بلاگ

جهانِ گُل جو ادبي جائزو
(آخري قسط)

عمراڻي صاحب جو مختصر خطن ۽ ڪالمن ۾ ڄڻ ته هڪ نئون ۽ منفرد تحقيق جو طريقو پنهنجي ادبي نوعيت ۾ ظاهري طور ننڍين ننڍين ڳالهين تي مشتمل آهي، ليڪن انهن مختصر ڳالهين ۾ وڏيون راز واريون ڳالهيون سوچڻ ۽ سمجهڻ لاءِ پيش ڪري وڃي ٿو، اهڙي قابليت سان شايد ڪو بيان ڪري ڏيکاريندو هجي. مذڪوره خط جي آخر ۾ لکي ٿو ته: ”اسان وٽ سنڌالاجي يا آرڪيالاجي جي کاتي ۾ توهان کي هن عظيم محقق ۽ آرڪيالاجيءَ جي جد امجد جي تصوير به ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي، ڇاڪاڻ ته پاڻ هاڻي تاريخ کي ڪورس کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي، ماسواءِ ڪئمبرج سسٽم جي، جنهن ۾ اُهو اختياري مضمون آهي، باقي شوقين نيٽ تي به اچن پيا.“ (عمراڻي، 2022: 38) ها هي ڳالھ بلڪل درست آهي ته، اسان جي ادارن ۾ هن وقت پسند ناپسند کي اهميت ڏني وڃي ٿي، ڀلي ڪو ڪک ٻيڻو به نه ڪري، پر جيڪڏهن صاحب سان دوستي اٿس ته، سندس تصويرون ته هزارين پر انڌو ڪاڻو ڪم به وڏي مان ۽ شان سان شايع ڪيو وڃي ٿو. گل محمد عمراڻي کي ڪنهن انگريز کان ڪو انعام اڪرام حاصل ڪرڻو ڪونهي، پر انهيءَ جي تحقيقي ڪم ۽ پورهئي جو قدردان آهي. جن عالمن پنهنجو نور نچوئي علمي روشني ڏني، تن جي تحقيقي ڪم جو ڪوڏيو ۽ عاشق آهي. عمراڻي صاحب جن شخصيتن بابت چيو آهي ته، انهن جون تصويرون اسان جي قومي ادارن ۾ ڪونهن، ها جيڪڏهن اهي هجن ته، اسان جو نئون نسل ضرور پڇندو، ته هي ڪير آهن ۽ هنن جون تصويرون هت ڇو لڳايون ويون آهن ته، هوند اسان جي دلچسپيءَ جو سبب بڻجي پون ۽ سندن علمي خدمتن کي پڙهي اڳتي وڌي سگهون ٿا. جن عظيم ڪردارن پنهنجي جانين جون قربانيون ڏئي به، هن ڌرتيءَ جي تهذيب ۽ ثقافت جا تھ کوليا ۽ ڪيترن ئي بي جان آثارن ۽ اهڃاڻن کي ڇنڊڻ ۽ ڇاڻڻ وارو ڪم ڪيو. ڏينهن رات اکڙين کي اجاڳا ڏئي خاڪ ڇاڻ ڪندي انهن ڍير ۽ ڍڳ بڻيل مٽيءَ ۽ پٿرن جي دڙن ۽ ڀڙن هيٺيان وسندڙ ۽ آباد ڳوٺن ۽ شهرن، وسندين جا ڏس پتا ڏيندي چيو ته سنڌ هڪ اهڙي تهذيب آهي جنهن جو ڳاٽ دنيا جي تاريخ ۾ اوچو نظر اچي ٿو. هتي هر قسم جي ترقيءَ جو ڦيٿو ڦرندو رهيو آهي جنهن ڪري سنڌ واسين جي دنيا ۾ هڪ جداگانه شناخت آهي. سنڌ جي شاندار تهذيب ڪيئن اجڙندي ۽ آباد ٿيندي رهي انهيءَ تي تحقيق جي گنجائش موجود آهي. عمراڻي صاحب علم پرور ادب دوست، انسان دوست جي ناتي سان جيڪو علم جو قدر ڪيو آهي، سو سندس مطالعي مان عيان نظر اچي ٿو. سندس نيڪ خواهشن ۾ هي ڳالھ شامل آهي ته، سنڌ جو ماڻهو دنيا جي وڏن عالمن ۽ اڪابرن جي ڪتابن جو مطالعو ڪري معياري ادب ۽ تاريخ جا رخ روشن ڪري دنيا کي فيض رسائي ته جيئن سندس نالو دنيا جي تاريخ ۾ ياد رکيو وڃي. انهيءَ ڳالھ جي ڳڻ ڳوت ڪندي پنهنجي خطن ۾ اهڙن ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي جن ۾ سنڌ ۽ دنيا جي تاريخ متعلق سَون جي تعداد ۾ ڏاهن جا خيال سمايل آهن تن فڪري خيالن کان واقف ڪرايو ويو آهي. اسان جي قومي ادارن ۾ انهن عظيم انسانن جي تصويرون رکڻ جي آس ڏيکاري وئي ته، جيئن سنڌ جو نئون نسل پڇي ته، هنن جي تصوريرن کي هت رکڻ جو مقصد ڇا آهي؟ عمراڻي صاحب جي هر خط ۽ ڪالم جي پنهنجي اهميت آهي جن ۾ ڪي خط هنن عنوانن سان شامل ڪيل آهن: ”سنڌي زبان جون اولين اشتقاقي لغتون“، ”جديد اردوءَ جي پهرين صوتياتي لغت“، ”ڊاڪٽر جميل جالبيءَ جي قديم اردو لغت“، ”ڊاڪٽر گربخشاڻي“ ”مقدمه لطيفي“ ۽ ڊاڪٽر دائوپوٽي واري ”تمهيد“ جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڳالهين کي آڏو رکي اُن تي مختصر نموني بحث ڪيو ويو آهي، انهيءَ بحث جو بنيادي مقصد تحقيق ۽ تنقيد جا اصول واضح ڪرڻ آهي. گربخشاڻي واري خط جي آخر ۾ هي جملا رقم ڪيل آهن ته: ”اهڙا خيال علمي، ادبي تاريخ ۾ تحقيق طلب آهن ۽ اڳي به ان دعويٰ تي ڪجھ وڏن عالمن ضرور رنڊا روڙيا هوندا. منهنجو ڌيان ان ڪري ان طرف ويو، جو هن وقت تحقيق ۽ تنقيد جا نوان رخ متعين پيا ٿين ۽ اهڙن ”دٻيل“ موضوعن ۽ مضمونن تي ڌيان ڌرجي، اڪيڊمڪ قسم جي غير جذباتي ۽ اڻ ڌري ڇنڊڇاڻ ڪجي ۽ بحث ڪجي ته بهتر ٿيندو.“ (عمراڻي، 2022: 46)، مذڪوره خطن ۽ ڪالمن جي مختصر موضوعن ۾ پيش ڪيل مواد جو موازنو علمي تحقيق ۽ تنقيد جي تارازيءَ ۾ تورڻ کان پوءِ اهو معلوم ٿئي ٿو ته، محقق مواد گڏ ڪرڻ لاءِ ڪيئي سال لڳائي، پنهنجو نور نچوئي اهڙي انداز ۾ اڪيڊمڪ ريسرچ واري ڪم کي اهميت جي نظر سان ڏسي ٿو. هن مجموعي ۾ ڪيترائي سوال ۽ انهن جا جواب لکڻ ۽ پڙهڻ وارن جي دماغ مان اڀرن ٿا ته، هيئن نه هونئن قوم جي ترقي جا قائدا ۽ قانون مقرر ڪرڻ گهرجن! انهن سوالن ۽ جوابن جون تقاضائون تحقيقي رهنمائي جو سبب بڻجي آڏو اچن ٿيون. عمراڻي صاحب جو خط ”علميات جي کاڻ اردو، فرهنگ تصوف“ – هڪ اڀياس“ ۾ رقم ڪيل آهي ته:Mysticism (تصوف) جي بهترين تشريح بيشڪ ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر دائودپوٽي جي مشترڪه علمي، ادبي وٿ (Exegesis) ”مقدمه لطيفي“ جي صورت ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ ان لحاظ کان پاڻ اردوءَ وارن کان سؤ سال اڳتي آهيون. باقي اردو وارن کي جس ضرور هجي ته هر تحقيق ۾ اڃان تائين به عربيءَ ۽ فارسيءَ کي بنياد بڻائي، ڪم کي لڳاتار لڳا پيا آهن ۽ پاڻ وٽ مشرقي علمن (Orientals) کي فقط انگريزي حوالن سان ثانوي حيثيت ۽ حالت ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي. زِيرنظر ”فرهنگ تصوف“ هڪ ڪمال جي وٿ آهي، جيڪا آڪٽوبر 2019ع ۾ وفاقي سرڪار اُردو لغت بورڊ قومي تاريخ ۽ ورثي اسڪيم تحت شايع ڪئي آهي.“ (عمراڻي، 2022: 47) ڪتاب ”جهانِ گُل“ ۾ هڪ خط جو عنوان آهي: ”تاريخدان وليم ڊالرمپل، شڪاپوري سيٺ ۽ کرڙي جي جنگ“ مان بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، تحقيق لاءِ ڪيترا جتن ڪرڻا پون ٿا.“ جڳ مشهور ڪئمبرج يونيورسٽيءَ جو اسڪاٽس تاريخدان، آرٽ ڪيوريٽر ۽ نقاد وليم ڊالرمپل هاڻي هندستان ۾ مقيم آهي. اسلامي ثقافت تي وڏو عبور رکي ٿو ۽ دهليءَ ۾ رهي ٿو. تازو هي صاحب ڪراچيءَ کان سندس هڪ ادبي ڪتاب Anarchy جي مهورت تقريب لاءِ ڪجھ وقت ڪڍي ٺٽي آيو ۽ شهيد سرمد جا پيرا کڻي، سندس ماڳ مڪان ۽ اوتارا پرکي، پُرجهي واپس وڃي، ان تي لکڻ جو قصد ڪيائين.“ (عمراڻي، 2022: 48). ڪتاب ”جهانِ گُل“ جي مصنف جي خطن ۾ جيڪا ڳالھ واضح ٿي آڏو اچي ٿي ته، هن صاحب وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪري سُڪون ۽ اطمينان سان ڪتابن جي مطالعي کي مستند بڻائي خطن جي صورت ۾ نهايت ئي اهميت واري مواد جي مختلف مستند ۽ معياري ڪتابن مان چونڊ ڪري معلومات افزا ڳالهين کي سهڻي سليقي سان سجايو ڪري پيش ڪيو آهي. ڪتاب ۾ موجود مواد ۽ موضوعن جي مختلف ڪڙين کي ڪڙين سان اهڙي ريت ملايو آهي جنهن مان علمي ادبي معلومات ملي وڃي ٿي. هن مجموعي جي خطن جي صورت ۾ ناياب قسم جو مواد موجود آهي جنهن مان پڙهندڙ وڏو استفادو حاصل ڪري ٿو. مثال: انگريزيءَ ۾ جديد تاريخ نويسي: مرزا قليچ بيگ جي ’هسٽري آف سنڌ‘ هڪ ناياب ڪتاب آهي. اهڙي طرح جي مثالن ۾ هڪ خط جو عنوان آهي: ”پهرين ”سنسڪرت“ – اُردو لغت، تي هڪ نظر“ جنهن بابت عمراڻي صاحب لکي ٿو ته: ”بيشڪ هيءُ پنهنجي نوعيت جي اولين لغت آهي، جيڪا هندستان ۾ اُردو رسم الخط (نستعليق) يا فارسي لپيءَ ۾ ڊاڪٽر محمد انصار الله ترتيب ڏني ۽ هتي مقتدره قومي زبان 1993ع ۾ ڊاڪٽر جميل جالبيءَ جي نگرانيءَ ۾ شايع ڪئي. اُردو رسم الخط ۾ هجڻ ڪري هيءُ پڙهڻ ۾ آسان آهي ته ديوناگري جي مشڪلاتن کان بچيل آهي.“ (2022ع، 52) اهڙي طرح ادبي خطن جي موضوعن ۾ شاهڪار موضوع آهن: ”مرحوم محمد امين کوسو مولانا غلام محمد گراميءَ جي نظر ۾“، ”صوفي ڄيٺمل پرسرام جو اعليٰ تنقيدي ادراڪ ۽ ادبي شعور“، ”ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جي ”شاھ جي رسالي“ تي معروضي تنقيد“ وارا موضوع نهايت ئي ڪارآمد ۽ مفيد معلومات ڏين ٿا. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي جو سنڌي ادب تي هڪ بنيادي ۽ اصلاحي تنقيد ۽ تحقيق وارو ڪم آهي جنهن بابت ليکڪ رقم ٿو ڪري ته: ”اڄڪلھ جي عالمي بيگانگي (Alienation) جي دور ۾ تنقيد نگاري ذاتيات ۽ دشنام طرازيءَ جي ور چڙهي وئي، الامان والحفيظ.“ (عمراڻي، 2022: 59)، جهانِ گُل ۾ ڪيئي جهان کولي کولي بيان ڪيا ويا آهن ۽ اهو پڻ سمجهائڻ ۽ معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته، علم ادب جي دنيا جا شاهڪار ڪتاب ۽ وڏا عالم جن جي ادبي ڪوششن سان دنيا علمي حوالي سان تابناڪ روشني پکيڙي تن جي ڳالهين ۽ ڪتابن جو جا بجا ذڪر ڪيو ويو آهي. ”جهانِ گُل“ جا خط ۽ ڪالم سنڌي ادب ۾ دلچسپي وٺندڙن لاءِ نهايت ئي ڪارگر ۽ ليکڪ جي مطالعي جو نچوڙ آهن. هڪ خط جو عنوان آهي: ”ذڪر ”روح سنڌ“ عرف ساڌو هيرانند جي جيون چرتر جو“ جنهن ۾ لکيو ويو آهي ته: ”فرشته صفت راڄ رشي ڏيارام گدومل بقول History of Sindhi Literature جي ليکڪ پروفيسر اجواڻي (ترجمو هيرو شيوڪاڻي) برٽش دور جو سڀ کان وڌيڪ اثر رسوخ رکندڙ لوڪ شيوڪ (خادم) ۽ مها پرش هو. هن پاڻ کان به وڏي مهاپرش ۽ مهاتما (great Soul) ساڌو هيرانند جي جيون ڪٿا سال 1903ع ۾ لکي. هو انگريزيءَ ۾Sygma (ٻُڙي) جي قلمي نالي سان لکندو هو ۽ هن (Something about Sindh) اوڻويهين صديءَ جي آخر ۾ لکي، شاھ عبداللطيف ڀٽائي کي يورپ ۾ متعارف ڪرايو ۽ ڊاڪٽر سورلي ۽ ڊاڪٽر اينيمري شمل کي رستو ڏيکاريو.“ (عمراڻي، 2022: 60)، عمراڻي صاحب شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي پختي شعور کي پنهنجي سماج ۾ ٻين جي حوالي سان پيش ڪيو آهي ته، شاھ صاحب بابت دنيا جا ڏاها انسان ڪهڙي راءِ رکن ٿا؟ ۽ اسان شاھ صاحب کي ڪهڙين نگاهن سان ڏٺو، پرکيو ۽ پروڙيو آهي. ساڌو هيرانند سنڌ جو هيرو هو جن جي ادبي خدمتن کي متعارف ڪرائيندي چوي ٿو: ”1893ع ۾ هي مهان شخص پليگ جي اثر ڪري ئي جوانيءَ ۾ ديهانت ڪري ويو، جيڪو ان وقت اڄڪلھ جي ڪروناوائرس جيان لاعلاج مرض هو، سندس مرڻ بابت گهڻي ٽيڪا ٽپڻي نه ٿي، حالانڪه هن جي ڄمار ان وقت فقط 30 سال هئي. هي گهڻ رخو، صوفي، سنت صفت عالم اڄ فقط پراڻن ڪتابن جي حوالي طور اڪثر ياد اچي ٿو، پر هن بابت سرڪاري ادارا اڄ به مصلحتاً خاموش آهن. هو سماج سڌارڪ هو.“ (عمراڻي، 2022: 61) آئون پنهنجي مطالعي جي ڳالھ ڪريان ته مون جان گل جي خطن ۽ ڪالمن مان جا ڳالھ نوٽ ڪئي آهي ته، گل محمد عمراڻي صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ جن ناميارن عالمن، اديبن، ۽ شاعرن ۽ محققن جي علمي پورهئي کي خطن ۽ ڪالمن جي روپ ۾ نهايت وزندار ڪري پيش ڪيو آهي تن جون وڏيون خدمتون آهن. اسان هر لحاظ کان انهن کي وسرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف نظر اچون ٿا. هڪ خط جو عنوان آهي: ”سماج وادي منشي پريمچند جي درويشاڻي زندگيءَ جو احوال خطن ۾!“ اهڙي طرح ”يادگيريون“ شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جو ڪتاب“، عنوان: ”پاڪ و هند جا آديواسي لوڪ ڀيل ۽ ڪولهي – علم انساني مطالعو“، ”اردو ادبي تنقيد ۽ سر سيد جو مقام!، ”ذڪر شڪارپور جي صحافتي تاريخ جو“، ”مشرقي ادب جي پارکو مس اينيٽ بيورج جي ڪهاڻي“، ”شمس العُلماءَ مرزا قليچ بيگ جون ٻه آتم ڪهاڻيون“ لاجواب مواد تي مشتمل خطن جا موضوع آهن جن ۾ تمام گهڻي معلومات ڏني وئي آهي. ڪتاب ۾ جن اهم شخصيتن جو ذڪر ٿيل آهي سي وڏي حيثيت ۾ پنهنجن علمي ادبي خوبين ۽ خصوصيتن سان آڏو اچن ٿا. ”ذڪر بيباڪ صحافت جي سرواڻ، ويو پوائنٽ رسالي جو“ جهڙا موضوع به ڀلا ڪو وجود وڃائڻ جهڙا آهن ڇا؟ جيڪي صحافت جي تاريخ کي دليريءَ بيان ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح جڏهن، ذڪر علي عباس جلال پوري جي علمي ادبي روايت جو اچي ٿو ته، اسان کي هڪ منفرد، عقليت پسند فلاسافر اڳيان اڀري اچي ٿو. جنهن سڄي ڄمار فلسفي جهڙي تعليم طرف ڌيان ڏئي شاگرد تيار ڪري ٿو. جلال پوريءَ فلسفي کي نه صرف پڙهيو، پر پڙهايو به ۽ جنهن جي روشنيءَ ۾ فلسفي تاريخ مذهب جي پرک ڪندي چوڏهن ڪتاب لکي وڏي ناماچاري حاصل ڪئي. اهو مطالعي وارا ئي ڄاڻن ٿا ته، سندس جديد خيال ۽ نظريا عام اردو دان شاگردن لاءِ مابعدالطبعيات ۽ علم انسان ۽ فلسفي جي ڏکئي موضوع تي گهڻي مقبوليت ماڻي ورتي، ”خاص طور تي پنجاب ۾، جتي سندس اقليت پسند جڙوادي سوچ کي 60ع ۽ 80ع واري دور ۾ پذيرائي ملي ۽ هن قسم جوcult (مضبوط حلقهءِ احباب، ٺاهي ڇڏيو هو.“ (عمراڻي 2022: 78) گل محمد عمراڻي پنهنجي وطن جي نوجوانن جي ڀلائي لاءِ ”جهانِ گُل“ جهڙو انمول ڪتاب قلمبند ڪري جس لهڻي ٿو. مذڪوره ڪتاب ۾ ڪيترن ئي نالي واران اديبن جي انمول ڪتابن ڏانهن ڌيان ڇڪرائي مختلف عالمن اديبن، صحافين جي ڪاوشن ڏانهن جيڪي اشارا ڏيئي پنهنجي احساسن، خيالن ۽ واقعن کي قلمبند ڪري پنهنجي همعصرن ۾ هڪ منفرد مقام حاصل ڪري رهيو آهي. سندس ڪتاب ”جهانِ گُل“ ۾ عظيم انسانن جي ادبي ڪاوشن جو جا بجا ذڪر ملي ٿو. اڄ جي اخبارن ۽ رسالن جو مطالعو ڪريو جيڪي واقعا رونما ٿين ٿا تن کي صحافت ڪيترو اجاگر ڪري ٿي سا سوچڻ ۽ ويچارڻ جي ڳالھ آهي. ”ترقي پسند ادب جي فلم آرٽ سان نسبت جي پچار“ يا ”جهوني جوڳي عبدالله ملڪ جي ”آپ بيتي“ (آتم ڪٿا) جي پچار“، ”ذڪر اِي. جي برائون جي ”پرشيا“ جي ادبي تاريخ جو“ اهم خط آهن. ”برائون صاحب فردوسيءَ کي قديم ايران(Persia) جي تاريخ جو ماخذ سڏي ٿو ۽ چئي ٿو ته، شاھنامو، تاريخ عجم (غير عرب) جو بي بها ذخيرو آهي ۽ هن ڪتاب ۾ تاريخ ايران جون سڀ روايتون ۽ ڏند ڪٿائون. اساطير ۽ نيم سچا واقعا پراچين ايران ۽ عربن جي ڪتب خانن کان اُڌار ورتل آهن. قصر شاهي ۽ آداب درٻاري، رعايا جي معيشت، دهقانن جي زندگي، مال گذاري، زمين جي ماپ ۽ تقسيم، رستم ۽ سهراب ۽ ٻيا جوڌا ۽ جوان عربن خلاف عجميت ۽ مزاحمت سڀ هن کولي بيان ڪيا آهن.“ (عمراڻي ، 2022؛ 85) جيتري قدر مطالعي هيٺ رهندڙ مذڪوره ڪتاب جي مواد جو تعلق آهي ته، انهيءَ کي قلمبند ڪرڻ لاءِ ليکڪ تمام گهڻي سنجيدگيءَ سان پرهندڙن لاءِ مواد مهيا ڪيو آهي. آئون دعوت ڏيان ٿو ته مذڪوره ڪتاب کي بغور مطالعو ڪيو وڃي ۽ علمي ۽ عقلي ڪسوٽي تي هڪ هڪ خط ۽ ڪالم جي پرک ڪئي وڃي ته شايد هر پڙهندڙ کي اقرار ڪرڻو پوندو ته ليکڪ پنهنجي اعليٰ معيارن کي سامهون رکي ڪيترن ئي ڏاهن جا ڪتاب مطالعو ڪري، پنهنجي علمي ۽ عقلي ڳالهين جو ثبوت ڏنو آهي. ڪرشن چندر عقلي دليل جو وڏو نالو آهي. انهيءَ تي جيڪو سواکن صفحي جو خط ”ڪرشن چندر جي افسانن جو سماجياتي ادراڪ“ وارو موضوع ڪيترو نه لاجواب آهي. عمراڻي صاحب لکي ٿو ته: ”پنجاب ڄائو ڪرشن چندر بغير ڪنهن بحث جي اردوءَ جو سڀ کان وڌيڪ مقبول افسانا نگار آهي ۽ پاڻ وٽ سندس گهڻو شعوري اثر امر جليل، غلام نبي مغل ۽ ٻين شهري موضوعن تي لکندڙ افسانا نگارن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڀارت جي سنڌي ڪهاڻيڪارن جا محور ئي شهري سماج آهي. ڪرشن چندر، مارڪسواد ۽ انسان پرستيءَ جي سياسي فڪر جو وڏو مبلغ هو ۽ هن منٽوءَ جي 200 افسانن جي مقابلي ۾ 500 کن افسانا تحرير ڪيا، جيڪي هن جي 95 کان وڌيڪ ڪتابن ۾ 40 ناولن، ڊرامن، خاڪن، تنقيدي ۽ مزاحيه مضمونن، فيچرس، فلمي ڪهاڻين، رپور تازن، ٻارن جي ادب، سفرنامن، فئنٽسيز ڊاڪيومينٽريز ۾ سمايل آهي. (عمراڻي 2022: 86)، مذڪوره خط ۾ هن سعادت حسن منٽو، حيات الله انصاري، راجندر سنگھ بيدي، عصمت چغتائي خواجا احمد عباس ۽ ڪرشن چندر جي ڪن مقبول افسانن ۽ ترقي پسند تحريڪ جو ذڪر ملي ٿو. ”جهانِ گُل“ گهڻو ڪجھ لکڻ لاءِ ڏئي ٿو ۽ درست طرح جيڪڏهن انصاف ڪجي ته ليکڪ جي هن شاهڪار پورهئي سان ته، ماڻهو پورو انصاف ڪري نه سگهندو. ڇاڪاڻ جو مذڪوره ڪتاب کي مڪمل ڪرڻ لاءِ وڏي مطالعي کان ڪم ورتو ويو آهي. ”رسالو ”ليل ونهار“ مزاحمتي صحافت جو بيباڪ آواز“، ”ذڪر ڊاڪٽر فائزه زهره مرزا جي فارسي لغت نويسيءَ جو! ”قصو بلراج ساهني جي آتم ڪٿا جو“، ”ذڪر خادم العلوم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سوانح عمري جو“ مطلب ته دل ڪونه ٿي چوي ته، ڪنهن به هڪ خط جي عنوان کي ذڪر کانسواءِ رهائي ڇڏجي. هر خط ۾ لاجواب مواد پنهنجي پنهنجي اهميت سان اجاگر نظر پيو اچي. خط ڏاڍا قيمتي آهن مجبوريءَ ۾ ڪي خط ذڪر هيٺ آڻڻ کان قاصر آهيان. ايئن ڪرڻو پوي ٿو. ”رهاڻ هيرن کاڻ، 10 جلدن ۾ هڪ جامع ماخذ ۽ علم ادب آهي سندس يادگيرين يا (MEMOIRS) جو، جنهن جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر صاحب پاڻ ٻڌائي ٿو ته. ”هي رهاڻ هيرن کاڻ آهي. پنجاھ سالن واري دور 1950ع کان 2000ع ۾ سنڌ جي سڄڻن ۽ سگهڙن سان ڳوٺن، شهرن، واهڻن ۽ وستين ۾ رهاڻيون ٿيون، جن جو هي مواد يادگار آهي. ڪن پيارن ترغيب ڏني ته آئون پنهنجي سوانح عمري لکان ڪنهن حد تائين هيءَ منهنجي سوانح عمري آهي.“ (عمراڻي 2022؛ 94) اهڙي طرح ”ذڪر آءِ اي رحمان جي منفرد ڪتاب ”آرٽس اينڊ ڪرافٽس آف پاڪستان“ جو هڪ بهتري معلومات تي مشتمل خط جنهن ۾ لکيل آهي ته: “Arts And Crafts of Pakistan” يعني پاڪستان جا فن ۽ هنر جنهن کي خوبصورتيءَ سان رنگين ۽ بليڪ اينڊ وائيٽ تصويرن سان سينگاري بهترين انگريزي نثر ۾ تحرير ڪيو ويو آهي، جنهن جو معيار، ريسرچ، ايڊيٽنگ ۽ پرنٽنگ (ڇپائي) بين الاقوامي معيار ۽ ماڻڻ جي آهي. ڪتاب جي شروعات ۾ جارج برنارڊشا جو هڪ مقولو ڏنل آهي ته ”توهان آرسيءَ ۾ فقط پنهنجو چهرو ڏسي سگهو ٿا، پر هن شاهڪار ۾ توهان پنهنجو روح ڏسي سگهو ٿا. (عمراڻي، 2022: 96) خط جي آخري ۾ لکي ويو آهي ته: ”ڪتاب جي بابن ۾ چيڪي مٽي، پٿر، ڪپڙي، غاليچن، ڪاٺ، ڌاتو (Metal)، زيورات، چمڙي ۽ متفرقه هنرن بابت مفيد ڄاڻ آهي ۽ ريسرچر چئي ٿو ته غاليچا سازيءَ جو هنر سنڌو ماٿريءَ کان شروع ٿيو.“ (عمراڻي، ص: 97) گل محمد عمراڻي صاحب کي ادب ۽ تاريخ سان دلچپسي ڄڻ ته، ورثي ملي آهي جو هميشه سٺن ڪتابن مان مواد ميڙي چونڊي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ خوبصورت مالها پوئي پيش ڪيو اٿائين. اِها سالن جي جدوجهد آهي جيڪا اڄ ڪتابي صورتن ۾ نمايان ٿي رهي آهي. ”جهانِ گُل“ هڪ تعريف جوڳو ڪتاب آهي ڇاڪاڻ جو مذڪوره ڪتاب جي مواد ۾ جيڪي خط ۽ ڪالم شامل آهن تن ۾ ناياب علمي ادبي ڪتابن، سوانح عمرين، لغتن، آثار قديمه تي لکيل ڪتابن کان ويندي دنيا جي مقبول ترين اعليٰ انسانن جي پورهئي کي متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. انهن شخصيتن مان ڪن شخصيتن جو احوال هرڪو پڙهي ٻهڪي پوي ٿو، جن جو جنم ساڀائتو ثابت ٿيو آهي، جن جون علمي ادبي حوالي سان اٿاھ خدمتون جن تي دنيا کي به ناز ٿئي ٿو، پر سنڌ ڌرتي، انهيءَ تي وڌيڪ نازان آهي. اهڙن ناياب نسل جي انسانن جي علمي پورهئي کي وري جيارڻ جي ياد ڏياري وئي آهي ته، جيئن ايندڙ دور جي نوجوانن کي پنهنجي عالمن جي علمي پورهئي جو قدر ڪرڻ ۽ انهن جي مثالي ڪم تي فخر ۽ سرهائي ڪرڻ جڳائي ٿو. ”ليکراج ڪشنچند عزيز هڪ اديب ۽ ڏاهي شاعر جي روپ ۾ اجاگر ٿي اڳيان اچي ٿو، اهڙي طرح عطا محمد ڀنڀري جي علمي قابليت کي جيڪا مڃتا حاصل ٿي آهي سا هڪ تاريخ سنڌ جي سرواڻ طور اڳيان اڀري بيهي ٿو. عمراڻي صاحب لکي ٿو: ”پاڻ وٽ الائي ڪيترا پي ايڇ ڊي آهن، اهي اڃا تائين پنهنجي نالي لکڻ جي ڪوشش ڪن پيا. سائين عطا محمد ڀنڀرو انگريزيءَ کان سنڌيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جو هن دور جو سڀ کان وڏو مڃيل ماهر هو ۽ اهڙا 50 کن تاريخي Victorian دور جا اڻلڀ ڪتاب هن پنهنجي اورچائي طبع ۽ اعليٰ استعداد ڪري ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ کي جهجهو سرمايو ڏنو آهي.“ (عمراڻي، 2022: 105) ”ڀٽو ڪيس جي عدالتي ڪارروائيءَ جو سربستو احوال“ يا ”ڪوھِ نور هيري جن جو سر کنيو! تن جو ذڪر ڪندي عمراڻي صاحب لکي ٿو ته: ”خير سان مشهور ڪتاب Kohinoor: The story of the world’s Most Infamous Diamond پاڻ وٽ به پهچي ويو… اسان وٽ اهڙي روايت هاڻي جنم وٺي رهي آهي ته تاريخ کي فڪشن کان الڳ ڪري پڙهجي ۽ هي ڪتاب انهيءَ سلسلي جي هڪ اهڙي ڪڙي آهي، بدِنامِ زمانه (Infamous) هيري جي ڪهاڻي ڊالرمپل ۽ انيتا آنند وڏي جاکوڙ ۽ تحقيق بعد تزڪ بابري کان وٺي برٽش لائبريري (پراڻي انڊيا آفيس لائبريري) لنڊن جي بيٺڪي رڪارڊ مان حاصل ڪئي آهي.“ (عمراڻي، 2022: 108) ”اسٽينلي والپرٽ، جناح ۽ غلام محمد ڀرڳڙي! ”ڪجھ ادبي ميلن جي روايت ۽ وليم ڊالرمپل بابت! ”قصو فرانسس برٽن تي آيل سوانح ناول جو! ”ثقافت کاتو ظفر ڪاظميءَ کي ياد ڪري به ڇو؟ جهڙا اهم موضوع ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏين ٿا جيڪي پڙهندڙن کي ويچارڻ تي مجبور ڪن ٿا. ”سال 2016ع جو بين الاقوامي لفظ ڪهڙو آهي؟ ”ذڪر ڊاڪٽر حميده کهڙو پاران کوليل پاڪسان اسٽڊي سينٽر جو هجي يا تاريخدان ايليٽ ۽ ڊائوسن جي مها هندستاني تاريخ جو تذڪرو يا سنڌ شناس ڊاڪٽر شيڪل جي شاھ جي رسالي جو 2018ع وارو انگريزي ايڊيشن جو يا هڪ ٽيڪنالاجي گروءَ جو وڇوڙو ۽ سندس ادبي ڪم ۽ سوچ مطلب ته، سمورن موضوعن ۾ نهايت ئي عقلمندانه ويچار پڙهندڙ لاءِ پيش ڪيل آهن. خطن جو مطالعو ايترو ته گهرو ۽ فڪري آهي جو ڪتاب ۾ پيش ڪيل قيمتي معلومات کي پڙهي ايئن چوڻو پوي ٿو ته، دل جي دفتر ۾ سموريون ڳالهيون سانڍي رکجن. مولانا غلام گرامي، فيض احمد فيض جو فڪري سرچشمو ۽ اقبال، مقدمه ابنِ خلدون: پروفيسر فرانز روزن ٿال ۽ اين. جي دائود جو علمي شاهڪار، علامه علامه آءِ آءِ قاضي جي يادگار انگريزي خطن جو ذڪر، ”مرحوم“ دهلي ڪاليج – آثار ۽ احوال، ذڪر نواز شريف جي شيشي جي گهرن ۾ قائم عدالتن جو، علامه اقبال جي پي ايڇ ڊي مقالي بابت ابهام ڇو؟ جهڙا موضوع ڪتاب جي وڏي زينت بڻيل آهن.

عمراڻي صاحب جو مختصر خطن ۽ ڪالمن ۾ ڄڻ ته هڪ نئون ۽ منفرد تحقيق جو طريقو پنهنجي ادبي نوعيت ۾ ظاهري طور ننڍين ننڍين ڳالهين تي مشتمل آهي، ليڪن انهن مختصر ڳالهين ۾ وڏيون راز واريون ڳالهيون سوچڻ ۽ سمجهڻ لاءِ پيش ڪري وڃي ٿو، اهڙي قابليت سان شايد ڪو بيان ڪري ڏيکاريندو هجي. مذڪوره خط جي آخر ۾ لکي ٿو ته: ”اسان وٽ سنڌالاجي يا آرڪيالاجي ۾ توهان کي هن عظيم محقق ۽ آرڪيالاجيءَ جي جد امجد جي تصوير به ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي، ڇاڪاڻ ته پاڻ هاڻي تاريخ کي ڪورس کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي، ماسواءِ ڪئمبرج سسٽم جي، جنهن ۾ اهو اختياري مضمون آهي، باقي شوقين نيٽ تي به اچن پيا.“ (عمراڻي، 2022: 38) ها هي ڳالھ بلڪل درست آهي ته اسان جي ادارن ۾ هن وقت پسند ناپسند کي اهميت ڏني وڃي ٿي، ڀلي ڪو ڪک ٻيڻو به نه ڪري، پر جيڪڏهن صاحب سان دوستي اٿس ته سندس تصويرون ته هزارين پر انڌو ڪاڻو ڪم به وڏي مان ۽ شان سان شايع ڪيو وڃي ٿو. گل محمد عمراڻي کي ڪنهن انگريز کان ڪو انعام اڪرام حاصل ڪرڻو ڪونهي، پر انهيءَ جي تحقيقي ڪم ۽ پورهئي جو قدردان آهي. جن عالمن پنهنجو نور نچوئي علمي روشني ڏني، تن جي تحقيقي ڪم جو ڪوڏيو ۽ عاشق آهي. عمراڻي صاحب جن شخصيتن بابت چيو آهي ته انهن جون تصويرون اسان جي قومي ادارن ۾ ڪونهن، ها جيڪڏهن اُهي هجن ته اسان جو نئون نسل ضرور پڇندو، ته هي ڪير آهن ۽ هنن جون تصويرون هت ڇو لڳايون ويون آهن ته هوند اسان جي دلچسپيءَ جو سبب بڻجي پون ۽ سندن علمي خدمتن کي پڙهي اڳتي وڌي سگهون ٿا. جن عظيم ڪردارن پنهنجي جانين جون قربانيون ڏئي به هن ڌرتيءَ جي تهذيب ۽ ثقافت جا تھ کوليا ۽ ڪيترن ئي بي جان آثارن ۽ اهڃاڻن کي ڇنڊڻ ۽ ڇاڻڻ وارو ڪم ڪيو. ڏينهن رات اکڙين کي اوجاڳا ڏئي خاڪ ڇاڻ ڪندي انهيءَ ڍير ۽ ڍڳ بڻيل مٽيءَ ۽ پٿرن مان تاريخي شين جو ڦورو ڦوليندي چيو ته سنڌ هڪ اهڙي تهذيب آهي، جنهن جو ڳاٽ دنيا جي تاريخ ۾ اوچو نظر اچي ٿو. هتي هر قسم جي ترقيءَ جو ڦيٿو ڦرندو رهيو آهي، جنهن ڪري سنڌ واسين جي دنيا ۾ هڪ جداگانه شناخت آهي. سنڌ جي شاندار تهذيب ڪيئن اجڙندي ۽ آباد ٿيندي رهي انهيءَ تي تحقيق جي گنجائش موجود آهي. عمراڻي صاحب علم پرور ادب دوست، انسان دوست جي ناتي سان جيڪو علم جو قدر ڪيو آهي، سو سندس مطالعي مان عيان نظر اچي ٿو. سندس نيڪ خواهشن ۾ هيءَ ڳالھ شامل آهي ته سنڌ جو ماڻهو دنيا جي وڏن عالمن ۽ اڪابرن جي ڪتابن جو مطالعو ڪري معياري ادب ۽ تاريخ جا رخ روشن ڪري دنيا کي فيض رسائي ته جيئن سندس نالو دنيا جي تاريخ ۾ ياد رکيو وڃي. انهيءَ ڳالھ جي ڳڻ ڳوت ڪندي پنهنجي خطن ۾ اهڙن ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ دنيا جي تاريخ متعلق جن ڏاهن جا خيال سمايل آهن، تن فڪري خيالن کان واقف ڪرايو ويو آهي. اسان جي قومي ادارن ۾ اهڙن علمي ماڻهن جون تصويرون رکڻ جي آس ڏيکاري وئي ته جيئن سنڌ جا رهواسي پڇن ته هنن تصويرن رکڻ جو مقصد ڇا آهي؟ عمراڻي صاحب جي هر خط ۽ ڪالم جي پنهنجي اهميت آهي جن ۾ ڪي خط هنن عنوانن سان شامل ڪيل آهن: ”سنڌي زبان جون اولين اشتقاقي لغتون“، ”جديد اردوءَ جي پهرين صوتياتي لغت“، ”ڊاڪٽر جميل جالبيءَ جي قديم اردو لغت“، ”ڊاڪٽر گربخشاڻي ”مقدمه لطيفي“ ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي واري ”تمهيد“ جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڳالهين کي آڏو رکي ان تي مختصر نموني بحث ڪيو ويو آهي، انهيءَ بحث جو بنيادي مقصد تحقيق ۽ تنقيد جا اصول واضح ڪرڻ آهي. گربخشاڻي واري خط جي آخر ۾ هي جملا رقم ڪيل آهن ته: ”اهڙا خيال علمي، ادبي تاريخ ۾ تحقيق طلب آهن ۽ اڳي به ان دعويٰ تي ڪجھ وڏن عالمن ضرور رنڊا روڙيا هوندا. منهنجو ڌيان ان ڪري ان طرف ويو، جو هن وقت تحقيق ۽ تنقيد جا نوان رخ متعين پيا ٿين ۽ اهڙن ”دٻيل“ موضوعن ۽ مضمونن تي ڌيان ڌرجي، اڪيڊمڪ قسم جي غير جذباتي ۽ اڻ ڌري ڇنڊڇاڻ ڪجي ۽ بحث ڪجي ته بهتر ٿيندو.“ (عمراڻي، 2022: 46)، مذڪوره خطن ۽ ڪالمن جي مختصر موضوعن ۾ پيش ڪيل مواد جو موازنو علمي تحقيق ۽ تنقيد جي تارازيءَ ۾ تورڻ کان پوءِ اهو معلوم ٿئي ٿو ته محقق مواد گڏ ڪرڻ لاءِ ڪيئي سال لڳائي پنهنجو نور نچوئي اهڙي انداز ۾ اڪيڊمڪ ريسرچ واري ڪم کي اهميت جي نظر سان ڏسي ٿو. هن مجموعي ۾ ڪيترائي سوال ۽ انهن جا جواب لکڻ ۽ پڙهڻ وارن جي دماغ مان اڀرن ٿا ته، هيئن نه هونئن قوم جي ترقي جا قائدا ۽ قانون مقرر ڪرڻ گهرجن! انهن سوالن ۽ جوابن جون تقاضائون تحقيقي رهنمائي جو سبب بڻجي آڏو اچن ٿيون. عمراڻي صاحب جو خط ”علميات جي کاڻ اردو، فرهنگ تصوف“ – هڪ اڀياس ”۾ رقم ڪيل آهي ته: Mysticism” (تصوف) جي بهترين تشريح بيشڪ ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر دائودپوٽي جي مشترڪه علمي، ادبي وٿ (Exegesis) ”مقدمه لطيفي“ جي صورت ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ ان لحاظ کان پاڻ اردوءَ وارن کان سؤ سال اڳتي آهيون. باقي اردو وارن کي جس ضرور هجي ته هر تحقيق ۾ اڃا تائين به عربيءَ ۽ فارسيءَ کي بنياد بڻائي، ڪم کي لڳاتار لڳا پيا آهن ۽ پاڻ وٽ مشرقي علمن (Orientals) کي فقط انگريزي حوالن سان ثانوي حيثيت ۽ حالت ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي. زِيرنظر ”فرهنگ تصوف“ هڪ ڪمال جي وٿ آهي، جيڪا آڪٽوبر 2019ع ۾ وفاقي سرڪار اُردو لغت بورڊ قومي تاريخ ۽ ورثي اسڪيم تحت شايع ڪئي آهي.“ (عمراڻي، 2022: 47) ڪتاب ”جهانِ گُل“ ۾ هڪ خط جو عنوان آهي: ”تاريخدان وليم ڊالرمپل، شڪاپوري سيٺ ۽ کرڙي جي جنگ“ مان بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته تحقيق لاءِ ڪيترا جتن ڪرڻا پون ٿا.“ جڳ مشهور ڪئمبرج يونيورسٽيءَ جو اسڪاٽس تاريخدان، آرٽ ڪيوريٽر (ميوزم راکو) ۽ نقاد وليم ڊالرمپل هاڻي هندستان ۾ مقيم آهي. اسلامي ثقافت تي وڏو عبور رکي ٿو ۽ دهليءَ ۾ رهي ٿو. تازو هي صاحب ڪراچيءَ کان سندس هڪ ادبي ڪتابAnarchy جي مهورت تقريب لاءِ ڪجھ وقت ڪڍي ٺٽي آيو ۽ شهيد سرمد جا پيرا کڻي، سندس ماڳ مڪان ۽ اوتارا پرکي، پُرجهي واپس وڃي، اُن تي لکڻ جو قصد ڪيائين.“ (عمراڻي، 2022: 48). ڪتاب ”جهانِ گُل“ جي مصنف جي خطن ۾ جيڪا ڳالھ واضح ٿي آڏو اچي ته هن صاحب وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪري سُڪون ۽ اطمينان سان ڪتابن جي مطالعي کي مستند بڻائي خطن جي صورت ۾ نهايت ئي اهميت واري مواد جي مختلف مستند ۽ معياري ڪتابن مان چونڊ ڪري معلومات افزا ڳالهين کي سهڻي سليقي سان سجايو ڪري پيش ڪيو آهي. ڪتاب ۾ موجود مواد ۽ موضوعن جي مختلف ڪڙين کي ڪڙين سان اهڙي ريت ملايو آهي، جنهن مان علمي ادبي معلومات ملي وڃي ٿي. هن مجموعي جي خطن جي مواد ۾ ناياب قسم جو مواد موجود آهي، جنهن مان پڙهندڙ وڏو استفادو حاصل ڪري ٿو. مثال: انگريزيءَ ۾ جديد تاريخ نويسي: مرزا قليچ بيگ جي ”هسٽري آف سنڌ“ هڪ ناياب ڪتاب آهي. اهڙي طرح جي مثالن ۾ هڪ خط جو عنوان آهي: ”پهرين ”سنسڪرت“ – اُردو لغت، تي هڪ نظر جنهن بابت عمراڻي صاحب لکي ٿو ته:”بيشڪ هيءُ پنهنجي نوعيت جي اولين لغت آهي، جيڪا هندستان ۾ اُردو رسم الخط (نستعليق) يا فارسي لپيءَ ۾ ڊاڪٽر محمد انصارالله ترتيب ڏني ۽ هتي مقتدره قومي زبان 1993ع ۾ ڊاڪٽر جميل جالبيءَ جي نگرانيءَ ۾ شايع ڪئي. اُردو رسم الخط ۾ هجڻ ڪري هيءُ پڙهڻ ۾ آسان آهي ته ديوناگري جي مشڪلاتن کان بچيل آهي.“ (2022ع، 52) اهڙي طرح ادبي خطن جي موضوعن ۾ شاهڪار موضوع آهن: ”مرحوم محمد امين کوسو مولانا غلام محمد گراميءَ جي نظر ۾“، ”صوفي ڄيٺمل پرسرام جو اعليٰ تنقيدي ادراڪ ۽ ادبي شعور“، ”ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جي ”شاھ جي رسالي“ تي معروضي تنقيد“ وارا موضوع نهايت ئي ڪارآمد ۽ مفيد معلومات ڏين ٿا. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي جو سنڌي ادب تي هڪ بنيادي ۽ اصلاحي تنقيد ۽ تحقيق وارو ڪم آهي جنهن بابت ليکڪ رقم ٿو ڪري ته: ”اڄڪلھ جي عالمي بيگانگي (Alienation) جي دور ۾ تنقيد نگاري ذاتيات ۽ دشنام طرازيءَ جي ور چڙهي وئي، الامان والحفيظ.“ (عمراڻي، 2022: 59)، جهانِ گُل ۾ ڪيئي جهان کولي کولي بيان ڪيا ويا آهن ۽ اهو پڻ سمجهائڻ ۽ معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته علم ادب جي دنيا جا شاهڪار ڪتاب ۽ وڏا عالم جن جي ادبي ڪوششن سان دنيا ۾ علمي حوالي سان تابناڪ روشني پکڙي، تن جي ڳالهين ۽ ڪتابن جو جا بجا ذڪر ڪيو ويو آهي. ”جهانِ گُل“ جا خط ۽ ڪالم سنڌي ادب ۾ دلچسپي وٺندڙن لاءِ نهايت ئي ڪارگر ۽ ليکڪ جي مطالعي جو نچوڙ آهن. هڪ خط جو عنوان آهي: ”ذڪر ”روح سنڌ“ عرف ساڌو هيرانند جي جيون چرتر جو“ جنهن ۾ لکيو ويو آهي ته: ”فرشته صفت راڄ رشي ڏيارام گدومل بقولHistory of Sindhi Literature جي ليکڪ پروفيسر اجواڻي (ترجمو هيرو شيوڪاڻي) برٽش دور جو سڀ کان وڌيڪ اثر رسوخ رکندڙ لوڪ شيوڪ (خادم) ۽ مها پرش هو. هن پاڻ کان به وڏي مهاپرش ۽ مهاتما (great Soul) ساڌو هيرانند جي جيون ڪٿا سال 1903ع ۾ لکي. هو انگريزيءَ ۾Sygma (ٻُڙي) جي قلمي نالي سان لکندو هو ۽ هن (Something about Sindh) اوڻويهين صديءَ جي آخر ۾ لکي، شاھ عبداللطيف ڀٽائي کي يورپ ۾ متعارف ڪرايو ۽ ڊاڪٽر سورلي ۽ ڊاڪٽر اينيمري شمل کي رستو ڏيکاريو.“ (عمراڻي، 2022: 60)، عمراڻي صاحب شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي پختي شعور کي پنهنجي سماج ۾ ٻين جي حوالي سان پيش ڪيو آهي ته شاھ صاحب بابت دنيا جا ڏاها انسان ڪهڙي راءِ رکن ٿا؟ ۽ اسان شاھ صاحب کي ڪهڙين نگاهن سان ڏٺو، پرکيو ۽ پروڙيو آهي. ساڌو هيرانند سنڌ جو هيرو هو، جن جي ادبي خدمتن کي متعارف ڪرائيندي چوي ٿو: ”1893ع ۾ هي مهان شخص پليگ جي اثر ڪري ئي جوانيءَ ۾ ديهانت ڪري ويو، جيڪو اُن وقت اڄڪلھ جي ڪروناوائرس جيان لاعلاج مرض هو، سندس مرڻ بابت گهڻي ٽيڪا ٽپڻي نه ٿي، حالانڪه هن جي ڄمار اُن وقت فقط 30 سال هُئي. هي گهڻ رخو، صوفي، سنت صفت عالم اڄ فقط پراڻن ڪتابن جي حوالي طور اڪثر ياد اچي ٿو، پر هن بابت سرڪاري ادارا اڄ به مصلحتاً خاموش آهن. هو سماج سڌارڪ هو.“ (عمراڻي، 2022: 61) آئون پنهنجي مطالعي جي ڳالھ ڪريان ته مون گل جي خطن ۽ ڪالمن مان جا ڳالھ نوٽ ڪئي آهي ته گل محمد عمراڻي صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ جن ناميارن عالمن، اديبن، ۽ شاعرن ۽ محققن جي علمي پورهئي کي خطن ۽ ڪالمن جي روپ ۾ نهايت وزندار ڪري پيش ڪيو آهي، تن جون وڏيون خدمتون آهن. اسان هر لحاظ کان انهن کي وسارڻ جي ڪوشش ۾ مصروف نظر اچون ٿا. هڪ خط جو عنوان آهي: ”سماج وادي منشي پريمچند جي درويشاڻي زندگيءَ جو احوال خطن ۾!“ اهڙي طرح ”يادگيريون“ شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جي پهرين سوانح حيات، عنوان: ”پاڪ و هند جا آديواسي لوڪ ڀيل ۽ ڪولهي – علم انساني مطالعو“، ”اردو ادبي تنقيد ۽ سر سيد جو مقام!“، ”ذڪر شڪارپور جي صحافتي تاريخ جو“، ”مشرقي ادب جي پارکو مس اينيٽ بيورج جي ڪهاڻي“، ”شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جون ٻه آتم ڪهاڻيون“ لاجواب مواد تي مشتمل خطن جا موضوع آهن جن ۾ تمام گهڻي معلومات ڏني وئي آهي. ڪتاب ۾ جن اهم شخصيتن جو ذڪر ٿيل آهي، سي وڏي حيثيت ۾ پنهنجن علمي ادبي خوبين ۽ خصوصيتن سان آڏو اچن ٿا. ”ذڪر بيباڪ صحافت جي سرواڻ، ويو پوائنٽ رسالي جو“ جهڙا موضوع به ڀلا ڪو وجود وڃائڻ جهڙا آهن ڇا؟ جيڪي صحافت جي تاريخ کي دليريءَ بيان ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح جڏهن ذڪر علي عباس جلال پوري جي علمي ادبي روايت جو اچي ٿو ته اسان کي هڪ منفرد، عقليت پسند فلاسافر اڳيان اڀري اچي ٿو. جنهن سڄي ڄمار فلسفي جهڙي تعليم طرف ڌيان ڏئي شاگرد تيار ڪري ٿو. جلال پوريءَ فلسفي کي نه صرف پڙهيو، پر پڙهايو به ۽ جنهن جي روشنيءَ ۾ فلسفي، تاريخ مذهب جي پرک ڪندي چوڏهن ڪتاب لکي وڌي ناماچاري حاصل ڪئي. اهو مطالعي وارا ئي ڄاڻن ٿا ته سندس جديد خيال ۽ نظريا عام اردو دان شاگردن لاءِ مابعدالطبعيات ۽ علم انسان ۽ فلسفي جي ڏکئي موضوع تي گهڻي مقبوليت ماڻي ورتي، ”خاص طور تي پنجاب ۾، جتي سندس اقليت پسند جڙوادي سوچ کي 60ع ۽ 80ع واري دور ۾ پذيرائي ملي ۽ هن هڪ قسم جوcult ”مضبوط حلقهءِ احباب، ٺاهي ڇڏيو هو.“ (عمراڻي 2022: 78) گل محمد عمراڻي پنهنجي وطن جي نوجوانن جي ڀلائي لاءِ ”جهانِ گُل“ جهڙو انمول ڪتاب قلمبند ڪري جس لهڻي ٿو. مذڪوره ڪتاب ۾ ڪيترن ئي نالي واران اديبن جي انمول ڪتابن ڏانهن ڌيان ڇڪرائي. مختلف عالمن اديبن، صحافين جي ڪاوشن ڏانهن جيڪي اشارا ڏيئي پنهنجي احساسن، خيالن ۽ واقعن کي قلمبند ڪري، پنهنجي همعصرن ۾ هڪ منفرد مقام حاصل ڪري رهيو آهي. سندس ڪتاب ”جهانِ گُل“ ۾ عظيم انسانن جي ادبي ڪاوشن جو جا بجا ذڪر ملي ٿو. اڄ جي اخبارن ۽ رسالن جو مطالعو ڪريو، جيڪي واقعا رونما ٿين ٿا، تن کي صحافت ڪيترو اجاگر ڪري ٿي سا سوچڻ ۽ ويچارڻ جي ڳالھ آهي. ”ترقي پسند ادب جي فلم آرٽ سان نسبت جي پچار“ يا ”جهوني جوڳي عبدالله ملڪ جي“ ”آپ بيتي“ (آتم ڪٿا) جي پچار، ذڪر اِي. جي برائون جي ”پرشيا“ جي ادبي تاريخ جو اهم خط آهن. ”برائون صاحب فردوسيءَ کي قديم ايران (Persia) جي تاريخ جو ماخذ سڏي ٿو ۽ چئي ٿو ته شاھنامو، تاريخ عجم (غير عرب) جو بي بها ذخيرو آهي ۽ هن ڪتاب ۾ تاريخ ايران جون سڀ روايتون ۽ ڏند ڪٿائون. اساطير ۽ نيم سچا واقعا پراچين ايران ۽ عربن جي ڪتب خانن کان اڌار ورتل آهن. قصر شاهي ۽ آداب درٻاري، رعايا جي معيشت، دهقانن جي زندگي، مال گذاري، زمين جي ماپ ۽ تقسيم، رستم ۽ سهراب ۽ ٻيا جوڌا ۽ جوان عربن خلاف عجميت ۽ مزاحمت سڀ هن کولي بيان ڪيا آهن.“ (عمراڻي، 2022؛ 85) جيتري قدر مطالعي هيٺ رهندڙ مذڪوره ڪتاب جي مواد جو تعلق آهي ته انهيءَ کي قلمبند ڪرڻ لاءِ ليکڪ تمام گهڻي سنجيدگيءَ سان پرهندڙن لاءِ مواد مهيا ڪيو آهي. آئون دعوت ڏيان ٿو ته مذڪوره ڪتاب کي بغور مطالعو ڪيو وڃي ۽ علمي ۽ عقلي ڪسوٽي تي هڪ هڪ خط ۽ ڪالم جي پرک ڪئي وڃي ته شايد هر پڙهندڙ کي اقرار ڪرڻو پوندو ته ليکڪ پنهنجي اعليٰ معيارن کي سامهون رکي ڪيترن ئي ڏاهن جا ڪتاب مطالعو ڪري، پنهنجي علمي ۽ عقلي ڳالهين جو ثبوت ڏنو آهي. ڪرشن چندر عقلي دليل جو وڏو نالو آهي. انهيءَ تي جيڪو سوا کن صفحي جو خط ”ڪرشن چندر جي افسانن جو سماجياتي ادراڪ“ وارو موضوع ڪيترو نه لاجواب آهي. عمراڻي صاحب لکي ٿو ته: ”پنجاب ڄائو ڪرشن چندر بغير ڪنهن بحث جي اردوءَ جو سڀ کان وڌيڪ مقبول افسانا نگار آهي ۽ پاڻ وٽ سندس گهڻو شعوري اثر امر جليل، غلام نبي مغل ۽ ٻين شهري موضوعن تي لکندڙ افسانا نگارن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڀارت جي سنڌي ڪهاڻيڪارن جا محور ئي شهري سماج آهي. ڪرشن چندر، مارڪسواد ۽ انسان پرستيءَ جي سياسي فڪر جو وڏو مبلغ هو ۽ هن منٽوءَ جي 200 افسانن جي مقابلي ۾ 500 کن افسانا تحرير ڪيا، جيڪي هن جي 95 کان وڌيڪ ڪتابن ۾ 40 ناولن، ڊرامن، خاڪن، تنقيدي ۽ مزاحيه مضمونن، فيچرس، فلمي ڪهاڻين، رپورتازن، ٻارن جي ادب، سفرنامن، فئنٽسيز ڊاڪيومينٽريز ۾ سمايل آهي. (عمراڻي 2022: 86)، مذڪوره خط ۾ هن سعادت حسن منٽو، حيات الله انصاري، راجندر سنگھ بيدي، عصمت چغتائي خواجا احمد عباس ۽ ڪرشن چندر جي ڪن مقبول افسانن ۽ ترقي پسند تحريڪ جو ذڪر ملي ٿو. ”جهانِ گُل“ گهڻو ڪجھ لکڻ لاءِ ڏئي ٿو ۽ درست طرح جيڪڏهن انصاف ڪجي ته ليکڪ جي هن شاهڪار پورهئي سان ته، ماڻهو پورو انصاف ڪري نه سگهندو. ڇاڪاڻ جو مذڪوره ڪتاب کي مڪمل ڪرڻ لاءِ وڏي مطالعي کان ڪم ورتو ويو آهي. رسالو ”ليل ونهار“ مزاحمتي صحافت جو بيباڪ آواز، ”ذڪر ڊاڪٽر فائزه زهره مرزا جي فارسي لغت نويسيءَ جو!“ ”قصو بلراج ساهني جي آتم ڪٿا جو“، ”ذڪر خادم العلوم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سوانح عمري جو“ مطلب ته دل ڪونه چوي ته ڪنهن به هڪ خط جي عنوان رهائي ڇڏجي. هر خط جو لاجواب مواد پنهنجي پنهنجي اهميت سان اجاگر نظر پيو اچي. خط ڏاڍا قيمتي آهن مجبوريءَ ۾ ايئن ڪرڻو پوي ٿو. ”رهاڻ هيرن کاڻ، 10 جلدن ۾ هڪ جامع ماخذ ۽ علم ادب آهي. سندس يادگيرين يا (MEMOIRS) جو، جنهن جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان صاحب پاڻ ٻڌائي ٿو ته ”هي رهاڻ هيرن کاڻ آهي. پنجاھ سالن واري دور 1950ع کان 2000ع ۾ سنڌ جي سڄڻن ۽ سگهڙن سان ڳوٺن، شهرن، واهڻن ۽ وستين ۾ رهاڻيون ٿيون، جن جو هي مواد يادگار آهي. ڪن پيارن ترغيب ڏني ته آئون پنهنجي سوانح عمري لکان ڪنهن حد تائين هيءَ منهنجي سوانح عمري آهي.“ (عمراڻي 2022؛ 94) اهڙي طرح ذڪر آءِ اي رحمان جي منفرد ڪتاب ”آرٽس اينڊ ڪرافٽس آف پاڪستان“ جو هڪ بهتري معلومات تي مشتمل خط جنهن ۾ لکيل آهي ته:“Arts and Crafts of Pakistan” يعني پاڪستان جا فن ۽ هنر جنهن کي خوبصورتيءَ سان رنگين ۽ بليڪ اينڊ وائيٽ تصويرن سان سينگاري بهترين انگريزي نثر ۾ تحرير ڪيو ويو آهي، جنهن جو معيار، ريسرچ، ايڊيٽنگ ۽ پرنٽنگ (ڇپائي) بين الاقوامي معيار ۽ ماڻن جي آهي. ڪتاب جي شروعات ۾ جارج برنارڊشا جو هڪ مقولو ڏنل آهي ته ”توهان آرسيءَ ۾ فقط پنهنجو چهرو ڏسي سگهو ٿا، پر هن شاهڪار ۾ توهان پنهنجو روح ڏسي سگهو ٿا. (عمراڻي، 2022: 96) خط جي آخري ۾ لکي ويو آهي ته: ”ڪتاب جي بابن ۾ چيڪي مٽي، پٿر، ڪپڙي، غاليچن، ڪاٺ، ڌاتو (Metal)، زيورات، چمڙي ۽ متفرقا هنرن بابت مفيد ڄاڻ آهي ۽ ريسرچر چئي ٿو ته غاليچا سازيءَ جو هنر سنڌو ماٿريءَ کان شروع ٿيو.“ (عمراڻي، ص: 97) گل محمد عمراڻي صاحب کي ادب ۽ تاريخ سان دلچپسي ڄڻ ته ورثي ۾ ملي آهي، جو هميشه سٺن ڪتابن مان مواد ميڙي چونڊي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ خوبصورت مالها پوئي پيش ڪيو اٿائين. اِها سالن جي جدوجهد آهي جيڪا اڄ ڪتابي صورت ۾ نمايان ٿي رهي آهي. ”جهانِ گُل“ هڪ تعريف جوڳو ڪتاب آهي ڇاڪاڻ جو مذڪوره ڪتاب جي مواد ۾ جيڪي خط ۽ ڪالم شامل آهن تن ۾ ناياب علمي ادبي ڪتابن، سوانح عمرين، لغتن، آثار قديمه تي لکيل ڪتابن کان ويندي دنيا جي مقبول ترين اعليٰ انسانن جي پورهئي کي متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. انهن شخصيتن مان ڪن شخصيتن جو احوال هرڪو پڙهي ٻهڪي پوي ٿو، جن جو جنم ساڀائتو ثابت ٿيو آهي، جن جون علمي ادبي حوالي سان اٿاھ خدمتون جن تي دنيا کي به ناز ٿئي ٿو، پر سنڌ ڌرتي، انهيءَ تي وڌيڪ نازان آهي. اهڙن ناياب نسل جي انسانن جي علمي پورهئي کي وري جيارڻ جي ياد ڏياري وئي آهي ته جيئن ايندڙ دور جا نوجوانن کي پنهنجي عالمن جي علمي پورهئي جو قدر ڪرڻ ۽ انهن جي مثالي ڪم تي فخر ۽ سرهائي ڪرڻ جڳائي ٿو. ”ليکراج ڪشنچند عزيز ڪو اهڙو تهڙو انسان نه، پر هڪ اديب ۽ ڏاهي شاعر جي روپ ۾ اجاگر ٿي اڳيان ٿو، اهڙي طرح عطا محمد ڀنڀري جي علمي قابليت کي جيڪا مڃتا حاصل ٿي آهي، سا هڪ تاريخ سنڌ جي سرواڻ طور اڳيان اڀري بيهي ٿو. عمراڻي صاحب لکي ٿو: ”پاڻ وٽ الائي ڪيترا پي ايڇ ڊي آهن، اهي اڃا تائين پنهنجي نالي لکڻ جي ڪوشش ڪن پيا. سائين عطا محمد ڀنڀرو انگريزيءَ کان سنڌيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جو هن دؤر جو سڀ کان وڏو مڃيل ماهر هو ۽ اهڙا 50 کن تاريخيVictorian دؤر جا اڻلڀ ڪتاب هن پنهنجي اورچائي طبع ۽ اعليٰ استعداد ڪري ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ کي جهجهو سرمايو ڏنو آهي.“ (عمراڻي، 2022: 105) ”ڀٽو ڪيس جي عدالتي ڪارروائيءَ جو سربستو احوال“ يا ”ڪوھِ نور هيري جن جو سر کنيو! تن جو ذڪر ڪندي عمراڻي صاحب لکي ٿو ته: ”خير سان مشهور ڪتابKohinoor: The story of the world’s Most Infamous Diamond پاڻ وٽ به پهچي ويو… اسان وٽ اهڙي روايت هاڻي جنم وٺي رهي آهي ته تاريخ کي فڪشن کان الڳ ڪري پڙهجي ۽ هي ڪتاب انهيءَ سلسلي جي هڪ اهڙي ڪڙي آهي، بدِنامِ زمانه(Infamous) هيري جي ڪهاڻي ڊالرمپل ۽ انيتا آنند وڏي جاکوڙ ۽ تحقيق بعد تزڪ بابري کان وٺي، برٽش لائبريري (پراڻي انڊيا آفيس لائبريري) لنڊن جي بيٺڪي رڪارڊ مان حاصل ڪئي آهي.“ (عمراڻي، 2022: 108) ”اسٽينلي والپرٽ، جناح ۽ غلام محمد ڀرڳڙي! ”ڪجھ ادبي ميلن جي روايت ۽ وليم ڊالرمپل بابت! ”قصو فرانسس برٽن تي آيل سوانح ناول جو! ”ثقافت کاتو ظفر ڪاظميءَ کي ياد ڪري به ڇو؟ جهڙا اهم موضوع ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏين ٿا جيڪي پڙهندڙن کي ويچارڻ تي مجبور ڪن ٿا. ”سال 2016ع جو بين الاقوامي لفظ ڪهڙو آهي؟ ”ذڪر ڊاڪٽر حميده کهڙو پاران کوليل پاڪسان اسٽڊي سينٽر جو هجي يا تاريخدان ايليٽ ۽ ڊائوسن جي مها هندستاني تاريخ جو تذڪرو يا سنڌ شناس ڊاڪٽر شيڪل جي شاھ جي رسالي جو 2018ع وارو انگريزي ايڊيشن جو يا هڪ ٽيڪنالاجي گروءَ جو وڇوڙو ۽ سندس ادبي ڪم ۽ سوچ مطلب ته، سمورن موضوعن ۾ نهايت ئي عقلمندانه ويچار پڙهندڙ لاءِ پيش ڪيل آهن. خطن جو مطالعو ايترو ته گهرو ۽ فڪري آهي جو ڪتاب ۾ پيش ڪيل قيمتي معلومات کي پڙهي ايئن چوڻو پوي ٿو ته دل جي دفتر ۾ سموريون ڳالهيون سانڍي رکجن. مولانا غلام گرامي، فيض احمد فيض جو فڪري سرچشمو ۽ اقبال، مقدمه ابنِ خلدون: پروفيسر فرانز روزن ٿال ۽ اين. جي دائود جو علمي شاهڪار، علامه آءِ آءِ قاضي جي يادگار انگريزي خطن جو ذڪر، ”مرحوم“ دهلي ڪاليج – آثار ۽ احوال، ذڪر نواز شريف جي شيشي جي گهرن ۾ قائم عدالتن جو، علامه اقبال جي پي ايڇ ڊي مقالي بابت ابهام ڇو؟ جهڙا موضوع ڪتاب جي وڏي زينت بڻيل آهن. هر اها تحرير جنهن ۾ علمي ذوق، دلي جذبو ۽ مثالي دليل ليکڪ پاران ڏنا وڃن سا لکت هر جاءِ تي پنهنجي مخصوص جاءِ جوڙيندي آهي. گُل محمد عمراڻي صاحب جا سمورا خط ۽ ڪالم اهڙن مثالن ۽ دليلن سان جڙيل آهن جنهن ۾ ليکڪ جي علمي لياقت ۽ استدلالي قوت اثرائتي نموني هر اسم کي مختصر ئي سهي، پر پنهنجي درست رستي سان پڙهندڙن جي معلومات ۾ اضافو ڪري ٿي. جهانِ گُل جي خطن جي نوعيت ڪا جهڙي تهڙي ڪونهي، پر هڪ منفرد ۽ ٻين کان الڳ نموني واري واٽ آهي. عمراڻي صاحب جيڪي به خط لکيا آهن، تن جو جهان ئي ٻيو آهي، سندس خط پنهنجن يارن، دل گُهرين عزيزن، دوستن، اديبن، شاعرن، سياسي، سماجي ۽ همعصرن ڏانهن لکيل ڪونهن. پر جهانِ گُل ۾، علمي ادبي نوعيت جا طرحين طرحين جا موضوع شامل ڪيل آهن. جن ۾ سنڌو سڀيتا جي تاريخ، آثار قديمه جي بانين، سنڌي زبان جي اولين اشتقاقي لغتن، اردوءَ جي قديم لغت، فرهنگ تصوف، سنڌ جي تاريخ، جنگين، اردو، سنڌي، هندي، سنسڪرت ۽ انگريزي لغتن، عالمن جي علمي ڪم، شاھ صاحب جي رسالي تي ڪيل ڪم، تحقيق ۽ تنقيد ڪرڻ وقت ادبي شعور جو هجڻ، يادگيرين، سوانح عمرين، انساني علم جو مطالعو، صحافت جو ذڪر ۽ صحافين جو درست ڪردار ڪيئن هئڻ گهرجي؟ اخبارن، رسالن، فلم، ڊرامي، ترجمن، مضمون نگاري، ڊائري، سفرنامن، ڪهاڻيون ۽ ڪهاڻين جي اهميت، حر تحريڪ، آزاديءَ جي تحريڪ، وڏن ناميارن اديبن جي ذهني ۽ فڪري سوچ، سنڌ جي عالمن سان ٻه اکيائي ۾ ادارن جو ڪردار کان ويندي ڏيهي ۽ پرڏيهي شخصيتن جي علمي ادبي، سياسي، سماجي ڪارنامن کي آڏو رکي وسيع معلومات ڏني وئي آهي. جهڙي طرح گُل محمد عمراڻي صاحب جا ادبي خط پنهنجي جاءِ تي وڏي اهميت ۽ افاديت جا حامل آهن، تهڙي طرح سندس ڪالم پڻ شاندار موضوعن ۽ مواد تي مشتمل آهن. ڪير ڇا ٿو پڙهڻ چاهي ۽ ڪهڙي موضوع ۾ دلچسپي وٺي ٿو. سو ان کي اهو مواد ملي وڃي ٿو. اسان سندس پهرين ڪالم جي عنوان: تاريخ جو هڪ وساريل ورق: غازي علم الدين شهيد جي وطن دوستي، بهادري ۽ دليريءَ جو مثال کڻون ته هن حق ۽ سچ چوڻ واري واٽ تي هلندي لڳ ڀڳ ستٽيھ سالن جي جواني ۾ ڦاسي جي ور چاڙهيو وڃي ٿو ۽ سندس مقبوليت ۾ ايڏو اضافو اچي ٿو، جو سندس جنازي نماز ۾ ڇھ لک ماڻهو شريڪ ٿين ٿا. ٻئي ڪالم جو عنوان آهي: جديد قومي خود مختيار رياست ۽ آمريڪا هڪ جائزو، پڙهندڙن لاءِ دلچپسپي جو سبب آهي. اهڙي طرح ٽئين ڪالم جو عنوان آهي. سنڌ جي ديو جانس جي جدائي (پروفيسر عزيز پليءَ جي وڇوڙي تي لکيل تاثر، ”سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هر قسم جا استاد ملندا، پر هڪ قسم جيڪو روايتي افسانوي(Conventional Fictional) سڪردارن جا مشابهت رکندڙ تقريباً Bohemian( رسمن کي ٽوڙيندڙ بت شڪن) ديومالائي قامت رکندڙ شخص، سو فقط هڪ ئي هو. هو هڪ سرڪاري اسپتال جي جنرل وارڊ ۾ سوين دوستن، شاگردن ۽ گهڻ گهرن جي دعائن جي باوجود ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ گذاري ويو.“ (عمراڻي، 2022: 421) ڪالم ۾ عبدالعزيز جي علمي بصيرت ۽ سادگيءَ جو نهايت ئي سهڻي نموني ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ کيس فلسفي ديو جانس ڪلبي سان هن ريت ڀيٽ ڪئي وئي آهي، ”ديوجانس اٿينس جي گلين ۾ رلندي صدا ڏيندو هو ته، ”آهي ڪو انسان“ هن جي هٿ ۾ ڏينهن ڏٺي جو لالٽين هوندو هو ۽ عزيز جي هٿ ۾Keats جي شاعريءَ جو ڪتاب هوندو هو.“ (عمراڻي، 2022: 421)، عزيز پلي توڙي جو هڪ سادو ڪردار آهي، پر علم ادب سان هن جي خاص دلچسپي هئي. اهڙي انسان جو موت تمام گهڻو ڏکائيندڙ محسوس ٿئي ٿو. اهڙي طرح وري جڏهن اسان هڪ ڪالم“ ملڪـ نديم: تجريدي نظم جو شاعر ۽ هڪ غير تجريدي انسان کي پڙهون ٿا ته، ڏکارا ٿي ٿا وڃون ته هڪ استاد، شاعر، محقق ۽ نقاد علم ادب جي خدمت ڪندڙ سان پنهنجا ئي ماٽيلي ماءُ جهڙو سلوڪ رکن ڇو ٿا؟ ”ڀٽائي، سچل ۽ اياز جي شاعري ۽ فڪر جي ترقي پسندانه، روشن خيال ۽ جديد تشريح، توجيھ ۽ تعبير هن جو ادبي تاريخ ۾ هڪ اهم حوالو رهندو.“ (عمراڻي، 2022: 425) ۽ ٻيا به ڪيترائي پهلو آهن جن جي ڪري ڊاڪٽر ملڪ نديم جو نالو علم ادب وارن جي اڳيان هميشه اوچو نظر ايندو رهندو. ”جهانِ گُل“ جا سمورا ڪالم جن جي عنوانن جي چونڊ ۽ مواد تي مصنف تمام گهڻي محنت ڪري، ڪيترن ئي ناميارن شخصيتن جي مفيد ۽ عمدن ڪتابن ڏانهن پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪرايو آهي. هڪ صاحبِ طرز نثر نگار ۽ داستان گو شخص، آگرو صاحب: هڪ گهڻ رخي شخصيت، ڪَبير ڪٿا ۽ ڀڳتي تحريڪ،!، قائد اعظم جي زندگيءَ جي آخري ڏينهن جو احوال!’ بابا گرو نانڪ ۽ ڀڳتي تحريڪ ‘1857ع واري غدر يا جنگ آزادي ۽ پنجاب، روميءَ جي شاعريءَ ۾ تصوف جي تات… ڪِشنچند بيوس: سنڌ جو ورڊس ورٿ، کان ويندي آخري ڪالم ”آزاد خيال فلاسافر دائود رهبر کي ڪو رهبر ڇو نه مليو؟ تائين پنج سؤ چوئيتاليهن صفحن جو هي بهترين تحفو جنهن ۾ طرحين طرحين جا موضوع ۽ مواد پيش ڪيل آهن. اڄ جي دنيا ۾ نت نون تجربن پٽاندر ترقي ٿي رهي، اهڙي ترقي سنڌي علم ادب ۾ به اچڻ گهرجي، انهيءَ خيال کي ڌيان ۾ رکندي ”جهانِ گُل“ جي ليکڪ هيءُ سمورو پورهيو ڏاڍي محنت ۽ جفاڪشي سان گڏ وڏي غور ۽ فڪر سان هڪ هڪ شيءِ تي ڌيان ڌري مقامي سطح کان ويندي عالم سطح تائين جي تاريخ جا ورق کولي پنهنجي مدلل ڳالهين سان ادبي خطن ۽ مختلف موضوعن تي لکيل علمي، ادبي ۽ تاثراتي ڪالمن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ”جهانِ گُل“ جي نالي سان هڪ خوبصورت ڪتاب گلدستي ۾ بند ڪيو آهي. ڪتاب جا سمورا خط ۽ ڪالم محترم گل محمد عمراڻي صاحب جي عميق ۽ وسيع مطالعي، ديانتداريءَ ۽ علمي لڳاءُ جي گواهي پيش ڪن ٿا.

***