سُرن سان سُرھي سانجهه
(دبئي ۾ آشا بوسلي جي 90 سالگرهه جو اکين ڏٺو احوال)
آئون عرب امارات خاص طور تي دبئي کي گھڻ قومي، گھڻ ثقافتي ۽ گھڻ ٻولي جو فنون لطيفه جو ديس ڪوٺيندو آھيان، جتي آباد ھر نسل ۽ ھر قوم جو ماڻھو پنھنجن فنڪارن کي پُرسڪون ۽ صاف سُٿري فيملي ماحول ۾ ڏسي ۽ ٻڌي سگھندو آھي. سچ پچ ته انھي لاءِ سرڪار جس لھڻي جيڪا اُتي آباد مختلف قومن ۽ نسلن جي ماڻھن کي بنا ڪنھن خوف خطري جي صاف سٿرو ۽ سانتيڪو ماحول مھيا ڪري ڏي ٿي. ادب، آرٽ، سر سنگيت، اوپيرا، مصوري، جسماني ڪرتب، ڪاميڊي شو، نرتڪي ڪلا، فيشن شو، ثقافتي تھوار، علمي سيمينار ۽ ٻيا ڄاڻ ۽ فن سان جڙيل انيڪ پروگرام دبئي جي سڄي دنيا ۾ سڃاڻپ بڻيل آھن، جن ۾ مختلف ملڪن جا اعليٰ درجي جا سيليبرٽيز اچي پرفارم ڪن ٿا. اڄڪلھ پنھنجي دنيا لاءِ لفظ گلوبل وليج استعمال ڪيو وڃي ٿو. جي پنھنجي دنيا گلوبل وليج آھي ته دبئي وري اُن گلوبل وليج جو مرڪز(nucleus) آھي. پوري دنيا ۾ شايد ئي ڪو اھڙو ملڪ ھجي جنھن ۾ گھڻ قومي، گھڻ ثقافتي ۽ گھڻ ٻولي فنون لطيفه سان وابسته، نه صرف تعداد بلڪه معيار جي حساب سان ايتريون خوبصورت ۽ عاليشان تقريبون ٿينديون ھجن، جيتريون دبئي ۾ ٿين ٿيون.
منھنجي لاءِ ان کان مٿي ٻي ڪھڙي خوش نصيبي ٿيندي جو ننڍي کنڊ جي ڀارت ڄائي، سُر سنگيت جي آئيڪون(icon) آشا بوسلي کي ھِتي دبئي ۾ روبرو(live) ٻڌڻ جو موقعو مليو. ھن جي مٺڙي آواز جو سحر اسانجي ٽن پيڙھين (اسانجي والدين، اسان ۽ اسانجي اولاد) تي ڇانيل رھيو آھي. ننڍي کنڊ جي سر موڙ گائيڪا آشا بوسلي شايد دنيا جي واحد گائيڪا آھي جيڪا 90 سالن جي ايڏي وڏي عمر ۾ به نه صرف ڳائي ٿي، پر سر سنگيت جي دنيا ۾ به اوچي پد تي براجمان آھي. آشا بوسلي کي ٻڌڻ لاءِ ٽڪيٽ ڪڏھوڪا وڪرو ٿي چڪا ھئا. پروگرام جي ڏينھن يعني 8 سيپٽمبر 2023 تي شام جو ستين وڳي ڪوڪا ڪولا ارينا پھچي وياسين جتي اھو فنڪشن ٿيڻو ھو. بدنظمي ۽ رش کان بچڻ لاءِ مختلف اينٽري گيٽ ٺاھيا ويا ھئا. اينٽري گيٽ تي ٽڪيٽ اسڪين ڪرائي آڊيٽوريم اندر داخل ٿياسين. اينٽري گيٽ تي کاڌي پيتي جو سامان ۽ پاڻي يا سافٽ ڊرنڪس وغيرہ وٺي ڇڏين ٿا، ڇو جو ماڻھو پاڻ سان اھو سڀ ڪجھ کڻي وڃي ته اندر لڳل اسٽال تان فاسٽ فوڊ ۽ سافٽ ڊرنڪس وغيرہ ڪير خريد ڪندو؟ ظاھر آھي پروگرام جا اسپانسر ھيڏو وڏو خرچ ڪن ٿا، اُھو انهن شرڪت ڪندڙن مان ئي ته ڪڍڻو ھوندو آھي. سنڌي ۾ به چوڻي آھي ته، تِرن جو تيل تِرن مان ئي نڪرڻو آھي. اينٽري گيٽ تي 18 سالن کان مٿي عمر جي مردن توڙي عورتن کي ٻانھن جي ڪرائي تي ربن جي پٽي ٻڌن ٿا، ان جو مطلب آھي ته اُھي آڊيٽوريم (ھال) اندر پنھنجن پئسن تي شراب يا بيئر وٺي محفل ۾ موسيقي سان گڏ سوم رس جو سُرور به وٺي سگھن ٿا. ھي سڌريل ملڪ آھي جيڪو ماڻھن جي ذوق ۽ ذائقي جو خيال رکي ٿو. جڏھن ته پاڻ وٽ شراب تي ته پابندي آھي، پر ملي ھر ھنڌ ٿو ۽ ھلي به جام ٿو، پر شراب پيئڻ جو اڌ مزو ته ڇاپي جو خوف ۽ گھٽ ٻوسٽ وارو ماحول ئي ڦٽايو (وڃايو) ڇڏي. کلين ۽ عام جڳھين(public places) تي ھتي به شراب پيئڻ جي اجازت ناھي ۽ اُن تي سختي سان عمل به ڪرايو وڃي ٿو، پر يار جتي محبتي مانڊاڻ ۽ ماحول ھجي، اُتي اخلاقي حدن اندر اھڙي اجازت ته صرف ذوق واري سرڪار ئي ڏئي سگھي ٿي. پاڻ جيترو اخلاقي قدرن جو راڳ آلاپيون ٿا اوترو ئي اسانجو دنيا جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اخلاقي ڏيوالو نڪتل آھي، پر پوءِ به دنيا تي پنھنجي نام نھاد معتبري جو رعب ڄمائيندي اخلاقي درس ڏيڻ کان نٿا مڙون. 17 ھزار سيٽن تي مشتمل ڪوڪا ڪولا ارينا (آڊيٽوريم) دبئي، آشا بوسلي کي ٻڌڻ لاءِ ماڻھن سان کچا کچ ڀريل ھو. ارينا جو وڏو ۽ شاندار اسٽيج ٻن منزلن(floors) تي مشتمل ھو. اُن جو ھيٺيون حصو سالگرھ جي تقريب ۽ سرسنگيت لاءِ ۽ جڏھن ته اُنجو مٿيون حصو نرتڪين جي ڊانس لاءِ جوڙيو ويو ھو. جيئن ته ھي آڊيٽوريم ٻه ماڙ آھي ۽ ڪافي وڏو آھي، انھي ڪري پري تائين شرڪت ڪندڙن کي اسٽيج تي ٿيندڙ شو سٺي ۽ صحيح نموني سان ڏيکارڻ لاءِ، شاھي اسٽيج جي وچ تي ۽ ٻنھي پاسن، مٿان کان تمام وڏا اسڪرين به سيٽ ڪيا ويا ھئا. سالگرھ جي ھن محفل جو آرنڀ (افتتاح يا شروعات) لتا ۽ آشا بوسلي جي گڏ ڳايل ڀارت جي قومي تراني جي وڊيو ڪلپ سان ڪئي وئي. اُن کان پوءِ نرتڪين جي خوبصورت رقص سان آشا بوسلي جي اسٽيج تي ڀليڪار (اينٽري) ڪرائي وئي. محفل جي شروعات ۾ اسٽيج تي آشا بوسلي جي والد ديناناٿ جيڪو پڻ پنھنجي دور جو مشھور ڪلاسيڪل راڳي ٿي گذريو آھي، جو آڊيو ڪلام ھلايو ويو. اُن کانپوءِ آشا بوسلي پنھنجي پتا کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ سندس ڳايل ھڪ ڪلاسيڪل ڪلام ڳايو ۽ اھڙي ريت ھِن ڪشادي ۽ خوبصورت اسٽيج تي مدھم ۽ جھرمر لائيندڙ رنگين لائٽن جي روشني ۾ سر سنگيت جو سلسلو اڳتي وڌندو سامعين کي سرور بخشڻ لڳو. اسٽيج تي لڳل وڏن اسڪرينن تي جتي آشا بوسلي جي لائيو پرفارمنس ڏيکاري پئي وئي، ته اُتي رکي رکي، انھن گانن جي پسمنظر ۾ فلمايل سيِن ۽ اسٽيج تي آشا بوسلي سان گڏ وڄائيندڙ سازندن جا ڪِلپ پڻ ڏيکاريا پئي ويا.
پوري دنيا ۾ پنھنجي فن جي ڇاپ ڇڏيندڙ ننڍي کنڊ سان واسطو رکندڙ ھي مھان ڪلاڪارا 8 سيپٽمبر 1933 ۾ مھاراشٽر انڊيا جي ننڍي ڳوٺ گور(goar) ۾ ڄائي. سندس ماءُ شوانتي گجراتڻ ۽ سندس پيءَ ديناناٿ منگيشڪر مراٺي ھو، جيڪو پنھنجي دور جو ڄاتل سڃاتل اداڪار ۽ ڪلاسيڪل سنگر ھو. مھان سنگر لتا منگيشڪر ۽ اوشا منگيشڪر ھنجون ڀيڻون آھن. آشا بوسلي 10 ورھين جي عمر ۾ پنھنجي گائيڪي جي شروعات ڪئي. ھن 16 سالن جي عمر ۾ پھرين شادي (1949) ۾ مائٽن جي مرضي جي خلاف 31 سالن جي گنپتي رائو بوسلي سان ڪئي، جيڪا 1960 ۾ طلاق تي ختم ٿي. ھن ٻي شادي بنگال ۾ جنم وٺندڙ باليووڊ فلم انڊسٽري جي وڏي ناليواري موسيقار آر ڊي برمن سان 1980 ۾ ڪئي، جيڪا شروع واري عرصي ۾ ته خوشگوار ماحول ۾ ھلي، پر پوءِ اُنھن جي رشتي ۾ ويڇا وڌي ويا. جيتوڻيڪ اُنھن جي شادي ۾ طلاق ته ڪون ٿي، پر اُھي پوين سالن (آر ڊي برمن وفات 1994) ۾ پاڻ ۾ گڏ نه رھندا ھئا. آشا بوسلي جي نجي زندگي تي ڪئين ڀيرا فلم انڊسٽري ۽ ميڊيا ۾ اُبتا سُبتا الزام لڳا آھن ۽ سوال به اُٿيا آھن، پر آشا بوسلي اُنھن اعتراضن جي پرواھ نه ڪندي پنھنجي منشا، من پسند زرق برق لباسن، چلولاين ۽ گليمر سان ڀرپور زندگي ڪالھ (ماضي) ۾ به گذاري ۽ ھاڻي ھن عمر جي ڏھاڪي ۾ به گذاري پئي. اُستاد غالب جي مصداق:
”غالب اپني ڌُن ۾ مگن غير ڪي سنتا نھين.“ منھنجي خيال ۾ آشا بوسلي جي وڏي عمر ۽ سندر گائيڪي ۾ جتي سندس رياض ۽ سرسنگيت کي ڏنل وقت ۽ پورھيئي جو عمل دخل آھي، ته اُتي سندس زندھ دلي جو به رول آھي. ھونئن به اسان وٽ برصغير ۾ ماڻھن کي ٻين جي نجي معاملن ۾ نه ڏيندي نه وٺندي خدا ڪارڻ ٽنگ اڙائڻ جي عادت آھي. ڪير نجي زندگي ۾ ڪيئن ٿو جيئي، ڇا ٿو کائي پيئي، ڪھڙا ڪپڙا لٽا ٿو پائي، ڇا ٿو ڪري، ڇا نٿو ڪري، اُھو ھر فرد جو ذاتي مسئلو آھي، جنھن ۾ ڪنھنجو ڪجھ اچي نه ڪو وڃي. آشا بوسلي به پنھنجي ذاتي طرزِ زندگي ۾ اھڙن ھلڪڙن ۽ ٽرڙن ماڻھن جي صلاحن ۽ نصيحتن کي ڪڏھن گاھ به ڪونھي وڌو. منھنجي ڇا، اوھان جي به اِھا راءِ ھُئڻ گھرجي ته جيڪو به ماڻھو ٻئي ماڻھو جي نجي زندگي ۾ ھروڀرو ٽنگ اڙائي ٿو ۽ ان قسم جي گھٽيا سوچ رکي ٿو يا اھڙي حرڪت ڪري ٿو اُھو نه صرف اخلاقي طور مجرم آھي، پر ساڳئي وقت انساني حقن جي ڀڃڪڙي جو به مرتڪب ٿئي ٿو.
آشا بوسلي جو جتي گائيڪي جي جھان ۾ وڏو نالو آھي ته اُتي ھوءِ ٽيليويزن جي ڄاتل شخصيت ھئڻ سان گڏ اداڪاري جي ميدان ۾ به پنھنجو الڳ مقام رکي ٿي. ھن 2013 ۾ فلم مائيِ ۾ مکيه رول ڪيو ۽ اُن تي بھترين اداڪارہ جو ايوارڊ پڻ حاصل ڪيو. اُن کان سواءِ آشا بوسلي سٺن کاڌن ٺاھڻ ۾ به مھارت رکي ٿي. ھن جي کاڌن (طعامن) پچائڻ جي نسخن(recepies) تي عرب امارات، انگلنڊ ۽ ٻين ملڪن ۾ آشاز (Asha’s) جي نالي سان سندس ريسٽورنٽس به آھن جن تي پيٽ پوڄا جا شوقين مختلف طعامن(dishes) جو مزو وٺن ٿا. آشا بوسلي جي دبئي ۾ موجود ريسٽورنٽ آشاز تي به سندس 90 سالگرھ جو ڪيڪ ڪٽي کيس واڌايون ڏنيون ويون. ھاڻ وري موٽي اچون ٿا مڌ جھڙي سرور سان ڀريل آشا جي سُرن جي محفل جي مانڊاڻ ۾.
سُر سنگيت ڪلا ھونئن به سنسار جي سونھن آھي، پر جي اُن ۾ وري آشا بوسلي جو آواز شامل ھجي ته ماڻھو کي ٻي جنم ملڻ جيتري خوشي محسوس ٿئي ٿي. 90 سالن جي عمر ۾ جڏھن ماڻھو لٺ تي به پنھنجو بئلنس قائم رکي نٿو سگھي، ماڻھو ھر دشا کان موت جي خوف ۾ گھيريل ھجي ٿو ۽ سندس زور رڳو پوڄا پاٺ تي ھُجي ٿو ته من ڪو ڇوٽڪارو ملي وڃي، تڏھن وري ان عمر ۾ آشا بوسلي جو اڃان به سُر سنگيت سان ناتو جڙيل آھي. اھا ھمٿ ۽ حوصلو ڪنھن معجزي کان قطعي گھٽ ڪونھي. سُرسنگيت جي ھِن راڻي اُٿي بيھ ڳائي اھڙا سدا بھار مڌر سُر ڇيڙيا ٿي، جن کي ٻڍاپو اچڻو ئي ناھي. سُرن سان گڏ ھِن عمر ۾ به سندس نرتڪي ناز ۽ انداز (ادائن) ۽ جوش ۽ جذبي کي ڏسي اسان پارن ۾ ھمٿ ۽ حوصلو ڪَر کڻي اُڀري ٿو ۽ من اندر سوچڻ لڳي ٿو تہ، ماڻھو کي، ڀلي عمر جي ڪھڙي ڏھاڪي ۾ به ڇو نه ھجي، سماج جي پرواھ نه ڪندي، پنھنجي ڀرپور انداز سان جيون گھارڻ گھرجي.
آشا بوسلي جنھن کي باليووڊ انڊسٽري ۾ پيار مان ”تائي“ جي نالي سان به سڏيو ويندو آھي، جي 90 جنم ڏينھن تي ترتيب ڏنل ھن محفل ۾ آشا بوسلي جي لائيو پرفارمنس دوران آشا جي جنم ڏينھن تي اسٽيج تي لڳل وڏن اسڪرينن تي مختلف سيليبرٽيز جا مبارڪن جا وڊيو ڪلپ به ڏيکاريا ويا، جن ۾ ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي، ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر، اداڪار عامر خان، وديا بالن، ماڌوري ڊڪشٽ، فلم ڊائريڪٽر ڪرن جوھر وغيرہ جا پيغام شامل ھئا. ھِن سُندر سُرن جي محفل ۾ جتي آشا بوسلي پنھنجا فلمي ۽ غير فلمي گيت ۽ غزل ڳائي محفل گرمائي ته اُتي ھِن محفل جي سٽاءُ ۾ گڏوگڏ وقفي وقفي سان آشا بوسلي جي ڳايل گانن تي نرت ڪلا (ڊانس) جا آئٽم به شامل ڪيا ويا ھئا. ھن رنگ منچ تي آشا بوسلي کي نرت ڪلا جي ذريعي برٿ ڊي وِش ڪرڻ لاءِ سندس ئي پوٽي زنايا بوسلي جنھن کي پيار مان زنئي بوسلي به ڪوٺيو وڃي ٿو، پنھنجي نرتڪي گروپ سان گڏ جلوہ افروز ھئي. زنئي بوسلي ڪٿڪ ۽ جديد ڊانس ۾ ماھر ھئڻ کان علاوہ گائيڪي جي کيتر ۾ به اُڀري رھي آھي. ڇا ته زنئي ۽ سندس گروپ ۾ شامل نرتڪين جي پرفارمنس ھئي. زنئي ۽ سندس گروپ جي نازنينين ھن سڄي ميوزيڪل پروگرام ۾ وقفي وقفي سان انگن جي شاعري (ڊانس) جا مختلف آئٽم پيش ڪيا. جيئن عابدہ پروين جي صوفي راڳ ”گُھوم چرخڙا تيڏي ڪتڻ واري جيوي“ تي ماڻھو مدھوشي ۾ گم ۽ محو ٿي جھومي اُٿندا آھن، تيئن پورو ھال ھنن نرتڪين جي ناز ۽ انداز تي جھومي اُٿيو ٿي. تڏھن ته آئون چوندو آھيان ته ھيِ ڪائنات رقص گردان آھي ۽ اسين سڀ اُن ۾ محو رقص آھيون، جنھن جو مرڪز من اندر محبت جو ديرو ڄمائي ويٺل محبوب آھي. جيڪي ان وجداني فڪر کان انڪاري آھن، اُھي پاڻ کي ڪڏھن به سمجھ ۾ نه آيا آھن. ڀلا جيڪي پاڻ کي سمجھ ۾ ئي نه اچن، اُھي وري خاڪ وڻندا؟ عرب امارت جي پروگرامن ۾ مرد توڙي عورتون پنھنجين سيٽن تي ويھي يا اُٿي بيھ جيئن وڻي تيئن نچن ٽپن، نه ڪير لوڻُو ھڻي ۽ نه وري ڪو ڇيڙ ڇاڙ ڪري يا ڪو جملو چئي ۽ پاڻ وٽ؟ اھڙي ماحول جو ھئڻ ته ڇا پر تصور به نٿو ڪري سگھجي.
آئون آشا بوسلي کي سُر سنگيت جي ديوي ”سرسوتي“ ڪري ڪوٺيندو آھيان. ويهين ۽ ايڪيهن صدي ۾ ھن جو سر سنگيت ماڻھن جي دلين تي ائين ڇانيل آھي، جيئن ڍنڍ تي ڪنول جا گل نکري اُن جي سونھن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندا آھن. آشا بوسلي ڀلي ويهين ۽ ايڪيهن صدي ۾ سُرن جو جادو جڳايو آھي، پر ھن جي سُر جو سفر فقط ويهين ۽ ايڪيهن صدي تائين محدود ڪيئن رھي سگھي ٿو؟ ھن جي سُر ڪلا جو اثر ۽ سحر ته اُن کان پوءِ به رھڻو آھي. ڀلا ماءُ جي مٺڙي لولي کي وقت جو قيد يا فنا به آھي ڇا؟ جي اُن جو تسلسل ھڪ نسل کان ٻئي نسل تائين جاري رھي ٿو، ته آشا بوسلي جو سُر سنگيت فقط ويهين ۽ ايڪيهن صدي تائين ڪيئن محيط (محدود) ٿي سگھي ٿي؟ سُر ته وھندڙ ڌارا جيئن ھوندا آھن، جن جو سفر سدا جاري و ساري رھڻو آھي. آشا بوسلي جي 90 جنم ڏينھن جي رنگا رنگ محفل ۾ جتي خوبصورت اسٽيج ۽ جڳمڳائيندڙ لائٽن جي جھرمر ۽ ناچ ڏسڻ وٽان ھو ته اُتي آشا بوسلي جي سُرن جي صدائن به ماڻھن کي مست بنائي ڇڏيو ھو. اسٽيج تي آشا جي سُر سنگيت جي سٿ (ٽيم) ۾ تقريبن 18 سازندا ھئا جيڪي پيانو، ڍولڪ، گٽار، ڊرم ڪِٽ، اڪارڊين، توتاڙي (trumpet)، سئڪسو فون، ڪلئرينيٽ، جھانجھر، بئنڊ (euphonium)، وائلن، بانسري، طبلا ۽ ڪي بورڊ وغيرہ وڄائي آشا بوسلي جي سُرن سان سُر ملائي (سنگت ڪري) رھيا ھئا. آشا بوسلي پنھنجي ننڍڙي ڄمار يعني 10 سالن جي عمر ۾ ڳائڻ شروع ڪيو، ان حساب سان ھُن ھِن وقت تائين 80 سال سُر جي سفر کي جاري رکيو آھي، جيڪو اڄ تائين به وھندڙ ندي جيان جاري و ساري آھي. ھُن سُر ڪلا ۾ جتي ماڻھن جي سڀني ڪيفيتن (جذبن، خواھشن) کي ڀرپور انداز ۾ ڳائي اُنھن جي من اندر کي ڇھيو آھي، ته اُتي وري ھوءِ ھر ٽھي جي پسنديدھ گلوڪارہ به رھندي آئي آھي. 20 کان مٿي ٻولين ۾ 12 ھزار کان به وڌيڪ گانا رڪارڊ ڪرائيندڙ آشا بوسلي ڀارت جو ٻيو نمبر وڏو سويلين قومي ايوارڊ پدما وڀوشن (2008)، بانگا ڀڀوشن ايوارڊ (2018)، مھاراشٽرا ڀوشن ايوارڊ (2021)، باليووڊ فلم انڊسٽري جو سڀ کان وڏو ايوارڊ دادا صاحب ڦالڪي ايوارڊ (2000)، وڌ ۾ وڌ گانا رڪارڊ ڪرائڻ تي گنيز بڪ ايوارڊ (2011)، گريمي نامينيشن (ٻه ڀيرا 1997 ۽ 2006)، فلم فيئر لائيف ٽائم اچيومينٽ ايوارڊ (2001)، آئيفا ايوارڊ (2002)، فلم فيئر ايوارڊس (9 ڀيرا)، نيشنل فلم ايوارڊس (2 ڀيرا)، مھاراشٽرا فلم ايوارڊس (18 ڀيرا)،BFJA ايوارڊس (2 ڀيرا) کان سواءِ مختلف وقتن ۾ پنھنجي ملڪ توڙي پرڏيھ ۾ سَوَن جي تعداد ۾ شيلڊون، تعريفي سرٽيفڪيٽ، ميڊل، ايوارڊ ۽ اعزازي ڊاڪٽريٽ جون ڊگريون پڻ ماڻيون آھن، جن جو ھتي تفصيل ڏيڻ ممڪن ئي ڪونھي. آشا بوسلي سُر سنگيت جي دنيا ۾ فلمي گيت ڳائڻ کان علاوہ ڪلاسيڪل، قوالي، غزل، ڀڄن، گرواڻي، نذرالگيتي، لوڪ گيت ۽ رابندرہ سنگيت ۾ به پاڻ مڃايو آھي. جتي آشا ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل موسيقي ۾ سُر وکيري ٿي ته اُتي جديد موسيقي راڪ ۽ پاپ ۾ به نوجوانن جي دلين جي ڌڙڪن بنيل آھي. ھن سولو گيت ته ڳايا ئي آھن، پر ھندستان جي پراڻن توڙي نئين ٽھي جي انيڪ گلوڪارن سان گڏ به گيت ڳايا آھن. ھندستان کان علاوہ ھُن پاڪستان جي ناليوارن گلوڪارن ۽ باقي دنيا جي ڄاتل سڃاتل گلوڪارن بواءِ جارج، اسٽيفن لئسڪومب، مائيڪل اسٽيپ ۽ ٻين پرڏيھي گلوڪارن سان گڏ به ڳايو آھي. آشا بوسلي پنھنجي ملڪ کان علاوہ عرب امارات، آمريڪا، ڪئناڊا انگلينڊ ۽ ٻين ڪافي ملڪن ۾ سَوين لائيو محفلون به ڪيون آھن. اُن کان علاوہ آشا بوسلي جتي ھاليووڊ فلمن جي لاءِ گانا رڪارڊ ڪرايا آھن ته اُتي ڪيترن پرڏيھي گلوڪارن سندس ڳايل گانن کي پنھنجي آواز ۾ ڳائي ھن موسيقي جي ديوي کي مڃتا ڏني آھي. آشا بوسلي جي فلمي توڙي غير فلمي گيتن توڙي محفلن جي البمن جو ذڪر ڪجي ته اُھو ھزار جو انگ ٽپي وڃي ٿو ۽ وري جي اُنھن جي وڪري جي ڳالھ ڪجي ته اُھو لکن ۾ آھي.
ھِن ڀلوڙ محفل ۾ جتي آشا بوسلي مختلف دورن ۾ مشھوري ماڻيندڙ گيت، دل چيز ڪيا ھئه آپ ميري جان ليجيئي، دم مارو دم، يه ميرا دل پيار ڪا ديوانه، مونيڪا او ماءِ ڊارلنگ، اڀي نا جائو ڇوڙ ڪر، ان آنکون ڪي مستي ڪي مستاني ھزارون ھئين، ۽ ٻيا سُريل گيت ٻڌايا ته اُتي ھُن پنھنجي دور جي ليجنڊ گلوڪارن لتا منگيشڪر، محمد رفيع، مڪيش ۽ ٻين گلوڪارن جا به گيت ڳائي کين خراج پيش ڪيو ۽ ساڳئي وقت اُنھن سان گھاريل گھڙين جون ساروڻيون به ونڊيون. آشا بوسلي جي جنم ڏھاڙي جي ھِن سُريلي محفل ۾ کيس خراج پيش ڪرڻ لاءِ مشھور گلوڪار سديش بوسلي به آيل ھو، جنھن سولو ۽ آشا سان گڏ پڻ پرفارم ڪيو. ياد رھي ته سديش بوسلي مڪيش، رفيع ۽ ٻين گلوڪارن جي آواز ۾ نه صرف ڳائي سگھي ٿو، بلڪه اميتاڀ بچن ۽ ٻين اداڪارن جو نقل(mimicry) به ڪري سگھي ٿو، انھي ڪري ڪافي اداڪارن تي پڪچرائز ڪيل فلمي گانن لاءِ ھنِ کان ڳارايو وڃي ٿو، خاص طور تي اداڪار اميتاڀ بچن لاءِ سُر سنگيت جي ھِن سحر انگيز محفل ۾ جتي ھيڏي ساري خلق لٿل ھئي ته اُتي اداڪارہ پدمني ڪولھاپوري پونم ڍلون، جيڪي شيروف ۽ ٻيا سيليبرٽي پڻ آشا بوسلي جي محبت (عقيدت) ۾ جنم ڏينھن وش ڪرڻ لاءِ محفل ۾ آيل ھئا. جتي اسٽيج جي سامھون ھيٺ ويٺل اداڪارہ پونم ڍلون آشا بوسلي جي گانن تي تاڙيون وڄائي ۽ مسڪرائي داد ڏئي رھي ھُئي، ته اُتي وري اداڪارہ پدمني ڪولھاپوري سيٽ تان اُٿي موج مستي ۾ ڊانس ڪري رھي ھئي. اداڪار جيڪي شيروف اسٽيج تي اچي آشا بوسلي جي مشھور گاني، مانيڪا او ماءِ ڊارلنگ تي نه صرف آشا بوسلي سان گاني ۾ سُر ملايو، پر ھُن سان گڏ مستي ۾ اچي ڊرم به وڄايو. جيڪي شيروف ته بيشڪ جوان لڳو پيو آھي، پر آشا جي ھن عمر ۾ به رنگين مزاجي، جوان جذبي ۽ مستي ۾ اچي ڊرم وڄائڻ تي سامعين ڏاڍو محظوظ ٿيا. ھي منظر ڏسي مونکي آشا بوسلي جا ڪنھن کي ڏنل انٽرويو ۾ چيل اُھي لفظ ياد پيا ته، ”مون زندگي ۾ انيڪ دک ڏٺا ۽ پوءِ سک به، پر مون زندگي ۾ اِھو سکيو آھي ته ڪھڙي به ڪَٺن صورتحال ڇو نه ھجي، زندگي جي ھر پل جي مسڪراھٽ سان آجيان ڪجي.“ اھو ئي سبب آھي جو آشا بوسلي نه صرف ھن عمر ۾ به ڳائي ٿي، پر پنھنجي نه ٽٽندڙ ردم ۽ سريلن سُرن سان ھر پيڙھي (ٽھي) جي ھِن عمر جي ڏھاڪي ۾ به دل جي صدا بڻيل آھي. تقريبن ٽي ڪلاڪ جاري رھندڙ ھِن محفل(concert) جي ترتيب ۽ پيشڪش ايتري ته شاندار ھئي جو ڇا چئجي. رنگ منچ تي جيئن ئي ھڪ پرفارمنس ختم ٿيِ ٿي ته ٻيِ شروع ۽ اُن کان وڌ. انداز به نئون ته پيشڪش به الڳ ۽ وڻندڙ. جڏھن ته پاڻ وٽ پروگرامن ۾ اسٽيج تي ھڪ آئٽم کان پوءِ ٻي آئٽم ۾ ايترو ته وقفو ھوندوآھي جو بدنظمي شروع ٿي ويندي آھي ۽ ھال ۾ موجود ماڻھو بور ٿيندي ھوڪرا ھڻڻ شروع ٿي ويندا آھن، پر ھِتي ائين نه ھو، ڇو جو آشا بوسلي جي جنم ڏينھن جي رنگا رنگ تقريب ڪنھن جھڙي تھڙي گروپ آرگنائيز نه ڪئي ھئي جو ائين ٿئي. ھي پروگرام دنيا جي تمام وڏي انٽرٽينر گروپ PME (Produce | Manage | Execute) آرگنائيز ڪيو ھو، جنھن جو دائرو نارٿ آمريڪا، برطانيه، ڏکڻ ايشيا، مڊل ايسٽ، ڏکڻ آمريڪا، ڏکڻ پئسفڪ تائين ڦھليل آھي. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ نالي وارن ڪلاڪارن(celebrities) جا پروگرام ڪرائي ماڻھن کي تفريح مھيا ڪندڙ ھن اداري جو صدر دفتر دبئي ۾ آھي ۽ اُنجو بانيڪار(founder) سلمان احمد آھي. سلمان احمد پاڻ به ھِن محفل ۾ آيل ھو ۽ ھُن محفل جي اختتام تي آشا بوسلي کي جنم ڏھاڙي تي گلدستو پيش ڪندي ساڻس عقيدت طور پنھنجي خيالن جو اظھار به ڪيو. ھِن ھڳاءُ ڀريل محفل مان اختتام تي آشا بوسلي جي سوم رس جھڙي خنڪي ڀريل آواز کي اندر ۾ اوتيندي اِن سدا بھار تاثر سان آڊيٽوريم مان ٻاھر نڪتاسين ته سر سنگيت جون اھڙيون محفلون سدائين قائم ۽ دائم رھن ۽ ماڻھو جو من سدائين سُرن جي سُرور سان جڙيو رھي. سُر سنگيت جيڪا محبت جو گھر آھي، اُن ۾ نفرت جي لاءِ ڪا به جاءِ (گنجائش) ناھي ۽ اُن ۾ پوري دنيا لاءِ امن ۽ آشتي جو ابدي پيغام سمايل آھي.
***