ناول

خاصنئونناول

سمرقند (قسط ڇٽيهين)

اوڀر جي بيداري جي موقعي تي اتي موجود هجڻ هڪ اعزاز هو- اهي شديد جذبا، گرم جوشي ۽ شڪ جا لمحا هئا- ڪهڙا خيال، تابناڪ ۽ شيطان صفت ٻئي، ان جي ننڊاکڙي ذهن ۾ پيدا ٿي سگهيا ٿي؟ هو جاڳڻ کانپوءِ ڪهڙو عمل ڪندو؟ ڇا هو انهن ماڻهن تي جن کيس لوڏي ڇڏيو هو انهن مٿان هو سخت حملو ڪرڻ وارو هو؟ مون کي پڙهندڙ جا خط ملي رهيا هئا جن ۾ مستقبل جي پيشنگوئين جون تڪليف ڏيندڙ درخواستون هيون- کين 1900ع ۾ پيڪنگ جي “باڪسر بغاوت” اڃان تائين ياد هئي، غير ملڪي ڊپلوميٽ جن کي يرغمال ڪري پڪڙيو ويو هو اهي تڪليفون جيڪي حملا آور فوج کي عمر رسيده ملڪه، هيبتناڪ “دختر سماءَ” کي منهن ڏيندي پيش آيون، ۽ اهي ايشيا کان ڊنل هئا- ڇا ايران ان کان مختلف هوندو؟ مون ان جو جواب ڏاڍي تاڪيد سان “ها” ۾ ڏنو، اڀرندڙ جمهوريت تي اعتماد ڪندي- حقيقت ۾ هڪ “دستور” هاڻي هاڻي لاڳو ڪيو ويو هو، گڏوگڏ شهرين جي حقن جو دستورِ عمل هو- روز نوان نوان ڪلب وجود ۾ اچي رهيا هئا، اخبار به- هڪ مهيني جي اندر اندر نوي روزانه ۽ هفتيوار اخبارون جاري ٿيون هيون-

Read More
خاصنئونناول

سمرقند (قسط پنجٽيهين)

شيرين مون کي ان دستاويز جو نقل موڪليو هو- اڃان تائين مون وٽ موجود آهي ۽ مان ڪڏهن ڪڏهن ان کي دل وندرائڻ جي لاءِ ڏسندو آهيان- ان ۾ لڳ ڀڳ 40 کن مردن ۽ عورتن کي ترڪي، جاپاني ۽ آسٽرين لباس پاتل ڪنهن باغ ۾ وڻن جي هيٺان وڇايل غاليچن تي ويٺل ڏيکاريو ويو آهي- تصوير جي ان حصي ۾ جنهن تي سڀ کان پهرين نظر ٿي پوي ان ۾ موسيو نائوس نظر اچي رهيو آهي، پنهنجي اڇي ڏاڙهي ۽ ڪجهه اڇن ۽ ڪارن وارن جي کچڙي ٿيل مُڇِن ۾ هو سڀن کان ڌار ۽ ممتاز نظر اچي رهيو آهي ايترو جو ڪوبه آسانيءَ سان کيس پرهيزگار مذهبي پيشوا چئي سگهي ٿو- تصوير جي پٺيان شيرين لکيو هو: “ايترن گهڻن ڏوهن کانپوءِ به سزا کان بچيل، معمولي ڏوهه تي شرعي سزا يافتا-”

Read More
خاصنئونناول

سمرقند (قسط چوٽيهين)

جيڪڏهن پنهنجي ايراني مُهِمن مان ڪجهه بچائي کڻي آيو هئس ته بس اهي ڪجهه کوجنائون ۽ خواهشون هيون- مون کي تهران پهچڻ ۾ هڪ مهينو لڳو هو ۽ ٽي مهينا اتان ٻاهر نڪرڻ ۾ لڳا هئا- مون ايران جي گهٽين ۾ ڪجهه ننڍڙا ۽ ٿڪائي ڇڏيندڙ ڏينهن ئي گذاريا هئا، مون کي ايترو وقت ئي نه مليو جو اتان جون خوشبوئون پنهنجي دماغ جي ان حصي ۾ لاهي سگهان ۽ انهن کي محفوظ ڪري رکان ايترو وقت ئي نه مليو جو ڪنهن سان ملان ۽ ڪو مشاهدو ڪيان- ڪيترائي جسم هئا جيڪي مون کي ان منع ڪيل زمين طرف سڏي رهيا هئا:

Read More
خاصنئونناول

سمرقند (قسط ٽيٽيھين)

جيڪڏهن اهي سڀ ماڻهو جيڪي يلدز جبل تي جمال الدين جي رهائشگاهه جي چوڌاري سندس ٽوهه ۾ پيا ڦرندا هئا سندن ترڪي ٽوپين مٿان لکيل هوندو هو “سلطان جا جاسوس،” انهن به ڪڏهن ان کان وڌيڪ راز نه کوليو جيڪو انتهائي عام ماڻهو به پهرين نظر ۾ سمجهي وٺندا هئا- شايد اتي سندن موجود هجڻ جو اصل مقصد به اهو ئي هو: زائرين جو حوصلو گهٽائڻ-

Read More
خاصنئونناول

سمرقند (قسط ٽيهين)

جڏهن آئون ترابزون وڃڻ واري جهاز تي سوار ٿيس ته ڪارو سمنڊ ان وقت تمام گهڻو پُرسڪون هو- هلڪي هير هلي رهي هئي ۽ ماڻهو سامونڊي پٽيءَ جي هڪ ئي ٽڪري، هڪ ئي جبل جي چوٽي ۽ اناتوليا جي هڪ ئي جهنگ (بيشي) کي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين محو ٿي ٽڪ ٻڌي ڏسي سگهيو ٿي-

Read More