انور شيخ جو “آخري ڏوهه”
سجاد مهر
انور شيخ قلم جي هٿيار سان ڪيئي ڏوهه ڪري چڪو جيڪي ڳڻڻ کان ٻاهر آهن. هن جڏهن به قلم کنيو ۽ ڪنهن انياءُ جي هانءُ ۾ هٿ وڌو ته هڪڙو ڏوهه بڻجي ويو. اهو ڏوهه ايترو ته وڻندڙ محسوس ٿيو جو پڙهندڙن ان کي شاندار ڏوهه سڏيو ۽ ايئن انور شيخ ويو ڏوهن جي دنيا ۾ نالو ڪڍندو. ايڏا ڏوهه ڏسي ماءِ پبليڪيشن وارن هن جي خلاف پهرين ايف آءِ آر “درد جو انگاس” جي روپ ۾ ڪٽرائي ان ايف. آءِ. آر ۾ هن ڏوهاري جو اهو ڪتاب ايتري ته عاليشان هنڌ تي پهتو جو هن سنڌي ادب جي سليبس ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. ان جي ڏوهه جو سلسلو ويو ٿي وڌندو ۽ هو قلم سان قتل ڪرڻ جو عادي ڏوهاري بڻجي ويو. ان عادت ئي هن کي اڻ سڃاتل جهڙو شاندار ناول سرجائڻ ۾ مدد ڪئي. انور شيخ اهو سوچيو ئي نه هو ته ڪو هن جي ڏوهن جي لسٽ ايتري ڊگهي ٿيندي ويندي جو سموري سنڌ کيس سڃاڻڻ لڳندي ڏوهن کي عوام آڏو آڻي آڻي آخر ٿڪو ته هن پڪو پهه ڪيو ته هاڻي ٻيو ڏوهه ڪونه ڪندس ۽ ايئن هن جو ٽيون ڪتاب آخري ڏوهه جي عنوان سان اسان جي هٿن تائين رسيو. چوندا آهن ته سچ وڏو ڏوهاري آهي سو اهڙو سچ هڪڙي سيبتي ڪهاڻيڪار جي قلم مان نڪرندو رهيو ۽ سماج جي هر سور تي هن جي عقابي اک اهڙو ته پورٽريٽ ٺاهي پيش ڪندي رهي جو پڙهندڙ خاص ڪري نقاد جي نظر ۾ هو پنهنجو هڪ مقام جوڙڻ ۾ ڪامياب ويو. انور جو اسلوب پنهنجو نج آهي هو ڪنهن ٻئي ڪهاڻيڪار جي پيرن تي پنڌ نٿو ڪري، هن جو لهجو نج پنهنجو، هن جو اظهار انتهائي سولو ۽ سادو ۽ هن جي پرنزنٽيشن کان ويندي ڪلائيميڪس تائين ڪهاڻي تي مضبوط گرفت آهي. هن ڪڏهن به هرو ڀرو ڪي وڏا لفظ نه سمجهه ۾ ايندڙ جملا يا ڪا ابتي سبتي ٽيڪنڪ استعمال نه ڪئي آهي. جيئن پاڻ طبيعت ۾ سادو آهي تيئن سندس لکڻيون به سندس مزاج سان ٺهڪي اچن ٿيون. هو سوچي سمجهي قلم ڪاغذ کي استعمال ڪرڻ لاءِ ماحول نٿو ٺاهي پر اهڙو ماحول هن کي هن جي ڪرت مهيا ڪري ڏي ٿي. هڪ پوليس آفيسر جيڪو دنيا جون سموريون دٻيل دانهون پنهنجين اگهاڙي اکين سان پسي ٿو ته سندس اندر جو معصوم ليکڪ اکيون مهٽي اٿي پوي ٿو، اهو احساس ئي انور کي لکڻ تي همٿائي ٿو ۽ ان احساس جي اوٽ ۾ هو هر ڏوهه کي ڌيان ۾ رکي ٿو.
مون ته گلاب لڳايا آهن
پوپٽ پاڻي آيا آهن
انور رڳو گلاب لڳايا آهن هي جيڪي ٽن ڪتابن جي صورت ۾ پوپٽ اڏري آيا آهن اهو انعام آهن ان برجستي ليکڪ جو جنهن ڪڏهن به ڪنهن شيءِ تي ڪمپرومائيز ناهي ڪيو پر پنهنجي هر ڪهاڻيءَ جي آڏو جوابده رهيو آهي، ڪهاڻي جي ان ڪٽهڙي ۾ انور شيخ پنهنجو پاڻ کي رضاڪاراڻه طور پيش ڪيو آهي. پنهنجو پاڻ کان ئي جرح ڪئي آهي، اندر اوتي رکيو آهي، سوالن جي سنهڙي گهٽي گهمي جوابن جو جبل جهاڳيو اٿائين، هي ٽيون ڪتاب آخري ڏوهه اڳين ٻن ڪتابن جو تسلسل ۽ پنهنجي ادبي عشق سان اعليٰ عزم هجڻ جو ثبوت آهي. ڪتاب آخري ڏوهه توڙي جو پنهنجي جوهر ۾ هڪ ناياب تخليق آهي ۽ ڪتابي صورت ۾ اچڻ کان اڳ رسالي همسري کي اهو اعزاز حاصل آهي ته انور شيخ جون ڪهاڻيون اسان جي هنن ئي صفحن تي ڇپجي اوهان تائين پهچنديون رهيون آهن ۽ هاڻي هي ڪتابي صورت ۾ اوهان تائين رسي سگهيو آهي تنهن ۾ انور شيخ جي ڪلاڪاري جو سمورو ڪم ڪردارن جي صورت ۾ نمايان نظر اچي ٿو. آخري ڏوهه واري عنوان مان ئي ظاهر آهي ته اها چٿر آهي جيڪا ڪڏهن به آخري ٿي نٿي سگهي. ڏوهه جي دنيا ڏاڍي ڀيانڪ ۽ وائرس جيان ٿئي ٿي سو ان وائرس ۾ وڪوڙجي وڃڻ کانپوءِ اعلان ته ڪري سگهجن ٿا پر آجپو ممڪن ئي ناهي اهڙي ڀوڳنا کي انور شيخ پنهنجي هن ڪتاب جو ٽائيٽل ڏيئي اهو محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هر ڏوهاري پنهنجي ڏوهه کي آخري سمجهي ڪري ٿو پر ڏوهه جيڪو ڪنهن به صورت ۾ ان جي جند نٿو ڇڏي. آخري ڏوهه ۾ ان ڪهاڻي کان علاوه ٻيون به جاندار ڪهاڻيون آهن جن ۾ خاص ڪري “انب”، “اهل آفيسر”، “برف جو وٽو”، “ڪئپٽن”، “ڏڌڙي”، “قسم”، “گهڙيال جو آواز”، “هيليوسنيشن” وغيره شامل آهن. جنهن ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ڇرڪائيندڙ ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ آهن. خاص ڪري “هيليوسنيشن” ڪهاڻي جي اڻت، اسٽائل ۽ انداز انتهائي دلچسپ آهي، هن ڪهاڻي ۾ ڪردار کي نفسياتي مسئلو آهي جنهن کي ڊاڪٽر هيليوسنيشن چون ٿا هن مرض ۾ مبتلا شخص کي هر حقيقي شيءِ ان جي ابتڙ پر حيرت جي حد تائين صحيح به نظر اچي ٿي تمام دلچسپ انداز ۾ لکيل هن ڪهاڻي جو ڪلائيميڪس به انتهائي جاندار آهي. شين کي ايڏو باريڪي سان محسوس ڪرڻ ۽ ڪردارن جي ڳالهائڻ کان ويندي پڙهندڙ جي حواسن ۾ وڃي هٿ وجهڻ واري فن کان هو ڀلي ڀت واقف آهي. هن ڪتاب جو ٽائيٽل ڪور سنڌ جي انتهائي سهڻي چترڪار ڪپتان ابڙو ٺاهيو آهي، 200 صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب جي قيمت 250 رپيا آهي، ماءِ پبليڪيشن جس لهڻي جنهن سپ مان موتي چونڊي پڙهندڙن اڳيان ڪهاڻين جي مالا سجائي آهي. اميد ٿي ڪجي ته انور شيخ جو هي ڪتاب پنهنجي نمايان جاءِ والاريندو ۽ سندس قلمي پورهيو معاشري جي مڪار چهرن تي چڙهيل ماسڪ قلم جي تلوار سان روڙي لاهيندو.