بلاگنئون

”نوابشاهه ضلعو تاريخي شهر ۽ شخصيتون “ ڪتاب جو مختصر جائزو

سنڌ صدين کان وٺي هڪ مخصوص، علم ادب، تهذيب ۽ ثقافت جو مرڪز پئي رهي آهي. ان جي تاريخ جي مختلف گوشن تي ٻين عالمن به مختصر نموني ڪم ڪيو آهي، پر قريشي حامد علي خانائيءَ جي خدمتن کي به وساري نٿو سگهجي. سندس اهم مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل مجموعو ”نوابشاهه ضلعو تاريخ شهر ۽ شخصيتون“ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي چڪو آهي. مذڪوره ڪتاب ۾ شامل تحريرون نئين زندگي، مهراڻ، الرحيم، پيغام وغيره ۾ وقت به وقت شايع ٿينديون رهيون. اصل ۾ انهن تاريخي مقالن جي ترتيب ۽ سٽاءُ سنڌ جي مشهور مورخ ۽ تذڪره نويس، مير علي شير قانع ٺٽوي جي ڪتاب ”تحفته الڪرام“ واري آهي، ليڪن بنيادي فرق هي آهي ته، مير علي شير ”قانع“ جو رنگ ڍنگ قديم نموني وارو آهي ۽ حامد علي خانائي جديد تحقيق جو رنگ ڀريو آهي. هن ڪتاب کي شايع ڪرائڻ ۾ ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر عبدالغفار سومري جي ڪوششن سان هي ڪتاب شايع ٿيو. هن ڪتاب جو انتساب، مصنف پنهنجي والد محترم مرحوم حڪيم محمد يعقوب قريشي ”صابر“ ڏانهن منسوب ڪيو آهي، هن ڪتاب جو جامع مقدمو عبدالغفار سومري جو لکيل آهي. ان کان پوءِ نوابشاهه ضلعي جو نقشو ڏنو ويو آهي. جنهن موضوعن تي قلم کنيو آهي، تنهن ۾ ”ساهتي پرڳڻي جو تاريخي پس منظر“ جنهن ۾ ساهتي پرڳڻي جي نالي پوڻ بابت ڪيتريون روايتون ۽ تاريخي ڪتابن جا حوالا ۽ مثال پيش ڪري ان جي حدن، علائقن، وقت جي حڪمرانن، سياسي، سماجي، معاشي، معاشرتي حالتن جي ڄاڻ ڏني وئي آهي. ساهتي پرڳڻي جي تاريخي حيثيت، سنڌ جي تاريخي ڪتاب ”چچ نامي“ جا حوالا ۽ سنڌ جي مشهور شهرن صوبن، قومن، دريائن، بستين رستن کان ٻاهرين حملي آورن جا احوال پيرائتي نموني بيان ٿيل آهن، اها سموري تحقيق علمي بنيادن تي ڪري نتيجا ڏنا ويا آهن. سنڌ جي اهم ۽ تاريخي ڪتابن مان حوالا کنيا ويا آهن، جن ۾ ”تاريخ معصومي“ ۽ ”تحفته الڪرام“، ”قديم سنڌ“، ”جنت السنڌ“، ”لب تاريخ سنڌ“، ”تذڪره امير خاني“، ”تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور“ مان استفاده ڪري موضوع کي مستند بڻائي پيش ڪيو آهي. ساهتيءَ جا قديم درسگاھ: هن عنوان ۾ ساهتي پرڳڻي ۾ اسلامي دور کان جيڪي ڪامل درويش، عالم، محدث، مفسر ۽ فقيهه ۽ شاعر پيدا ٿيا، تن جو جامع احوال هن تصنيف ۾ ملي ٿو. ان کان علاوه خانقاھن مدرسن، جو احوال ۽ انهن درسگاهن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ايران، عربستان، بخارا ۽ سمرقند کان اچي تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جو ذڪر ملي ٿو. ساهتيءَ جي قديم درسگاهن ۾ جيڪي علمي شهر بيان ڪيا ويا آهن، انهن ۾ ڪوٽڙي ڪبير ”درٻيلو“، ”هالاڻي“ توڙي ڀريا يا ڀر آور ۽ ان جي آس پاس جي مشهور عالمن اديبن، شاعرن، حڪيمن، استادن نيڪ مردن، سياستدانن ۾، آخوند قاضي اسماعيل، قاضي محمد سليمان، احمد خان تڳيو خان جلباڻي، سيد مراد علي شاهه، حڪيم غلام محمد سومرو ”عرشي“ پروفيسر غلام حسين جلباڻي، محمد پريل هڱورو، شير محمد عباسي ”شيرل“ سومر خان ڀاٽي ”ثناگر“ بخش علي خاصخيلي، حافظ فيض محمد ميمڻ، حافظ محمد صادق ميمڻ، محمد يعقوب ميمڻ ”باغبان“ علي اصغر خاصخيلي ”اصغر“ ديوان ڪوڙومل چندن مل، ديوان چرنداس ٺاڪرداس گرسهاڻي، حشمتراءِ ٽهلراماڻي، لوڪ نوتاڻي، اندر ڪيولراماڻي، اتم ديارام هڱوراڻي، ديوان فتح سنگھ، مذڪوره عالمن جي علمي خدمتن، ڪتابن ۽ ڪارنامن جو مفصل احوال ملي ٿو.

نوابشاهه ضلعي جي هن مطالعي ۾ ٽيون مقالو ”ڀريا يا بهراور“ جي عنوان هيٺ شامل ڪيو ويو آهي، جو ٻاويهن صفحن تي مشتمل آهي. سترهن ماخذن مان ڇويهه حوالا آڻي، ڀريا جي موجوده آباد ٿيڻ کي ٻه سَوءُ ورهيه ٿيا آهن، جڏهن ته اڳوڻي ڦٽل شهر جا آثار عربن جي آمد ڌاري موجود هئا. ڀريا جو ٻيو نالو ”بهراور“ کي خانائي درست ڪونه ٿو مڃي، البت ’ڀريا‘ هڪ قوم يا قبيلي جي حيثيت ۾ قبول ڪري ٿو.

تحقيقي حاصلات: خانائي، تحقيقي طور تي ’ڀريا‘ کي عربن جي دور کان اڳ جي آبادي ۽ علائقائي حيثيت ۾ هئڻ کان پوءِ ڦٽي وڃڻ ڪري، موجوده ڀريا کي ٻه سَوءُ سال پراڻو علائقو ثابت ڪيو آهي.

’ڀريا‘ يا ’بهراور‘ ـــ ’ڀريا‘ جو نالو ڀريا آهي نه ڪي ’بهراور‘ اهو ڪنهن شخص جو نالو نه، پر ڪا قوم يا قبيلو ٿي سگهي ٿو.

محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر جي فيصلي ڪُن لڙائي پڻ موجوده ڀريا شهر وٽ لڳي ۽ چچنامي ۾ جنهن ڍنڍ يا ڌٻڻ جو ذڪر اچي ٿو، جنهن ۾ راجا ڏاهر جو هاٿي وڃي ڦاٿو هو، اها ڍنڍ به اتي ئي هئي.

ڀريا ۾ 1861ع ۾ ميونسپالٽي قائم ٿي. ديوان ڪوڙومل چندن مل کلناڻي هن شهر جو ڄائو هو. تاريخي پسمنظر کان علاوه ٽيويهن شخصيتن جو احوال قلمبند ڪيو ويو آهي.

ٺارو شاهه: هن ڪتاب ۾ چوٿون مطالعو ”ٺارو شاهه“ جي عنوان هيٺ آهي، جو ڇٽيهن صفحن تي مشتمل آهي. هي شهر 1792ع ۾ ٻڌايو ويو، ڇاڪاڻ ته ٺارو شاهه ۽ ڀريا جي وچ ۾ ”ڪوٽ بهادر“ جي نالي سان هڪ قديم ۽ تاريخي شهر ڦٽي ويو ته ماڻهو لڏي پلاڻي اچي ان شهر ۾ ويٺا، جو سيد ٺارو شاهه اتي اڳ ۾ ئي ڳوٺ ٻڌي ويٺو هو ٺارو شاهه ۾ انگريزن جي دور ۾ سن 1861ع ۾ ميونسپالٽي قائم ٿي ۽ 1895ع ۾ پرائمري اسڪول کان سواءِ 1924ع ۾ هاءِ اسڪول قائم ٿيو.

”ٺارو شاهه ساهتيءَ جي پراڻن ۽ برک علمي مرڪزن مان هڪ آهي. هيءُ شهر سنڌو درياھ مان نڪرندڙ قديم ”نولکي واھ“ جي ڪنڌي تي آباد آهي. ڊاڪٽر خانائي هن شهر جي جاگرافيائي بيهڪ، ويجهن ڳوٺن، ريلوي لائين، 1843ع مياڻي جي ميدان تي فرنگين جي چالبازين ۽ پنهنجن جي غداري جو احوال لکيو آهي. هتان جي بزرگ عالمن ۽ فاضلن، شيخ دائود عرف پيرسخي داد واهي، مولوي عيسيٰ ٺارو شاهي، مولوي فيض الڪريم، مولانا قاضي عبدالڪريم، مولانا قاضي عبدالحميد، مولانا سيد خوش محمد شاهه، مولانا احمد چارڻ، حافظ غلام قادر ”صدائي“ ديوان لوڪو مل، ديوان آتمارام تولارام ٽهلياڻي، قاضي غلام علي، عبدالله سومرو، بصرالدين سومرو، فقير احمد خان هيسباڻي وغيره اچي وڃن ٿا.

اديب، شاعر ۽ صحافي: قاضي عبدالرحمان، ڪريم بخش چارڻ، حاجي عبدالله ”واقف“ غلام قادر سومرو، جيوترام ويڙهو مٽاڻي، ويسومل جيوترام مٽاڻي، ماسٽر چندر، گوبند مالهي، ليلارام ڏيونداس رچنداڻي، ڪانچي لال ماکيجاڻي ”قاصد“ ڪرشن کٽواڻي، رام نارائڻ ٻيلاڻي، ارجن آسومل ڀمڀاڻي متعلق مطالعو موجود آهي.

ٺارو شاهه جي تاريخي پسمنظر کان پوءِ تيرهن نامور انسانن جو تذڪرو پيش ڪيو ويو آهي. ٽيٽيهن ماخذن ۽ پنجيتاليهن حوالن کي ڪتب آڻي هي مطالعو پيش ڪيو ويو آهي.

خانواهڻ: ويهن صفحن تي مشتمل هن شهر جي تاريخ ۽ تاريخي شخصيتن لاءِ ڇهن ماخذن مان فائدو ورتو ويو آهي. هي شهر خان سهتي ٻڌايو هو، مگر ان جي ٻڌجڻ جو ڪو وقت يا دور طئي ڪونه ڪيو ويو آهي. فقط قديم شهر ڄاڻايو ويو آهي. شهر ٻڌڻ لاءِ ’مائي خاني‘ جو نالو به ورتو ويو آهي، پر خان سهتي جي شهر ٻڌائڻ واري ڳالهه حتمي آهي. خانواهڻ: هي شهر هميشه علم جو مرڪز رهندو پئي آيو آهي. هي شهر ڪوٽڙي ڪبير جي شهر کان اولھ ۾ ستن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود آهي، هن شهر ڪيترائي عالم، فاضل ۽ شاعر پئدا ڪيا آهن، جن جو ذڪر حامد علي خانائي ڪيو آهي: قاضي ميان عبدالمعالي، قاضي محمد اشرف (ثاني) قاضي محمد حامد، قاضي ميان عبدالواحد، قاضي ميان قطب الدين، قاضي ميان عبدالرحيم، قاضي ميان دوست محمد، قاضي ميان پيربخش (اول) اولياءَ ڪرامن ۾، پير قرارو، سيد دولت علي شاهه، مائي ٻاليشاهڻ، قاضي ميان خير محمد، سيد غلام شاهه، پير عظمت علي شاهه، پير صالح، ڇتو فقير سهتو.

اديبن، شاعرن ۽ سگهڙن ۾: قاضي ميان محمد، قاضي عبدالڪريم، توت فقير، مٽلو لوچي، ماستر سکر مل، ڦڳڻ مل، جمعو فقير ملاح، قاضي محمد يعقوب ”صابر“ ڊاڪٽر نجم الدين عباسي، قاضي عبدالحي ”جهانگي“ ۽ هتان جي قبيلي ڪونڌرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.

درٻيلو: سنڌ جو هي تاريخي شهر پرڳڻي جي انتظامي حيثيت ۾ به هو، جو بکر سرڪار جي ماتحت رهيو. آئين اڪبري ۾ درٻيلي جي ايراضي 121146 چورس ميل ڄاڻايل آهي، جنهن مان اهو آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته درٻيلي جي حيثيت ايتري بلند هئي، جو علامه ابوالفضل ان جو ذڪر ڪري، ان کي واضح ڪيو. درٻيلو وڏو علمي مرڪز ۽ واپاري حيثيت وارو علائقو هو. هن شهر جي نون برگزيده شخصيتن جو تذڪرو ڪيو ويو آهي. معياري ماخذن جي چوٽيهن حوالن جي تحقيقي نتيجي ۾ هي مطالعو ايندڙ محققن لاءِ مفيد ثابت ٿي سگهندو. پراڻي زماني ۾ هي شهر تهذيب ۽ تمدن ۽ علم ۽ عرفان جو مرڪز هو، عربن جي فتح کان اڳ ’درٻيلو‘ هندن جي هڪ رياست هئي، اسلام جي آمد کان پوءِ هن شهر ۾ وڏا صاحب علم ۽ بزرگ ٿي گذريا آهن، انهن ۾ ”درٻيلي“ شهر ۾ مخدوم محمد عثمان جيد عالم ۽ متقي بزرگ ۽ پنهنجي وقت جو مجدد ٿي گذريو آهي. سندس مسجد جي ڀرسان مدرسو هو، جنهن ۾ پاڻ درس ۽ تدريس جو ڪم ڪندو هو. سندس مدرسو ان زماني ۾ علم ۽ فضل جو هڪ اعليٰ مرڪز هو. علم جي ڪمال هوندي به منجهس تواضع ۽ ڪسر نفسيءَ جو گڻ هو. سندس مدرسي ۾ هميشه فاضل ۽ طالبن جي وڏي جماعت رهندي هئي. مخدوم صاحب سن 1102ھ ۾ هن فاني دنيا کي ڇڏيو ۽ سندس مزار درٻيلي ۾ اڄ به مرجع عام و خاص آهي.“ (قريشي: 1987ع، ص،121)

ڪنڊيارو: ڪنڊيارو علم، هنر، فن ۽ صنعت ۽ تجارت جو مکيه مرڪز هو. سن 1635ع ۾”ايسٽ انڊيا ڪمپني“ سنڌ مان سوٽي ڪپڙي جو وڏو انداز خريد ڪيو هو. ان زماني ۾ هن علائقي ۾ ڪپڙي سازي جي هنر ۾ درٻيلو ۽ ڪنڊيارو اهم مرڪز هئا. ڪنڊياري ۾ سوٽي ڪپڙو ٺهندو هو. هتي جا ڪيترا اولياءَ ٿي گذريا آهن جن ۾، شيخ ميان احمد، حسام الدين ابن شيخ حامد، پيرجمه شهيد، غريب شاهه، بخاري پير، پير ذڪريا، سيد بابن شاهه، مولوي عبدالخالق، مولوي نورالله هيسباڻي، پروفيسر هاسانند جادوگر (جادو جي فن جو ماهر) سيد عابد علي شاهه، سکيو خان چنو ذڪر جي لائق آهن.

ڪوٽڙي ڪبير: ڪوٽڙي ڪبير مهراڻ جي ڪناري تي هڪ جهونو ۽ وسندڙ شهر رهيو آهي. هتي جي دريائي بندر جي اهميت به ذڪر ۽ تحقيق جو نُڪتو رهي آهي. ڪوٽڙي ڪبير ۾ ڪيتريون ئي خانقاهون ۽ خدا وارن جا آستان هئا، جنهن جا آثار اڄ به ان جي گواهي ڏين ٿا. هتان جي علم جي هاڪ دنيا ۾ هئي. صاحب تصنيف جي بيان مطابق ساهتي جي قديم شهرن مان سڀ کان وڌيڪ تاريخي اهميت ڪوٽڙي ڪبير کي حاصل آهي. هي شهر عربن جي دور ۾ فتح ٿيو. محمد بن قاسم جي هڪ فوجي سپه سالار محمد درويش هن شهر کي فتح ڪيو. محمد بن قاسم جڏهن نيرون ڪوٽ کي فتح ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جي تختگاھ الور طرف وڌي رهيو هو، تڏهن محمد بن قاسم هن شهر کي نهايت ئي سولائيءَ سان فتح ڪري سگهيو هو، ۽ پوءِ الور طرف وڌي ويو هو. فاتح سنڌ جي فوج ۾ محمد درويش نالي هڪ عرب سپاهي هو. هن کي، هن شهر جي فتح کان پوءِ، اتان جو قلعيدار ۽ قاضي مقرر ڪيو ويو. قريشي، 1987ع، ص: 147) انهيءَ فتح کان پوءِ هن شهر ۾ عربي دور حڪومت ۾مدرسي جو بنياد رکيو. انهيءَ مدرسي جو مهتمم قاضي ميان عبدالوالي بن قاضي محمد درويش هو. ڊاڪٽر خانائي جي تحقيق موجب هن شهر جي وڏي علمي ادبي، تاريخي ۽ ثقافتي حيثيت کي پڻ نروار ڪيو ويو آهي، جنهن مان ڪوٽڙي ڪبير جي تاريخي حيثيت ۽ اهميت جي معلومات ملي ٿي.

گچيرو: هتان جا ڪيترائي مشاهير، عالم، درويش ٿي گذريا آهن: مخدوم هڱورو، پير بي واسطي، درويش جمن جَتي، سيد عالم شاهه، مولوي محمد صادق گچيرائي، مولوي عبدالله ميمڻ، مولوي اسماعيل ميمڻ، فقير ولي محمد سومرو، مولوي عبدالرحمان، ميان علي محمد سومرو، خليفو الهورايو ملاح، اوستو محمد ڇتل سهتو، حڪيم الھ رکيو سهتو، ڀائي نارائڻ سنگھ، ڀائي آسنداس، حڪيم قاضي علي محمد ۽ ٻين نامور شخصيتن ۾، ميان تاج محمد ٻگهيو، حاجي شير محمد ٻگهيو، ميان شفيع محمد ٻگهيو، ميان عزيزالله ٻگهيو، رسول بخش ٻگهيو وغيره جي علمي ادبي ڪمن ۽ ڪارنامن کي پڻ آڏو رکيو ويو آهي. گچيرو يا ڪچيرو موجوده نوابشاهه ضلعي جي موري شهر کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي آهي، جو تاريخي طور قديم هئڻ ڪري اڳ سيوهڻ سرڪار جي پرڳڻي جو شهر هو. ”گچيري ڍنڍ“ کي ”تاريخ معصومي“ ۾ ”ڪولاب کنجري“ ڄاڻايو ويو آهي، جنهن کي علامه دائود پوٽي ”گچيري ڍنڍ“ طور واضح ڪيو. ان گچيري ڍنڍ کي عرب فوجين پار ڪري راجا ڏاهر جي لشڪر تائين رسائي حاصل ڪئي. اڳئين زماني ۾ گچيري کي چوڌاري ڪچو قلعو ڏنل هو. جو ڊهي وڃڻ کان پوءِ ڪلهوڙن وري گچيري کان اڳيان پڪين سرن جو قلعو تعمير ڪرايو هو. هن شهر ۾ هر سال شِوِ جو ميلو ڀڳت جو رواج عام هو. ڪپڙي جي رڱاوت ۾ گچيرو اهميت وارو هو. هن مقالي ۾ ايڪيهن عالمن، اديبن حڪيمن ۽ شاعرن جو تذڪرو موجود آهي. ستٽيهن صفحن جو هي مقالو ايڪٽيهن مستند حوالن جو نتيجو آهي.

ممڙ شريف: ممڙ شريف ۾ ڪيترائي درويش، ولي ۽ ڪامل، عارف ۽ عالم، قلندر قطب ۽ بزرگ ابدي ننڊ ۾ آرامي آهن، سندن شخصي ڪردارن جا اهڃاڻ تاريخ ۾ نظر اچن ٿا. جن ۾ قاضي محمد ايوب، قاضي ميان غلام علي بن قاضي ايوب، قاضي محمد ايوب بن غلام علي، قاضي ميان غلام علي، فقير ميان ٺارو، فقير ميان الھ بخس، ميان محمد فريد، ميان غلام علي بن ميا الھ بخش، ميان ٺارو (ثاني) فريد محمد، ميان گنج بخش، فقير ميان الھ بخش، فقير ميان غلام محمد عرف غلام فقيرت، لعل خان، قاضي ميان حبيب الله ۽ درويش دائودپوٽن جي مطالعي سان گڏ انهن جو شجرو پڻ ڏنو ويو آهي.

مورو: ساهتي جي علمي شهر ’موري‘ ۾ ڪيترائي اهڙا انسان ٿي گذريا آهن جن پنهنجي علمي ساک قائم پئي رکي. ساهتي پرڳڻي جون عورتون به ڪي گهٽ ڪين هيون، پر جيئن ته اسان سنڌ وارن جي خصوصي تهذيب ۽ تمدن پٽاندڙ مردن جي موجودگيءَ ۾ عورتون اڪثر ڪري ايترو نروار نه ٿيون آهن. اهڙين سنڌ جي عورتن جا ڪافي قصا ۽ ڪهاڻيون عام ماڻهن جي زبان تي اڄ به آهن. ”اهڙين سرتين مان ”مائي ڪالر“ به هڪ هئي، مائي ڪالر، هن ملڪ ۾ انگريزن جي اچڻ کان پوءِ ڄائي ۽ پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ ۾ هي جهان ڇڏي ويئي. غلاميءَ جي دور ۾ هن عورت جا ڪارناما نهايت حيرت ۾ وجهندڙ ۽ عبرت انگيز آهن. جڏهن ته انگريز حاڪمن جي صرف هڪ سپاهيءَ جي پٽي ۽ ڳاڙهي پٽڪيءَ کان ماڻهو ڪوءُ کائيندا هئا! اتي هن جرئتمند عورت وڏن وڏن ڪامورن، جن ڪليڪٽر، ڪماني ۽ انجنيئر اچي وڃن ٿا. اهڙن آفيسرن سان بي باڪيءَ ۽ بي ڊپائيءَ سان مهاڏو اٽڪائي، اک اک ۾ ملائي حق خاطر لڙي پنهنجا حق حاصل ڪيا. ساهتي پرڳڻي ۾ اڄ به هن بهادر عورت جي ڪارنامن کي ياد ڪيو وڃي ٿو. ڪنهن صوبيدار کي مجال نه هئي، جو مائيءَ جي حد ۾ اچي ڪنهن سان ظلم ڪري… ديھ لڄپال جي لڄادار نياڻي ۽ ديھ ڪانڌاريءَ جي عورت هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”جوڻيجا گهراڻي“ ۾ ڄائي هئي، جنهن جو اڳتي هلي نالو ئي مائي ڪالر پئجي ويو. سندس ڳوٺڙو ساهتيءَ جي سکين ستابن ۽ سُندر ڳوٺڙن مان هو، بدقسمتيءَ سان ڳوٺڙي کي سم کائي ڦٽائي ڇڏيو. مائي ڪالر جو اهو ڳوٺ تعلقي موري ۾ مشهور قديم آثارن ”ٺلھ مير رڪن“ جي سر اوڀر ۾ ۽ روهڙي ڪئنال جي سر اولھ ۾ اڄ به آهي، پر وڌندڙ سم هڻي کيس جهوري وڌو آهي. هڪ پرائمري اسڪول مائي ڪالر جي نالي سرڪار منظور ڪيو هو ۽ ورهين جا ورهيه اهو اسڪول قائم رهيو. هاڻي خبر ناهي اهو تعليم جو ننڍڙو مرڪز باقي رهيو آهي يا نه! مائي ڪالر عيسوي سن مطابق 1856ع ڌاري هن خاڪي جهان ۾ قدم رکيو ۽ 1938ع ۾ ڌاري وڏيءَ ڄمار ۾ هي جهان ڇڏي وئي.“ (قريشي: ٽماهي ”سرتيون“ جنوري کان مارچ 1991ع، ص، ص، 111،112) مذڪوره ڪتاب سان مائي ڪالر جو تعلق نه هئڻ جو سبب صرف سندس بهادري ۽ شجاعت جو ذڪر ڪرڻ آهي.

نوابشاهه: نوابشاهه شهر سنڌ صوبي جي نون شهرن مان هڪ آهي. سن 1912 کان اڳ ۾ هي شهر هڪ ننڍڙو ۽ غير معروف ڳوٺڙو هو. هن شهر وڌندي وڌندي 1912ع ۾ ضلعي جي حيثيت قائم ڪري ورتي. مختصر مدت ۾ هن شهر اهم هستيون پيدا ڪيون، جن ۾ هن ڪتاب ۾ عالم ۽ بزرگ، مولانا محمد هاشم انصاري، مولوي ثناالله ”بدر“ مولانا علي محمد جمالي وغيره اچي وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح قومي، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن: سيد ٻڍل شاهه، سيد غلام حيدر شاهه، سيد خير شاهه، سيد نذير شاهه، سيد اسدالله شاهه، حاجي شاهنواز پيرزادو حڪيم معين الدين کنياروي، حڪيم مولوي محمد معاذ، سيٺ فقير جي گول والا، ايڇ _ ايم _ خواجه، قاضي فيض محمد، حاجي نصير الدين، ڊاڪٽر محمد عمر ڏاهري ۽ اديب ۽ شاعر پر سرام ”ضيا“ بردو سنڌي، سيد حسن علي شاهه ”نياز“، ”ضيا“ خياروي، منظور حسين قريشي، قمر شهباز، گل محمد چنا، عبدالحڪيم ”ارشد“ مير عبدالرسول ”مير“ سيد حبيب الله شاهه صحافي سيد غلام قادر شاهه لڪياري عبدالخالق ”آزاد“، محمد صالح ”عاجز“ محرم علي ڀٽي جو مطالعو پيش ڪيل آهي.

نوشهروفيروز: ساهتي پرڳڻي جو قديم علمي مرڪز هتان جي عالمن، بزرگن ۽ فاضلن جون حياتيون درس ۽ تدريس ۾ پوريون ٿيون. اسلامي تعليم ۽ اسلام جي فيض ڪري هتي جي خاڪ مان ڪيترائي املھ گوهر پيدا ٿيا، جي سڀ ئي هتان جي خاڪ ۾ پيوند آهن. انهن ۾ ناميارا شاعر، اديب ۽ سگهڙ، قومي، سياسي، مدبر، ڪارڪن ۽ حڪيم جن جي مختلف ڪارنامن ۽ سندس خدمتن ۽ شاعريءَ کي پڻ مذڪوره مقالي ۾ ذڪر هيٺ آندو ويو آهي.

هالاڻي بهلاڻي: هالاڻي ۽ بهلاڻي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ڪنڊياري جي قومي شاهراهه تي آباد آهن. هنن شهرن ۾ ڪلهوڙن جي دور جا ڪي آثار ملڻ ڪري انهن جي قدامت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، البت انهن جو ڪو حتمي مطالعو موجود ڪونهي. هنن وستين جي پندرهن مشاهيرن جو ذڪر قلمبند ڪيو ويو آهي.

نوابشاهه ضلعو تاريخي شهر ۽ شخصيتون: ڪتاب ۾ چوڏهن ئي مضمون ۽ مقالا جيڪي پنهنجي جاءِ تي ساهتي پرڳڻي جي علمي ادبي تاريخ ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۾ مفيد معلومات ڏين ٿا. قريشي حامد علي خانائي جي شايع ٿيل ڪتابن ۾ هي پهريون ڪتاب آهي، جو اپريل 1987ع ۾ ”نوابشاهه ڊسٽرڪٽ ڪلچرل سوسائٽي“ نوابشاهه پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. هي سوسائٽي 30 جولاءِ 1986ع تي ان وقت جي پڙهيل پرجهيل سنڌي اديب ۽ محقق عبدالغفار سومري صاحب قائم ڪئي، جو اُن سال ضلعي نوابشاهه جو ڊپٽي ڪمشنر مقرر ٿيو. عهدي جي چارج وٺڻ سان اهو بهتر عمل اختيار ڪيو. ان سوسائٽي پاران اهو ڪتاب اول ڇپرايو ويو، جنهن جو مقدمو عبدالغفار سومري 1 سيپٽمبر 1986ع ۾ لکيو. تاريخي اعتبار کان نوابشاهه ضلعو بيشڪ هڪ گهوارو آهي. نوابشاهه ۾ آثار قديمه جي سلسلي ۾ چانهوءُ جو دڙو، دليل ڪوٽ ۽ ٺل مير رڪن موجود آهن ته ٻي پاسي ويجهي وقت تاريخي طور ميان نور محمد ڪلهوڙي جا قبا، هالاڻي جي جنگ جو ميدان جتي ڪلهوڙا حڪمرانن جي قسمت جو فيصلو ٿيو ۽ ٽالپر سنڌ جا حڪمران بڻيا، ائين ئي چارلس نپيئر نوشهري فيروز ۾ سنڌ فتح ڪرڻ جي سازش سٽي ٽالپر حاڪمن کان عهد نامن تي صحيون ورتيون هيون.“ (خانائي: 1987ع: ص، 4) اهڙين تاريخي حقيقتن کي محفوظ ڪرڻ ۽ ٻين کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ چار سَوءُ [ڇٽيهن صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ساهتي پرڳڻي جي تاريخي پسمنظر ۽ ان جي قديم درسگاهن کان سواءِ ٻارهن شهرن جي تاريخ ۽ شخصيتن جو تذڪرو پيش ڪيو ويو آهي ۽ ڪتاب جي آخر ۾ ڏسڻي ڏني وئي آهي. هي تاريخي ۽ تحقيقي ڪتاب پنجٽيهن سالن جي عرصي کان پوءِ به پنهنجي تحقيقي حيثيت ۾ مستند ۽ معياري لحاظ کان اهميت وارو آهي ۽ ڪيترائي محقق ان مان لاڀ حاصل ڪندا رهن ٿا.