ٻن ڳالهائيندڙن ترجمو ڪندڙ مشين تيار
آمريڪا جي آن لائين ڪتاب وڪرو ڪندڙ ڪمپني اميزانAmazon پاران اليگزا Alexa نالي هڪ مشين تيار ڪئي وئي آهي جيڪا ٻن ڳالهائيندڙن جي گفتگو کي ترت ترجمو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. هن مشين ۾ اڃان به بهتري جي گنجائش ۽ ضرورت ٻڌائي وئي آهي. اليگزا مشين جي مدد سان ڪوبه مسافر نئين ملڪ ۾ وڃي هن مشين کي اتان جي رهاڪن جي سامهون رکي ۽ انهن سان ڳالهائي سگهي ٿو. اها مشين انهن ٻنهي جي ٻولين کي واري واري سان ترجمو ڪندي رهندي. جنهن سان اهڙن مسافرن کي نيون زبانون سکڻ جي ضرورت به نه رهندي. هن مشين کي ٺاهيندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته انهن جي ڪوشش آهي ته هن مشين ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن جي ثقافت بابت به ڄاڻ رکي وڃي جيئن ان جي ترجمي ۾ بهتري اچي سگهي. اليگزا ٺاهڻ وارن ماهرن جو چوڻ آهي ته ٻين ڪمپنين به هن قسم جي مشينن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن ۾ گوگل جا Pixel Buds صرف Pixel فون ذريعي ڪم ڪري سگهن ٿا ۽ سامسنگ جي Bixby صرف نوان جملا ترجمو ڪري سگهي ٿي. جڏهن ته اليگزا ترت وڏا جملا ترجمو ڪري سگهي ٿي.