بلاگنئون

سدا بهار آواز جي مالڪ آشا ڀوسلي

ڪيترائي انسان هر ڏينهن دنيا ۾ پيدا ٿين ٿا ۽ ڪيترائي انسان هي دنيا ڇڏي وڃن ٿا، پر انهن مان تمام ٿورا ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي پنهنجي عظيم ڪارنامن سبب سدا حيات رهن ٿا. اهڙن ماڻهن ۾ آرٽسٽن جو به وڏو حصو آهي، جيڪي پنهنجي فن ذريعي ٻين ماڻهن لاءِ معلومات ۽ تفريح سميت جذبن ۽ احساسن جي ترجمان طور وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا. اڄ اسان اهڙي ئي هڪ شخصيت جو ذڪر ڪنداسين، جنهن گذريل اَٺ ڏهاڪن کان ڪيترين ئي دلين تي پنهنجي سدا بهار آواز ذريعي راج ڪيو آهي. اسان ننڍي کنڊ جي عظيم گائڪه آشا ڀوسلي جو ذڪر ڪري رهيا آهيون. آشا ڀوسلي گذريل سال 8 سيپٽمبر تي پنهنجي زندگيءَ جون نوي بهارون مڪمل ڪيون آهن. آشا ڀوسلي جي آواز جو جادو اِهو آهي جو هِن جو آواز هر عمر، هر انداز، هر مزاج ۽ موسيقيءَ جي هر طرز تي واهه جو ٺهڪي ٿو. غزل هجي، گيت هجي، قوالي هجي، پاپ سانگ هجي، ڊسڪو ۽ تيز گانا هجن يا وري غمگين گيت هجن، سندس آواز انهن کي بخوبي ڳائي ٿو.
لازوال آواز لتا منگيشڪر، آشا ڀوسلي جي وڏي ڀيڻ هئي. جيڪا پاڻ موسيقيءَ جي دنيا جو وڏو نالو آهي، اُها به پنهنجي ڪيترن ئي انٽرويوئن ۾ اِها ڳالهه چئي چڪي آهي ته ”آشا کانئس وڏي گلوڪاره آهي. آشا ڏکيون ڌنون آساني سان ۽ لاجواب انداز ۾ ڳائي سگهي ٿي، جڏهن ته آئون اُهي اهڙو سُٺو نٿو ڳائي سگهان.“ هُو وڌيڪ چوي ٿي ته ”جيڪي گيت آشا ڳايا آهن، سي آئون نٿي ڳائي سگهان ۽ جيڪي گيت مون ڳايا آهن، سي آشا آساني سان ڳائي سگهي ٿي ۽ وڌيڪ سُٺا ڳائي سگهي ٿي.“ خير اِها لتا جي به عظمت آهي جو هُو پنهنجي ڀيڻ کي ايڏو مان ڏئي ٿي، نه ته لتا جي ته ڪنهن سان ڀيٽ ئي ناهي. ساون آيا فلم ذريعي ڳائڻ جي شروعات ڪندڙ آشا ڀوسلي نوَ فلم فيئر، ٻه نيشنل ايوارڊ، لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ، دادا صاحب پالڪي ايوارڊ سميت انيڪ ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيا.
آشا ڀوسلي کي 2005 ۾ ايم ٽي وي ايوارڊ، موسٽ اسٽائلش ايوارڊ مليا. 2002 ۾ سنسئي ايوارڊ، 2002 ۾ زي ٽي وي پاران هال آف فيم ايوارڊ، 2002 ۾ ئي بي بي سي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ، 1987 ۾ ايشيا جي ڪوئل جو اعزاز، 2000 ۾ دبئي ۾ صدي جو آواز ايوارڊ، 1997 ۾ وي چئنل پاران پاپ موسيقي تي مشتمل البم جانم سمجھا ڪرو لاءِ ايوارڊ.
گذريل 50 سالن ۾ 20 اُهي شخصيتون جن موسيقي جي دنيا ۾ وڏو اثر ڇڏيو، ان ۾ آشا ڀوسلي به شامل آهي. 2011 ۾ سندس نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ به شامل ڪيو ويو آهي. 1947 کان هن وقت تائين کيس 11000 کان وڌيڪ گيت 20 کان وڌيڪ انڊين ٻولين ۾ ڳائڻ جو اعزاز به حاصل آهي. جوڌپور يونيورسٽي کيس ڊاڪٽر آف لٽريچر جي اعزازي ڊگري به ڏني آهي. بي بي سي طرفان 2015 ۾ جاري ڪيل اتساهيندڙ هڪ سئو عورتن جي لسٽ ۾ آشا ڀوسلي کي به شامل ڪيو ويو.
16 سالن جي عمر ۾ هن گنپت رائو ڀوسلي سان شادي ڪئي، جيڪا هن پنهنجي مائٽن جي مرضي تي ڪئي. ان کان طلاق وٺڻ کانپوءِ آشا ڀوسلي مشهور موسيقار آر ڊي برمن )پنچم دا( سان شادي ڪئي. موسيقيءَ جي دنيا ۾ هنن ٻنهي گڏجي ڪمال ڪري ڇڏيو هو ۽ پوءِ هي ذاتي زندگي ۾ به همسفر بڻجي ويا. هنن ڪيترائي لاجواب گانا ڏنا. خاص طور تي گلزار جي فلم اجازت ۾ پنچم دا موسيقي به ڪمال جي ڏني آهي ۽ آشا اُهي گيت ڳايا به زبردست آهن. جن ۾ “میرا کچھ سامان تمھارے پاس پڑا ہے”، “چھوٹی سی کہانی سے”، “خالی ہاتھ شام آئی ہے…” شامل آهن. آشا ڀوسلي عظيم گلوڪار ڪشور ڪمار سان به بهترين گانا ڳايا. هي اُها واحد عورت ڳائڻي آهي، جنهن ڪشور واري انداز ۾ يوڊلي به ڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. اِهو گانو انداز فلم جو گانو “زندگی ایک سفر ہے سہانا” آهي.
1981 ۾ آشا ڀوسلي، مشهور اداڪاره ريکا جي فلم امرائو جان لاءِ جيڪي غزل ڳايا، سي اڄ به موسيقيءَ جي شوقينن جي دلين تي نقش ٿيل آهن. جن ۾ “دل چیز کیا ہے، آپ میری جان لیجیے”، “ان آنکھوں کی مستی کے مستانے ہزاروں ہیں”، “یے کیا جگھ ہے دوستو”، “جستجو جس کی تھی، اس کو نہ پایا ہم نے”… شامل آهن. اهڙي طرح 1995 ۾ 62 سالن جي آشا ڀوسلي رنگيلا فلم ۾ ارميلا لاءِ ”تنها تنها“ ۽ ”رنگيلا ري“ ڳائي ڌوم مچائي ڇڏي. اِن فلم جي موسيقي اي آر رحمان ڏني هئي. اُن کانپوءِ 2000 ۾ اي آر رحمان جي ئي موسيقي ۾ لگان فلم لاءِ آشا ڪمال جا گيت ڳايا. جن ۾ “رادھا کیسے نہ جلے” بيحد مشهور گيت رهيو. ان کانسواءِ ارميلا لاءِ ”ڪمبخت عشق“ گانو ڳائي به آشا ڀوسلي وڏي مقبوليت ماڻي. 2002 ۾ ميگهنا گلزار جي فلم في الحال لاءِ “یے لمحہ فی الحال جی لینے دے” به آشا ڀوسلي ڳايو، جيڪو هڪ خوبصورت گانو آهي.
2012 ۾ هن موسيقيءَ جي پروگرام سُر ڪشترا ۾ جج طور به حصو ورتو هو. ان کانسواءِ به هي تمام گهڻن موسيقيءَ جي پروگرامن ۾ حصو وٺندي رهندي آهي.
2013 ۾ آشا، مائي فلم ۾ 65 سالن جي ماءُ جو ڪردار به ڪيو. جنهن کي ڏسندڙن سُٺي موٽ ڏني.
مئي 2020ع ۾ ڪورونا وبا جي ڏينهن ۾ آشا ڀوسلي، آشا ڀوسلي آفيشل جي نالي سان پنهنجو يوٽيوب چئنل به ٺاهيو آهي. آشا ڀوسلي شنڪر جئي ڪشن، انو ملڪ، نوشاد، مدن موهن، لڪشمي ڪانت پياري لال، جتن للت، اي آر رحمان، نديم شراون، نصرت فتح علي خان، عدنان سميع خان، غلام علي سميت ٻين انيڪ موسيقارن سان گڏجي ڪم ڪيو. غلام علي سان جڏهن غزل ڳايائين ته ڪلاسيڪل راڳي ئي لڳي. عدنان سميع سان کبهي تو نظر ملائو ڳايائين ته اُهو به واهه جو ڳايائين. اهڙي طرح نصرت فتح علي خان جي موسيقي ۾ تھوڑا سا پگلا، تھوڑا دیوانا… به قهر جو ڳايائين.
آشا ڀوسلي جتي محمد رفيع، ڪشور ڪمار، مڪيش، منا ڊي، لتا، گيتا دت جهڙن آوازن سان ڳايو، اُتي ادت نارائن، ڪمار سانو ۽ سونو نگم جهڙن پاڻ کان ڪافي ننڍي عمر جي گلوڪارن سان به ڳايو. اهڙي طرح هن جتي مڌو بالا ۽ مالا سنها جهڙين اداڪارائن لاءِ ڳايو، اهڙي طرح ڪيترين ئي ننڍي عمر جي اداڪارائن ڪرينا ڪپور، ديويا ڀارتي، تبو ۽ ٻين اداڪارائن لاءِ به ڳايو. هن ننڍڙي ليک ۾ اسان هن لازوال شخصيت جي بس ڪجهه ئي ڳالهين جو، سو به مختصر ئي ذڪر ڪري سگهون ٿا.
جڏهن ته هن طرح جي شخصيتن جو هر پاسو تحقيق طلب آهي. اسان پيار مان آشا ڀوسلي کي هي لفظن جو خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.
***