90 سالن جي پيرسن عورت 75 سالن کانپوءِ حق مهر نه ملڻ تي سپريم ڪورٽ پهچي وئي
سپريم ڪورٽ شادي جي 75 سالن کانپوءِ حق مهر نه ملڻ تي پيرسن عورت کي سوچڻ لاءِ وقت ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ پشاور جي 90 سالن جي پيرسن سعيده سلطان جي حق مهر بابت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪئي. پيرسن عورت جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته 3 ڪنال 10 مرلا زمين نالي هئڻ جي باوجود قبضو ناهي ملي سگهيو ۽ فيصلو حق ۾ هئڻ جي باوجود ڏيڻ واري معاملي ۾ ڪوڙي رپورٽ پيش ڪئي وئي. عدالت چيو ته جاري ٿيڻ واري معاملي کي سيشن ڪورٽ ۾ موڪلڻ جو حڪم ڏئي سگهون ٿا يا درخواست خارج ٿي ويندي. پيرسن عورت سوچڻ لاءِ ڪجهه وقت جي درخواست ڪئي جنهن تي عدالت ٻڌڻي نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پيرسن عورت سعيده سلطان چيو ته 15 سالن جي عمر ۾ شادي ٿي، هاڻ 90 سالن جي ٿي چڪي آهي، پر حق مهر ناهي ملي سگهيو. سندس چوڻ هو ته ڪيس 1970ع کان مختلف عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، منهنجي حق ۾ فيصلو هئڻ جي باوجود قبضو ناهي ملي سگهيو.