امين الملت ڪامريڊ محمد امين خان کوسو
ڪامريڊ محمد امين خان کوسو 11 ڊسمبر 1910 تي حاجي عبدالعزيز خان کوسو تعلقي ٺل ضلعي جيڪب آباد سنڌ جي گھر ۾ اک کولي. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ حيات آباد تعلقو ٺل ضلعو جيڪب آباد ۽ ميٽرڪ ميونسپل ھاءِ اسڪول جيڪب آباد، جيڪو اڄڪلھه سندس نالي (سردار محمد امين ميموريل ھاءِ اسڪول) سان منسوب ٿيل آھي مان حاصل ڪئي، پاڻ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ 1929ع ۾ علي ڳڙھه مسلم ڪاليج علي ڳڙھه ويو، جتان 1934 ۾ بي اي ۽ 1936 ۾ ايل ايل بي پاس ڪيائين.
سن 1937 سنڌ ھاري ڪاميٽي جو صدر ۽ 1938 ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو. 1939 ۾ سندس ملاقات مولانا عبيد الله سنڌي سان ٿي ۽ محمد امين خان باقاعدا آزادي جي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو.
1941 ۾ انگريز سرڪار پاران کيس سازش ڪيس ۾ گرفتار ڪري 6 مھينا قيد جي سزا ڏني وئي، 1946 ۾ مسلم ليگ جو جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ 1948 ۾ مسلم ليگ جي حڪومت ۾ کيس جيل موڪليو ويو. جنهن سبب 1950 کان 1970 دوران سياست کان پاسيرو ٿي ويو، پر ذوالفقار علي ڀٽو سان سندس گھڻي قرب ۽ ھجت ھئڻ سبب 1970 ۾ پ پ ۾ شامل ٿي ويو. محمد امين ھڪ سٺو اديب سياستدان زميندار ۽ وڪيل ھو، علم ۽ ادب سان چاھه ھجڻ سبب ڳوٺ ۾ امين المت نالي ھڪ شاندار لائبريري قائم ڪيائين، جنهن ۾ ھزارين ڪتابن جو ذخيرو موجود ھو. محمد امين خان جي دوستي جو حلقو تمام گھڻو وسيع ھو، جنهن ۾ مولانا عبيد الله سنڌي، قائداعظم محمد علي جناح، پنڊت جواھر لعل نھرو، مھاتما گانڌي، خان عبدالغفار خان، ذوالفقار علي ڀٽو، جي ايم سيد، نواب اڪبر خان بگٽي، شھيد الله بخش سومرو، مولانا دين محمد وفائي، مولانا عزيزالله جروار، مولانا غلام مصطفي قاسمي، نواب آف جھل منگسي وغيره کان علاوه به ھن جو سياسي حلقو تمام گھڻو وسيع ھو، جيڪو بلا امتياز ۽ مت ڀيد کان علاوه انسان ذات لاءِ نيڪي ۽ چڱائي سوچيندڙ ۽ چاهيندڙ انسان ھو، ھن ڪڏھن به ڪنھن غريب ڪڙمي ۽ مزدور کي نه ستايو. اڃان ھڙون وڙون مدد ڪندو رھندو ھو. ڪامريڊ سردار محمد امين خان کوسو ضلعي جيڪب آباد جو پھريون شخص ھو جيڪو بين الاقوامي نظريي کي سمجھندو ھو يا ننڍي کنڊ جي سطح تي سياسي ۽ اقتصادي حالتن کي سمجھي سگھيو ٿي.
ڪامريڊ محمد امين خان کوسو سچو کرو، نڊر سياستدان ھو. جنھن سبب گيس امين الملت سڏيو ويندو ھو. ھن جي عملي سياست ۽ سياسي فڪر ڪنھن قبيلائي ليول جو نہه ھو، پر ملت ۽ بين الاقوامي سطح جو ھو، محمد امين خان کوسو ھر ڪنھن ھندو مسلمان لاءِ انسان بڻجي سوچيندو ھو. پنھنجي غور فڪر کان پوءِ جيڪو نچوڙ ويچاري عوام آڏو پيش ڪندو ھو، اھو قومي ڌارا وارو ھو، اول درجي تي محسنن دوستن مان مولانا عبيدالله سنڌي ۽ شھيد الله بخش خان سومرو ۽ سائين جي ايم سيد ھئا، جن سان محبت نه پر عشق ھو، کيس سائين جي ايم سيد ھميشہه ميان محمد امين ڪري سڏيو ۽ پنھنجن ڪتابن ۽ خطن ۾ لکيو.
سردار محمد امين خان کوسو سياست جي ميدان جو ملھه ھو ان ميدان ۾ عملي طور تہي پنج ڇھه سال رھيو، پر سندس فڪر آخري وقت تائين واھڙ واھيندو رھيو.
ڪامريڊ محمد امين خان کوسو جي طبيعت آخري ڏينھن ۾ خراب ٿي پئي، ھو جيڪب آباد مان ڊاڪٽر منظور احمد کوسو کان علاج ڪرايو، پر گھڻي ناچاڪي سبب ڪراچي وڃي علاج ڪرائڻ لاءِ ويو جتي علاج دوران اسپتال ۾ 5 ڊسمبر 1973 تي دم ڌڻي حوالي ڪيو. سندس مڙھه ھيليڪاپٽر ذريعي انڙواہ ريلوي اسٽيشن ويجھو سندس ڳوٺ آندو ويو ۽ (تدفين) آخري آرامگاھه سندس آبائي قبرستان ڳوٺ چوڪ لاشاري تعلقي ٺل ۾ آٓهي.