پاڪستان ۾ ضرورت کان وڌيڪ کنڊ موجود آهي: مشير خزانه
مشير خزانه شوڪت ترين دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ هن وقت سر پلس کنڊ موجود آهي. هن ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته پاڪستان جا سمورا اقتصادي انڊيڪيٽر ترقي طرف گامزن آهن. زراعت، مينو فيڪچرنگ، پرڏيهه مال جي روانگي ۽ ٽيڪس وصولين ۾ اضافي جو رجحان جاري آهي. شوڪت ترين چيو ته پاڪستان هاڻي ضرورت کان وڌيڪ کنڊ رکندڙ ملڪ بڻجي ويو آهي ۽ هي ملڪ چانور، مڪئي ۽ ڪپهه به سر پلس پيدا ڪري رهيو آهي.

