ڪتاب تي تبصرو
رستي ۾ آ چنڊ ( انٽرويوز ۽ شاعري )
ادب جي اڃ هڪ اهڙي اڃ آهي جيڪا ڪڏهن به ختم نه ٿيندي آهي تڏهن ئي ته علم ۽ ادب جي اڃ اجهائڻ خاطر اهل علم و ادب انسان لائبريريون قائم ڪندا آهن ۽ ايتري قدر جو گهرن ۾ به هڪ ننڍڙو ڪتب خانو جوڙي رکندا آهن جتي هو هر قسم جا ادبي ڪتاب نهايت ئي خوبصورتيءَ سان ڇنڊي ڦوڪي، سجائي، سينگاري ۽ سنواري رکندا آهن، ها واقعي ئي اهڙيون عظيم لائبريريون اهي ئي ماڻهو سنڀاليندا آهن جن کي ايندڙ نسل جي سنوار ڪرڻي هوندي آهي ڇو ته ادب سلجهيل قومن جو ضامن هوندو آهي ۽ جن جو ادب سان عشق ۽ ذوق نه هوندو آهي سي مئل قومن يا پٺتي پيل قومن جي فهرست ۾ لکيا ويندا آهن.ادب جي تاريخ به سنڌ تي ٿيل مختلف ڪاهن ۽ مختلف حڪومتن وانگر تمام ڊگهي آهي جنهن جو ڪاٿو لڳائي نٿو سگهجي مگر موجوده وقت ۾ سنڌ جا اديب جيڪي اڪثر ڪري هڪ ٻئي سان ويڳي ماءُ وارو سلوڪ ڪندا آهن، جيڪي سدائين عهدن ۽ ڪرسين پويان زندگي تباهه ڪري ڇڏيندا آهن، اهڙن اديبن ۽ شاعرن کي پاسي تي رکي ڪري مطلب ته کين ٻاهرين ٻني تي ويهاري پاڻ ڳالھه ڪنداسين کهڙن جي خوش اخلاق ۽ نهايت ئي بهترين انسان ۽ شاعر سائين مبين اڄڻ جي جيڪو وڏي عرصي کان جيون جي جنگ کان علاوه ادبي ۽ سماجي ڪم ۾ مصروف رهندو ٿو اچي.
مبين اڄڻ تازو ئي شبير حسن گبول سان ملي ڪري هڪ اهڙو ادبي ڪتاب مرتب ڪيو آهي جيڪو ادبي تاريخ جو پهريون انٽرويوز ۽ شاعريءَ تي مشتمل گڏيل شاعريءَ جو ڪتاب آهي جنهن جهڙو ڪتاب ادب جي دنيا ۾ اڳ نه آيو آهي. اهڙي سوچ، محنت ۽ ڪاوش تي مبين ۽ شبير کي جس هجي جو انهن اهڙي ڪتاب خاطر سنڌ جي بهترين شاعرن کي چونڊيو آهي، انهن جا انٽرويوز ڪيا آهن ۽ هڪ ناياب ڪتاب ادب ۾ شامل ڪيو آهي.
ڪتاب “رستي ۾ آ چنڊ” جنهن ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي نالي وارن شاعرن جي شاعري ۽ انٽرويوز شامل ڪيا ويا آھن، انهن جو ترتيبوار اسم مبارڪ هن ريت آهي: 01: جي ايم رئيساڻي، 02: ذوالفقار گاڏهي، 03: ايوب کوسو، 04: معصوم بخاري، 05: نوبت ڏھر، 06: مهر فقير، 07: معشوق محسن، 08: نذير ڊيهو، 09: شاد شفيق چاچڙ، 10: شبير حسن گبول ۽ 11: مبين اڄڻ. هن کان اڳ گڏيل شاعريءَ جا نه ڄاڻ ڪيترا ڪتاب ساڳين ۽ ھڪجهڙن تعارفن سان ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آھن ۽ ايندا رھن ٿا، پر هي ڪتاب پنهنجي نوعيت جو هڪ الڳ ڪتاب آهي جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن يا ڳوٺن سان واسطو رکندڙ شاعر شامل آهن، جيڪي پنهنجي ادبي ڏات سان هڪ سٺو مقام رکن ٿا.
هن ادبي ڪتاب ۾ شامل شاعرن جا بلڪل تازا ۽ کرا انٽرويوز به آهن جن کي پڙهڻ سان ڪافي ڄاڻ ميسر ٿئي ٿي، ڇو ته انٽرويو به هڪ طرح جي ادبي آتم ڪٿا هوندي آهي جنهن کي اسان جيون جو خاڪو به چئي سگهون ٿا، جنهن ۾ شاعر ۽ اديب جي زندگيءَ جو وچور، تجربو ۽ شعور سمايل هوندو آهي، جنهن سان پڙهندڙ کي مستقبل خاطر هڪ نئين راهه ملندي آهي ۽ هڪ رهنما به ملندو آهي، ايئن ئي هن ڪتاب ۾ مهر فقير جو به بلڪل تازو انٽرويو شامل آهي جيڪو حق ۽ سچ تي مبني آهي، ان کان علاوه هن ادبي ڪتاب ۾ مهر فقير جا ڪل ڇھه غزل شامل آهن.
01: خمار
دل ٿي چوي دلدار هلي آ
وري ڏيڻ ڪو خمار هلي آ
02: نگر
سونهن نگر ۾ رهندو آهيان
پنهنجي گهر ۾ رهندو آهيان
03: ديوانو
درد جي شهر ۾ ديوانو رهي ٿو
سانڍيندو اندر ۾ زمانو رهي ٿو
04: مشڪل
آسان ٿيءُ مشڪل نه ٿيءُ
لتن ۾ لتاڙجندڙ گُلُ نه ٿيءُ
05: ادب
غور ڪر غور طلب ڳالهين تي
بي ادب نه ٿج ادب ڳالهين تي
06: جوڙجڪ
ختم ڪريو اها ڏند چڪ هاڻي
ڪيو سنڌ جي جوڙجڪ هاڻي
گڏيل شاعريءَ جي ڪتابن جي پڙهندڙن لاءِ هي هڪ نئين ۽ منفرد شيءَ آهي جنهن جو سڄو ڪريڊٽ مبين اڄڻ ۽ شبير گبول ڏانهن وڃي ٿو، سو اميد ٿي ڪجي ته هي ادبي ڪتاب ادبي تاريخ ۾ ادبي شاگردن جي لاءِ نهايت ئي ڪارگر ثابت ٿيندو، سچ ته مبين اڄڻ ادب ۾ هيءَ هڪ نئين روايت قائم ڪري ادب کي مضبوط دستاويز بڻائڻ جو بنياد وڌو آهي جيڪو اڳتي هلي نهايت ئي سگهارا نتيجا ڏيندو.
128 صفحن واري هن شاهڪار ادبي گٽڪي جي ارپنا “ منهنجي گڏيل شاعري جي ڏهن ڪتابن ۾ شامل شاعرن، مهاڳ، بيڪ ٽائيٽل، فليپ پيپر ۽ تاثر لکندڙ مانوارن اديبن جي، محترم والدين ۽ استاد حضرات کي جن جي دعائن، محبتن، علمي، اخلاقي ۽ ادبي تربيت جي ڪري اسان سڀني شاعرن اديبن کي ادبي دنيا ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ۽ مقام عطا ڪيو آهي خدا عزوجل جي ذات بابرڪات”. مبين اڄڻ. پبلشر پاران نوٽ ۽ پنهنجي پاران کان علاوه بيڪ ٽائيٽل تي ذوالفقار گاڏهي طرفان لکيل سٽون نهايت ئي وزندار ۽ جاندار آهن، ڪتاب جو پيپر به صاف ۽ بهترين آهي، سو بس ايترو چوندس ته هي ڪتاب هر ادبي دوست کي ضرور پڙهڻ گهرجي ۽ ان سان گڏ لائبريري جي زينت پڻ بڻائڻ گهرجي.