سھڻيءَ جي ڪردار تي ھڪ شاگرد جو سوال
معمول مطابق گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول قاضي احمد ۾ پنهنجو سنڌي جو سبجيڪٽ پڙهائڻ لاءِ ڪلاس ۾ داخل ٿيس، سڀني شاگردن اُٿي بيھي سلام وراڻيو، سلام جو جواب ڏئي کين ويھڻ جي اجازت ڏنم. شاگردن کي مخاطب ٿي چيم: اڄ پاڻ شاھ جي سورمين جي باري ۾ پڙھنداسين ته شاگردن چيو: سائين اڄ اسان کي سھڻي ۽ ميھار جو قصو ٻڌايو. جنهن بعد مون ڪلاس ۾ سھڻيءَ جو قصو ٻڌائڻ شروع ڪيو، جڏھن قصي جي ھيءَ ڳالھ ڪري رھيو هئس ته سھڻي، ميھار جي عشق ۾ رات جي پَھر ۾ مُڙس کي ننڊ ۾ سمھاري پوءِ دلي تي چڙھي درياھ پار ڪري ميھار سان ملاقات ڪري وري واپس موٽي ايندي هئي، جڏھن ان جي ڀُڻڪ سندس مائٽن کي پئي ته ھنن سندس دلو مٽائي ان جاءِ تي ڪچو گھڙو رکيو جيئن ئي سھڻي دلو کڻي درياھ ۾ ترندي اڳتي وڌي ته دلو ڳرڻ شروع ٿيو ۽ سھڻي ٻڏڻ لڳي ته دانھون ڪري ميھار کي پڪارڻ لڳي جنهن تي شاھ صاحب فرمائي ٿو:
دھشت دام درياھ ۾، جت سٽاڻا سيسار،
بيحد واڳو بحر ۾، هيبت نانگ ھزار،
ساريان ڪان سَرير ۾، طاقت توھيان ڌار،
ساھڙ ڄام! ستار!، اونهيءَ مان اُڪاريين
جيئن ئي بيت پڙهي بس ڪيم ته ڪلاس جو شاگرد ”فرمان پکريو“ اٿي بيٺو ۽ ھڪ عجيب سوال ڪيائين، ”سائين جڏهن سھڻي شادي شده هئي ته پوءِ ٻئي مرد سان ملڻ ڇو ٿي وئي؟ اھو ڪم ڪنهن اشراف عورت جو ته نه آھي ته پوءِ شاھ صاحب ان کي ڇو ساراھيو آھي؟“ مون وٽ ان وقت شاگرد جي سوال جو ڪو جواب نه ھو، پر ھن شاگرد جي سوال مون کي پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ۽ ان جو جواب سوچڻ لڳس، ڪو معقول جواب سمجھ ۾ نه آيو تڏھن آچر جي ڏينھن پنهنجي پياري دوست ”سگھڙ صوفي فقير ميانداد سيلاني چانڊيو“ جيڪو شاھ صاحب جو بھترين پارکو پڻ آھي سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ويس. جنهن سان ڪچھري ڪندي ان سوال بابت ساڻس ذڪر ڪيم ته فقير پڻ اچرج ۾ پئجي ويو ته ننڍڙي ٻالڪ يقينن وڏو سوال ڪيو آھي ۽ ھن جو سوال باقاعدي بنياد رکي ٿو ته سھڻيءَ اھو ڪم ته غلط ڪيو آھي. فقير ۽ مون ان جي جواب تي شاھ صاحب جو رسالو کنيو ۽ شاھ صاحب کان ئي جواب طلب ڪيوسين، ته شاھ صاحب جي رسالي مان جيڪي جواب مليا سي سھيڙي ۽ تيار ڪري، سومر جي ڏينهن تي معمول مطابق پنهنجي ڪلاس ۾ داخل ٿيس ۽ ”فرمان پکريو“ جنهن سوال اٿاريو ان سان مخاطب ٿي چيم پٽ فرمان! توھان جي ڪيل سوال مونکي سڄي رات ننڊ ڪرڻ نه ڏني ۽ مان توهان جي سوال کي سوچيندو رھيس، نيٺ پنهنجي ھڪ اديب دوست جي مشاورت سان جواب ڳوليو اٿم، اميد آھي ته توهان ان جواب مان مطمئن ٿيندا. فرمان وراڻيو، ”سائين جواب ٻڌايو.“ جواب ٻڌائيندي چيم ته:
شاھ صاحب دنيا جو عظيم شاعر آھي، تصوف جو شاعر آھي، ۽ ھڪ اعليٰ ترين درجي جو اديب آھي. شاھ صاحب جي ستن ئي سورمين ۾ سھڻيءَ کان علاوه سڀئي حق تي آھن، پر جيئن ته سھڻيءَ جي شادي ان جي مرضيءَ جي خلاف ڪرائي وئي هئي، پر ھن جي دل ۾ موجود ميھار جي محبت ھن کي ائين ڪرڻ تي مجبور ڪيو جيڪو مذھبي ۽ رسمي طور غلط عمل آھي. ھڪ باڪردار عورت جو اھو ڪم نه آھي ته ھوءَ مڙس کي ڇڏي ڪنهن ٻئي سان تعلق جوڙي، پر شاھ صاحب ان جي باغي ڪردار کي ڳايو آھي، ان جي دل ۾ موجود ميھار لاءِ بي پناھ عشق کي ڳايو آھي، ۽ ان عشق ۾ جيڪي سھڻيءَ خطرناڪ فيصلا ورتا آھن انھن کي ڳايو آھي ته ھن جي تڪليفن کي به ڳايو آھي. شاھ صاحب جيئن ته ھڪ اديب آھي ۽ اديب پنهنجي ادب واري لھجي ۾ ڳالهائيندو آھي، شاھ صاحب ان سڀني سان گڏ سھڻيءَ کي پنھنجي غلطين جو احساس ڏياريندي چوي ٿو ته:
جي تُون طالبُ تڙجي، ته ڪچو کَنيئي ڪوهه،
ڏيئين ڏھاڻي ڏَمَ کي، آڌيءَ راتِ اندوهه،
ڏِيل تماري ڏوهه، جا وَرُ ڇڏيو واھڙ تَرِين.
ان سان گڏوگڏ شاھ صاحب سھڻيءَ کي ٻئي بيت ۾ اھو احساس ڏياري ٿو ته اشراف عورتن جو اھو ڪم نه آھي ته مڙس کي اونداھيءَ ۾ رکي ڪنهن ٻئي سان ملي جيئن شاھ صاحب ھن بيت ۾ فرمائي ٿو ته:
وَر ڇڏيو واھڙ گھڙين، اِي اَجڪِي بات،
اٿي عورت ذات، پَوِين پاڻي وچ ۾.
ان کان علاوه شاھ صاحب سھڻيءَ کي سندس ٻڏڻ جو ڪارڻ به ٻڌائيندي چوي ٿو ته:
ڏِينھان گھاري ڏم سَين، راتيان ساڻ ميھار،
ورتيئين ٻيئي پار، تڏھن ٻُڏِي سھڻي.
انھن بيتن پڙھڻ کان پوءِ پنهنجي ٻالڪي ”فرمان پکريو“ سان مخاطب ٿي چيم ته شاھ صاحب سھڻيءَ کي پيش آيل سندس تڪليفن جو ذڪر ضرور ڪيو آھي، پر ان کي ھرگز اھو نه چيو آھي ته سھڻي حق تي آھي. ايتريقدر جو سھڻي کي نِنديو آھي ته تنهنجو اھو عمل غلط آھي، جيڪو مٿين بيتن مان صاف ظاھر آھي. اميد آھي ته توهان جواب مان مطمئن ٿيا ھوندا ته فرمان وراڻيو، ”سائين مان بلڪل مطمئن آھيان.“ توھان يقينن بھترين جواب ڏنو آھي. ان بعد سموري ڪلاس سان مخاطب ٿي چيم ته ڪنهن به عورت کي اھا اجازت ھرگز نه آھي ته ھوءَ پنھنجو وَر ڇڏي ڪنهن غير ڏانهن مُتوجهه ٿيئي، پر مٽ مائٽن تي به اھو فرض آھي ته پنھنجي نياڻين کان رضامندي لازمي پڇن ته جيئن نياڻين جي زندگي خوشيءَ سان گذري سگھي ۽ نياڻين جي دل ۾ ڪو به ارمان نه رھي.
***