آخري سال ۾ آهي مائٽن جو سڀ ڪجهه اٿس.” “ڪنوار جا ڀاڳ ڀلا! اڄڪلهه ڪٿي ٿا اهڙا ڇوڪرا ملن.”

“ڇوڪري به گهٽ ناهي ڀاڳن وارن کي اهڙي ڪنوار ملندي.”

“امڙ پنهنجو پاڻ ۾ ويٺا آهيون ڪنهن سان ڳالهه نه ڪجانءِ، هو هن جي لائق آهي ته هوءَ هن جي.” شادي جي دعوت تي ننڍو وڏو اچي گڏ ٿيندو هو. اهي ٻار جن کي اڃان ڏند نه آيا هوندا، انهن کي به مائرون وات ۾ ڪجهه نه ڪجهه گچينديون رهنديون هيون. ڪي زالون در تي “بيهي ڄڃ اچڻ تي لوڻا هيڏانهن هوڏانهن ڦيرائي مهمانن کي سڃاڻڻ جون ڪوشش ڪنديون هيون.” هي گهوٽ جو چاچو آهي نيو جرستي ۾ ٿو رهي، هي مامو اٿس هي بروڪلن ۾ نلڪن جو ڪم ٿو ڪري ۽ هي جيڪو اچي پيو ان کي ته مان نه سڃاڻان، لڳي ٿو ته گهوٽيتن جي پاسي جو آهي. ٻڌجي پيو ته گهوٽيتا مڙئي ٿوري ٽون ڦان وارا آهن. اجهو هارن جو کارو به اچي ويو. اڃان گهوٽ جو پتو ڪونهي.”

“اچي ويو، اچي ويو” ٻارن جي هل ۾ پراڻي ٽيڪسي لڏندي اچي بيهندي. پهرين گهوٽ جا ماءُ پيءُ ان مان لهندا پوءِ ٻارن جو ڌڻ، پوءِ گهوٽ، پوءِ گهوٽ جي ڪنواري ڀيڻ، پوءِ چاچي ان سان گڏ ٽيڪسي جا بار ڪري چٻا ٿيل ڦيٿا ڪجهه مٿي کڄندا ايتري ۾ ڪنوار به اندرئين ڪمري مان ٺهي جڙي نڪرندي. ٻار شاديءَ جا ڳيچ ڳائيندا:

Here comes the Bride-All dressed in white

Here come the feller-All dressed in Yeller.

هڪ دفعو وري نئين جوڙي تي عورتون ٽيڪا ٽپڻي ڪنديون. سُس پُس شروع ٿي ويندي. اٿڻ مهل هڪٻئي کي آهستي ڪنن ۾ ڦسڪا هڻنديون: “پنهنجو پاڻ ۾ ويٺا آهيون ڪنهن سان ڳالهه نه ڪجانءِ هوءَ هن جي لائق نه آهي هو هن جي.”

پاڙي ۾ ڪيترا پوڙها پوڙهيون رهنديون هيون جي سڀني جا چاچا ۽ چاچيون هيون. هڪ چاچي هوندي هئي جيڪا ايڏي ته پوڙهي هئي جو هن کي اهو به ياد نه هو ته هن جا وڏا ڪير هئا ۽ ڪٿان آيا. سندس مائٽن مان ڪير جيئرو نه بچيو هو. سندس مڙس کي به ياد نه هو. منهنجا ڀائر ساڻس چرچا ڪندا هئا ته هنن جو نڪاح نامون رد ٿي ويو آهي ۽ هاڻي گناهه جي زندگي پيا گذارين. ننڍن ٻارن کي ڪڏائڻ وقت چوندي هئي: “بلڪل پڙ ڏاڏي تي ويو آهي” يا “بلڪل تڙ نانيءَ تي مهانڊو اٿس” هاڻ ڪير جيئرو آهي جو سندس ڳالهه جو ثبوت ڏي يا رد ڪري.

هڪ ٻي پوڙهي چاچي هوندي هئي جنهن لاءِ مشهور هو ته سندس سئوٽ جو هن سان عشق هو. هڪ ڏينهن سندس سئوٽ ڳل تي کڻي هٿ لاٿو. جنهن تي مائي ڪاوڙجي پئي ۽ سخت دل ۾ ڪيائين ته اهو ماڻهو جيڪو هينئر ئي هٿ ٿو لاهي سو اڳتي هلي خبر ناهي ڪهڙا ڪم ڪندو ۽ هو ويچارو به شرم ۽ گناهه جي احساس کان ماڳهين نيو يارڪ ڇڏي ڪئليفورنيا هليو ويو، جيئن اها ڳالهه دل تان وسري وڃي. آخر اها ڳالهه درگذر ڪري هن ڏي نياپو موڪليائين ته شاديءَ لاءِ اچان پئي. قدرت خدا جي جنهن ڏينهن هوءَ پنهنجي سئوٽ وٽ ڪئليفورنيا پهتي، ان کان هڪ ڏينهن اڳ سندس سئوٽ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. پوڙهي تي  ان ڳالهه هيڪاندو اثر ڪيو ۽ محسوس ڪيائين ته  سندس سئوٽ ڪيڏو نه بلند اخلاق هو. ڪاش  هوءَ اڳواٽ شادي ڪري اهي چاليهه سال اڪيلو گهارڻ بدران هن سان گذاري ها. بهرحال جيئن ته هوءَ شاديءَ جو پڪو پهه ڪري ڪئليفورنيا آئي هئي، سو اتي ئي هڪ ٻئي وانڌي سان شادي ڪيائين، جيڪو پورن ٽن سالن بعد گذاري ويو. مرحوم پٺيان کيس ۽ هڪ غير استعمال شده دوائن جو خانو ڇڏي ويو. چاچي هڪ دفعو وري شادي ڪئي، پر اهو همراهه به ستت ئي وفات ڪري ويو. ان بعد هڪ مني ٿي واپس نيو يارڪ موٽي آئي ۽ هڪ دفعو وري پاڻ کي ڪنواري سڏائڻ لڳي. …(پورو ٿيو)….

سئم ليونسن، سنڌيڪار: الطاف شيخ