آرٽ گئلرينئون

مصور ڪٿا: يونس رومي‎


واديءِ سنڌ جو 400 سال  قديم تاريخي شهر شڪارپور جنھن کي وڻج واپار، علم ۽ فن ۽ عمارتن جي حوالي سان شھرت حاصل آھي ۽ اڄ کان 250 سال اڳ يورپ جي شھر پئرس سان ھڪجھڙائي رکندڙ شھر، جنهن جي خوبصورتي ۾ سنڌ جي ناميارين شخصيتن جو جنم ٿيندو آيو آھي. جن جي ڪارنامن ملڪ ۽ سنڌ جي تاريخ تي تمام گهرا اثر ڇڏيا آهن، جيڪي تاريخ جي لفظن جي عجائب گهرن ۾ سونهري ورقن جي صورت ۾  اڄ به محفوظ آهن.

اھڙي شخصيتن وانگر شڪارپور جي سوکڙي آچار ۽ مٺائيءَ جھڙو کٽو، مٺو مزاج ۽ صوفياڻي طبيعت جو مالڪ مصور محمد يونس عرف (رومي) به ھڪ آھي. يونس رومي 1981 ۾ ڳوٺ حاجي خواستي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم آبائي ڳوٺ مان حاصل ڪئي.
1990ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن جديد وسيلا ۽ ٽيڪنالاجي نه هئي، تڏهن پبلسٽي جو واحد ذريعو پينٽر لکائيءَ جي دڪانن جو عروج هوندو ھو.
تڏھن يونس رومي ڏھين جماعت 1998ع ۾ خانپور شڪارپور ۾ استاد عبداللطيف سيٺار کان پينٽنگ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي، جنهن کان پوءِ هن پنهنجي اسڪول جي ڊرائنگ ٽيچر استاد صدر دين ڏهر جي صلاح تي ڪمرشل آرٽ ڏانهن رخ ڪيو ۽ ان جي معرفت شڪارپور ۾ ان وقت جي مشهور ڪمرشل پينٽر استاد عبدالسميع چنہا ۽ محمد علي آرائين جي (آرٽ پينٽر شاپ) تي شاگردي ۾ آيو، جتي هن 5 سالن تائين ڪمرشل آرٽ ۾ محنت ڪئي ۽ شڪارپور سميت ڀرپاسي جي علائقن جي سائن بورڊن ۽ ڀتين تي پنهنجا رنگ پکڙيندو رھيو. يونس رومي 2003ع ۾ سکر جي مشهور ڪمرشل آرٽ پينٽر استاد سردار جي سرپرستيءَ ۾ بہه آيو، جتي سماجي روين غفلتن ۽ لاپرواهين سبب ڀڳل ٽٽل بسن، ٽرڪن جي ٻيھر بحالي کان پوءِ انھن تي پينٽنگ ڪري نئين رنگ، روپ ۾ آڻي ڏسڻ وارن لاءِ مثال قائم ڪندو رهيو.
يونس رومي پنهنجي فن کي وڌيڪ نکارڻ لاءِ حيدرآباد جي مشهور آرٽ ٽيچر ٽريننگ سينٽر ۾(ATC) ڪورس ڪرڻ آيو، جتي مالي وسيلا محدود هجڻ ۽ هاسٽل جا خرچ برداشت ڪرڻ جي سگهه نه هجڻ سبب اتان مايوس ٿي، ھڪ ٻئي نئين اڻ ڄاڻ سفر تي نڪري پيو، جنھن جي ڪا واضح منزل نہه ھئي ۽ هو مردان شھر پهتو ۽ 2007ع کان 2009ع تائين مردان ۾ ٽرڪ آرٽ سان وابسته رهيو، جتي وقت جي حساب سان بسن ۽ ٽرڪن کي ڪنوار وانگر سينگارڻ ۾ مصروف رھندو رھيو.
2008 ۾ يونس روميءَ جي شخصيت ۾ تصوف جي جهلڪ نظرياتي سوچ سبب هڪ سينئر مصور گيڙو رمال تحفي ۾ ڏنو ۽ ان ڏينھن کان ئي پنھنجي نالي سان رومي لکڻ شامل ڪيو.
2010ع ۾ يونس رومي هڪ اميد سان راولپنڊي پهتو ۽ راولپنڊي آرٽس ڪائونسل مان فائن آرٽ ۾ ڊپلوما ڪيو، جتي هن کي پنھنجي فن جي چمڪ جي اميد نظر آئي جتي هن پنهنجي استاد محترم خرم بابري کان فن جي سکيا ورتي. آرٽ ڪائونسل مان ڊپلوما حاصل ڪرڻ کان پوءِ، يونس رومي ڪمرشل آرٽ ۽ تجريدي آرٽ جو ميلاپ ڪري، پنهنجي تخليقي ۽ ڪمرشل آرٽ جي صلاحيتن ۾ لازوال اضافو ڪيو . ان ئي مھارتن جي سبب کيس راولپنڊي جي خانگي اسڪولن ۾ آرٽ ٽيچر جي نوڪري حاصل ٿي. يونس روميءَ جي صوفياڻي فڪر ۽ تصورن ۽ تخليقي خاصيتن جي بنياد تي 2013ع کان راولپنڊي آرٽس ڪائونسل سان ناتو جڙيو، جتي هن آرٽس جي استاد طور ڪلاس وٺڻ شروع ڪيا. يونس روميءَ پنهنجي مصوري ۽ تصوف جي مختلف رنگن روپن ذريعي خيالن، تصورات جو آزادانه اظهار ڪيو ۽ ڪمرشل آرٽ، تجريدي آرٽ جي ميلاپ جي صلاحيتن کي استعمال ڪري پنهنجي صوفياتي تصورن کي ڪينواس تي رنگن ۽ نقش و نگارن جي صورت آڻي ڏسندڙ کي انهن رنگن سان ڳالھيون ڪرڻ تي مجبور ڪيو. جنهن ڪري ھن رومي جي لقب سان شهرت حاصل ڪئي. يونس روميءَ جو صوفين وارو ڪردار سندس پھريل گيڙو رنگ جي رمال وانگر واضح نظرايندو آهي. تصوف جا سمورا عڪس سندس برش اسٽروڪس ۾ نظر ايندا آھن.
يونس رومي جي صوفياڻي ڪم جي پهرين نمائش 2014ع ۾ يونيورسل صوفي ڪائونسل جي سرپرستي هيٺ ڪئي وئي ۽ ان کان پوءِ مختلف نمائشن ۾ ڪم پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.
يونس رومي 2016ع ۾ ملٽري ڪاليج جهلم ۾ آرٽ جي سکيا پڻ ڏيندو رھيو.
يونس رومي پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽ اسلام آباد سميت ملڪ جي مشهور آرٽ گيلرين ۾ پنھنجي آرٽ کي پيش ڪري چڪو آهي ۽ سندس 3 سولو نمائشون پڻ منعقد ٿي چڪيون آھن. سندس پينٽنگون ملڪ جي مختلف ڪمپنين جي سالانه ڪئلينڊرن ۾ به شايع ٿي چڪيون آهن.
يونس رومي کي نقش نگار جي فن سان گڏوگڏ لفظن جي فن جي به مهارت حاصل آهي. تاريخ سندس پسنديده مضمون آهي، ائين چئجي تہه هڪ تاريخدان بہه آهي، جيڪو تاريخ جي اونداهي حقيقتن جي روشن بابن کي ڳولهي، موجوده رنگن ۾ روشن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھندو آهي. ماضيءَ جي حقيقتن کي حال ۾ پيش ڪري مستقبل لاءِ مثال ٺاھڻ جي جدوجهد ۾ مصروف رھندو آھي.
يونس رومي جي تاريخ جي مختلف موضوعن تي سنڌي ۽ اردو اخبارن ۾ 16 کان وڌيڪ مضمون شايع ٿي چڪا آهن.
يونس رومي اڄڪلهه راولپنڊي آرٽ ڪائونسل ۾ پنهنجي سينيئر استادن سان گڏ مختلف عمر جي شاگردن کي پينٽنگ سيکارڻ ۾ مصرف آھي، هو راولپنڊي اسلام آباد جي آرٽ جي منظرنامي ۾ منفرد بڻجي چڪو آهي. سندس شاگرد نيشنل ڪاليج آف آرٽ راولپنڊي ڪيمپس ۾ پڻ آرٽ جو علم ۽ سکيا حاصل ڪرڻ ۾ مصروف آهن. گڏوگڏ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ پنھنجون خدمتون آڇي رهيو آهي، جيڪو يونس روميءَ لاءِ هڪ استاد جي حيثيت ۾ فخر جو سبب آهي.