بلاگنئون

ٻارن سان ٿيندڙ جنسي ڏاڍائي ۽ والدين جو ڪردار

اسان جي معاشري جي هڪ ڀيانڪ حقيقت اها آهي ته هتي ٻار جنسي ڏاڍائي جو شڪار ٿين ٿا ۽ ان کانپوءِ بيدردي سان قتل ڪيا وڃن ٿا.
انگريزي اخبار ڊان مطابق پاڪستان ۾ جنوري کان جون 2023 تائين سراسري طور 12 ٻار روزانه جنسي ڏاڍائي جهڙي اذيتناڪ تڪليف مان گذرن ٿا.
هڪ سروي مطابق گذريل سال يعني 2022 ۾ جنوري کان جون تائين ٻارن سان جنسي ڏاڍائي جا 224 ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته جنوري کان جون 2023 ۾ اهو انگ وڌي 2227 تائين پهتو، انهن مان 54% ٻارڙيون آهن. 46% ڇوڪرا آهن، جن جي عمر گهڻو ڪري 15-6 سال آهي. رپورٽ مطابق جنوري کان جون 2023 تائين رپورٽ ٿيندڙ ڪيسن ۾ 2531 ماڻهو ملوث هئا ۽ اهي ته انهن ٻارن جي مائٽن منجهان هئا يا وري انهن جا والدين انهن ماڻهن کي سڃاڻيندا هئا، يعني انهن ماڻهن جو انگ گهٽ آهي، جيڪي اڻ ڄاڻ هجن ٿا. هي ته اهي ڪيس آهن، جيڪي رپوٽ ٿيا آهن، اهڙا الائي ڪيترا ڪيس آهن، جيڪي سامهون اچن ئي نٿا.
ٻارن سان جنسي ڏاڍائي ڪندڙ ماڻهن ۾ مائٽن کان علاوه دڪاندار، پاڙيسري، اسڪول ٽيچر، مدرسي ۾ پڙهائيندڙ مولوي، اهي ڊرائيور جيڪي ٻارن کي اسڪول لاءِ پڪ اينڊ ڊراپ ڏين ٿا، چوڪيدار، نوڪر، پيءُ، ڀاءُ، چاچو، مامو ۽ اهڙا ٻيا کوڙ رشتا شامل آهن.
گهر جنهن کي هڪ محفوظ جڳهه تصور ڪيو ويندو آهي، ان گهر ۾ به ٻار محفوظ ناهن، اها صورتحال نهايت ئي خطرناڪ آهي. هي ننڍا ٻار جيڪي اڳتي هلي هڪ معاشري جي تشڪيل ڪندا، جيڪڏهن اهي ٻار اهڙن ظلمن کي سهندا ته پوءِ ڪنهن به سٺي معاشري جي تعمير ۾ ڪوبه سٺو ڪردار ادا نه ڪري سگهندا، ڇو ته جن سان ظلم ٿيندو آهي، اهي نفسياتي طرح تمام گهڻي ڀڃ ڊاهه ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن، جنسي ڏاڍائي کانپوءِ ٻارن کي قتل ڪيو وڃي ٿو ۽ جيڪي چند ٻار بچي وڃن ٿا، اهي سڄي عمر ان اڻ ڄاتل احساس گناهه ۾ مبتلا رهن ٿا.
اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ ڏوهه هميشه ان ڪري وڌيو آهي، ڇو ته هتي قانون صرف ڪاغذن ۾ آهي، عملي طرح ڪٿي به عمل ٿيندي نظر نٿو اچي. معاشري ۾ آگاهي ناهي ته پنهنجي ٻارن کي اهڙن وحشي درندن کان بچائڻ لاءِ ڪهڙي سکيا ڏني وڃي. ٻارن کي جنسي ڏاڍائي کان بچائڻ جي لاءِ اهو ضروري آهي ته ٻارن کي ٻڌائجي ته جنسي ذيادتي ڇا کي چئبو آهي ۽ جيڪڏهن ڪير هنن سان اها حرڪت ڪري ٿو ته ٻار ان صورتحال ۾ ڇا ڪن، پر ان جي ابتڙ اسان جي معاشري ۾ اهڙن ڪيسن کي لڪايو ويندو آهي، ڪنهن کي ٻڌائيندا ناهن، پوءِ جڏهن ڏوهاري کي شروعات ۾ ئي ڪا سزا نه ٿي ملي ته هو اڃان وڌيڪ بي خوف ٿي اهو ڏوهه ڪري ٿو.
هتي جنسي ڏاڍائي جا گهڻو ڪري اهي ڪيس رپورٽ ٿين ٿا، جن ۾ ٻارن جو قتل ڪيو وڃي ٿو. جنسي ڏاڍائي متعلق ڳالهائڻ کي خراب سمجهيو وڃي ٿو. ٻارن کي جنسي آگاهي ڏيڻ جو مقصد هرگز اهو نه آهي ته ٻارن کي خراب ڪجي، پر ان جو مقصد آهي ته پنهنجن ٻارڙن کي انهن وحشي درندن کان بچائجي، جيڪي انهن کي نقصان ڏين ٿا ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن ٻارن کي ان حوالي سان بري ۽ ڀلي جي سڃاڻپ هوندي ۽ اها خبر هوندي ته هنن سان غلط ٿي رهيو آهي ۽ اها ڳالهه ڪنهن کي ٻڌائڻي آهي. ڪافي ٻار اهڙا به هوندا آهن، جيڪي خاموشي سان ان ڏاڍائي کي سالن جا سال برداشت ڪندا رهن ٿا ۽ خوف منجهان ڪنهن کي ٻڌائين نٿا.
توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته توهان والدين ٿي ڪري ان موضوع تي پنهنجي ٻارن سان نٿا ڳالهايو ته جيڪڏهن توهان جي ٻارن سان اهڙو ڪو واقعو پيش ايندو ته هو معصوم توهان سان اها ڳالهه ڪيئن ڪندا؟
والدين هجڻ جي حيثيت سان اها مک ذميداري ٿئي ٿي ته ٻارن جي سٺي طرح تربيت ڪئي وڃي. قانون تي عملدرآمد ڪرڻ ڀلي ئي حڪومت ۽ قانوني ادارن جي ذميداري آهي، پر والدين جو اهو فرض آهي ته هو پنهنجي اولاد کي جنسي تعليم ڏين، ٻار ماءُ ۽ پيءُ جي ڳالهه وڌيڪ سمجهندا آهن. عمر جي حساب سان ٻار کي درست آگاهي ڏيڻ تمام گهڻي ضروري آهي. والدين ٻارن کي ٻڌائين ته انهن جي جسم جا اهي حصا جيڪي ڪپڙي جي اندر ڍڪيل آهن، انهن کي ڪير به نٿو ڇهي سگهي. ٻارن کي اها ڳالهه سمجهائڻي پوندي ته توهان جا ڪپڙا صرف والده يا والد ئي بدلائي سگهن ٿا، ٻيو ڪير به نه ۽ جيڪڏهن نياڻي آهي ته ان جا ڪپڙا صرف ان جي ماءُ ئي بدلائيندي ۽ ٻار جا ڪپڙا ٻين ماڻهن جي سامهون نه مٽايو، بلڪه ان کي ڌار ڪمري ۾ وٺي وڃو. جيڪڏهن ڊاڪٽر به ٻارن جو معائنو ڪري ته اهو به والدين جي موجودگي ۾ ئي ڪري. ٻارن کي اهو سمجهائجي ته جيڪڏهن انهن کي ڪوبه بغير لباس جي تصوير ڪڍڻ لاءِ چئي ته هو ڪڏهن به ائين نه ڪن ۽ يڪدم ماءُ ۽ پيءُ کي ٻڌائين. نه اهڙي تصوير ڪڍرائين ۽ نه وري ڏين، جيڪڏهن ڪو دوست يا ڪو ٻيو ماڻهو هنن کي ڪا اهڙي تصوير يا ويڊيو ڏيکاري ته هو والدين سان ڳالهه ڪن. ٻارن کي اهو به ٻڌائجي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو توهان جي جسم کي ڇهي ٿو ۽ چوي ٿو ته اها ڳالهه پنهنجي گهر ۾ ڪنهن سان به نه ڪجو ته ان مان صاف ظاهر آهي ته اها ڳالهه غلط آهي. والدين پنهنجي ٻارن کي اعتماد ڏين. هنن سان دوستاڻو رويو رکن. هنن کي ٻڌائن ته جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو توهان سان اهڙي ڪابه غلط حرڪت ڪري ته توهان کي ڊڄڻ جي ضرورت ناهي. اسان کي بي خوف ٿي اها ڳالهه ٻڌايو ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو، جڏهن توهان ٻار کي اعتماد ڏياريندو. ٻارن سان گڏ ويهو انهن کان پڇو. هنن جي دوستي ڪنهن سان آهي. گهر کان اسڪول ويندي ۽ اسڪول کان گهر ايندي هو ڪنهن سان ملن ٿا. جنهن اسڪول، وين يا رڪشا ۾ وڃن ٿا، ان ڊرائيور جو رويو ڪيئن آهي. اسڪول ۾ ڪا اهڙي ڳالهه ته نه ٿي جيڪا اڻوڻندڙ هجي. ڪوشش ڪري ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ ۽ وٺڻ لاءِ پاڻ وڃو. مذهبي تعليم پاڻ ڏيو يا گهر ۾ پنهنجي نگراني ۾ ڏياريو. مدرسي موڪلڻ جي ضرورت ناهي، گهڻا والدين ڇا ڪندا آهن ته ٻار کي ٽيوشن لاءِ يا ديني تعليم لاءِ ٽيچر ۽ مولوي جي حوالي ڪري وري گهر واري ڪمري ڏانهن نهاريندا به ناهن ۽ اهي ئي ٻار جنسي ڏاڍائي کي سالن تائين برداشت ڪندا ايندا آهن. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته توهان پنهنجي ٻار کي ائين بند ڪمري ۾ ڪنهن ٻئي ماڻهو جي حوالي ڪري پاڻ مطمئن ٿي ڪيئن ويهي رهو ٿا؟ هڪ ٻي ڳالهه جيڪا والدين کي نوٽ ڪرڻ گهرجي ته ٻار اوچتو ڪنهن دوست يا مٽ مائٽ وٽ گهڻو وڃڻ شروع ڪري يا وڃڻ بند ڪري ته ان کان ان جو سبب به معلوم ڪجي، جيڪڏهن ٻار جي پڙهائيءَ مان دلچسپي ختم ٿي وڃي يا هو اسڪول مٽائڻ لاءِ چوي ته ان تي به ٻار کي اعتماد ۾ وٺي، ان جو سبب پڇجي. اڪثر والدين پنهنجي ٻارن جي ڳالهين کي نظر انداز ڪندا آهن ۽ انهن ۾ ايندڙ تبديلين تي ڌيان نه ڏيندا آهن، پر جي ڪٿي ٻار گهر اهڙي ڪا ڳالهه ڪري به ٿو ته ان کي بجاءِ دلاسو ڏيڻ جي ابتو دڙڪا ڏنا ويندا آهن. اها ڳالهه سوچڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڪنهن ٻار سان ائين ٿيو آهي ته ان ۾ ان ٻار جو ڪو به ڏوهه ناهي. ٻار هن معاشري جو هڪ ڪمزور فرد آهي ۽ ان کي هي ظالم سماج آساني سان نشانو بڻائي ٿو. ٻارن جي ذهن ۾ اها ڳالهه وجهو ته جيڪڏهن ڪو ڄاڻ سڃاڻ وارو ماڻهو توهان کي اڪيلي گڏ هلڻ لاءِ چوي يا اهو چوي ته توهان جو پيءُ ڪنهن جاءِ تي ويٺو آهي ۽ توهان کي سڏي پيو ته ان سان هر گز ناهي وڃڻو ۽ جيڪڏهن ڪو زبردستي ڪري ته رڙيون ڪرڻيون آهن، اتان ڀڄي اچڻو آهي، ڪنهن کان به پئسا يا کائڻ واري ڪابه شي ناهي وٺڻي. پنهنجي ٻارن جي تربيت ڪرڻ والدين تي فرض ۽ اولاد جو مٿن حق آهي. جيئن اسان ٻيون ڳالهيون ٻارن کي سمجهايون ٿا، اتي ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته ٻارن کي جنسي آگاهي به ڏني وڃي ته جيئن جنسي ڏاڍائي وارن واقعن کي گهٽ ڪرڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ والدين پنهنجو ڪردار ضرور نڀائين.
***