ادب

ھاٿيءَ جو پُڇُ
(ملايالم ڪھاڻي)

ليکڪ: ويڪوم محمد بشير

ھيءَ ھڪڙي چوريءَ جي ڪھاڻي آھي. ھڪڙو وڏو ھاٿي ھو، جنھن ٻن مھابتن کي پنھنجي پيرن ھيٺان لتاڙي ماري ڇڏيو ھو. انھيءَ ھاٿيءَ جي دُمِ مان ھڪڙو وار چورائڻو ھو ۽ چورائڻو اھڙي نموني ھو جو ڪير ڏسي نه سگهي. نه ابو، نه امڙ ۽ نه وري مھابت. مون کي سندس دُمِ مان ھڪڙو وار، فقط ھڪڙو ئي وار کپندو ھو. اتي فقط ھڪڙو نه بلڪه ٽي ھاٿي ھئا. مون کي ان وڏي ھاٿيءَ جي دُمِ جو وار کپندو ھو، پنھنجي لاءِ نه، بلڪه راڌا مني لاءِ. راڌا مني، ايڪسائيز انسپيڪٽر جي ڌيءَ ھئي ۽ مون سان گڏ پڙھندي ھئي. انھيءَ، ڪتاب ۾ رکڻ لاءِ مون کي مور جو کنڀ ڏنو ھو. اڙي ھا! تن ڏِھاڙن ۾، منھنجي ھڪڙي عرفيت ھئي؛ ’ھاٿيءَ جو پُڇُ.‘ منھنجا سنگتي مون کان پڇندا ھئا؛ ”ھاٿيءَ جا پُڇَ! ڪاڏي ٿو وڃين؟“ يا وري ”ھاٿيءَ جي پُڇَ جو جواب غلط ٿي ويو. ٻڙي مليس.‘ دراصل مان ’ھاٿيءَ جي دُمِ‘ کي عام طور تي ’ھاٿيءَ جو پُڇُ‘ چوندو ھئس.

”ھاٿيءَ جو پُڇُ“

ھيءُ واقعو، ڪئي سال پراڻو آھي. مان اٺن يا نون سالن جو ھئس. منھنجو ڀاءُ عبدالقادر، مون کان سال ننڍو ھو. اھو آڪھ جو ئي دادلو ھو. مان درگاھن ۽ مزارن تان پنيل ۽ باسيل ججهين مرادن ۽ باسن کان پوءِ ڄائو ھئس. تنھن ھوندي به مان ڪيترن ئي ڏينھن تائين گھر وارن جو دادلو نه ٿي سگهيس. عبدالقادر جي ھڪ ٽنگ خراب ھئي، جنھن ڪري ھر ھڪ جي ھمدردي ساڻس ھئي، پر شرارت جي پڇا ڳاڇا مون کان ٿيندي ھئي. اڻ ڪيل گناھن جي سزا به مون کي ملندي ھئي. مان پنھنجي سر ھٽو ڪٽو ۽ مضبوط ھئس. مان ترڻ، ٽٻي ھڻڻ ۽ وڻ تي چڙھڻ جو ماھر ھئس. سيٽي به زور سان وڄائيندو ھئس، ٻه بلڪه ھڪ آڱر وات ۾ وجهي، وڏي واڪي سان سيٽي سگهندو ھئس. عبدالقادر، اھڙن عظيم فنن کان اڻ واقف ھو. اھڙا ڪمال منجهس نه ھئا. ھا! ھو پڙهائيءَ ۾ مون کان ٿورو سرس ھو. ھو مون کي ’ھاٿيءَ جو پُڇُ‘ سڏيندو ھو.

تن ڏھاڙن ۾، گهمندي ڦرندي، اسان جي اکين آڏو سڀني کان اڳ، ھاٿي ئي ايندو ھو. منھنجو پيءُ، تعميراتي ڪاٺ جو واپاري ھو. ڪداياٿر جي ٻيلن مان وڻ وڍائي، شھتيرن منجهان جڙيل ٻيڙا ڀرائي، درياھي رستي آڻيندو ھو. انھن شھتيرن کي گهرن جي اڱڻن تي ڪٺو ڪرائڻ جو ڪم، ھاٿين کان ورتو ويندو ھو. ھاٿين کي ناريل يا کجيءَ جا پُوٽا کارائڻ منھنجي ذمي ھئا. ان جو مطلب اھو آھي ته مان اتي بيھي ڏسندو ھئس ته ھاٿين کي راتب چڱي نموني سان ملي ٿو يا نه… ڄڻ ھاٿين جو مالڪ ئي مان ھجان. مٽيءَ جا وڏا وڏا ڀينڊَ، ھاٿين جي پيٽ تي ھڻي، ڀڃڻ به، ڏاڍي دلچسپ راند ھوندي ھئي. مگر مان بھرحال ان راند کيڏڻ واري پنھنجي خواھش کي قابوءَ ۾ رکندو ھئس. اھا ٻي ڳالھ آھي ته پنھنجن دوستن يارن کي، ھاٿيءَ جي پيٽ تي مٽيءَ جا وڏا وڏا ڦوڙھ چُٽيندي، ڏسندو ضرور ھئس. ھڪ دفعي مون اُلو داموءَ کي ان راند کيڏڻ جي ڇوٽ ڏني ھئي. ان ھاٿيءَ جي پيٽ تي ھڪڙو وڏو ڀينڊ وھائي ڪڍيو ۽ بدلي ۾ مون کي ھڪڙو ننڍو پڪل انب ڏنائين.

اُلو دامو، عمر ۾ مون جيترو ھو. اسان ٻئي ساڳئي ڪلاس ۾ پڙھندا ھئاسين. اُلو داموءَ جون اکيون گول ۽ اڀريل ھونديون ھيون. سندس پورو نالو دامودرن ھو. سندس پيءُ سنڪرن ڪٽي، منھنجي پيءُ جو ڪمدار ھو. سنڪرن ڪٽيءَ جي ماءُ ننگيلي، اسان وٽ ماني پچائيندي ھئي ۽ منھنجي ماءُ جي ٻانھن ٻيلياڻي ھوندي ھئي. ھڪ دفعي اُلو داموءَ، مون کي ’ھاٿيءَ جو پُڇُ‘ ڪري سڏيو. ان ڳالھ تي ننگيلي، کيس پڪڙڻ لاءِ، سڄي گهر ۾ سندس پويان ڀڄندي رھي. پوءِ مون ئي وڃي کيس پڪڙيو ۽ تيستائين جهلي بيٺومانس، جيستائين ننگيليءَ کيس ٺاھوڪو ڪُٽڪو نه چاڙهيو.

”ته پوءِ تون مون کي اُلو دامو ڇو ڪوٺيندو آھين؟“ ھن چيو.

”اڄ کان پوءِ نه سڏيندومانءِ! .. چڱو مون کي ھڪڙو پڪل ڪيلو ڏي نه ته مان مھابت کي ٻڌائيندس ته تو ئي ھاٿيءَ کي ڦوڙھ ھنيو ھو.“

”مون ھنيو ھو ڪن تو؟.. مون کان پڪل انب وٺي، موڪل ته تو ڏني ھئي.“

مون گھران ٿورا ڪيلا چوري ڪيا. ھڪڙو اُلو داموءَ کي ڏنم. ھڪڙو عبدالقادر کي، ھڪڙو پاڻ کاڌم. باقي مھابتن کي ڏنم.

مان مھابتن جو لڳ ڀڳ ھر وقت جو ساٿي ھئس. مان سندن گهرجن جو خيال ڪندو ھئس. اھي سموري جا سمورا ھندو ھئا. انھن ديون جيڏين آفتن جي سار سنڀار لھڻ ۽ کين ڌت ڪرڻ ۽ چياڪر بڻائڻ وارا اھي ماڻھو، بشريت کان مٿي ۽ دنيا جا سپرمين ھئا. مان سندن عزت نه بلڪه پوڄا ڪندو ھئس. وڏو ٿي، مھابت ٿيڻ، منھنجي خواھش ھئي. سندن حڪم جو جادوئي لفظ ”سيتيانا“، جيڪو نڪئون نڪرندو ھو، ھاٿين کي سندن مرضيءَ مطابق چرڻ پرڻ تي مجبور ڪندو ھو. مون ان لفظ کي نڪئون ڪڍڻ سکيو، جيتوڻيڪ ان ۾ اڃا ٿورو گهڻو پڙاڏو ھوندو ھو. ”سيتيانا…“ مون ڌاتوءَ مان جڙيل انگاس کي چمڪائڻ به سکي ورتو ھو، جنھن سان مھابت وڏا وڏا ڪن پڪڙي ھاٿين کي ڇڪيندا ھئا. مان سندن لٺين جي ڌوڙ به ڇنڊيندو ھئس ۽ گهر جي ورانڊي ۾ رکيل سندن وڏن وڏن نيزن کي به ڪنھن کي ھٿ لائڻ نه ڏيندو ھئس. مھابتن سان منھنجا تعلقات ڏاڍا ڀلا ھئا. مان گهران پان، سوپاريون ۽ ڇڪڻ وارو تماڪ کڻي وڃي، انھن مھابتن کي ڏيندو ھئس جنھن مان ھو پنھنجو پان ٺاھيندا ھئا. مان سندن ڳالهين کي عجب منجهان ۽ ڪنھن حد تائين عقيدت سان ٻڌندو ھئس. واھ! مھابت ٿيڻ به…

ڇا ته ڏينھن ھئا ۽ ڪيڏا نه مختلف ھئا. تن ڏينھين سج به چمڪندڙ اڀرندو ھو، چانڊوڪي پڻ گھڻي سحر انگيز ھوندي ھئي، گلن ۾ رنگت وڏي ھوندي ھئي، انھن جي سرھاڻ ۾ تِکُ ۽ مٺاس ھوندو ھو. جهرڪين جي چر چر ۾ سُر ھوندو ھو. درياھ جو پاڻي گهڻو صاف شفاف ھوندو ھو. درياھي مڇيءَ ۾ سواد وڏو ھوندو ھو. او ھو ھو! اسان ڪھڙي نموني جهرڪين ۽ گلن جي وچ ۾ پيا ٺينگ ٽپا ڏيندا ھئاسين. اسان اٺن سالن وارا، دنيا جي جان ھئاسين، روح ھئاسين. ھيءَ دنيا اسان جي چوڌاري پئي چڪر ڪٽيندي ھئي. اسان پاڻان وڏن کي گٺل پيٺل ۽ لاچار سمجهي نظر انداز ڪندا ھئاسين. اسان کان ننڍا، ”ٻار“ ھئا. اسان کان وڏا، جهونا ۽ بيڪار ھئا. اسان، سورھن سالن جي ڇوڪرن کي، ماڻهو سمجهندا ھئاسين. ليڪن ھڪڙي ڳالھ ھئي…. اسان، وڏيءَ عمر وارن جو، احترام ضرور ڪندا ھئاسين.

تن ڏينھين، وقت جي ڪا ئي اھميت نه ھئي. ھٿ واريون واچون، ورلي ڪي ھيون. جيبي گهڙين جو رواج وڌيڪ ھو. منھنجي پيءُ وٽ، وڏي ڳؤري، چمڪندڙ جيبي گهڙي ھئي. ابو ان سان وقت ائين ٻڌائيندو ھو، ڄڻ پاڻ جادو ڄاڻندو ھو. ماڻهن کي، کانئس وقت پڇڻ، ڏاڍو وڻندو ھو. ھو به وڏي ٽانءِ ۽ ھڪڙي مخصوص مرڪ سان پنھنجي گھڙيءَ واري کيسي مان گھڙي ڪڍندو ھو. گھڙي ڪڍندي ئي وقت ٻڌائڻ ناممڪن ھو. ان کي پھرين ھڪ پاسي ڏانھن کولڻو پوندو ھو. ان کي احتياط سان کولڻ کان پوءِ، ابو وقت ٻڌائيندو ھو. اسان کي سمجھ ۾ ئي نه ايندو آھي ته اھو ھوندو ڇا آھي. وقت جيڪو ابدي آھي، لامتناھي آھي، گهڙيءَ نالي واري مشين ۾ قيد ڇو ڪيو ويو آھي؟ ڪنھن ڪيو آھي؟ اسان کي ڪو به اندازو نه ٿيندو ھو. وڏڙا ان بابت گهڻيون ڳالهيون ٻڌائيندا ھئا. اسان سندن ٻڌندا ھئاسين، ليڪن پَتِ نه ڪندا ھئاسين. اسان سندن وِڏُ يا نافرماني نه ڪري سگهندا ھئاسين، ان ڪري چُپِ ئي رھندا ھئاسين. وقت جي معاملي ۾، اسان جي رھنمائي، سج ڪندو ھو. سج ئي اسان جي گهڙي ھو. اسان پنھنجا پاڇا ماپي، وقت جو حساب ھڻندا ھئاسين.

جيتوڻيڪ اسان وٽ کيسي واريون گهڙيون نه ھيون، مگر گهڙيءَ وارا کيسا ضرور ھئا. اسان جي قميصن اندر سُبِيَل. عبدالقادر ۽ مون وٽ اھڙن کيسن واريون قميصون ھيون. اسان وٽ ٽوپيون به ھيون. اسان کي مليالم اسڪول ۾ پڙھڻ لاءِ موڪليو ويو ھو. انگريزي اسڪول ۾ وڃڻ لاءِ ڪوٽ ۽ ٽوپي پائڻا پوندا ھئا. انگريزي اسڪول پنج ڇھ ميل پري ھو. انگريزي اسڪول جا شاگرد ڪوٽ پائي، ٽوپلو ھڻي ۽ انگريزي ڳالهائيندا وڏي شان سان اسڪول ويندا ھئا ۽ اسان کين حيرت منجهان ڏسندا ھئاسين. عبدالقادر ۽ مون، عربي پڙھي. اسان به انگريزي پڙھنداسين. ابي واعدو ڪيو آھي؛ جڏھن اسان مليالم اسڪول ۾ چوٿون درجو پڄائينداسين ته اسان جي داخلا، انگريزي اسڪول ۾ ڪرائي ويندي. اسان کي شوق ۽ محنت سان پڙھڻ جو چيو ويو ھو. اسان جي سر (Sir)، پڊوسري نرائن پلي اسان کي شوق ۽ دل سان پڙھايو. ڪڏھن ڪڏھن ھو اسان کي مار به ڏيندو ھو، پر تنھن جي باوجود به ھو اسان کي وڻندو ھو. اسان سندس عزت ڪندا ھئاسين. ان زماني ۾ ھڙتالون ڪو نه ٿينديون ھيون. نه شاگرد اسٽرائيڪ ڪندا ھئا ۽ نه استاد. اسان کي نظم ۽ ضبط جي پابندي ڪرڻي ھوندي ھئي. ڀڃڪڙيءَ تي سيکت ملندي ھئي. نافرمانيءَ ۽ حڪم عدوليءَ جي سزا، مار جي ھوندي ھئي. اگر ان کي ڪافي نه سمجهبو ھو ته پوءِ شاگرد کي بئنچ تي اڀو بيھڻو پوندو ھو. اڳيون قدم اھو ھوندو ھو ته ڇوڪري کي ڪمري مان ٻاھر ڪڍي ڇڏبو ھو ۽ کيس ڪمري کان ٻاھر بيھڻو ھوندو ھو. مون کي ڪيترا ئي ڀيرا، اھي سزائون مليون؛ بئنچ تي بيھڻ جي به، ڪمري کان ٻاھر بيھڻ جي به.

تنھن زماني ۾، اسان کي ھڪڙو سبجيڪٽ ”وفاداري“ به پڙهايو ويندو ھو. رياست تي راجا جي حڪومت ھئي، اسان جي پياري حڪمران، مھاراجا آف ٽرانڪور جي. ھڪ ٻيو به مھاراجا ھو، مھاراجا ڪوچين. مون کي ياد ناھي ته ڪو ان زماني ۾ اسان مالابار جو نالو ٻڌو ھو يا نه. تن ڏينھين ڪيراله به ڪو نه ھو. ٽرانڪور، ڪوچين ۽ مالابار، ملايالم ڳالهائڻ وارا علائقا ھوندا ھئا. مالابار تي ھڪڙو گورنر راڄ ڪندو ھو. اھو گورنر ڏورانھين جزيري جي بادشاھ جو نمائندو ھو. اھو بادشاھ، ھندستان جو به بادشاھ ھو. انھن ڳالهين جي، تن ڏينھين مون کي ڄاڻ نه ھئي. مان فقط ايتري ڳالھ ڄاڻندو ھئس ته مون کي مھاراجا جو وفادار ھئڻ کپي، جنھن کي ظل الاھي سمجهيو ويندو ھو. مھاراجا جو لفظ به عام طور تي استعمال نه ڪيو ويندو ھو. اھو پيارو حڪمران ھو، وڏي مرتبي وارو، پوڄا لائق. اسان الله کان دعا گهرندا ھئاسين ته ھو رياست تي مھاراجا جي حڪومت تيستائين رکي، جستائين سج ۽ چنڊ تا ابد آھن. سمورا اسڪول، پنھنجا ڪلاس، تراني کان پوءِ شروع ڪندا ھئا. سمورا شاگرد ۽ سمورا استاد ھٿ ٻڌي بيھندا ھئا ۽ رياست جو ترانو ڳائيندا ھئا. ان تراني کي ”ون چيا منگلم“ چوندا ھئا. ان ۾ پروردگار کان دعا گھربي ھئي ون چنا دو (ٽرانڪور جو ٻيو نالو) جي حڪمران جي بادشاھيءَ جي استحڪام، فتح ۽ ڪامرانيءَ جي.

اسان، اسڪول پنڌ ويندا ھئاسين. حقيقت ته اھا آھي ته اسان مڙني ھنڌن تي، پنڌ ئي ويندا ھئاسين. تنھن زماني ۾ نه بسون ھيون ۽ نه ڪارون. رستن تي ڳاڙهي رنگ جي واري پيل ھوندي ھئي. اھي رستا وڏيون شاھراھون سڏرائبا ھئا. ڪي ماڻهو ڏاند گاڏين تي سفر ڪندا ھئا. ڪي گهوڙن تي سواري ڪرڻ وارا به ھئا. ليڪن ماڻهن جي اڪثريت، پنڌ ھلڻ وارن جي ھئي. فقط اھي ماڻھو باقاعدي شھري سڏيا ويندا ھئا، جيڪي زمين جي ڍل ڀريندا ھئا. صرف انھن ئي ماڻھن کي ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل ھوندو ھو. منھنجو پيءُ، ٽيڪس جمع ڪرائيندو ھو.

وڻن جي واڍيءَ واسطي، پھاڙن تي ابو، پيرين پنڌ ويندو ھو. ڪم جي ھنڌ تي پڄڻ ۾ کيس ٻه ڏھاڙا لڳندا ھئا. کيس پھاڙن تان چڙھڻو ۽ ٻيلن مان لنگھڻو پوندو ھو. سفر ۾ اُلو داموءَ جو پيءُ سنڪرن ڪٽي، ابي جو ساٿي ھوندو ھو. ھو راھ ۾ کائڻ واسطي، ڀُڳل چانور ساڻ کڻندا ھئا. اھي ڀُڳل چانور ڏاڍا ڀلا ھوندا ھئا. انھيءَ ڪري سنڪرن ڪٽي، ٿورا ڀُڳل چانور گهر ۾ به ڇڏي ويندو ھو، جيڪي عبدالقادر، اُلو دامو ۽ مان گڏجي کائيندا ھئاسين.

تنھن زماني ۾ اسان کي بک به ڏاڍي لڳندي ھئي. ساڳيو حال، اُڃَ جو به ھو. کائڻ ۽ پيئڻ لاءِ ھو به ججھو جالارو، مگر اھو سڀ ڪجھ اڻپورو لڳندو ھو. کاڌي جي شيءِ، جيڪا به نظر تي چڙھندي ھئي، سا کائي وٺندا ھئاسين. پاڻي به مٽن جا مٽ، چٽ ڪري ڇڏيندا ھئاسين. نڪتل ڍِڍَن سان، اسان ڪاٿي به ليٽي، سمھي پوندا ھئاسين. اھو ته وري امڙ يا ننگيلي، رات ڌاري اسان کي کڻي وڃي ھنڌن تي سمھارينديون ھيون. عبدالقادر ۽ مان، گھڻو ڪري، بابا سان سمھندا ھئاسين. ھيٺان وڇائڻ واري پٿراڻي، انناس جي پُوٽَن جي ھوندي ھئي، جيڪا ھٿ سان ٺاھبي ھئي. ابو، عبدالقادر ۽ مان، ان ئي ترتيب سان پلنگ تي سمھندا ھئاسين. امڙ، اسان کان ٿوري پر-ڀري، ٻي کٽ تي وڇايل ھنڌ تي سمھندي ھئي. ائين اسان ڏاڍي آرام سان رھندا ھئاسين جو ھڪ ڏينھن ھڪڙو ڀيانڪ واقعو ٿي پيو. حق، انصاف ۽ اخلاق وڏي بيرحميءَ سان پائمال ڪيا ويا ۽ دنيا جي تباھيءَ جي شروعات ٿي وئي. ان جو سبب ھو، ھنڌ ۾ مٽڻ. ڪو ھڪڙو، رات جو ھنڌ ۾ مٽندو ھو.

ڪير ھو؟ عبدالقادر، يا مان؟

ثبوت، ڪو به نه ھو. سزا ڪنھن کي ملڻ گھرجي؟ امان ۽ ابي، ان جي باري ۾، غور ويچار ڏاڍو ڪيو. مگر ڪو فيصلو نه ڪري سگهيا.

اھو ئي وقت ھو، جڏھن سچائيءَ، انصاف ۽ اخلاق جو خون ڪيو ويو. اھا ڪڌي ڪارروائي، ھڪڙي شام ڌاري ٿي ھئي. سج اڃا لٿو نه ھو. سج، اسان جي گهر جي اولھائين ٻنڀي آڏو ناريل جي وڻن منجهان، ھر شيءِ تي نفرتي نگاھ سان تڪي رھيو ھو. سج کان سواءِ ٻيو ڪو شاھد اوگاھ نه ھو. مان ئي ملزم بڻايو ويس… ۽ دنيا، پھريون دفعو، منھنجو شرم کان ڪنڌ جهڪايل ڏٺو.

اھو سڄو منظر منھنجي ذھن تي چٽو پٽو چِٽيل آھي. جيڪو ڌنڌلو ٿي ئي نه ٿو سگهي.

گهر جي سامهون، چانديءَ وانگر چمڪندڙ واريءَ جو ڦھليل ميدان ھو. معزز جج صاحبَ، واريءَ تي ويٺا ھئا. انھن کان سواءِ به اتي کوڙ ماڻھو ھئا. ھر ڪو اتي موجود ھو. ابو ۽ سندس دوست، ماڌون نائر، ڪرشنن، اوسپ ماپلا، سنڪرن ڪٽي ۽ مھابت. انھن سڀني سان گڏ بابا جو پيارو سالو، پالاسري محمد، يعني منھنجو مامو به ھو. منھنجي مامي جو ڏيل پھلوانن جھڙو ھو ۽ آواز وڏو ۽ کھرو ھئس. مامي جي ھنج ۾ خاندان جو دادلو، منڊو عبدالقادر ويٺو ھو. عزت مآب وڏڙن، سڀ کان پھرين کير ۽ کنڊ واري گهاٽي چانھ پيتي ھئي ۽ ھاڻ اھي سڀ، اعليٰ قسم جي سرھي تماڪ وارو پان چٻاڙي رھيا ھئا. عبدالقادر، مامي جي ڏنل گلاس ۾ چانھ پي رھيو ھو.

ابي، ان سڄي ڪٺ جي اڳيان مون کي سڏيو. مان انھن ماڻھن جي اڳيان وڃي پھتس، جيتوڻيڪ مون کي سڌ نه ھئي ته ڇو بابا مون کي پنھنجي ويجهو بيھڻ لاءِ چيو. منھنجي گوڏ ڇڪي لاٿائين ۽ مان اتي اگهاڙو بيٺو ھئس. منھنجي چيلھ تي چانديءَ جي ويڪري زنجيري ٻڌل ھئي ۽ زنجيريءَ ۾ چانديءَ جا ڪجھ گهنگهرو پڻ لڳل ھئا. انھن جي چمڪ ختم ٿي چڪي ھئي ۽ ميرانجهڙا پئي نظر آيا. بابا، اتي ويٺي ماڻھن جو ڌيان ڇڪايو. سندس انداز اھڙو ھو، ڄڻ سڄي دنيا سان مخاطب ھجي؛ ”توھان سڀ ھيءُ ڏسو ٿا؟ سڄي چاندي ڪاري ٿي وئي آھي ۽ سندس چمڪ اڏامي وئي آھي.“ ان پنھنجي ڳالھ، اتي پوري نه ڪئي. بابا سچائيءَ، انصاف ۽ اخلاق، مڙني جو خون ھڪ ئي ڌڪ سان ڪيو. ھن چيو؛ ”ھيءُ ڇورو! رات جو ھنڌ ۾ مٽندو آھي.“

آسمان پرزا پرزا نه ٿيو، وِڄُ ڪا نه ڪڙڪي، اُسَّ شايد ٿوري ڦڪي ٿي وئي، سج ٿورو ڌنڌلڙو ٿيو. ماڌون نائر وڏي باوقار لھجي ۾ چيو؛ ”نائيٽ فيور… رات وارو تپ.“

مون چيو؛ ”ھنڌ ۾ مٽڻ وارو مان ناھيان، عبدالقادر آھي.“

عبدالقادر چيو؛ ”اھو ادو ئي آھي، مان ناھيان.“

پلنگ تي ٽي ماڻهو سمھندا ھئاسين. صبح جو ھنڌ ڀِڳَل ھوندو ھو. ٽنھي منجهان ڪو ھڪڙو ئي ڀِڄائيندو ھو. سو ڪير ھو؟ اھو سوال ھو.

”ثبوت ڪھڙو آھي ته مان آھيان؟“ مون اعتماد ۽ يقين سان چيو؛ ”مان ناھيان.“

مگر دنيا منھنجي ڳالھ کي مڃي نه ٿي سگهي. دنيا ته سچ، انصاف ۽ اخلاق جو نانءُ نشان ئي ميٽي ڇڏڻ ٿي چاھي ۽ اھو ڪم منھنجي مامي رڙ ڪري چيو؛ ”ھيءُ اھو ناھي، تون آھين!“

ھر ماڻھوءَ جون نظرون مون ۾ کتل ھيون. مون کي ھنڌ تي مٽڻ وارو ھڪڙو شرمناڪ فرد ٺھرايو ويو. مون سج ڏانھن ڏٺو. اھو ٽِڪَ ٻڌيو بيٺو ھو. مون امڙ کي سڏيو. ان به ڪو نه ورنايو. دنيا مون کي بي واھو ڪري ڇڏيو ھو.

ھو سڀ ٻِٽُ ٿي ويا ۽ گڏيل فيصلو ڏنائون؛ ”نائيٽ فيور، يعني رات جو ھنڌ تي مٽڻ جو فقط ھڪ ئي علاج آھي… ڏند واري ھاٿيءَ جي ڄنگهن جي وچان ريڙھيون پائي نڪري اچجي.“ فيصلو ٻڌائي، ھر ڪو ھلڪو ٿي ويو. علاج بابت سوچي، مان بي ھوش ڪو نه ٿيس. نگاھ ڊوڙائي ته ڏٺم ھاٿي پنھنجي سونڍ سان پنھنجي پٺيءَ تي واري وجهي رھيو ھو. اڇا چُھنبيارا ڏند، ڪيڏا ته ڀيانڪ ھئس. خوني اکيون، ھمدرديءَ جي ھر جذبي کان وانجهيل ھئس.

مان امڙ وٽ ويس ۽ ڊڄ-وتي لھجي ۾ چيومانس؛ ”امڙ! تو ٻڌو؟ ائين ٿو لڳي، مون کي چُھنبيارن ڏندن واري ھاٿيءَ جي ڄنگهن جي وچان، ريڙهيون پائي نڪرڻو پوندو.“

”تون ھنڌ ۾ مُٽندو آھين نه؟ ناھين مُٽندو؟!“ امڙ ورندي ڏني.

ننگيليءَ پاٻوھ مان مون کي سمجهايو؛ ”ٻچڙا! تو کي نائيٽ فيور آ.“

ابي چيو؛ ”جيڪڏھن تون ھنڌ ۾ مُٽڻ جي عادت ڇڏڻ ٿو چاھين ته ھاٿيءَ جي ڄنگهن وچان نڪرڻو پوندءِ!“

”جيڪڏھن ھاٿڻ جي ڄنگهن وچان نڪران ته ٺيڪ آ؟“

”نه! تو کي ھاٿيءَ جي ڄنگهن وچان ٽپڻو پوندو. تون پاڻ نَرُ آھين!؟

بلڪل ٺيڪ! انھن مڙني اھو فيصلو مڙھي ڇڏيو. مان ئي آھيان جيڪو رات جو ھنڌ ۾ مٽندو آھي. مان ئي اھو شخص آھيان جنھن کي ھاٿيءَ جي ڄنگهن وچان لنگهڻو پوندو. ھلو! ائين ئي ٺيڪ! جيڪڏھن ھاٿيءَ مون کي ماري وڌو ته ھي سمورا خوش ٿيندا. مان شھيدن ۾ ڳڻيو ويندس.

پنھنجي شھادت جو منظر اکين ۾ اٽڪايون، مان ھيڏي ھوڏي گهمندو رھيس. مگر مان ڪو سڪون سان ڪاڏي اچي وڃي سگهيس پئي ڇا؟ ڪٿان اھڙي نموني ڪو گذري پئي سگهيس پئي ڇا، جو ماڻھو ھنڌ ۾ مٽڻ واري ڳالھ چوري، مون کي تنگ نه ڪن؟

”وڏو ادو، نائيٽ فيور مان جان ڇڏائڻ لاءِ، ھاٿيءَ جي ڄنگهن وچان لنگھندو. ھنڌ ۾ مٽندو آ نه!“ عبدالقادر، اھا خبر، اسڪول ۾ ھڙني کي ٻڌائي ڇڏي. الو دامو، ان ڳالھ جو پڙھو ڏيڻ ۾ ساڻس ٻِٽُ ھو. اھو ته ھاڻي عبدالقادر جو اڻ ٽٽ ساٿي ٿي ويو. دامو منھنجو ڀلو دوست ھوندو ھو، ليڪن ان به پنھنجون وفاداريون مٽائي ڇڏيون ۽ ٻئي طرف جو ٿي بيھي رھيو. عبدالقادر، پڪ کيس چڱو خاصو مال، رشوت ۾ ڏنو ھوندو. خير! ڪا ڳالھ ناھي… منھنجو وقت به اچڻ ڏي… اھو الو دامو مون وٽ به ايندو… ھونئن مون کي به کيس ڏيڻو ئي پوندو. اھو ڪھڙي شيءِ آھي، جيڪا مون کيس ھڪ ڀيرو به نه ڏني آھي… کارڪون، سيرو، ڀڳل گوشت. ناشڪرو، احسان فراموش دامو! شڪرگذاري ۽ احسانمندي ته ھن دنيا مان لڏي وئي ۽ ان جو اصل ذميوار اھو الو دامو ئي آھي.

”ھنڌ-مُٽڻو!“ مون کي ڏسي ھنن ھوڪريا ڪيا. ڪو ھڪڙو ڇوڪرو نه، ھڙ جو ھڙ، پورو ولر.

”ھنڌ-مُٽڻو!“

مون جهيڙو جوٽيو. منجهائن ڪن کي ته سيکت به ڏني. مان ٿورن کي ته مار ڏئي سگهيس مگر موٽ ۾ منھنجا کنڌا کڻي ڇڏيائون. اڃا جهيڙو ختم ئي ٿيو ھو جو اسان ڏٺو ته اسان جي آڏو ’پدوسري نارائڻ پلي سار‘ بيٺو آھي. سندس ھٿ ۾ بيد جو لڪڻ ھو. الو داموءَ مون لاءِ چيو، ان جهيڙو جوٽيو ھو. عبدالقادر به سندس وٽ وراڻ ڪئي. ھڪ دفعي، جڏھن ناريل جي ٿڙن مان ٺھيل پل تان عبدالقادر نھر ۾ ڪريو ھو ته اھو مان ئي ھئس، جنھن نھر ۾ ٽپو ڏئي کيس نھر مان ڪڍيو ھو. جڏھن سندس پيٽ ۾ پاڻي ڀرجي ويو ھو ۽ ھو ٻڏڻ وارو ئي ھو، اھو مان ئي ھئس جنھن کيس بچايو ھو. انھن ڳالھين کان به وڏي ڳالھ ته سندس وڏو ڀاءُ ھئس… ۽ ھاڻي اھو به منھنجي خلاف ڳالھائڻ ۾ اڳرو ھو. ڏوھن سان ڀريل ھن دنيا کي تباھ ڪرڻ جي لاءِ اڃا ڪنھن ٻي شيءِ جي ضرورت آھي؟

مان ماٺ ڪري بيٺو رھيس.

الو داموءَ ۽ عبدالقادر، جهيڙي ۾ منھنجي رول کي وڌائي ڪڏائي، گمراھ ڪرڻ واري ڍنگ ۾ پيش ڪيو. مون بي سبب ھر ھڪ کي ڪٽيو ھو ۽ ٻيو ته مون کي نائيٽ فيور آھي ۽ مان ھنڌ ۾ مٽندو آھيان ۽ اھو به ٻڌايائونس ته مون کي ھاٿيءَ جي ڄنگهن جي وچان لنگهڻو آھي.

”اڳ ۾ ڪنھن چيو ته ھيءُ ھنڌ ۾ مُٽندو آھي؟“ پدوسري نارائڻ پلي سار پڇيو.

عبدالقادر چيس؛ ”پر ھيءُ ھنڌ ۾ مٽندو آھي!“

”مان نه مٽندو آھيان.“ مون مٿان چيس.

پدوسري نارائڻ پلي سار، پھرين مون ڏانھن وريو؛ ”اھو تون نه ھئين جنھن تريل مڇيءَ جي بدلي ۾، پنھنجي حساب جو سبق ڏيکارڻ لاءِ چيو ھو؟“

”ھا! اھا ڳالھ صحيح آھي. پر ان جو واسطو ھن وقت جيڪو ٿئي پيو، تنھن سان ڪھڙو آ؟“

ٿيو ھيئن ھو جو مان ۽ عبدالقادر حسابن ۾ جڏا ھئاسين. سوال جو جواب، غلط ڪڍڻ تي، اسان ٻئي اڻيھي موچڙا کائيندا ھئاسين. ٿورن ڏيھاڙن کان پوءِ، بھرحال عبدالقادر غلط جوابن جي سزا ۾ مار کائيندو رھيو. ھڪڙي مسلمان ڇوڪري، ڪلاس ۾ منھنجي ويجھو ويھندي ھئي. ان پنھنجا جواب، مون کي ڏيکارڻ شروع ڪيا. جنھن ڪري مون واري زندگي، انھيءَ پن منگ واري قابليت جي سھاري سان، مزي ۾ گذرڻ لڳي. ھڪ رات ماني کائيندي، منھنجي اک، عبدالقادر جي پليٽ تي وڃي پئي. سندس چانورن جي مٿان تريل مڇيءَ جو ٻيرو پيو ھو. پاڻ وارو حصو ته مان کائي ويٺو ھئس. اھا مڇي، منھنجي دلپسند مڇي ھئي، جنھنڪري امڙ کان ٻيو ٻيرو گھريم. عبدالقادر واري مڇيءَ جي ٻيري مان حصو ڪيئن تڳائجي؟ ھو پاڻ ته کائڻ جي ڌُنِ ۾ رُڌَل ھو.

”ڳالھ ٻڌ! تون پاڻ وارو مڇيءَ جو ٻيرو مون کي ڏي، مان حسابن جي سوالن جا جواب تو کي ڏيکاريندم.“ غلط جوابن تي ملڻ واري سزا جو سوچي، عبدالقادر تريل مڇيءَ وارو پنھنجو ٻيرو، ٿورو ڪرڪندي مون کي ڏنو. مون ڏاڍو لست وٺي اھو کاڌو.

ڳالھ، آئي وئي ٿي وئي. مون کان اھا ڳالھ ئي وسري وئي ۽ ڀلا اھا ڳالھ پنھنجي مغز ۾ رکان به ڇو؟ مان پنھنجي پاڙيسرڻ ڇوڪريءَ جي جوابن تان اتاري، پنھنجا سوال صحيح ڪندو ھئس. اھي ٻين کي ڪيئن پئي ٻڌائي سگھيس؟

ٻئي ڏينھن، عادت سارو، مان جواب نقل ڪري، چپڙي ڪيو ويٺو ھئس. عبدالقادر پنھنجا سوال نه ڪيا ھئا. مان پنھنجا جواب کيس ڪيئن ڏيکاريان؟ جي ائين ڪيان ته سڄو ڪلاس ڏسي وٺندو ۽ انھن سان پدوسري نارائڻ پلي سار پڻ. تريل مڇيءَ جي ٻيري جو مان سندس ٿورائتو ته ھئس، مگر ھن وقت مان ڪجھ نه پئي ڪري سگھيس. جيڪي ڇوڪرا پنھنجا سوال نه ڪري سگھيا، تن کي اٿي بيھڻو پيو. عبدالقادر به منجھن ھو. اھو منھنجي پويان يارھون ڇوڪرو ھو. پدوسري نارائڻ پلي سار، کين قطار جي ھڪڙي ڇيڙي کان ڪٽڻ شروع ڪيو. عبدالقادر، پنھنجي واري اچڻ کان اڳي ئي رينڀٽ ڪرڻ شروع ڪيا.

”تون!.. عبدالقادر! تون ڇو ٿو روئين؟“ ماستر پڇيس.

”مون پنھنجي حصي جي تريل مڇيءَ جو ٻيرو به ڏنو، وري ھاڻ مار به مون کي ٿي کائڻي پوي.“

”ڇو؟ ڇا ٿيو؟“

”وڏي ادي، منھنجو مڇيءَ جو ٻيرو کاڌو ھو ۽ انجام ڪيو ھيائين ته سوالن جا جواب ڏيکاريندو. ان جواب ڏيکاريا ئي نه ۽ ھاڻي مون کي لڪڻ کائڻا ٿا پون.“

اھي سموريون ڳالھيون، وڏي واڪي ٿيون ھيون. پھرئين ۽ ٻئين درجي وارن ڇوڪرن به ٻڌيون ھيون. مان ڏاڍو لڄي ٿيس. پدوسري نارائڻ پلي سار، منھنجي ھٿن جي ترين تي نيٽ جا ٻه لڪڻ وھائي ڪڍيا. ڇو ھنيائين؟ ڇا ان لاءِ ته مون مڇي کاڌي ھئي؟ ڪن ان لاءِ ته مون عبدالقادر کي پنھنجا جواب نه ڏيکاريا ھئا؟ مان اھو سمجھي نه سگھيس. ماستر جڏھن ٻارن کي ڪٽڪو ڏين ته کين مار ڏيڻ جو سبب پڻ ٻڌائڻ گھرجي. ھن، بھرحال، مون کي ڪو سبب نه ٻڌايو.

جيئن مون چيو ته، دنيا ۾ حق ۽ انصاف کي ڳچيءَ کان وٺي گھٽو ڏنو ويو آھي ۽ ھاڻ ان جي ڪو ڳالھ به نه ٿو ڪري. پدوسري نارائڻ پلي سار، نيٺ تريل مڇيءَ واري دفن ٿيل مردي کي وري ڇا لاءِ کوٽڪو ڏنو؟ نُڪتو اھو ھو ته مون کي رات جو ھنڌ ۾ مٽڻ وارو سڏيو ويو… جھيڙو ان تان ٿيو ھو… ۽ بھرحال اھو مان ھئس، جنھن کي ھاٿيءَ جي ڄنگھن وچان نڪرڻ لاءِ چيو ويو ھو. مون ھر ڳالھ چٽي کري ٻڌائي. مگر پدوسري نارائڻ پلي سار چيو ته سندس سمجھ ۾ ڪا ڳالھ نه ويٺي. ھر ڇوڪري کي ھڪ ھڪ لڪڻ وھايو ويو، مگر ھن مون کي ٻه ھنيا. اھو ڪو انصاف آھي؟ مگر دنيا جو اھو ئي وحدون رھيو آھي. مون اوھان کي ٻڌايو ھو نه ته حق، انصاف ۽ اخلاق دنيا مان کڄي چڪا آھن.

اسان اسڪول کان گھر پئي موٽياسين جو واٽ تي عبدالقادر آھستڙي چيو؛ ”ھنڌ-مُٽڻو!“

اوھان ان ڳالھ تي ڌيان ڌرجو ته عبدالقادر پنھنجي وڏي ڀاءُ تي ٺٺوليون پيو ڪري. ڇا اھڙي کي سزا ڏيڻ جي ضرورت نه ھئي؟ مون کيس ھڪڙو ٺونشو وھائي ڪڍيو. ھو روئندو وٺي ڀڳو ۽ سڌو وڃي بابا ۽ ماما کي دانھن ڏنائين. انھن منھنجي مٿي تي زور سان ھڪ ھڪ چپاٽ ھڻي ڪڍي ۽ ڪَنَ به پٽيائون. ڇا اھو سڀ انصاف ھو؟ مون کي ته نه ٿو لڳي.

زندگي، انھن ئي ناانصافين ۽ ارھ-زوراين ۾ گذرندي رھي. مگر مان دلگير نه ٿيس. ھاٿيءَ جي ڄنگھن جي وچان لنگھڻ لاءِ مان ئي چونڊيو ويو ھئس. اھو انتھائي اڻ لڀ اعزاز ھو. اھڙو ڪارنامو شھر ۾ ٻئي ڪنھن سر انجام ڪو نه ڏنو ھو… ۽ مان.. ايڏو وڏو ڪارنامو ڪرڻ وڃي رھيو ھئس. منھنجي ڪلاس جا منھنجا سنگتي، مون کي ريس مان ڏسي رھيا ھئا. مان خوش ھئس. منھنجي ھلڻيءَ ۽ منھنجي وک کڻڻ جي انداز ۾ وڏو ڦيرو اچي ويو ھو. ايستائين جو منھنجي ڳالھائڻ جو لھجو ئي مٽجي ويو ھو. منھنجي وِکَ اھا ڏِکَ پئي ڏني ته ڄڻ مون کي ان ڳالھ جي ٽڪي جي به پرواھ ناھي. جيئن جيئن ڏينھن ويجھا پئي آيا، تيئن تيئن منھنجي مغز ۾ ٿورا گھڻا وسوسا پوڻ شروع پئي ٿيا ۽ ڀو جو ھڪڙو احساس پيدا ٿيڻ لڳو ھو. ڇا ھاٿي مون کي پنھنجي پيرن ھيٺان لتاڙي ماڙي ڇڏيندو؟ مون ٻڌو ھو ته ڪنھن ڏورانھين ڏيھ ۾ ھڪڙي ھاٿيءَ پنھنجي مھابت کي ڏند گپائي گپائي ماري ڇڏيو ھو.

جنھن ھاٿيءَ جي ڄنگھن وچان لنگھڻو ھو، سو ڪنھن وقت ۾ مڪنو پڻ رھي چڪو ھو. گھاٽي جھنگ ۾ مست الست پيو ڦرندو ھو. کيس اتان پڪڙي آندو ويو ھو ۽ ھيرايو ويو ھو. تنھن ھوندي به پوريءَ طرح وَٺَ ۾ نه ايندو ھو. مھابت اگر کيس ساڄي پاسي ڦرڻ لاءِ چوندو ته اھو کاٻي پاسي گھمي ويندو، يا ڊُھي ھڻي بيھي رھندو ۽ ڪنھن پاسي به ڪو نه ڦرندو. اگر مھابت انگوڙيءَ سان ڪن ڇڪيندس ته وٺي کڻي ڀوائتي داھوڙ ڪندو. سندس ان ڪيفيت ۾ به سندس پٺيءَ تي چڙھي ويھندو ھئس. مھابت مون کي جھلي ويھندو ھو. ھڪڙي ڀيري، مھابت جو چوڻ آھي ته مون ڀؤ ۾ ڦَرڪيس پئي ۽ ڀؤ ۾ مون کان ھاٿيءَ جي پٺيءَ تي ويٺي مٽ وھي ويو ھو. اھا ڳالھ، ظاھر آھي، سڄي جي سڄي ڪوڙي ھئي. مگر ھاٿيءَ ائين چوندي کيس ٻڌي ورتو ھو. فرض ڪيو منھنجي خلاف اھا ڳالھ ان جي دل ۾ ويٺل ھجي ته؟!

نيٺ اھو ڀلارو ڏھاڙو به اچي ويو. جنھن ڏھاڙي تي مون کي ھاٿيءَ جي ڄنگھن وچان لنگھڻو ھو.

ھاٿيءَ کي وھنجاري سھنجاري اڱڻ تي آندائون. مان به وھنتس. مطلب آھي ته اسان ٻئي درياھ ۾ وھنتاسين. مون کي نئين گوڏ، نئين قميص ۽ نئين ٽوپي پارايائون. منھنجي قميص ۾ گھڙيءَ وارو کيسو لڳل ھو. تنھن ۾ مون ھڪڙو وڏو ڪچو انب لڪائي رکيو ھو. اھو کائڻ لاءِ به ويساند نه ملي ھئي. وري ان کي کائڻ لاءِ لوڻ جي به ضرورت ھئي. ھلو، ايترو ته اوسيئڙو ڪري سگھجي ٿو. ھاٿيءَ جي ڄنگھن وچان نڪرڻ کان پوءِ کائي وٺندس.

مون ھاٿيءَ کي چتائي ڏٺو؛ جنھن جو رنگ چھچ ڪارو ھو ۽ پٿريلي پھاڙ جيان پئي لڳو. ٺُلَھ جھڙيون چار ٿلھيون ڄنگھون، ٿلھي سونڍ، ٿلھڙو پڇ ۽ وڏا وڏا نوڪدار ڏند. سندس اکين ۾ شرارت ھئي، بي رحم چمڪ ھئي. مون کي لڳو ڄڻ منھنجو ساھ ٻوساٽجي ويندو. ڇا ھاٿي مون کي لتاڙي ماري ڇڏيندو؟ يا پنھنجي سونڍ ۾ وڪوڙي کڻي مون کي پنھنجي وات جو گرھ ڪندو. گھران ڀڄي وڃڻ تي، منھنجي دل پئي گھريو. مگر ڀڄان به ته ڪاڏي ڀڄان؟ ۽ ڪيئن ڀڄان؟

چؤڦير ماڻھو بيٺا ھئا. ھڪ پاسي منھنجي ڪلاس جا شاگرد ھئا. ڇوڪرا به ھئا ته ڇوڪريون به. انھن ئي منجھ اھا مسلمان ڇوڪري به ھئي، جيڪا لڪائي لڪائي مون کي پنھنجا جواب ڏيکاريندي ھئي. راڌا مني پڻ ھئي. ٻئي پاسي، ھاٿيءَ کان ٿورو ھٽي ڪري، بابا، ماما ۽ ماڌو نارائڻ بيٺا ھئا. ساڻن سنڪرن ڪٽي، ڪرشنن ۽ اوسپ ماپلا بيٺا ھئا. اھي سڀئي، ڌرتيءَ تي وڇايل ناريل جي ڦرھن تي ويٺا، رسيل ڪيلا کائي رھيا ھئا. عبدالقادر، عادت سارو، ماما جي ھنج ۾ ڏسي سگھجي پيو. ان دادلڙي به ڪيلا پئي کاڌا. ھڪڙو ڪيلو وات ۾ ھئس ۽ ھڪ ھڪ ٻنھي ھٿن ۾ ھئس.

بابا، ھڪڙو وڏو ڏونگر، پال ٿيل ڪيلن جو، کڻي آيو ھو. منجھانئن ته ھن ججھا ته ھاٿيءَ جي لاءِ مھابتن کي ڏنا ۽ ٿورا ڪن ٻين ماڻھن ۾ ورھايائين. چوٿائي کن بچيل ڏونگر، عبدالقادر جي آڏو ڌرتيءَ تي رکيا پيا ھئا.

مون رڙ ڪئي؛ ”بابا! تو مون کي ڪيلو نه ڏنو آھي.“

”مون تو لاءِ ھتي رکيا آھن. رڳو ھاٿيءَ جي ڄنگھن وچان ريڙھيون پائي نڪري آءُ!“

مون واري پاسي کان مايون بيٺيون ھيون. امان ۽ سندس ننڍي ڀيڻ، امان جي امڙ، منھنجي چاچي، نانگيلي ۽ اوسپ ماپلا، سنڪرن ڪٽيءَ ۽ ڪرشنن جون زالون. انھن ئي ماين جي وچ ۾ الو دامو به ھو. اھو ويٺو مزي سان ڪيلا کائي رھيو ھو ۽ مون کي صلاحون به ڏئي رھيو ھو؛ ”وڃ! ھاٿيءَ جي ھيٺئون چُپڙا چُپِ ۾ لنگھي آءُ! تون ڊڄين ڇا لاءِ ٿو؟ اڙي آخرڪار مان ھتي ويٺو آھيان نه؟!“

اھو ئي ھو جيڪو پاسو مٽي وڃي دشمنن سان ٻِٽُ ٿيو ھو. مگر چوندا آھن؛ ماڻھوءَ کي پنھنجي دشمن سان به محبت ڪرڻ گھرجي. مون گھڙيءَ واري کيسي مان ڪچو انب ڪڍيو ۽ داموءَ کي ڏئي ڇڏيم.

”متان ھاٿي مون کي پيرن ھيٺان لتاڙي ماري ڇڏي. تون بھرحال ھيءُ انب کاءُ. چڱيان لوڻ ھڻي کائجانس. انب ڏاڍو ڀلو اٿئي ۽ کٽو به ٽِڙُھ اٿئي.“

”اڙي بڇڙي ذات! متان ڊڄين!“ امان چيو.

ڀؤ کان وڌيڪ مون کي ڪيلي کائڻ جي سَڌَ ستائي رھي ھئي. ڪيلو نه ملڻ تي، مايوس ھئس. مان ماين جي ويجھو، ھاٿيءَ جي ھڪڙي پاسي بيٺو ھئس. ڪيلي جي خيال کان منھنجو وات پاڻي پاڻي پئي ٿيو، جڏھن ته ڀؤ به ٿيو پئي. ائين پئي لڳو، ڄڻ مون واريون ڄنگھون زمين ۾ کُپي ويون ھجن. منجھن چرپر ختم ھجي. مان پگھر ۾ شل ٿي ويس. اچانڪ ائين لڳو ڄڻ منھنجو وات صفا سڪي ويو آھي. منھنجي دل، پيشاب ڪرڻ پئي گھريو. مون کي گرمي لڳڻ لڳي ۽ ائين لڳو ڄڻ مان بيھوش پيو ٿيان. ڇا مون کي چڪر پيا اچن؟ ڇا منھنجي اکين جي ديد ختم ٿي وئي ھئي؟ نه! مان پنھنجي پيءُ ۽ اتي ويٺل ٻين ماڻھن کي ھاٿيءَ جي ڄنگھن وچان، ڄڻ ھڪ وڏي ڪاري دروازي منجھان، ڏسي رھيو ھئس. عبدالقادر، پنھنجي ھٿن وارا ڪيلا پورا ڪري چڪو ھو ۽ ڌرتيءَ تي رکيل ڏونگر منجھان ٻيا ڪيلا پٽي رھيو ھو.

مون رڙ ڪري چيو؛ ”بابا! ھيءُ ته سڀئي ڪيلا پورا ڪري ڇڏيندو.“

بابي ڪيلا کڻي، مون کي ڏيکاريا. مامي ڪڙڪي سان مون کي حڪم ڏنو؛ ”اڙي ھيڏي آ شيطان!“

مان ھڪو ٻڪو ٿي، سُن ٿيو بيٺو رھيس.

”ٻچا! لڄي به نه ٿو ٿين؟ تون ايڏو ڏگھ ٿيو آھين جو ھاڻي تو کي پرڻائجي ۽ تنھن ھوندي به تون رات جو ھنڌ ۾ ٿو مُٽين!“

”مان ھنڌ ۾ نه مُٽندو آھيان. اھو عبدالقادر آھي، جيڪو مُٽندو آھي.“

”نه! اھو تون ئي آھين!“ امان چيو.

”تو کي ڪيئن خبر پئي.“ مون به ڦھڪائي ڏنس.

”مون تو کي ڄڻيو ناھي ڇا؟ مون تو کي ڄڻي ھيءُ جھان نه ڏيکاريو آ ڇا؟ عبدالقادر ڄائو ته به لڪي لڪي منھنجي ٿڃ نه ڌائيندين ھئين ڇا؟“

”مون لڪي ڪنھن جي ٿڃ نه ڌاتي آھي!“

”اڙي تو کي ته موسي ماڌوي ڪٽيءَ به ٿڃ پياري آ.“

الو داموءَ ڳالھايو؛ ”ھان! تو منھنجي ماءُ جي به ٿڃ ڌاتي آھي. تو ۾ جوش ۽ جولاني انھيءَ ڪري آ. ور نه ته آھي ڪو ٻيو جيڪو ڊڪي مون کي پڪڙي سگھي.“ ماڻس ڏانھن منھن ڪري چوڻ لڳو؛ ”منھنجي حصي جو کير، ٻئي کي پيارڻ جي تو ھمت ڪيئن ڪئي؟“

”مون ڪنھن جي ٿڃ نه پيتي آ.“ مون چيس.

”بھرحال! مون تو کي ڄڻيو آ؟“ امان پڇيو.

”مون کي ڪنھن به نه ڄڻيو آ.“

”ائين ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟“

”مان پاڻ ئي ڄائو آھيان.“

”آدم کي الله خلقيو ھو. آدم، پھريون ماڻھو، جنھن کي نه ماءُ ھئي نه پيءُ! آدم کي ڪنھن ٿڃ ڪو نه پياري ھئي. اھي سموريون ڳالھيون، مان ڄاڻان ٿو.“

امان چيو؛ ”نو مھينا تو کي پنھنجي ڪُکِ ۾ سانڍي پئي گھميس. جڏھن ڄائين ته صفا ھيڻو ۽ ننڍيرڙو ھئين. مون پنھنجي ڇاتيءَ مان تو کي ٿڃ ڌارائي ڌارائي وڏو ڪيو، تو کي تاتيو نپايو، ايتري تائين جو ايڏو وڏو، تندرست ۽ توانو ٿئين. ھاڻي ٿو تون چوين ته مون تو کي نه ڄڻيو آ؟ ايڏي تنھنجي ھنياري آ!“

”تنھنجو شاھد ڪير آ؟“

”پڻھين!“

”جيڪو به ھجي، مان ھنڌ ۾ مُٽندو ناھيان.“

”تون ئي مُٽندو آن.“

”مان نه مُٽندو آھيان.. ھاٿي مون کي لتاڙي ماري ڇڏيندو.“

ننگيلي چوڻ لڳي؛ ”پٽ! ڊڄ ڌُڄ نه! مھابت ته اتي ھوندا.“

الو دامو چوڻ لڳو؛ ”تون ڊڄين ڇو ٿو! مان ويٺو آھيان نه!“

منھنجي اندر ۾ آيو ته گھٽو ڏئي پورو ڪيانس.

”ھل! الله جو نالو وٺي، ڄنگھن وچان ريڙھيون پائي نڪر.“

مون اھا عبارت ورجائي، جنھن سان قرآن مجيد جي ھر سورت شروع ٿيندي آ؛ ”بسم الله الرحمٰن الرحيم.“ مان، بابا کي ڪيلن جو ڏونگر کنيو بيٺل ڏسي رھيو ھئس. ڪيلا ڏسي، منھنجي دل ھرکي پئي. مون کي ھاٿيءَ کان ڀؤ به ٿيو. عبدالقادر کي ڪيلا کائيندو به مان ڏسي رھيو ھئس… جيڪڏھن انھيءَ رفتار سان کائيندو رھيو ته ڪيلن جو سڄو ڏونگر چٽ ڪري ويندو.

مان ھلي پيس، پر ائين جيئن ڪو خواب ۾ ھلندو آ. ھاٿيءَ جي جسم مان ھڪڙي ڌپ اٿي. مان سندس ڄنگھن وچان ريڙھيون ڏئي ٻئي پار وڃي پڳس ۽ ائين لڳم ڄڻ اونداھي غار مان لنگھي آيو ھجان. ھاٿيءَ مون مٿان مٽڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس مٽ اوچتو ھڪڙي آبشار وانگر آيو. منھنجو مٿو بس، الائي ڪيئن بچي ئي ويو.

تماشو ڏسندڙن وڏيون تاڙيون وڄايون. بابا مون کي اچي ھنج ۾ کنيو. سندس ٻانھن مان ڇڏائي، مون ڪيلن جي ڏونگر کي وڃي ٻَکُ وڌو. عبدالقادر کان ھٿ وارو ڪيلو به ڦُريم. پوءِ پنھنجي ڪلاس وارن کي ھڪڙو ھڪڙو ڪيلو ڏنم. مون ان مسلمان ڇوڪريءَ کي ٻه ڪيلا ڏنا، جيڪا مون کي جواب ڏيکاريندي ھئي. ٻه ڪيلا راڌا منيءَ کي به ڏنم.

الو داموءَ به ٻانھن ڊگھي ڪندي چيو؛ ”۽ مون کي؟ مان زمين جي ڍل نه ڀريندو آھيان؟“

کيس ھڪڙو ڪيلو ڏنم. ڪيلن جون سڀئي کلون ڪٺيون ڪيوسين ۽ ھاٿيءَ جي آڏو اڇليوسين. مھابت سموريون کلون، ھاٿيءَ کي کارائي ڇڏيون.

مان اھو بھادر ڇوڪرو ھئس، جيڪو ھاٿيءَ جي ڄنگھن وچان ريڙھيون ڏئي پار پيو ھو. بنا شڪ شبھي جي، اھا تمام وڏي ڳالھ ھئي.

بس ھاڻي اسان ماڻھو کل خوشيءَ سان رھڻ لڳاسين ۽ زندگي مزي سان گذرڻ لڳي. ھاٿيءَ جي ڄنگھن وچان ريڙھيون پائي نڪرڻ پڄاڻان، امڙ چيو ته؛ ”تون ھاڻي ھنڌ ۾ ڪو نه مٽندو آھين.“ سڌي ڳالھ ھيءَ ھئي ته مان ھاڻي بابا سان گڏ، سمھندو ئي نه ھئس. امڙ سان گڏ سمھڻ لڳو ھئس. گھر ۾ ھر ڳالھ ٺيڪ ٿي وئي ھئي.

وري ھڪڙي رات اچي ممڻ متو. بابا، عبدالقادر کي سيکت ڏئي رھيو ھو. امڙ ماچيس سان شمعدان ٻاريو ته ڏسي ته عبدالقادر ھنڌ ۾ مٽيو آھي.

ڪير ھو اھو بي شرم جيڪو بابا جي ھنڌ ۾ اڃا تائين مٽندو رھيو ھو؟ ۽ ڪير ھو اھو معصوم، جنھن تي اھو الزام لڳندو رھيو. دنيا جا رنگ ته ڏسو. ڇا اھو عبدالقادر نه ھو، جنھن کي ھاٿيءَ جي ڄنگھن وچان ريڙھيون پائڻيون ھيون؟ مگر عبدالقادر، جيڪو پنھنجي ٻنھي ھٿن سان، بابا جي ٺونشن ۽ مڪن کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪري رھيو، تنھن رينڀٽ ڪيو؛

”مون ناھي ڪيو. وڏو ادو آيو ھوندو ۽ ابي جي ھنڌ ۾ مٽي ويو ھوندو.“

”اھو، ڏوھدار ناھي.“

”ھيءُ صحيح چوندو ھوندو.“ امڙ چيو.

ڪيڏي نه بي انصاف آھي دنيا. بي گناھن کي پئي ٿي سزا ملي. ٿورو سوچيو؛ مون کي ڏوھدار چيو ويو. عبدالقادر، جنھن ڊرم پيشاب جا ڪيا ھوندا، تنھن کي سٺو ڇوڪرو چيو ويو.

بھرحال ڪو اتو پتو نه ھو جنھن مان سُڌِ سوڌ پوي ته اصل ۾ پيشاب ڪندو ڪير آ. امڙ ۽ ابي کي ٿورا گھڻا شڪ شبھا ھئا. اھي به پڪ سان نه پئي چئي سگھيا عبدالقادر مٽندو ھو يا مان. دنيا، ٻن ٽولن ۾ ورھائجي وئي ھئي. اسڪول ۾ عبدالقادر، ڪيترن ئي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي رشوتون ڏئي پاڻ ڏانھن ڪري ڇڏيو ھو. الو دامو، ڪنھن جي پاسي نه ھو. سندس خيال ھو ته؛ نه عبدالقادر مٽيو ھو ۽ نه مون… اھو ڪم ڪرڻ وارو ھو بابا.

جڏھن ننگيليءَ اھا ڳالھ ٻڌي ته ان ۽ سنڪرن ڪٽيءَ وڃي الو داموءَ کي ڊيڪائي ڊيڪائي چڱي ڦيھ ڏني.

راڌا مني، عبدالقادر جي ٽولي کي ڇڏي مون ڏانھن اچي وئي ھئي. عبدالقادر، راڌا منيءَ کي ھڪڙي وڏي قسم جي گدامڙي ڏني ته اھا وري سندس ٽولي ۾ شامل ٿي وئي. گدامڙيءَ جي ھڪڙي ذري لاءِ، وفاداريون ائين مٽي ڇڏڻ ڪا صحيح ڳالھ ھئي؟ مون کيس ٿورا تريل کاڄا ڏنا ته وري منھنجي پاسي ٿي وئي. ۽ رڳو اھو نه ته منھنجي ٽولي ۾ شامل ٿي، پر وڏي جوش جذبي سان پڙھو وڃي گھمايائين؛ ”ھنڌ ۾ عبدالقادر ئي مُٽندو آھي.“

مان خوشيءَ ۾ ماپيس ئي ڪو نه پئي.

راڌا منيءَ جي دل جي ھڪڙي سَڌَ ھئي. ھڪ ڏينھن سرٻاٽ ۾ مون کي ٻڌائي وڌائين؛ ”مون کي ھاٿيءَ جي پڇ جو ھڪڙو وار کپي. اھو تون مون کي آڻي ڏيندين؟“

جيڪڏھن مون وٽ پنھنجو ھاٿي ھجي ھان ته مان اھو سڄي جو سڄو راڌا منيءَ کي ڏئي ڇڏيان ھا. مون اھا ڳالھ کيس ٻڌائي ڇڏي. ھن موٽ ۾ چيو؛ ”مون کي سڄو ھاٿي نه کپي. مون کي ته ان جي پڇ جو فقط ھڪڙو وار کپي.“

”مان آڻي ڏيندوسانءِ!“ مون چيس. اھا ڳالھ مون الو داموءَ ۽ عبدالقادر جي سامھون چئي. مون بابي ۽ امڙ جي ھندو دوستن کي ھاٿيءَ جي پڇ جي وار کي استعمال ڪندي ڏٺو ھو. اھي، ان کي پنھنجين منڊين ۾ وڪوڙي، پنھنجين آڱرين ۾ پائيندا ھئا. ڪي ماڻھو پنھنجي ڪاراين تي به وڪوڙيندا ھئا. ماڻھن جو خيال ھو ته ھاٿيءَ جو وار، پنھنجي اندر ۾ وڏا معجزاتي اثر رکندو آھي.

مان ھاٿيءَ جي پڇ جو وار وڏي سولائيءَ سان ھٿ ڪري پئي سگھيس. سمورا مھابت، بھرحال منھنجا سنگتي ھئا. تنھن جي باوجود مون سوچيو ته بابا ۽ امان کان پڇان. تن ته ٺپ منع ڪري ڇڏي.

”تو کي ھاٿيءَ جي وار جي ڪا ضرورت ناھي.“

اھا ڳالھ، انھن مھابتن جي منھن سامھون چئي. مون کي ان ڳالھ جو اندازو ئي نه ھو ته انھن ماڻھن به پنھنجون وفاداريون مٽي ڇڏيون آھن. الو دامو ۽ عبدالقادر، تن ماڻھن کي منھنجا قصا ٻڌايا ھئا. ٻيو ته انھن کين، ھڪڙو ناريل ۽ ٻيا تريل کاڄا پڻ ڏنا ھئا.

مون ھڪڙي مھابت سان ڳالھ چوري؛ ”مون کي ھاٿيءَ جو پڇ کپي.“

مھابتن مون تي چٿرون ڪندي چيو؛ ”ھاٿيءَ کي ٿيندو ئي ھڪڙو پڇ آھي، سو به ڪپي ڏيون تو کي ته پوءِ ھاٿي ويچارو ڇا ڪندو؟“

مون چين؛ ”مون کي سڄو پڇ نه کپي. مون کي ته فقط ھڪڙو وار کپي. ھڪڙو وار، اُنَّ جھڙو نرم.“

مھابت کليا؛ ”ھاٿيءَ جي اُنَّ. ڄڻ ھاٿي، رڍ ھجي.“

”ھاٿيءَ جو ھڪڙو وار، فقط ھڪڙو وار.“ مون خوشامد ڪين. مھابتن اھو ھڪڙو وار مون کي ڏيڻ کان نابري واري ڇڏي ۽ سا به ان منڊي عبدالقادر ۽ الو داموءَ جي سامھون.

منھنجو ايترڙو سولو ڪم، کين ڪري ڇڏڻ نه گھرجي ھا؟ ھاٿيءَ جو ھڪڙو وار، اھي مون لاءِ نه پئي آڻي سگھيا؟ مون کين ڇا ڪجھ نه ڏنو ھوندو؟ پان، سوپاريون، ڪچا ناريل، سُرھا تماڪ، ڪيلا، حلوو ۽ کارڪون. ٿلھا ٿلھا سگار، جيڪي بابو پيئندو ھو. ڇا مون آڻي ڪو نه ڏنا ھئا؟ اھي ھڙئي مھابت ايڏا احسان فراموش ڇو ٿيا آھن؟ مون ھاٿيءَ جي ھڪڙي وار جي ئي فرمائش ڪئي ھين. اھي نابري واري بيٺا ھئا. مان به کين ست سُري ٻڌائيندس. وڏو ٿيڻ کان پوءِ، مھابت ٿيڻ کان نابري واري ويھندس ۽ پنھنجي ٽولي ۾ ھڪڙي سٺي ساٿيءَ کان محروم ٿيندا… سدائينءَ جي لاءِ.

مون ھاٿيءَ جو ھڪڙو وار، چورائڻ جو فيصلو ڪيو.

مان اھا چوري، ڪيئن ڪندس؟

مان ان بابت ڏينھن رات سٽون سٽيندو رھيس. ھڪڙي جيئري ھاٿيءَ جي پڇ مان ھڪڙو وار، مان نيٺ چورائيندس ڪيئن؟ انھيءَ ڳڻتيءَ ۾ گم، گھميس پئي جو فضا ۾ ”ھاٿيءَ جو پڇ“ جھڙو چيڙائيندڙ آواز گونجيو. ائين پئي لڳو ڄڻ اسڪول جا سمورا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون، مون کي ان نالي سان پيا سڏين. اھو منڊو ۽ اھو الو دامو، ٽولي جا چڱا مڙس ھئا. مون پاڻ کي انتھائي اڪيلو محسوس ڪيو. ايستائين جو راڌا مني به دشمنن سان ملي وئي ھئي. ائين پئي لڳو ڄڻ ھر ماڻھو مون کي ”ھاٿيءَ جو پڇ“ ۽ ”ھنڌ-مُٽڻو“ سڏي رھيو ھو. جھيڙو ٿيو ۽ پدوسري نرائن پلي سار مون کي ڦيھ ڪڍي.

گھر ۾ رات جو سمھڻ ويل به عبدالقادر پنھنجي ھنڌ تي ليٽئي ليٽئي مون کي چيڙائي؛ ”ھاٿيءَ جو پڇ! مُٽڻو.“

”مان مڙني کي ڏيکاريندس.“ مان دل ئي دل ۾ قسم پيو کاوان؛ ”مان ھاٿيءَ جو وار چورائيندس.“ بس اھو ڪرڻ جو سھڻو طريقو ھٿ اچي وڃي!

ڏينھن گذرندا ويا. ھڪ ڏينھن صبح صبح جو مان ڪلاس ۾ وڏي سورھيائيءَ واري انداز سان گھڙيس. مون وڏي آواز، پنھنجي دوستن دشمنن کي، سڏيو. مون الو داموءَ ۽ منڊي عبدالقادر ڏانھن گھوري ڏٺو. پوءِ راڌا منيءَ کان پڇيم؛ ”توھان منجھان ڪنھن ھاٿيءَ جو وار ڏٺو آھي؟ ڪڏھن ان کي ھٿ لاتو اٿائين؟“

سڄي ڪلاس مان ڪنھن به موٽ نه ڏني. ھڙئي چپ ويٺا ھئا. مون راڌا منيءَ کي ھاٿيءَ جو ھڪڙو ڊگھو وار ھٿ ۾ پڪڙايو. ان کان پوءِ سڄي ميڙ تي حقارت واري نگاھ وجھندي چيم؛ ”ٽِلي لي لي!“

ھر ماڻھو اھو ڄاڻڻ لاءِ ھٿان نڪتو پئي ويو ته ھاٿيءَ جو وار مون کي مليو ڪيئن. الو داموءَ ۽ منڊي عبدالقادر پڻ اھو ڄاڻڻ پئي چاھيو ته مون کي وار ھٿ آيو ڪيئن. مون کان ورجائي ورجائي پڇيائون. مان اھو راز ٻڌائڻ وارو ھئس ئي ڪو نه. مون کي اھا ڪھاڻي اڃا، گھڻا ڏينھن ٻڌائڻي ناھي… پر.. اڄ ٻڌائي ٿو ڇڏيان.

چھنبيارن ڏندن واري ھيڏي ساري ھاٿيءَ جي پڇ منجھان ھڪڙو وار ڪيئن چورايو؟ جڏھن ھاٿي وڻ سان ٻڌل ھجي، ان وقت ته سندس ھڪڙو وار پٽي سگھجي ٿو. مگر فرض ڪيو ھاٿي گھمي پوي ۽ گھمري ڏئي اوھان کي پنھنجي سونڍ ۾ ويڙھي وٺي يا مارڻ لڳي؟ جيئن ته مون اوھان کي ٻڌايو ھو؛ مان ڏينھن رات سوچيندو وتندو ھئس. مان گھڻو تڻو مھابتن سان، گول گول پٿرن سان ھاٿين جي جسمن کي کرکنو ھڻڻ ۾ رَلجي ويندو ھئس.

ڳوٺ جا سمورا ماڻھو، درياھ ۾ پتڻ جي ويجھو، وھنجندا ھئا. ھاٿين کي به اتي وھنجاربو ھو. اھو ھڪ وڏو ويڪرو درياھ ھو ۽ پاڻي ايڏو صاف جو ھيٺ تھ ۾ ويٺل واري، چٽي پٽي ڏسي سگھجي. مٽي يا گند جو نانءُ نيشان ئي نه ھو. درياھ جي پرينءَ ڀر، تاڙيءَ جو جھونو دڪان ھو. درياھ منجھ ترندڙ سمورا ماڻھو، تاڙيءَ جي دڪان جو چڪر ضرور ھڻندا ھئا. ماڻھو وھنجندا به ھئا ۽ ٿوري تاڙيءَ چڪي پيئڻ جو به کين موقعو ملي ويندو ھو. درياھ جي ڪپر جي بلڪل ويجھو، ٽي ھاٿي پاڻيءَ ۾ ليٽيا پيا ھئا. ڏندن وارو ھاٿي، ٻن ھاٿڻين جي وچ ۾ ھو. مون کي ڏندن واري ھاٿيءَ جي پڇ مان ئي ھڪڙو وار چورائڻو ھو.

ان وقت گھڻي ئي ماڻھو وھنتا پئي. گھڻا اھڙا ھئا جيڪي تارَ ھڻي، پار به وڃي نڪتا پئي. ڪي ماڻھو پاتڻي ٻيڙين ذريعي پار پھتا پئي. وھنجڻ وارن ۾ بابا ۽ ماما به ھئا. ٻيو سنڪرن ڪٽي، ڪرشنن، پدمناڀن نائر ۽ اوسپ ماپلا به. الو داموءَ ۽ مون پنھنجي پنھنجي گوڏ لاٿي ۽ درياھ منجھ ٽپو ڏنوسين. الو داموءَ جي پيءُ، سندس بت کي مھٽي مَرُ لاٿي ۽ بابي منھنجي بت کي صاف سٿرو ڪيو. ان کان پوءِ اسان ٻنھي کي درياھ ۾ ۽ ھيڏي ھوڏي ترڻ لاءِ ھٿ ڪڍيائون. مون ٽپ ڏنو، ٿوري دير ٽٻيون ھڻندو رھيس. ھڪڙي ٽٻيءَ مان ٻوٿ ڪڍي، چؤطرف نگاھ ڦيرايم. ڪناري تي ڪو به نه ھو. مون کي ڪنھن ڏٺو به نه پئي. بس اھو ئي مناسب موقعو ھو. مون ٽٻي ھنئي ۽ اوڏانھن ويس جيڏانھن ھاٿي پاڻيءَ ۾ ليٽيا پيا ھئا. مون سرڪائي پنھنجو مٿو پاڻيءَ مان ڪڍيو ۽ ڏند واري ھاٿيءَ کي تاڙيم. ھاٿيءَ کي تاڙڻ پڄاڻان مون ٻيھر ٽٻي ھنئي ۽ سڌو وڃي آھستڙي سان ھاٿيءَ جو پڇ پڪڙيم. ڏاڍو کھرو ھو. مون سوچيو چڪ سان ھڪڙو وار ٽُڪي وٺان، مگر وار کي پوريءَ طرح سان پڪڙي نه سگھيس. مون پڇ کي زور سان سٽ ڏني ۽ مٿانئس ڏند سان چڪ ھنيم ۽ ان کي ٻيھر ڇڪڻ جي ڪوشش ڪيم. اھو انھيءَ واويلا کان اڳ، منھنجو آخري عمل ھو، جيڪا ان کان پوءِ ستت مچڻي ھئي.

ھاٿي راڙ ڪري اٿي بيٺو. مون پڇ مان ھٿ ڪڍيس ۽ پاڻيءَ مان مٿي نڪتم. ھاٿي مڙيو ۽ مون کي ڏٺائين. مون ٻيھر گُھتَ ھنئي. پاڻيءَ ۾ ھيٺئون ئي ھيٺئون ڇوھي تارَ ھڻي، ھاٿيءَ کان جيترو پري وڃي سگھيس پئي، ھليو ويس. ايترو وقت پاڻيءَ ۾ گھُتَ ھڻڻ ڪري منھنجو ساھ ٻوساٽجيو پئي، مگر مان لڳاتار تارَ ھڻندو ويم تان جو درياھ جو ھڪڙو سنسان حصو اچي ويو. مان ايڪسائيز اسٽيشن جي ويجھو، ھڪڙي وڻ جي درياھ مٿان لڙڪندڙ لام ھيٺان ھئس.

مڙي ڏٺم.

ھاٿي اڀو ٿيو بيٺو ھو ۽ پنھنجي سونڍ ۽ پنھنجا ڏند به اڀا ڪيو بيٺو ھو. دڙھا ھڻي رھيو ۽ ڀيانڪ قسم سان رڙيو پئي. ٻئي ھاٿڻيون به اٿي پيون ھيون ۽ اھي پڻ وڏي آواز، رڙيون پئي. ماڻھو ھيڏي ھوڏي ڀڳا پئي. ھر طرف افراتفري متل ھئي. نپٽ ننگو ھئس. ڪپر تي چڙھي ويس. کڏن ۾ ڪرندو چڙھندو، ٻوڙن ۾ ٿاٻڙندو ويس پئي جو منھنجو ھٿ ھڪڙي وڏي وڻ مان لڙڪندڙ ول ۾ پئجي ويو. ان جي ٽيڪ تي، بانبڙا ڏئي وڻ جي چوٽيءَ تي چڙھي ويس. پنھنجي پاڻ کي وڻ جي ٽارين ۽ پنن ۾ لڪائي ڇڏيم. ڳاڙھا ماڪوڙا منھنجي سڄي بت کي چنبڙي ويا ۽ مون کي ڀُڃي لاٿائون. پنھنجي بت تان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪيم ۽ ڪرينڊڙو ٿيو، وڻ جي ٽاريءَ کي چنبڙيو رھيم. مون کي ياد ناھي ته مان ائين ڪيترو وقت ويٺو رھيس. ڳچ وقت گذرڻ پڄاڻان، ھاٿين جو رڙڻ ۽ ماڻھن جي ڀاڄڙ، لڳو ته ڄڻ ختم ٿي وئي ھجي. ائين لڳو پئي ڄڻ ڪجھ ٿيو ئي ڪو نه ھو ۽ جيڪو ڪجھ ڏٺو ھيم سو ڄڻ ھڪڙو خواب ھو. منھنجو پُسيل بت، سڪي چڪو ھو. ماڪوڙن جي چَڪَن جو سور اڃا ھو. مان اھڙي نموني ويٺو ھئس جو مون کي بابا جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. مون کي، منھنجو نالو وٺي، سڏي رھيو ھو. مون ورندي ڏنس؛ ”جي بابا“ ۽ ھوريان ھوريان ڪري وڻ تان ھيٺ لھي آيس. بابا مون کي ٽوال ڏنو، جيڪو ھو ساڻ کنيو آيو ھو. مون ٽوال ويڙھيو. ھن منھنجي بت تان، ماڪوڙا ڇڏايا، جيڪي اڃا تائين چنبڙيا پيا ھئا. نرم ھٿن سان منھنجي بت جي مالش ڪيائين ۽ منھنجي مٿي تي پنھنجو ھٿ گھمايائين.

اسان موٽي گھر آياسين. مون امان کي ٻڌايو ته مان گوڏ وڃائي آيو آھيان.

امان چيو؛ ”ھڙئي پنھنجا لٽا وڃائي آيا آھن.“

جنھن ويل ھاٿي، چڙي ٻڦرجي پيا ھئا، تنھن ويل ھر ھڪ پنھنجي پنھنجي جان بچائڻ لاءِ وٺي ڀڳو ھو. ڀاڄڙ ۾ ڪنھن جي گوڏ لٿي، ڪنھن جو ڪڇو اتي ڪريو. اھي ماڻھو جن جا سڀ لٽا رھجي ويا ھئا، تن ۾ بابا ۽ ماما به ھئا. پدمناڀن نائر، ڪرشنن، سنڪرن ڪٽي، الو دامو ۽ اوسپ ملا پڻ ھئا. اھي ھڙئي ٻنن ۽ پيچرن تان وٺي ڀڳا، نالو اڪريا ۽ پوءِ اسان جي گھر اچي پھتا. ان ڀاڄڙ دوران، اوسپ ملا ھڪڙي پٿر سان وڃي ٽڪريو. سندس گوڏا ڦٽجي پيا. ھاٿيءَ، ھڪڙي ھاٿڻ کي ڏند جو نيش ڏنو، پر گھڻو ڦٽي نه ڪيائينس. مھابتن وڏي مصيبت کان پوءِ وڃي ھاٿين کي ڌَتِ ڪيو ۽ نيٺ انھن کي وڃي جَنجيرن ۾ جڪڙيائون.

انھن ٻڌايو ته ھاٿي؛ ”مڪنو ٿي ويو ھو.“

اھا ڳالھ، بھرحال صحيح نه ھئي. اھو جيڪو به ڪجھ ٿيو ھو، تنھن جو ذميوار مان ھئس. مگر اھا ڳالھ مان کوليان ته ڪيئن کوليان؟ جي بابي کي خبر پئي ته پوءِ مون کي اونڌو ٽنگيندو؟

”بابا! ھاٿي مڪنو نه ٿيو ھو.“ مون چيس.

”پوءِ ڇا ٿيو ھو؟“

”ان کي ڪنھن، چڪ پاتو ھو.“

”ڪنھن چڪ پاتس؟“

”بابا! .. مون پاتو ھئس.“

”ھاٿيءَ کي تو چڪ پاتو ھو؟“

”ھائو! مان پاڻيءَ مان اندران اندران تارَ ھڻي ويو ھئس ۽ مون ڏندن سان پڪڙي سندس پڇ مان ھڪڙو وار ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي.“

بابي کان ٽھڪ نڪري ويو. وڏا ٽھڪ ڏئي دير تائين کلندو رھيو. پوءِ پڇيائين؛ ”تو کي ھاٿيءَ جي وار جي لوڙ ڪھڙي پئي ھئي؟“

مون ٻڌايس؛ ”بابا! ھو اوھان جو دوست آھي نه، اڙي ھا اھو ئي ايڪسائيز انسپيڪٽر. ان جي ڌيءُ راڌا منيءَ گھريو ھو.“

اھو ٻڌي، ھاڻي امان به ٽھڪ ڏنا.

”اڙي منھنجا پيارا پٽڙا!“ امڙ چيو؛ ”اھا الله سائينءَ جي مھرباني ٿيئي جنھن تو کي ايڏي وڏي خطري مان بچائي ورتو.“ پوءِ بابا سان مخاطب ٿيندي چيائينس؛ ”ھاٿيءَ جو ھڪڙو وار ھن کي وٺرائي ڏي! ور نه ته ھيءُ وري وڃي ائين ئي ڪندو ۽ ويچاري ھاٿيءَ کي وري وڃي چڪ وجھندو.“

بابا چيو؛ ”بدمعاش! تو کي، ھاٿيءَ کي چڪ پائڻ کپي؟“

”مون ان کي چڪ نه پاتو ھو! مون ڏند سان پڪڙي، ھڪڙي وار کي سٽ ڏني ھئي.“

”چڱو ڇڏ ان قصي کي، ۽ اھا ڳالھ ڪنھن سان ڪجان به نه!“

بابا مون کي ان ھنڌ وٺي ويو جتي ھاٿي ٻڌا بيٺا ھئا. ھڪڙيءَ ھاٿڻ جي اڳين ٽنگ تي ھڪڙو ڳاڙھو گھاءُ آيل ھو. مھابت، ڪي جڙي ٻوٽيون گھوٽي ان جو ليپ، ڦٽ تي لڳايو ھئس. مگر ڦٽ مان اڃا رت ٽميو پئي. بابا، مھابت کي ھاٿيءَ جي پڇ مان ھڪڙو وار ڪڍي، مون کي ڏيڻ لاءِ چيو. مھابت ان جو ھڪڙو وار پٽي مون کي ڏنو. ھاٿيءَ مون ڏانھن مُڙي ڪاوڙ مان ڏٺو. سندس ان ڪاوڙ ۾ کل به ھئي. سندس پيٽ ۾ ٿورو ڦٽ ڦٽ جو آواز ٿيو ۽ ائين لڳو ڄڻ چوندو ھجي؛ ”اڇا ته تون ئي اھو چور ھئين، جنھن لڪي لڪي منھنجي پڇ جو وار پٽڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي؟“

(ملايالم ٻوليءَ مان انگريزيءَ معرفت اردوءَ ۾ مسعودالحق جي ترجمي تان، سنڌيءَ ۾ الٿو ڪيو ويو).

***