خاصڪهاڻيوننئون

پيءُ جي ڌيءَ سان ڳالهه ٻولهه

ڪهاڻي (حصو پهريون)
منهنجي پياري ڌيءَ! اڄ رات 12:00 وڳي تون 16 سالن جي ٿي ويندينءَ. انسان جڏهن 16 سالن جو ٿيندو آهي ته هو دنيا کي الڳ نظر سان ڏسڻ شروع ڪندو آهي، هن جي دل ۾ عجيب اُمنگون جنم وٺنديون آهن. هو ڪنهن سان محبت ڪرڻ چاهيندو آهي ۽ اهو به چاهيندو آهي ته ڪو هن سان محبت ڪري. ڪتاب جي ورقن ۾ پهريون ڀيرو گلاب جو گل رکندو آهي ۽ پهريون ڀيرو ئي کيس پنهنجي جسم جي انهن انگن جي خبر پوندي آهي جنهن کان هو اڳ اڻ واقف هوندو آهي. اهو 16 هون سال ئي هوندو آهي جنهن ۾ هو پنهنجي جسم ۾ وڌ کان وڌ بدلا محسوس ڪندو آهي. ان ڪري ئي انگريز 16 هين سالن کي “Sweet Sixteen” سڏيندا آهن. اڄ جيڪڏهن تنهنجي ما اسان سان گڏ هجي ها ته توسان هي ڳالهيون هو ئي ڪري ها، پر جڏهن تون اٺن سالن جي هئين ته تنهنجي ما توکي منهنجي حوالي ڪري هڪ نئين زندگي جي ڳولا لا نڪتي هئي. ان ڏينهن به تنهنجو جنم ڏينهن هو، ان ڏينهن تو اسان ٻنهي کان وڏن تحفن جي خواهش ڪئي هوندي، پر توکي اها خبر ڪونه هئي ته ڪو تنهنجي ان اٺين جنم ڏينهن تي زندگي توسان ۽ مون سان ايڏو وڏو مذاق ڪري ويندي ۽ اسان ٻئي ايندڙ سال اڪيلائين جو عذاب کڻندا زندگي کي اڳيان ڌڪيندا هلنداسين. جڏهن تنهنجي ما اسان کي ڇڏي وئي هئي ته گهر ڄڻ ويران ٿي ويو هو، منهنجي لا ته هي گهر ڄڻ قبرستان بڻجي ويو هو. ان ڏينهن به تنهنجي هن ئي ڪمري ۾ ويٺا هئاسين، مون تنهنجي سامهون تنهنجي ما جي چٺي پڙهي هئي جنهن ۾ هن لکيو هو هو پنهنجي زندگي آزادي سان گذارڻ خاطر اسان کي هميشه لا ڇڏي وڃي رهي آهي. اها چٺي پڙهي مان توکي سيني سان لائي خوب رنو هئس. خير تنهنجي ما کي پورو پورو حق آهي ته هو سندس زندگي پنهنجي مرضي مطابق گذاري ۽ ان ماڻهو سان گذاري جنهن سان هو خوش هجي.
تنهنجي ما ڇا ته ڪمال جي عورت آهي. هن ئي مون کي هن منافق سماج سان وڙهڻ سيکاريو. مون جڏهن پهريون ڀيرو تنهنجي ما جا ٽهڪ فيڪليٽي جي ونگ ۾ ٻڌا هئا ته عربي جي مشهور شاعر قباني جي سٽ “جڏھن تون کلين ٿي” ياد آئي هئي. ڳالهين ڳالهين ۾ جڏهن هو ٽهڪ ڏيندي هئي ته من اندر جي تنبوري جي ڪا تار ڇيڙي ويندي هئي… هن جا ٽهڪ مون کي ياد ڏياريندا آھن ته هن دنيا ۾ اڃان به ڪجهه پويتر شيون موجود آھن ۽ انهن مان هڪ هن جا اهي ٽهڪ آھن. جنهن ڏينهن هن جو ٽهڪ ٻڌندو هئس ان رات سڪون سان سمهي سگهندو هئس. ان رات ڪوبه ڀئوائتو خواب نه ايندو هو. ڪڏھن ڪڏهن هن جا ٽهڪ ٻڌي اهو احساس ٿيندو هئم ته مون کي پر لڳي وڃن ۽ اڏام ڀري اک ڇنڀ ۾ هن جي ٻانهن ۾ پهچي وڃان. چوندا آھن محبت ۾ ماڻهو مٽجي ويندا آھن ۽ اهو سچ به آھي مان جڏهن به هن سان ڳالهائيندو هئس ته پنهنجي اندر ۾ بدلاءُ جو احساس ٿيندو هئم. خبر ناهي ڇو ڪجهه پلن لا هي وحشي دنيا وڻڻ لڳندي هئي. مون هن جي ڪري ئي شاعري پڙهڻ شروع ڪئي ۽ هڪ ڀيرو فيڪلٽي جي پٺيان شام جو جبل جي ٽڪري تي بيٺي مون هن کي قباني جو هڪ نظم ٻڌايو هو:
“منهنجا توکي لکيل خط
اسان ٻنهي کان اوچا ۽ وڌيڪ اهم آهن
روشني لالٽين کان وڌيڪ اهم آهي
نظم نوٽ بُڪ کان وڌيڪ اهم آهي
چُمي چپن کان وڌيڪ اهم آهي
منهنجا توکي لکيل خط
اسان ٻنهي کان اوچا ۽ وڌيڪ اهم آهن
اهي اهڙا دستاويز آهن
جن مان ماڻهو
تنهنجي سونهن
۽ منهنجي چريائپ ڳولي لهندا.”
هاڻي اسان جو هي منافق سماج اهو سوال ڪندو ته ڇا هڪ پيءُ پنهنجي جوان ڌي سان اهڙيون ڳالهيون ڪري سگهي ٿو؟ مون کي ٻين جي خبر ناهي ۽ نه ڪوئي وري مون ٻين جو ڪو ٺيڪو کنيو آهي، پر مان تون سان هر اها ڳالهه ڪرڻ گهران ٿو جيڪا اڳ ڪڏهن هن منافق سماج ۾ رهندي ڪنهن پيءُ پنهنجي ڌي سان نه ڪئي هجي. ان پهرين ڏينهن کان وٺي جڏهن مون تنهنجي ما کي فيڪلٽي جي ونگ ۾ ٽهڪ ڏيندي ڏٺو مان کيس ديوي جي سڏڻ لڳس. اهو به شڪر آهي جو پاڻ هن زرعي سماج ۾ ڄاوا آهيون جتي هر ڪم ۽ ڳالهه لا هڪ ديوي ۽ ديوتا جي ضرورت پوندي آهي، جهڙوڪر پاڻي لا هڪ الڳ ديوتا، فصل لا ٻيو ديوتا، برسات وسائڻ لا الڳ ديوتا ته ان کي روڪڻ لا وري الڳ ديوتا، دولت واري الڳ ديوي ته عشق ۽ سونهن واري الڳ ديوي ۽ اڄ سڌو به انهن سمورن ديوين ديوتائن کي سنڀاليو پيا اچون. ٻئي پاسي صنعتي سماج آهي جيڪو هڪ خدا جي تصور مان ئي بيزار ٿي چڪو آهي ۽ اهو خيال پيش ڪري ٿو ته هن دنيا ۾ هر انسان پنهنجو خدا پاڻ ئي آهي، هر انسان پنهنجي ئي هٿن سان تقدير لکي ٿو ۽ هو ئي پنهنجي ترقي ۽ تباهي جو ذميوار آهي. شڪر آهي جو پاڻ صنعتي سماج بدران زرعي سماج ۾ رهون ٿا نه ته تنهنجي ما منهنجي لا ديوي جي بدران عام انسان هجي ها…! هڪ رات مان هاسٽل جي ڪمري ۾ ديوي جي جي فون جو انتظار ڪندي سرن جي ديوي لتا جو رضيه سلطان فلم ۾ ڳايل گانو “جلتا هي بدن…. عشق سي کهدو لي آئي ڪهين سي ساون” ٻڌي رهيو هئس. لتا جو آواز ڪيڏو نه سريلو آهي، مان جڏهن به لتا کي ڳائيندي ٻڌندو آهيان ته روح نچڻ لڳندو آهي. اڃان گانو پورو نه ٿيو هو جو هن جي ڪال اچي وئي. هن چيو مان ڪال نه ڪٽيان ۽ ٿورو انتظار ڪريان. مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو ته ان وقت هن جي من ۾ ڇا پئي هليو… مان هن جي ڳالهائڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس… مان انتظار ڪري نه سگهندو آهيان. انتظار ڪندي ڪندي دل ۾ عجيب وهم ۽ وسوسا اچڻ لڳندا آهن… پر اهو به سچ آهي ته مان هن جو انتظار قيامت جي ڏينهن تائين ڪري سگهان ٿو. جيئن 12:00 ٿيا ۽ ڇهين تاريخ خودڪشي ڪري ستين تاريخ کي جنم ڏنو ته هن ڳالهائيندي چيو:
“جنم ڏينهن جون مبارڪون… مون چاهيو ٿي ته توکي سڀ کان پهرين مبارڪ مان ڏيان…” هن جيڏي مهل اهو جملو چيو ته مون کي هن جو آواز سرن جي ديوي لتا جي آواز جيترو سُريلو لڳو ۽ هن جي ان جملي تي روح پاڻمرادو رقص ڪرڻ لڳو. مون کان ته پنهنجي ڄم جي تاريخ ئي وسري چڪي هئي… ايترن سالن ۾ هن ئي ياد ڏياريو ته ڪو هن تاريخ تي منهنجو جنم ٿيو هو. ان کان اڳ جو مان ڪجهه چوان ها هن ٽهڪ ڏيندي پڇيو: “ٻڌا ڪهڙو تحفو ڏيائين؟” “هن جنم ۾ منهنجو اهو موسيٰ وارو ئي ضد آهي، روبرو تنهنجي حُسن جي هڪ جهلڪ ڏسڻ گهران ٿو.” منهنجو جواب ٻڌي هن کان وري هڪ ٽهڪ نڪري ويو هو. “هل پو ڳالهائينداسين.” هن چئي ڪال ڪٽي ڇڏي. ان کانپو سموري رات بي چيني ۾ گذري، سڄي رات ڪمري جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين هلندي ۽ سگريٽن مٿان سگريٽ ڇڪيندي گذري وئي. “سچ ٻڌا ڇا مان تنهنجي به خوابن ۾ اچي توکي تنگ ڪندي آهيان؟” هڪ منجهند جو هن ڳالهائيندي سوال ڪيو. ڪال تي ته هن جي ان سوال جي جواب ڏيڻ کان لنوائي ويس، پر هن جو اهو سوال سڄو ڏينهن تنگ ڪندو رهيو. ان سوال مان اهو به لڳو ڄڻ هو منهنجي واتان محبت جو اظهار ٻڌڻ چاهيندي هجي، پر اهو سمجهه ۾ نه پيو اچي ته اهڙو ڇا هو جو مان هن کي ان سوال جو جواب نه ڏئي سگهيس؟ ڇا ذهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اهو ڀئو هئم ته پنهنجي ڪنهن غلطي جي ڪري هن کي وڃائي نه ويهان. سمجهه ۾ نه ايندو هو ته زندگي جي ان حصي ۾ مان هن جي حوالي سان ان 16 هن سالن جي ڇوڪري جنهن کي هر وقت محبوبه جي ناراض ٿي وڃڻ جو ڀئو هوندو آهي، ان جهڙو ورتا ڇو ڪندو هئس؟
هن جي ان سوال کانپو هڪدم هن جي فيس بُڪ وال تي ويس ۽ هن جا اپ لوڊ ڪيل فوٽو ڏسڻ لڳس… ڪجهه فوٽن ۾ هن جي گلابي ۽ ڳاڙهن چپن تي مرڪ ڏسي پنهنجي اندر ۾ هڪ آتش فشان کي ڦاٽندي محسوس ڪيم ۽ انهي چڪرن ۾ رضيه سلطان جو گانو:
“آئي زنجير ڪي جهنڪار خدا خير ڪري…” اٺ ڀيرا ٻڌي ويس. ٻي ڀيري کانپو بي چيني وڌي وئي ته بيڊ تان اٿي دري کولي بيهي آسمان کي ڏسڻ لڳس. انهي دوران گوئٽي جي ناول جو ڪردار ورڌر ياد اچي ويو. اهو ناول مون ڪجهه وقت اڳ پڙهيو هو. اهو اپسٽلري اسٽائل ۾ لکيل آهي جنهن ۾ ورڌر نالي هڪ نوجوان پنهنجي دوست کي خط لکي پنهنجي زندگي جو احوال ٻڌائي ٿو. ناول پڙهڻ کانپو اهو سوچيو هئم ته ان جو ديوي جي سان ضرور ذڪر ڪندس، پر هن سان ڳالهائڻ مهل ان ناول جي ڳالهه نه نڪتي. هي ناول هڪ اهڙي نوجوان جي ڪهاڻي آهي جنهن جي خواهشن هن کي موت سان روشناس ڪرايو. هي ناول پهريون ڀيرو 1774ع ۾ ڇپيو ۽ ان کانپو ڪيترائي ڀيرا ڇپجندو رهيو آهي. مون کي ناول لکڻ جو اهو انداز ڪونه وڻندو آهي. مان ان کي ناول لکڻ جو سڀ کان سولو طريقو سمجهندو آهيان. ان قسم جي ناول مان زمان ۽ مڪان جي خبر نه پوندي آهي، پر ان ڳالهه کان به انڪار ڪونهي ته دنيا جي ڪيترن ئي وڏن ليکڪن جهڙوڪر: گوئٽي، گگول، سارتر وغيره ان انداز ۾ ناول ۽ ڪهاڻيون لکيون آهن. مان جڏهن به هن جي باري ۾ سوچڻ ويهندو هئس ته منهنجي حالت به گوئٽي جي ان ڪردار جهڙي ٿي ويندي هئي. مان سمجهان ٿو دنيا جو ڪوبه عاشق پنهنجي محبوبه جي حسن کي بيان نٿو ڪري سگهي. هي ڏس گوئٽي ان حوالي سان ڇا لکيو آهي:
“هو ڪا پري ته ناهي، جڏهن ته هر ماڻهو پنهنجي محبوبه کي پري کان گهٽ نه سمجهندو آهي، پر پو به نه مان هن جي حسن، شڪل ۽ سيرت کي تو اڳيان بيان ڪري سگهان ٿو نه ڪوئي وري ايئن نه ڪري سگهڻ جي سببن تي توسان بحث ڪري سگهان ٿو. بس ايترو ئي کوڙ آهي ته هن منهنجي سڀني حواسن کي پنهنجي قابو ۾ ڪري ڇڏيو آهي.” گوئٽي بلڪل انهي ئي احساسن کي بيان ڪري رهيو هو جيڪي منهنجي من ۾ ديوجي سان ملڻ ۽ ڳالهائڻ کانپو جاڳندا هئا. گوئٽي جا هي جملا مون تنهنجي ما ۽ پنهنجي ديوي جي کي ارپيا هئا: …(هلندڙ)…