مصور ڪٿا: شفيق تنيو
ضلعي قمبر شھداد ڪوٽ جو ڳوٺ ھني ٻير شريف، جيڪو مائي حنيفا (ھني) جي نالي سان منسوب آھي جيڪا پنھنجي ھمدري، رحمدلي ۽ سخاوت جي ڪري پري پري تائين مشھور ھوندي ھئي، جنھن جي در تي آيل ڪوبہه سوالي پنھنجي مراد پوري ٿيڻ کان بغير نہه موٽندو هو.
مائي ھني جي فراخ دلي ۽ رحمدلي وانگر سخي طبيعت جو مالڪ ھني ٻير شريف جي زرخيز زمين تي ھڪ ھاري ولي محمد جي گھر ۾ پيدا ٿيندڙ ھڪ مصور شفيق تنيو بہه آھي. شفيق تنيو 1987 ۾ جنم ورتو.
سندس گھروارن جي جي خواھش ھئي تہه شفيق تنيو ڊاڪٽر بڻجي انھيءَ جي پھرئين ڪڙي سندس گھروارن پاران انگلش ميڊيم اسڪول سينٽ جوزف اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخلا جي صورت ھئي، جتان هن 2002 ۾ ڏهون درجو پاس ڪيو ۽ ٻارهون درجو ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان 2005 ۾ پاس ڪيو. ڏھين درجي ۾ پڙھڻ دوران سندس توجهه سائنس مضمونن ۾ نہ ٿي سگهيو. جنھن سبب گھروارن جي ڊاڪٽر بنائڻ واري خواھش تي پورو نه لهي سگهيو. ڏھين درجي کانپوءِ 2002 ۾ گھر وارن جي پر زور اسرار تي ڊاڪٽريءَ سان جڙيل شعبي نرسنگ ۾ چانڊڪا ميڊيڪل مان ڊپلومہه حاصل ڪئي، جنھن سان 2003 تائين جڙيو رھيو، جنھن سبب شفيق تنيو ڳوٺ وارن لاءِ ڏک درد، بيماري ۽ صحت واري مسئلي جي ايمرجنسي صورتحال ۾ ھڪ مسيحا سمجھيو ويندو ھو، پر سندس ذهني هم آهنگي ان شعبي سان جڙي نه سگهي ۽ هو ان ڪم کان لنوائڻ لڳو. شفيق تنيو 2003 کان 2005 تائين خاندان جا معاشي حالات بھتر بنائڻ ۽ نرسنگ کان نجات حاصل ڪرڻ خاطر دبئي ۾ ڪيترن ئي مشڪلاتن سان مھاڏو اٽڪائي مختلف روزگار ڪندو رھيو. دبئي ۾ روزگار ڪرڻ دوران ھو ذهني طور تي مطمئن نہه رھندو ھو جنھن سبب پنھنجي خاندان جي فڪر ۾ رھندو ھو، جيڪو سندس ڳوٺ واپسيءَ جو سبب بڻيو ۽ ڳوٺ ۾ ڪپڙي جو دڪان کولڻ جو ارادو ڪيو. ڳوٺ جي ڪنھن محفل دوران شفيق تنيو جي ملاقات پنھنجي وڏي ڀاءَ منير احمد تنيو جي ويجهي دوست فتاح دائود پوٽو جيڪو پڻ ھڪ مصور آھي سان ٿي جنھن کيس آرٽ جي شعبي طرف اچڻ جو مشورو ڏنو، ان مشوري تي عمل ڪندي سندس ڀاءَ 2006 ۾ سينٽر آف ايڪسيلنس آرٽ ۽ ڊزائن موجوده (SABS) يونيورسٽيءَ ۾ فائن آرٽ ۾ داخلا ڪرائي ڪئي ۽ پنھنجي وڏي ڀاءَ کان پوءِ ڳوٺ جي ٻئي شخص ھجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو، جنھن يونيورسٽيءَ تائين تعليم حاصل ڪئي.
نرسنگ ۽ روزگار جي مختلف شعبن سان وابسته ھجڻ سبب شفيق تنيو لاءِ فائن آرٽ مضمونن ۾ سکيا حاصل ڪرڻ ھڪ ڏکيو عمل ھو، جنھن جو اظھار ھن فائن آرٽ جي تعليم اڌ ۾ ڇڏي واپس ڳوٺ روانو ٿيڻ جي صورت ۾ ڪيو، ڪجھه وقت کانپوءِ پنھنجي وڏي ڀاءَ جي فل سپورٽ ۽ ڪلاس فيلوز جي ڪوششن سان تعليم مڪمل ڪرڻ يونيورسٽي پھتو.
شفيق تنيو لاءِ ھڪ ٻيو ڏکيو مرحلو آيو جنھن ۾ ان کي فائن آرٽ جي مضمونن جھرڙوڪ پينٽنگ، پرنٽ ميڪنگ، منئيچر، اسڪلپچر مان ڪنھن ھڪ مضمون کي بطور ميجر سبجيڪٽ منتخب ڪرڻو پيو ۽ آخرڪار گھڻي سوچ ويچار کانپوءِ پرنٽ ميڪنگ سبجيڪٽ منتخب ڪيو، پر اتفاق سان ان سبجيڪٽ جا ماھر استاد ۽ ساز و سامان نہه ھجڻ سبب ان کي انڊس ويلي اسڪول آف آرٽ ڪراچي وڃڻو پوندو ھو، ھفتي جا 4 ڏينھن انڊس ويلي ۽ 2 ڏينھن پنھنجي يونيورسٽي ۾ سکيا حاصل ڪندو ھو، جتي پنھتجي ميڊم رابعہه جليل کان پرنٽ ميڪنگ جي مختلف ٽيڪنڪ ۾ مھارتون حاصل ڪندو رھيو. گڏو گڏ پنھنجي يونيورسٽي جي استاد فضل الحق کان بہه سکندو رھيو.
2010 ۾ پرنٽ ميڪنگ جي ڊگري حاصل ڪري پرنٽ ميڪنگ ۾ واحد شاگرد ھجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو ۽ 2010 کان 2016 تائين اتي ئي پرنٽ ميڪنگ جي شعبي سان جڙيل رھيو.
شفيق تنيو پنھنجي پرنٽ ميڪنگ جي ڪم ۾ تلخ واقعن، احساسن ۽ ننڍپڻ جي راند (ماچس، ڌاڳي واري واڪي ٽاڪي) جي ياد کي مختلف مٽيريل ۽ ميڊيم جو استعمال ڪندي ماهراڻي انداز ۾ ماچيس جي ڊٻين تي پيش ڪيو، جيڪو ھڪ منفرد آرٽ جو ڪم ھو، جيڪو ڏسڻ وارن کي ان راند جي يادن ذريعي ان راند ۾ شامل ٿيڻ تي مجبور ڪري ٿو. شفيق تنيو جو ڪم ننڍپڻ جي ان تمام يادن سان جڙيل آهي جنھن سان ھر انسان عملي طور شامل رھيو آھي.
شفيق تنيو جو آرٽ ورڪ لاھور ۽ ڪراچيءَ جي وڏين آرٽ گيلرين ۾ نمائش لاءِ پيش تي چڪو آھي. 2016 کان شفيق تنيو گڏيل طور (ايٽلائير) نالي ھڪ آرٽ اڪيڊمي قائم ڪئي جتي آرٽ سان دلچسپي رکندڙ کي آرٽ جي بنيادي سکيا ڏيندو رھيو، پر ڪرونا وبا جي حالات دوران ان اڪيڊمي کي خير باد ڪرڻو پيو. شفيق تنيو اڄڪلھه انڊس يونيورسٽي سان بطور وزيٽنگ فيڪلٽي ميمبر جڙيل آھي جتي پيشه وراڻا مھارتن ذريعي جديد دور جي تقاضن مطابق ايندڙ نسلن کي پرنٽ ميڪنگ سان گڏ، ڊرائنگ جي سکيا ڏئي رھيو آھي، گڏو گڏ پنھنجو آرٽ بہه ڪري رھيو آھي.
شفيق تنيو جو تازو آرٽ ورڪ چيڪ بڪ تي آھي، جنھن ۾ ھن چيڪ بڪن تي ٻن مختلف عڪسن جي ترتيب کي پينٽ ڪيو آھي، جيڪي ڏسڻ وارن لاءِ انھن جي ذھن جي تصويري تجربن مطابق معنائون پيش ڪن ٿا، جيڪو ڏسڻ وارن لاءِ ھڪ عجيب و غريب عملي تصور بڻجندو آھي. شفيق تنيو پنھنجي استاد رابعہه جليل ۽ جڳ مشھور ناميارن مصورن اياز، جوکيو ۽ عمران چنا جي آرٽ کان گھڻو متاثر آھي. ھو ميڊم رابعه جليل جو ٿورائتو آهي، جنھن ان کي ان جي وڏي ڀاءَ کانپوءِ سپورٽ ڪئي.
شفيق تنيو ايندڙ نسل جي نوجوانن ۽ آرٽ جي شاگردن کي اڪثر ان ڳالھه جي تائيد ڪندو رھندو آھي تہه شعبو جيڪو بہه ھجي ان ۾ مشڪل ۽ ڏکيو ڪجھه نہه ھوندو آھي، بس سکڻ، سمجھڻ ۽ حاصل ڪرڻ جي صلاحيت، نيت ۽ سچائي ھجي تہه ڪم آسان ٿي ويندا آھن.