مصور ڪٿا: شاڪر علي مڱڻھار
ھڪ ھزار سال تاريخي علائقو جنھن کي موجوده وقت ۾ ٽنڊوالھيار جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ٽنڊو الھيار ضلعو آبپاشي، زراعت، معدني وسيلن، ھٿ جي ھنرن ۽ ڪاشيگيريءَ جي ڪري ھند سنڌ ۾ شھرت رکي ٿو، جنھن جي سر سبر ۽ زرخيز زمين تي وتائي فقير سميت ڪيترن ئي صوفي بزرگ اوليائن جنم ورتو. انھن صوفي بزرگن وانگر فقيري طبيعت رکندڙ شاڪر مڱڻھار بہه ھڪ آھي، جيڪو پيشي جي لحاظ کان پينٽر/آرٽسٽ آھي.
شاڪر مڱڻھار جو جنم ھڪ رنگساز الله ورايو جي گھراڻي ۾ 1982 ۾ ٿيو. پرائمري تعليم مسجد پرائمري اسڪول ڳوٺ ولي داد خاصخيلي مان حاصل ڪئي. ڏھين ۽ ٻارھين جماعت پروينشنلائزڊ ھاءِ اسڪول ٽنڊوالھيار مان حاصل ڪئي.
شاڪر علي مڱڻھار جڏھن شين کي سمجھڻ واري عمر ۾ پھتو تہه اڪثر پنھنجي والد جي رنگ ۾ رنگيل ڪپڙن ۽ وڏي ڀاءَ مرتضيٰ علي مڱڻھار جي پينسل سان ٺاھيل فلمي پوسٽرن کي ڏسندي انھن طرف متوجهه ٿيندو ھو ۽ انھن تي غور فڪر ڪرڻ لڳندو ھو، ان غور فڪر ايترا تہه تمام گھرا اثر ڇڏيا جو پاڻ بہه پنھجي والد وانگر رنگن سان رنگجڻ ۽ ڀاءَ وانگر پينسل سان پوسٽر ٺاھڻ جي خواھش ڪرڻ لڳو ۽ ان خواھش کي پورو ڪرڻ لاءِ آرٽ کي سمجھڻ ۽ سکڻ جي جستجو ڪرڻ لڳو.
شاڪر علي مڱڻھار ڏھون درجو پڙھڻ دوران پنھنجي پاڙي ۾ رھندڙ قريبي رشتيدار احمد علي مڱڻھار جيڪو پڻ ھڪ ناميارو مصور آھي، ان کان سکيا وٺڻ شروع ڪئي، گڏو گڏ ان وقت جي مشھور پينٽر دڪان سلطان آرٽ وٽ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، 1994 کان 1999 تائين انھي دڪان تي لکائي ۽ ڪمرشل آرٽ جو ڪم سکندو ۽ ڪندو رھيو.
2000 ۾ ڏھون درجو پاس ڪرڻ کان پوءِ شاڪر علي پنھجو گھڻو وقت آرٽ کي ڏيندو رھيو، جنھن ان جي ڪم ۾ وڌيڪ نکار آندو، ڪمرشل ڪم ڪرڻ دوران شاڪر علي مڱڻھار جي ملاقات ٽنڊوالھيار جي ڪيترن ئي مصورن سان ٿيندي رهي جن کان ڪجھه نه ڪجھه نئون سکڻ لاءِ ملندو رھيس.
شاڪر علي مڱڻھار جي ملاقات آرٽ سان لاڳاپيل ھڪ ٻئي شخصيت خالد زوئي سان ٿي جنھن سان ھو پنھنجي استاد ۽ دوست طور ناتي ۾ فخر محسوس ڪندو رھندو آھي جنھن سندس هن فيلڊ ۾ بيحد مدد ڪرڻ سان گڏ تخليقي صلاحيتن ۾ بہه وڌيڪ اضافو آندو. ٻارھين جماعت مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سندس خواھش ھئي تہه ڪنھن آرٽ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪري، پر معاشي حالتون بھتر نه ھئڻ ۽ مالي سھڪار نه ھجڻ سبب سندس خواھش پوري نه ٿي سگھي، پر آرٽ ۾ نئين کان نئون سکڻ جي جدوجھد نه ڇڏي ۽ پنھنجي فني صلاحيتن کي وڌيڪ بھتر ڪرڻ حيدرآباد جي اداري خانه فرھنگ ۾ فائن آرٽ ڊپلومه ۾ داخلا حاصل ڪئي، پر بد قسمتيءَ سان حالتن ان کي ان جي اجازت نه ڏني ته ھو ڊپلومه مڪمل ڪري سگھي، بلآخر ڪجھه مھينن جي سکيا حاصل ڪرڻ کانپوءِ اڌ ۾ ئي ڇڏي ڏنو ۽ ڪجھه وقت کانپوءِ معاشي حالتن سبب دل برداشته ٿي آرٽ کان پاسيرو ٿي ويو. 2009 ۾ شادي ڪرڻ کانپوءِ زندگيءَ جو نئون سفر ڪجھه ڏکن ۽ ڪجھه سکن سان شروع ڪيو، پر والده ۽ گھرواريءَ تنگ دستي واري حالتن ۾ مدد ۽ حوصلا افضائي ڪئي جنھن سبب آرٽ طرف ھڪ نئين جذبي سان واپس وريو.
شاڪر علي مڱڻھار ڏکن، سکن ۾ پنهنجي آرٽ سان محبت، محنت ۽ لگن سان گھڻي کان گھڻو وقت آرٽ کي ڏنو، جنھن سبب پنھنجي اندر سمايل آرٽ کي دنيا آڏو پيش ڪري ھڪ بھترين پينٽر ۽ آرٽسٽ ٿي اڀريو.
شاڪر علي مڱڻھار ۾ ڪمرشل آرٽ ۽ تجريدي آرٽ جون لاتعداد خاصيتون موجود آھن جنھن جو ھو وقت بوقت استعمال ڪندو رھندو آھي.
شاڪر علي مڱڻھار ڪمرشل آرٽ جا ڪيترائي پروجيڪٽ ڪري چڪو آھي، ان سان گڏ مختلف آرٽ گيلرين ۾ 30 کان وڌيڪ گروپ نمائشون پڻ ڪري چڪو آھي، ان کان علاوه مختلف پروگرامن ۾ لائيو ڊرائنگ پڻ ڪندو رھندو آھي. شاڪر علي جو گيلرين ۾ نمائش لاءِ پيش ڪيل ڪم ننڍپڻ جي يادگيرين، ثقافت ۽ ٽريڊيشنل پيٽرن تي ھوندو آھي جنھن ۾ ھن پنھجي والد جي رنگ سازيءَ واري رنگن جا عڪس، پنھنجي فقيري طبيعت ۽ پنھنجي علائقي جي تاريخ جا مختلف رنگ روپ انتھائي دلچسپ ۽ پر لطف انداز ۾ ترتيب ڏنا آھن، جيڪي ڏسڻ وارن لاءِ صوفي بزرگن ۽ نصرپور جي ڪاشيگيريءَ سميت ٻيا ڪيترائي عڪس دماغ ۾ ورجائڻ تي مجبور ڪندا آھن ۽ ان پينٽنگ ذريعي انھن جي تصورات کي ٽنڊوالھيار جو سير ڪرائيندا آھن.
شاڪر علي مڱڻھار ڪمرشل ۽ تجريدي آرٽ ۾ هڪ ئي وقت مهارت رکندڙ فنڪار آهي ۽ گڏوگڏ ٽرڪ آرٽ ۾ به ڪمال مھارت رکي ٿو، جنھن جو استعمال ھو مختلف آرٽ سرگرمين ۽ ورڪشاپن ۾ ڪندو رهندو آھي.
ان ۾ ڪوبه شڪ يا ٻي راءِ نه آھي ته شاڪر علي مڱڻھار جي ڪاميابيءَ ۾ عورت جو وڏو ھٿ آھي اھا عورت سندس والده ۽ گھرواريءَ جي صورت ۾ آھي جن تنگ دستي ۽ مالي حالتون بھتر نه ھجڻ واري صورتحال ۾ ڏکن سکن ۾ به کيس آرٽ طرف ورڻ ۽ پنهنجي سرگرمي کي جاري رکڻ لاءِ ھمٿايو جيڪو شاڪر علي مڱڻھار جي ڪاميابيءَ جو سبب بڻيو ۽ اڄ دنيا لاءِ هو هڪ آرٽسٽ جي روپ ۾ موجود آهي.