بلاگنئون

ڀٽائي جو ڪلام ۽ ‘اُٺ’ لساني ۽ روحاني جائزو

شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ فطرتي علامتون، مخلوقي استعارا ۽ انساني احساس جا اڻمٽ رنگ، هڪ ٻئي ۾ اهڙي ريت رچي ويا آهن، ڄڻ ڌرتيءَ جي هر ذري ۾ عشق جو آواز گونجي ٿو. لطيف سائين پنهنجي فڪري فلسفي ۾ عشق، صبر، قرباني ۽ استقامت کي اُٺ جي علامت ذريعي بيان ڪيو۔

جيئن قرآن مجيد ۾ خدا انسان کي نصيحت ڪري ٿو:

(ڇا اهي اُٺ ڏانهن نٿا ڏسن ته اهي ڪيئن پيدا ڪيا ويا؟)

لطيف سائين به قرآن جي هن فڪر کي پنهنجي فطري ۽ عوامي اسلوب ۾ سُر سسئي، سُر ڪوھياري ۾ بيان ڪيو، جتي اُٺ فقط جانور نه رهيو، پر “سالڪ” ۽ “سلوڪ” جو استعارو بڻجي ويو.

لساني تجزيو: سنڌي ٻوليءَ ۾ “اُٺ” لاءِ مختلف لفظن جو استعمال نه رڳو لغوي وسعت ڏيکاري ٿو، پر ڀٽائي جي لساني ذوق، عوامي فڪر سان لڳاءُ ۽ قرآني مترادفات جي روايت سان سندس فڪري لاڳاپي کي به اجاڳر ڪري ٿو۔ قرآن مجيد ۾ مترادف لفظن جو ڪثرت سان استعمال آهي، جيئن “خوف، خشيت، رهب”، “نور، ضياء، سراج” وغيره۔ ساڳي طرح لطيف سائين پنهنجي ڪلام ۾ اُٺ جي لاءِ مختلف نالا آندا. جن مان هر هڪ نالو الڳ معنوي ۽ روحاني رنگ رکي ٿو۔ جيڪي هي آهن: چانگو، ليڙو، توڏو، مئيو، ڏاگھو، ڪرھو، مھري، بوتو، ڪنواٽ، ناقو، ڏاچي، گورو۔ اهي لفظ نه صرف لغوي درجي ۾ فني حسن رکن ٿا، پر معنوي لحاظ سان انساني نفس جي مختلف منزلن جي علامت پڻ آهن۔

اٺ جي قسمن جا استعارا ۽ معنوي تشريح:

چانگو اُٺ “ڪرتب، خدمت ۽ عبادت جي علامت”

ٻاروچا ٻيا گھڻا، منھنجو پنھون سر سڀن

چانگي تي چڙھي ڪري، ڪندو ور ولھين

مٿي معزورين، ھوت ڌريندو ھٿڙا

لساني تشريح: لفظ “چانگو” سنڌي ٻوليءَ ۾ ان اُٺ لاءِ استعمال ٿيندو آهي جيڪو پاڻي ڇڪڻ يا ميلن ۾ ڪرتب ڏيکارڻ لاءِ استعمال ٿئي. چانگو لفظ ۾ حرڪت، همت ۽ خدمت جو مفھوم سمايل آهي.

ادبي ۽ روحاني مفھوم: بيت ۾ چانگو اُٺ انسان جي ان روح جو استعارو آهي جيڪو دنيا جي سختين ۾ به پرين جي طلب ۾ محنت ڪندو رهي ٿو۔ “چانگي تي چڙھي” عمل ۽ عبادت جي سيڙپ آهي، جڏهن ته “معذورين” انسان جي نفساني ڪمزوريءَ ڏانهن اشارو آهي۔ لطيف سائينءَ وٽ اُٺ عبادت جو عاشق آهي، جيڪو هر حالت ۾ محبوب جي رضا لاءِ جاکوڙ ڪري ٿو.

ليڙو اٺ “سستي، غفلت ۽ دنياوي ڌوڪن جي تصوير”

ليڙن لنگھي لس مان ڀانيان مٿي ويا

وٺي ور واٽ ٿيا، پنھون ڄام پھس

ھئا وڏي وس، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾

لساني تشريح”: ليڙو سنڌيءَ ۾ سست، ڍرو ۽ نيم سرگرم اٺ کي چيو وڃي ٿو۔ لفظ جي صوتياتي بناوت ئي ڪسل ۽ دير جي معنيٰ ڏيکاري ٿي۔

ادبي ۽ روحاني مفھوم: ليڙو اُٺ ان انسان جو روپ آهي، جيڪو دنياوي آسائش ۾ اٽڪي روحاني مقصد وساري ويهي ٿو. بيت ۾ “پنھون ڄام پھس” اهو ڏک ڀريو اظهار آهي جتي نفس دنيا جي وس ۾ ڦاسي، منزل وڃائي ٿو۔ لطيف سائينءَ جي زبان ۾ ليڙو روح جي غفلت جو ائين ئي استعارو آهي جيئن قرآن ۾ “غافلين” لاءِ لفظ استعمال ٿيو۔

توڏو اُٺ “نوخيز عشق ۽ جذبي جو استعار”

ڏونگر ڏس پرين جو، قاف نه ڏئي ڪو

قطاريا ڪالھ ويا، توڏا توھين جھل

ھوت مئي جو ھو، ڪو ساجن انھي ساٿ ۾

لساني تشريح: “توڏو” هڪ سال کان گهٽ عمر واري اُٺ لاءِ سنڌيءَ ۾ مستعمل آهي۔

هي لفظ فطري تازگي ۽ نوجوانيءَ جي علامت رکي ٿو۔ ادبي ۽ روحاني مفھوم: توڏو اُٺ عشق جي شروعاتي مرحلي جو سالڪ آهي، جيڪو محبت جي راھ تي اڃان ناپختو آهي، پر جذبي سان ڀرپور آهي۔ بيت ۾ “توڏا توهين جھل” اهو پيغام ڏئي ٿو ته عشق جي راھ ۾ نئون مسافر صبر سکڻ ضروري آهي۔ لطيف جي فڪر ۾ توڏو سالڪ جو “نفسِ ناطق” آهي، جيڪو جذبي سان جھيڙي ٿو، پر امتحان ۾ پوئتي نٿو هٽي۔

مئيو اٺ “رنگ، حسن ۽ روحاني سينگار جو استعارو”

ميا تو ميھار سڄي، پايان سون جي

چارئي چندن چوٽيون، لايو ميندي ڌار

سندي پي پچار جي، مون رات رَساڻِئين

لساني تشريح: “مئيو” ٿلھي، متاري ۽ سينگاريل اٺ لاءِ چيو وڃي ٿو. لفظ ۾ نرمي، نزاڪت ۽ جمال جو اثر آهي.

ادبي ۽ روحاني مفھوم: مئيو اُٺ انساني روح جي ان حال کي ظاهر ڪري ٿو جتي تزڪيه ۽ عبادت سان وجود روحاني رنگ اختيار ڪري ٿو۔ بيت ۾ “سون جي پايان” اهو فڪري تصوير آهي جتي روح محبت جي سونهن سان چمڪي ٿو۔ لطيف جو مئيو حسنِ مجازيءَ نه، پر حسنِ حقيقيءَ جو ترجمان آهي۔

ڏاگھو اٺ “تجربو، وفاداري ۽ ثبات جو استعارو”

لڪ چڙھيو رڻ، روء ڪري سٻاجها سڏڙا

ايندن پڇڻ خبرون، ويندن پيرين پوءِ

ڏيرن ڏاگھن جو مون کي ڏس ڏيو

مون کان ساٿ ويو، ڀڻي ڏونگر ڏوريان

لساني تشريح”: ڏاگھو 11 سالن جو اٺ آهي، جيڪو پوڙهائپ جي حد تي پهتل آهي۔ لفظ ۾ وقار، برداشت ۽ ٿڪاوٽ سان گڏ تجربو سمايل آهي۔

ادبي ۽ روحاني مفھوم: ڏاگھو اُٺ صبر ۽ وفا جو نشان آهي۔ ڀٽائيءَ وٽ ڏاگھو عاشق جو اهڙو روپ آهي، جيڪو عمر جي پوئين پاسي به محبت ۾ استقامت رکي ٿو۔ “مون کان ساٿ ويو” جدائيءَ جو منظر آهي، جيڪو روحاني وصال کان اڳ نفس جي فنا جي علامت بڻجي ٿو۔

ڪرھو اٺ “محبت، فرمانبرداري ۽ تسليم جو استعارو”

رات سھائي ڀونء، سنئين پٽن وڏو پنڌ

ھلندي حبيبن ڏي، ڪرھا موڙ م ڪنڌ

ٻنڌڻ سوئي ٻنڌ جو، پھچائي پرين کي

لساني تشريح: “ڪرھو” سنڌيءَ ۾ پيار سان اُٺ کي سڏڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي۔ لفظ ۾ نرمي، وفاداري ۽ قربت جي معنوي لهر موجود آهي۔

ادبي ۽ روحاني مفھوم: ڪرھو اُٺ اهڙي روح جو نشان آهي، جيڪا حڪمِ الهيءَ تي راضي آهي۔ بيت ۾ “موڙ م ڪنڌ” تسليم ۽ رضا جو فڪري اظهار آهي۔ عاشق پنهنجي سر کي جهڪائي پرين ڏانهن هلي ٿو۔ لطيف جي فڪر ۾ ڪرھو اُٺ “عبد” جي اها منزل آهي جتي هو “معبود” جي ارادي ۾ فنا ٿي وڃي ٿو۔

مھري اٺ “فنا في الله ۽ روحاني جمال جو استعارو”

مزمانن مھري آڻي، جھوڪيا جھوڪ ۾

چاٽي چنبن ۾ ويا، جيئن باز سٽي بحري

ڪوھِيارو قھري ويو، نھوڙي ننڊ ۾

لساني تشريح: “مھري” ڀلي ۽ مضبوط اُٺ لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جنهن ۾ حسن ۽ همت گڏ هوندي آهي۔ لفظ ۾ “مھ” (مهر) جي آواز سان محبت ۽ نرميءَ جو اثر پيدا ٿئي ٿو۔

ادبي ۽ روحاني مفھوم: مھري اُٺ عشق جي انتها آهي، جتي عاشق پاڻ وڃائي، پرين ۾ پاڻ ڳولهي ٿو۔ بيت ۾ “جھوڪيا جھوڪ ۾” فنا في الله جو روحاني منظر آهي، جتي وجود موج ۾ ڳري ٿو ۽ سالڪ پنهنجي هستيءَ کي الاهي بحر ۾ گم ڪري ڇڏي ٿو۔

شاھ جي اٺن جا قسم ۽ سندن علامتي تصور:

اٺ جو نالو لغوي معنيٰ روحاني مفھوم:

گورو کير پيئندڙ ٻچو معصوميت، فطري پاڪيزگي، بوتو نوجوان اٺ اُڀرندڙ جذبو، شروعاتي جوش، ڪنواٽ ٻه سالن جو اٺ تياري، تربيت ۽ آزمائش، ناقو/ڏاچي بار کڻندڙ اٺ خدمت، قرباني ۽ صبر، مئيو ٿلھو ۽ متاري اٺ سينگار، روحاني جمال، چانگو ڪم ڪندڙ اٺ عبادت، خدمت ۽ عمل، ليڙو سست اٺ غفلت، نفس جي آلائيش، توڏو نوجوان اٺ ناپختگي، جذبو ۽ جستجو، ڏاگھو پوڙهو اٺ تجربو، وفاداري ۽ صبر، ڪرھو پيار سان سڏيل اٺ تسليم، رضا ۽ عشق، مھري خوبصورت اٺ فنا، روحاني وصال.

شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر ۾ “اٺ” انسان جي اندروني سفر جو استعارو آهي۔ اٺ جي هر قسم انساني وجود جي هڪ نفسي، فڪري ۽ روحاني حالت کي ظاهر ڪري ٿي۔ چانگو عمل جو، ليڙو غفلت جو، توڏو جذبي جو، مئيو حسن جو، ڏاگھو وفا جو، ڪرھو تسليم جو، ۽ مھري فنا جو استعارو آهي۔ لساني طور ڀٽائيءَ جو هي ڪلام سنڌي ٻوليءَ جي مترادف لفظن جي وسيع دنيا کي نمايان ڪري ٿو، جڏهن ته فڪري طور اهو تصوف جي اُنهيءَ درجي تائين پهچي ٿو جتي انسان پاڻ مان نڪري الله تائين پهچي ٿو۔ لطيف جو اٺ، رڻ جو راڻو نه، پر روح جو راهي آهي؛ جيڪو هر طوفان، هر ڏونگر، هر دور ۾ به پنهنجي پرين ڏانهن رُخ رکي ٿو۔

اهوئي لطيفي پيغام آهي “سفر، صبر ۽ سچائيءَ سان روح جو قافلو پرين تائين پهچي ٿو.”