بلاگسماجياتنئوننفسيات

باءِ پولر ڊس آرڊر

شبنم گل

نفسياتي بيمارين جا مختلف سبب ٿين ٿا، جن ۾ پالنا، ماحول جو اثر، موروثيت، ڄم دوران ٿيندڙ پيچيدگي ۽ فرد جي حساسيت وغيره شامل آهن. حمل دوران ماءُ جون ڪيفيتون جيئن مايوسي، خوف يا ڳڻتي به ٻار جي ذهني اوسر تي اثر انداز ٿين ٿيون. ان ڪري نفسياتي ماهر ان دوران عورتن کي پنهنجي ذات ۾ سڪون پيدا ڪرڻ لاءِ چوندا آهن.

معاشرتي ٻٽو معيار ۽ حال نه اورڻ واري ڪيفيت جي ڪري ذهني مونجهارا وڌن ٿا. چار پنج مهلڪ بيمارين ۾ ڊپريشن به شامل آهي، جنهن جي ڪري موت جي شرح ۾ واڌ آئي آهي. بلڪه ڊپريشن ئي جسماني بيمارين جو ڪارڻ بڻجي ٿو. اسان وٽ جسماني بيمارين جو علاج ٿئي ٿو پر ذهني بيماريون نظر انداز ٿين ٿيون. اول ته انهن بيمارين جي وقت تي تشخيص نٿي ٿئي. ٻيو مزاج جي بي اعتدالي کي هتي نارمل سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن ته مستقل مايوسي، بيچيني، تشويش، ڪاوڙ، جارحيت، حسد، شڪ يا نفرت ذهني بيماري جو اهڃاڻ آهن.

ذهني علالت کي مڃڻ ۽ علاج ڪرائڻ کان ماڻهو ڪيٻائين ٿا. سماجي طور تي ذهني مريضن کي قبول نٿو ڪيو وڃي. انهن بيمارين ۾ عورتون وڌيڪ مبتلا ٿين ٿيون. حمل دوران يا ٻار جي ڄم کانپوءِ عورتن کي Post partum depression (PPD) جي شڪايت عام ٿئي ٿي. جنهن کي Post natal depression به چيو وڃي ٿو. جنهن جي علامتن  ۾ اداسي، ٿڪ، ڳڻتي، ننڊ جي اڻاٺ، روئڻ يا چڙڻ وغيره شامل آهن. جيئن ته عام ماڻهو ان حقيقت کان آگاهه نه هوندا آهن. ان ڪري گهرن ۾ جهيڙا ۽ بدمزگي وڌي ٿي. ان ڪري ان دوران گهريلو يا خانداني جهيڙا جهٽا علامتن ۾ شدت آڻين ٿا. ان مسئلي جو ترت حل نه ڳولڻ سبب اڳتي هلي عورتون وڌيڪ پيچيده ذهني بيمارين ۾ وڪوڙجي وڃن ٿيون.

عورتن جو جسماني نظام اهڙو آهي جو سندن نفسيات تي حالتن ۽ روين جو گهرو اثر پوي ٿو. اهي انفرادي ۽ سماجي منفي رويا، سندن ٻارن ۾ نفسياتي بيمارين جي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا. اهو فطرت جو به قانون آهي ته جيڪو ٻج پوکيندو سو لڻندو. زميني حقيقتن مطابق، ٿوهر جو ٻج پوکبو ته گلاب ڪونه ڦٽندا. ان ڪري ماڻهوءَ جي زندگي سندس سوچ ورتاءُ ۽ عمل جو عڪس ٿئي ٿي.

ڪجهه عرصو اڳي هڪ نفسياتي ڪردار سامهون آيو. شازيه گهر ۾ ننڍو ٻار هئي، ماءُ جي ويجهو رهي سندس لاڏلي به هئي، ماءُ گذاري وڃڻ کانپوءِ اوچتو شازيه جي مزاج ۾ تبديلي آئي پر گهروارا سمجهي نه سگهيا، هوءَ هڪدم خاموش ٿي وئي. سندس خاموشي کي اظهار جو رستو گهربو هو، جيئن هوءَ پنهنجي ڪيفيتن جو اظهار ڪري سگهي. سندس رشتو طئي ٿيل هو ۽ جلدي سندس شادي ٿي وئي. اها ڳالهه واضح آهي ته زندگيءَ جا صدما ۽ حادثا هر ماڻهو برداشت نٿو ڪري سگهي. انهن ڪيفيتن کي وقت سر سهيڙڻ ۽ حل ڪرڻ ضروري آهي. صدمي واري ڪيفيت کي Post traumatic stress disorder (PTSD) چيو وڃي ٿو، جيڪا ذهني بيمارين جي بنياد بڻجي ٿي. جنهن مطابق ڪنهن حادثي يا سانحي کانپوءِ ذهني ڪيفيت يا انتشار پيدا ٿئي ته ذهني ڪيفيت ۾ بدلجي وڃي ٿي. گهر ۾ ڀينرن ۽ ڀائرن جي طبقن ۾ فرق ٿئي ٿو. والدين مان ڪنهن هڪ جي موت تي سڀني جو رد عمل مختلف ٿئي ٿو. ڪي جلدي نارمل زندگيءَ ڏانهن واپس موٽي اچن ٿا. ته ڪجهه ماڻهو سالن تائين ان صدمي کان ٻاهر نه نڪري سگهندا آهن. وقت جي ڪنهن بري گهڙيءَ ۾ ڦاٿل ماڻهو، اڳتي هلي وڏي تڪليف ٿو کڻي، اهڙن واقعن کي دهرائڻ، ڀوائتا خواب ڏسڻ يا خوف ۾ مبتلا ٿيڻ عام علامتون آهن. اهڙا ماڻهو برسات، کنوڻ يا گجگوڙ کان جلدي خوفزده ٿي ويندا آهن. شازيه سان به ائين ئي ٿيو، هوءَ ماءُ جي موت جي صدمي کان ٻاهر نه نڪري سگهي ته سندس شادي ٿي وئي. نئين ماحول ۽ ماڻهن سان ملڻ جُلڻ ۽ کين سمجهڻ ۾ وقت لڳي ٿو. شادي، عورت جي زندگيءَ جي وڏي تبديلي آهي. سندس ڏک ۽ سک، ازدواجي زندگيءَ سان واسطو رکن ٿا. ان زندگيءَ جي سمجهه سندس ماءُ يا ڀينرن کان نٿي ملي ته ڇوڪريون مختلف مسئلن جو شڪار ٿي وڃن ٿيون. شادي جي ڪاميابي يا ناڪامي جو دارو مدار رشتن جي سمجهه ۽ سهپ تي ٿئي ٿو.

شازيه جي حمل وارو دور به ڏکيو هو. هوءَ اڳ ئي (PTSD) پوسٽ ٽراميٽڪ ڊس آرڊر جو شڪار هئي، سو حمل دوران ٿيندڙ پوسٽ پارٽم ڊپريشن به هن تي حملو ڪري ڏنو. جڏهن سندس مزاج جو توازن بگڙيو ته ساهرا به رد عمل ڏيکارڻ لڳا. ٻار جي پيدائش کانپوءِ شازيه جي حالت ايتري ته خراب ٿي چڪي هئي جو يا ته کلندي ويٺي هئي يا رڳو پئي روئندي هئي. آخرڪار کيس نفسياتي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي ويا. هن سندس بيماري يا ڪيفيتن سمجهڻ بنا غلط قسم جون دوائون تجويز ڪيون. جنهن کانپوءِ سندس حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي، هوءَ ليڪچرار هئي، پر سندس حالت اهڙي نه هئي جو هوءَ پنهنجي نوڪري جاري رکي سگهي، ان ڪري کيس ڊگهي موڪل وٺڻي پئي. ڊاڪٽر شازيه کي جيڪي دوائون ڏنيون اهي Selective serotonin reuptake inhibitor (SSRI) جون هيون. جيڪي عام طور تي ڊپريشن جي مريضن کي ڏنيون وينديون هيون. انهن دوائن جا ذهن ۽ جسم تي برا اثر پون ٿا. ڪٿي ته اهي دوائون علامتن کي شديد بڻائين ٿيون. گهڻو ڪري سائيڪيا ٽرسٽ بيماري جي تشخيص کانسواءِ دوائون تجويز ڪن ٿا، هي انتهائي حساس شعبو آهي. ٿوري لاپرواهي به مريض جي زندگيءَ جو خاتمو ڪري سگهي ٿي. شازيه جي ڌيءَ دعا هاڻ پنجن مهينن جي ٿي وئي. ڊپريشن جي دوائن جي اثر هيٺ هن ڇت تان ٽپو ڏيڻ جي به ڪوشش ڪئي. شازيه جي ڀيڻ جي جڏهن مون سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته گفتگو بعد ان نتيجي تي پهتاسين ته کيس آغا خان اسپتال وٺي وڃڻ گهرجي. سو سندس مائٽ کيس ڪراچي وٺي ويا. ڊاڪٽرن سندس بيماريءَ جي تشخيص Bipolar Disorder طور ڪئي. هاڻ اميد نظر آئي ته هن جو صحيح علاج تجويز ڪيو ويندو. قديم زماني ۾ باءِ پولر کي ماليخوليا (Melancholia) چوندا هئا. هي لفظ يوناني ٻوليءَ مان ورتل آهي. melas جو مطلب ڪارو رنگ ۽ chole جي معنيٰ رطوبت آهي. بقراط شخصيت ۾ چار رطوبتن جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن ماڻهوءَ ۾ جيڪا رطوبت وڌيڪ هوندي ان جو اثر به نظر ايندو. ڪاري رطوبت جي گهڻائي غم ۽ مايوسيءَ جي علامت سمجهي وڃي ٿي. جڏهن ته زرد رطوبت خوشي ۽ جوش جو سبب بڻجي ٿي.

باءِ پولر ۾ مزاج هڪجهڙو نٿو رهي. هن عارضي ۾ موڊ جي گهٽ وڌائي عروج تي نظر ايندي. ڪڏهن مريض گهڻو پرجوش نظر ايندو ته وري ڪڏهن تمام گهڻو مايوس. مريض جي توجهه ۽ يڪسوئي متاثر ٿئي ٿي ۽ ڪم ۾ رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي. هو ڪو وڏو ڪم ڪرڻ چاهي ٿو جيئن جلدي مشهور ٿي سگهي. هو اڪثر بد حواس به نظر ايندو. غرور، ڪوڙي انا، وڏا منصوبا ٺاهڻ، هڪ ئي وقت ۾ گهڻا ڪم ڪرڻ، مشهور ماڻهن کي خط لکڻ، اخبارن ۽ ٽي وي تي تبصرا وغيره موڪلڻ جهڙين سرگرمين ۾ حصو وٺڻ عام آهي. هن بيماريءَ جو شڪار ماڻهو پنهنجو لباس يا هيئر اسٽائل به جلدي تبديل ڪندا رهن ٿا. باءِ پولر لفظ جي معنيٰ ئي “ٻه قطبي” يعني ٻه متضاد ڪنارا ٿين ٿا. ان ڪري مريضن تي ٻه متضاد ڪيفيتون طاري ٿي وڃن ٿيون. هڪ دفعي سندس ڀيڻ شازيه کي مون سان ملائڻ وٺي آئي. هوءَ تمام گهڻو ڳالهائي رهي هئي. ڪڏهن کلي پئي ته ڪڏهن روئي پئي. کيس اونو هو ته جي مري وئي ته سندس ڌيءَ کي ڪير سنڀاليندو.

“تون پنهنجي بيماري سان دوستي ڪرڻ جي ڪوشش ڪر”. مون کيس صلاح ڏني.

منهنجي ڳالهه ٻڌي حيران ٿي چيائين.

“اهو ڪيئن ممڪن آهي”

“تون جنهن شيءِ کان نفرت ڪندينءَ، ان جي حقيقت نه مڃيندينءَ ته اها اڃان وڌندي. بهتر آهي ته تون پنهنجي بيماري کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر”.

منهنجي ڳالهه ٻڌي سوچ ۾ پئجي وئي.

“آخر مون کي اها بيماري ڇو ٿي” اکين ۾ لڙڪ ڀري سوال ڪيائين.

“شازيه مون ڪٿي پڙهيو هو ته نفسياتي مريضن جا ٻار تخليقڪار ٿيندا آهن. تنهنجي ڌيءَ به اڳتي هلي ڪو نه ڪو تحريري هنر تخليق ڪندي”

اهو ٻڌي ڏاڍي خوش ٿي. شازيه جي ڀيڻ سندس صحتيابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن بيماري متعلق انٽرنيٽ تان معلومات وٺي کيس آگاهه ڪيو ۽ شازيه به پنهنجي بيماري جي حقيقت تسليم ڪري ورتي هئي شايد. پر ٿوري سمجهه سان مٽن مائٽن ۽ دوستن اهم ڪردار ادا ڪيو. هڪ ڏينهن ملڻ آئي ته تمام گهڻي خوش هئي، هٿ ۾ پنو هئس.

“منهنجي ڌيءَ هي نظم لکيو آهي، هاڻ هوءَ ٽئين درجي ۾ آئي آهي ته شاعري ڪرڻ لڳي آهي”.

مون نظم پڙهي ته ٻاراڻي عمر ۾ پخته خيال هئس.

اها حقيقت آهي ته جسماني تڪليف ۽ ذهني پيڙائن جي زمين مان تخليق جو ٻوٽو ڦٽي ٿو.