ننڍي عمر جون شاديون سبب ۽ نقصان
پاڪستان جهڙي پٺتي پيل ملڪ ۾ ٻين اهم مسئلن سان گڏوگڏ ڇوڪرين جي ننڍي عمر ۾ شادي ٿيڻ اهم مسئلو آهي، جنهن جو اثر انهن ٻارڙين جي زندگيءَ تي سڄي عمر هلي ٿو. ننڍپڻ واري شادي ڇوڪرين کان انهن جا اهي سڀ حق کسي وٺي ٿي، جيڪي هڪ ٻار کي عمر جي ان حصي ۾ ملڻ گهرجن. ٻارڙين کان انهن جي معصوميت کسي ٿي، انهن کان تعليم جو حق کسي ٿي. محبت کسي ٿي. عمر جو اهو حصو جيڪو هڪ ٻار جي راند روند ۽ پڙهڻ لکڻ جو هوندو آهي، اِن حصي ۾ ئي ان ٻارڙيءَ تي گهر ۽ گهر جي ڀاتين کي سنڀالڻ جي ذميواري اچي وڃي ٿي. هڪ ريسرچ مطابق پاڪستان دنيا ۾ ڇهين نمبر تي آهي، جتي ڇوڪرين جي شادي ارڙهن سالن کان پهرين ڪرائي وڃي ٿي. ڇوڪريون اڃا ذهني طور تي ايتريون بالغ ٿين ئي نٿيون جو هو پاڻ کي، گهر کي ۽ اولاد کي سنڀالي سگهن. ان سان گڏوگڏ هنن جي جسماني صحت به بري طرح متاثر ٿئي ٿي. ننڍپڻ جي شادي ۽ ان کانپوءِ جلدي ماءُ بڻجڻ جي ڪري ذهني ۽ جسماني طرح صحتمند نه هجڻ جي ڪري انهن ٻارڙين کي اهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جن جي لاءِ هو تيار نه هونديون آهن. جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ اهو قانون آهي ته ڪنهن به ڇوڪري جي شادي وقت عمر 18 سال ۽ ڇوڪريءَ جي 16 سالن کان گهٽ نه هجي ۽ جيڪڏهن سنڌ جي ڳالهه ڪجي ته سنڌ اسيمبلي 2014 ۾ گڏيل طور سنڌ چائلڊ ميرج ريسٽرينٽ ايڪٽ Sindh Child Marriage Restraint Act منظور ڪيو، جنهن تحت ڇوڪري يا ڇوڪريءَ جي قانوني طور شاديءَ جي گهٽ ۾ گهٽ عمر 18 سال آهي، پر ان قانون تي مڪمل عمل نه ٿيڻ جي ڪري ڇوڪرين جي ننڍپڻ ۾ شادي ٿي وڃي ٿي.
ننڍيءَ عمر ۾ شاديءَ جا سبب:
ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائڻ جا ڪيترائي سبب آهن، جن مان خاص طور تي غربت، ڏي وٺ، ڏاج جي نالي تي تمام گهڻي رقم وٺي ڇوڪرين جي شادي ڪرائڻ، بزرگن جي طرفان طئه ڪيل رشتا، ڇوڪريءَ جي شادي ڪرائي خاندان کان مالي بوجهه گهٽ ڪرڻ، خاندان ۾ ئي شادي ڪرائڻ، ڪنهن به قسم جي غير ازدواجي تعلق کان بچائڻ، تڪڙا ٻار پيدا ڪرڻ، سڱ چٽي جي شادي. ان کان علاوه گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ ڪنهن ڇوڪريءَ جو هجڻ.
هي سڀ اهي سبب آهن جيڪي اسان جي معاشري ۾ عام جام آهن. جڏهن والدين غريب هوندا آهن ته انهن جي سوچ اها ئي هوندي آهي ته پٽ کي پالي تاتي وڏو ڪجي ته جيئن هو ڪمائڻ شروع ڪري ۽ ڌيءَ جي جلد از جلد شادي ڪرائجي ته جيئن انهن تان اهو مالي وزن گهٽ ٿئي، اها به چوڻي مشهور آهي ته اسان نياڻي پرڻائي ڏيون ته جيئن وڃي پنهنجي گهر جي ٿئي، پوءِ هوءَ ڄاڻي ۽ هن جا ساهرا ڄاڻين. ڏي وٺ جو رواج به اڃا تائين ڪافي علائقن، خاندانن ۾ عام جام آهي. نياڻي ڏئي پٽ پرڻائبو يا وري ڪنهن چاچي، مامي جي شاديءَ جي بدلي ۾ ننڍي عمر ۾ ئي ڇوڪريءَ کي پرڻايو ويندو آهي ته ڪٿي وري ڏاج جي نالي تي تمام گهڻا پئسا وٺي ڇوڪريءَ جي شادي ڪن ٿا ۽ انهن پئسن مان پوءِ والدين جي مرضي هوندي آهي ته جيترو چاهين ڏاج ڏين ۽ جيترا چاهين پئسا پاڻ وٽ رکن ۽ ان ڳالهه تي ڇوڪريءَ جي ساهرن کي به اعتراض نه هوندو آهي ڇو ته هنن جي سوچ به اها ئي هوندي آهي ته امان پئسا ڏنا آهن. هاڻي ڇوڪري اسان جي آهي، ان جي والدين جو ان سان ڪو تعلق ناهي ۽ ان حالت ۾ هو پنهنجي مرضي سان ان ٻارڙي کي گهر ۾ نوڪرن وانگي رکندا. جيڪي رشتا وڏن جي طرفان جوڙيل هوندا آهن، انهن رشتن کي ختم ڪرڻ به غيرت جو سوال سمجهيو ويندو آهي ۽ جيترو جلد ٿي سگهي، ٻارن جي شادي ڪرائي وڏڙن جي فيصلن تي عمل ڪيو ويندو آهي. اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا، ان ۾ اڪثر ڇوڪرو جڏهن به ڪنهن غلط فعل ۾ مبتلا ٿيندو آهي ته ان جي تڪڙي شادي ڪرائي ويندي آهي، ان سوچ سان ته هي شاديءَ کانپوءِ سڌري ويندو. هو ته سڌري يا نه سڌري، پر هڪ نياڻي جي زندگي برباد ٿي ويندي آهي. هڪ اها سوچ به عام آهي ته جلدي شادي ٿيندي ته ٻار به جلدي ٿيندا ۽ پيءَ جي پوڙهي ٿيڻ کان پهرين اولاد جوان ٿي ڪمائيندو ته پيءُ جو سهارو ٿيندو. قبيلائي جهيڙن ۾ اڪثر فيصلن ۾ مخالف ڌر تي سڱ چٽي وڌي ويندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ننڍي عمر جي ڇوڪري ڪنهن ننڍي يا وڏي عمر جي مرد سان پرڻائي ويندي آهي ۽ ان حالت ۾ ته ماءُ پيءُ جو وري ان ڇوڪريءَ سان رابطو به نه هوندو آهي. اڪثر خاندانن ۾ جيڪڏهن ڪنهن ڇوڪريءَ جي شادي ٿي وڃي، جيڪا سڄي گهر جو ڪم ڪار ڪندڙ هجي ته ان گهر جي وڏي عورت اها خواهش رکندي آهي ته پنهنجي پٽ جي جلد از جلد شادي ڪرائي ننهن گهر آڻي ته جيئن گهر ۾ ڪم ڪار لاءِ پريشاني نه ٿئي.
سو هي عڪس آهي اسان جي معاشري جو جتي ننڍپڻ جي شاديءَ جا اهي ڪجهه مکيه سبب آهن.
ننڍپڻ جي شاديءَ جا اثر
اهي شاديون جيڪي سمجهداري واري عمر ۾ ٿين ٿيون، اتي زال ۽ مڙس جي وچ ۾ محبت ۽ احترام وارو رشتو به هوندو آهي ته هو گهر ۽ خاندان کي به جوڙي رکڻ جي صلاحيت رکندا آهن، پر ننڍي عمر جي شاديءَ جو نتيجو ان جي ابتڙ هوندو آهي. جڏهن ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ٻئي ذهني ۽ جسماني طرح بالغ نه هجن ته اهي ڪافي مسئلن کي منهن ڏين ٿا، جن مان ڪجهه هي آهن.
(1) تعليم جو رڪجي وڃڻ (Stopping of Education)
جن جي به ننڍي عمر ۾ شادي ٿئي ٿي انهن کان تعليم جو حق کسيو وڃي ٿو. خاص طور تي ڇوڪرين کي گهڻي قرباني ڏيڻي پوي ٿي. هو تعليم حاصل نه ڪرڻ جي ڪري ڪنهن به روزگار جي موقعي کان محروم ٿي وڃن ٿيون ۽ پنهنجن مالي خرچن لاءِ مڪمل طور تي مڙس تي جڳاڙينديون (Dependent) آهن. ان کان علاوه اگر ماءُ پڙهيل نه هوندي ته هوءَ پنهنجي اولاد جي تربيت به بهتر نموني نه ڪري سگهندي.
(2) طبي پيچيدگيون (Medical Complication)
ننڍي عمر جي شادين جو ڇوڪرين جي صحت تي ڏاڍو برو اثر پوي ٿو. ان عمر ۾ هنن جا توليدي عضوا ان قابل نه هوندا آهن، جو هو ٻار ڄڻي سگهن، ان سان گڏوگڏ انهن ڇوڪرين کي ڄاڻ به نه هوندي آهي ته حامله ٿيڻ کانپوءِ ماءُ بڻجڻ واري عرصي دوران پنهنجو خيال ڪيئن رکڻو آهي يا وري خانداني منصوبه بندي ڪيئن ڪن.
صحت جي عالمي اداري “World Health Organization” جي مطابق 19-15 سالن جي عمر وارين ڇوڪرين ۾ عالمي طور موت جو هڪ وڏو سبب حمل ۽ ٻار جي پيدائش جي دوران ٿيندڙ پيچيدگيون آهن. 15 سالن جي عمر کان اڳي ئي جيڪڏهن ڪا ڇوڪري ٻار ڄڻي ٿي ته ان جي موت جو رسڪ پنج دفعا وڌيڪ هوندو آهي، ان ڇوڪري کان جيڪا 20 سالن جي عمر ۾ ٻار پيدا ڪري ٿي. فشٽولا جهڙي خطرناڪ بيماري ويم دوران ٿئي ته ان ۾ 65% سيڪڙو اهي مائرون هونديون آهن، جن جي عمر 18 سالن کان گهٽ هوندي آهي. ننڍي عمر ۾ حامله ٿيڻ سان نه رڳو ماءُ جي جان کي خطرو هوندو آهي، پر ويم دوران يا ويم کانپوءِ ٻارن جي موت جي شرح به 50% وڌيڪ هوندو آهي، بسنبست انهن مائرن جي جن جي عمر 20 سال آهي.
18 سالن کان گهٽ عمر واريون ڇوڪريون وقت کان اڳي به ٻار پيدا ڪنديون آهن ۽ گهڻو ڪري انهن ٻارن جو وزن تمام گهٽ هوندو.
(3) گهريلو تشدد Domestic Violence
والدين جي ذهن ۾ اها سوچ هوندي آهي ته هو ڇوڪرين جي جلد از جلد شادي ڪرائي، انهن کي مڙسن جي هٿن ۾ ڏئي تحفظ فراهم ڪن ٿا، پر درحقيقت ائين ناهي. ان عمر جون ڇوڪريون جسماني ۽ جنسي تشدد جو شڪار رهن ٿيون، پنهنجي پارٽنر کان ۽ نتيجي طور هو هميشه ڊپريشن ۾ رهن ٿيون.
(4) گهريلو جهڳڙا ۽ طلاقون
هڪ ريسرچ مطابق 55% سيڪڙو طلاقون انهن جوڙن ۾ ٿين ٿيون، جن جي عمر شاديءَ جي وقت 18 سالن کان گهٽ هوندي آهي. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته شاديءَ جي رشتي کي ڪاميابي سان هلائڻ لاءِ ننڍپڻ جي شادي کي روڪڻو پوندو. ننڍي عمر ۾ شادي ٿيڻ سان ئي ان ڇوڪريءَ کي هڪ خاندان جو نظام سنڀالڻ ۾ تمام گهڻي مشڪل ٿئي ٿي ۽ جڏهن به ڇوڪري پرڻجي ساهرن ۾ اچي ٿي ته پورو گهر ان جي حوالي ڪري اها اميد ڪئي ويندي آهي ته گهر جي ذميداري ان جي آهي.
تجويزون Suggestions
ڏسجي ته ننڍي عمر جي شادي صرف پاڪستان نه، پر گهڻن ملڪن جو مسئلو آهي. تنهنڪري ان نقصان کان بچڻ لاءِ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته ٻار مڪمل تعليم حاصل ڪن ۽ ان کانپوءِ انهن جي شادي ٿئي. جيڪڏهن ڪٿي به اهڙي ڪا شادي ٿئي ٿي ته ان کي روڪيو وڃي. قانون جي مڪمل پاسداري ڪئي وڃي. جيتري حد تائين ٿي سگهي معاشري ۾ اها آگاهي ڦهلائي وڃي ته ننڍي عمر جي شادي ماءُ، ٻار ۽ خاندان جي لاءِ ڪيتري نقصانڪار آهي. ڇوڪرين کي پڙهائي ان قابل بڻائجي جو هو مالي طرح ڪنهن تي به بوجهه نه ٿين ۽ انهن جي شادي صرف ان ڪري جلد نه ڪرائي وڃي ته گهر مان هڪ ڀاتي گهٽ ٿئي ته جيئن گهر جو خرچ به گهٽ ٿئي.
***