نئون

سول ايوي ايشن اٿارٽي پاران شاهين ايئر کي چين ۾ ڦاٿل 300 پاڪستانين کي واپس آڻڻ جي اجازت ملي وئي

چين ۾ ڪجهه ڏينهن کان ڦاٿل 300 پاڪستانين کي واپس آڻڻ لاءِ سول ايوي ايشن کي اجازت ملي وئي. ڪالهه ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز جارج چيو ته ڪجهه ڏينهن کان چين اندر 300 پاڪستاني ڦاٿل آهن، جنهن جو سبب شاهين ايئر پاران سول ايوي ايشن جون بقايائون ادا نه ڪرڻ آهي، ان جون فلائيٽون ڪينسل ڪيون ويون هيون، جنهن ۾ صرف بين الاقوامي اڏامون ڪينسل ڪيون ويون هيون پر صرف سعودي عرب ڏانهن اڏام ڀرڻ جي اجازت هئي. هن چيو ته ايئر لائين جون اڏامون اڃان تائين بند آهن ۽ اهي تيستائين بند رهنديون جيستائين ايئر لائين 1.5 ارب رپين جون بقايائون ادا نٿي ڪري. هن قسم جي ڪارروائي کان پهرين شاهين ايئر لائين سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو، جنهن فيصلو ٻڌايو ته سول ايوي ايشن شاهين ايئر لائين جون اڏامون بند نه ڪري ۽ شاهين ايئر لائين پاران اڳ ۾ طئي ڪيل طريقي تي کانئس ادائگيون وٺي. فيصلي جي خلاف ورزي ڪندي سول ايوي ايشن پاران اڏامن کي بند ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ان عمل کي ڪنٽيمپٽ آف ڪورٽ ڄاڻائي سول ايوي ايشن جي اختيارين کي 31 جولاءِ تي ڪورٽ اچڻ جو نوٽيس ڏئي ڇڏيو آهي.