ڪتاب تي تبصرونئون

ڪتاب تي تبصرو: ٻارن جون ڪهاڻيون-پوپٽ ۽ گلاب

ادب سان الفت ننڍپڻ کان رهي آهي ۽ پوءِ اڳتي هلي، هن گهڙي هن وقت تائين ادب سان نينهن جو ناتو تازو توانو، سرسبز ۽ شاداب سدا رهندو آيو آهي.
تڏھن شايد اٺين درجي ۾ پڙھندو هئس، جڏھن ڪورس کان علاوه علمي ادبي ڪتاب اٿلائڻ پٿلائڻ جي عادت پئي هئي. گهر ۾ موجود ڪتاب، رسالا، ميگزين پڙھڻ سان گڏ کيسي خرچي لاءِ ملندڙ پئسن مان پهرين ٻاراڻي ادب جا ڪتاب، رسالا، ميگزين، بتين واري ناني، ايسپ جون آکاڻيون، حاتم طائي جا قصا، گل ڦل، گلڙا، نونهال، آنکھ مچولي ۽ ٽوٽ بٽوٽ وٺي پيو پڙھندو هئس ۽ وري ننڍيون ننڍيون ڪهاڻيون، لطيفه ۽ ڪچي ڦڪي شاعري انهن ئي مٿين رسالن، ميگزينن ۾ لکندو ۽ ڇپرائيندو رهندو هئس. هر ڪنهن وڏي اديب جيان مون به لکڻ جي شروعات ٻالڪ ادب کان ڪندي وڏن لاءِ لکڻ جو بار به پنهنجي ڪمزور ڪلهن تي کڻي ورتو. توڙي جو انهن وڏن اديبن جيان ٻالڪ ادب ٿوري گهڻي سُڃاڻ ۽ نالڙو به ڏنو هو. تڏھن به ٻالڪ ادب کي ڇڏي صفا وڏو اديب ٿيڻ جي سگھ ساري ڪونه سگهيس، جو مون الائي ڇو ائين ٿي محسوس ڪيو ته جنهن ٻوليءَ ۾ ٻارن جو ادب نٿو لِکجي، سا ٻوليءَ ۽ اُن ٻوليءَ جو ادب ڄڻ اڻپورو آهي. اُن ڪري ئي مون کان هيل تائين ٻاراڻو ادب نه رڳو لکبو اچي، پر پڙھبو به وڏي شوق، چاھ ۽ چس سان اچجي!
منهنجو خيال آهي ته جيئن ٻار وڏن لاءِ لکيل ادب پڙھندا آهن، تيئن ئي وڏن کي به ٻالڪ ادب پڙھڻ گهرجي، يقينن کين سکڻ لاءِ گهڻو ڪجھ ملي ويندو ٻيو نه ته به کين پنهنجو ٻاروتڻ ته ضرور ياد اچي ئي ويندو!
مان ڄاڻان ٿو ته وڏا اديب وڏا بادشاھ آهن يا کڻي چئجي ته شهنشاھ آهن، جن جي آڏي اک غريب مسڪين عوام تي ٻڏندي ئي ناهي. تيئن وڏا اديب، اڳتي هلي دانشور ٿي وڃڻ کان پوءِ ٻالڪ ادب تي لکيل ڪتاب ”گُهري وٺڻ“ کان پوءِ به ٻه چار لفظ رايي يا تعريف ۽ تنقيد جا لکڻ گوارا به ڪونه ٿا ڪن.
بهرحال پوءِ به حق هي آهي ته وڏن اديبن کي زندگيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو ڪتاب ٻاراڻي ادب جو ضرور لکڻ گهرجي، ان سان انهن جي اندر وارو ٻار به زنده سلامت رهندو ته کين حقيقي خوشي به نصيب ٿيندي!
ٻارن جي لاءِ ڇو لکجي؟ ان سوال جي جواب ۾ اردو جي نامور ليکڪه محترمه معظمہ تنوير لکي ٿي ته:
”بچوں کے لیے لکھا جانے والا ادب، خواہ وہ نثر کی صورت میں ہو یا نظم کی شکل میں، ان کے چھوٹے چھوٹے مسائل کا بہترین حل ہے۔ بچے کو نہ صرف اپنے بہت سارے سوالات کے جوابات ملتے ہیں بلکہ اس کا ذہن مزید فعال ہونا شروع ہو جاتا ہے.“
سو ان ڳالھ کي سمجهندي اڄ به گهڻا ته ڪونه، پر ڪي ٿورا اديب ٻالڪ ادب لکي پنهنجي اندر واري ٻار کي زنده سلامت رکيو پيا اچن ۽ حقيقي خوشي به ماڻيندا اچن! ۽ اتي ڳالھ فقط پنهنجي اندر واري ٻار جي خوشي ۽ مُسرت جي به ڪونهي، پر اُن سان گڏ ٻاراڻي ادب جا ڪارج پنهنجي قوم جي ٻارڙن جي ذهني توڙي شعوري سگھ جي سهڻي ۽ سيبتي پالنا به آهي، ٻاراڻو ادب ٻارن جي تربيتي اوسر ۾ اهميت جوڳي جاءِ رکي ٿو، سو اهڙن ئي نامور، اديبن، ليکڪن مان هڪ آهي ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ صاحبه.
منهنجي هٿ ۾ سندس تازو شايع ٿيل ٻاراڻين ڪهاڻي جو ڪتاب ”پوپٽ ۽ گلاب“ آهي. خوبصورت گلڙن ۽ رنگ برنگي پوپٽ جي تصوير واري ڪور سان سينگاريل هي ڪتاب، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي جي لکيل مهاڳ سان چانڊوڪي پبليڪيشن واهي پانڌي اپريل 2023 ۾ ڇپايو آهي. جنهن جي قيمت رڳو ٻه سئو رپيا آهي.
هي ڪتاب سنڌي ادب جي آڳاٽن ۽ جهونن ٻالڪ ادب سرجيندڙ ليکڪن کي وڏي پيار ۽ ادب وچان ارپن ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ”پوپٽ ۽ گلاب“ کان علاوه ليکڪه پاران ٻاراڻي ادب تي اٺ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. سندس هڪ ڪتاب ”اخلاقي قدر“ جي عنوان سان 2010ع ۾ شايع ٿيو، ڪتاب بي حد ڪامياب ٿيو، ”اخلاقي قدر“ جو ٻيو ڇاپو 2015ع ۽ ٽيون 2020ع ۾ ڇپيو. 2 ٽي تحفا، 3 شرارتي جن، 4 ماڻڪ موتي لال، 5 شهزادي ماهه نور وغيره. جيڪي سڀ جا سڀ ٻارن جي ذهني پهچ ۽ سندن مزاج وٽان ڏاڍا دلچسپ آهن.
هن ڪتاب ”پوپٽ ۽ گلاب“ منجھ ڪل سترنهن ڪهاڻيون شامل آهن جيڪي بلڪل ٻارن جي ڏانءُ ۽ ڏس مطابق سهڻي، سيبتي ۽ سنهنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيون ويون آهن.
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جون هي ڪھاڻيون پڙھي لڳي ٿو ڄڻ ته هوءَ ننڍڙن ٻارڙن کي چيچ کان پڪڙي کين گل ڦل، وڻ ٽڻ، باغ باغيچا، رنگ برنگي پوپٽ، پکي ۽ جانور ڏيکاريندي ۽ ساڻن محبت ڪرڻ جا درس ڏيندي اڳتي وڌندي هجي. سي به ٻارڙن سان سندن ئي ٻاجھ ڀري ٻوليءَ ۾!
سندس ڪھاڻين جا موضوع، رنگ برنگي، نواڻ سان ڀريل ۽ نرالا آهن. فطرت سان انسيت، پکين، جانورن، جيتن سان محبت ۽ دوستيءَ جا ٻيا ڪيترائي روپ رنگ ۽ خيال ورجايا ويا آهن.
ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي ”پوپٽ ۽ گلاب“ ۾ ڳاڙھو گلاب ان ڪري اداس ۽ اٻاڻڪو ٿي وڃي ٿو، جڏھن سندس پيارو دوست نيرو پوپٽ هڪڙو ڏينهن ساڻس ملڻ ۽ واس وٺڻ ڪونه ٿو اچي، نيٺ سڄي ڏينهن جي انتظار ۽ اوسيئڙي کان پوءِ اوچتو جڏھن نيرو پوپٽ وٽس اچي ٿو ته گل سرهائي محسوس ڪندي پنهنجي دوست پوپٽ کان سڄو ڏينهن وٽس نه اچڻ جي پڇا ڪري ٿو. هن مان هڪ دوست جي ٻي دوست لاءِ اڪنڊ اڪير ۽ پيار ظاهر ٿئي ٿو جيڪو به ٻارن لاءِ هڪ سبق ئي آهي. پوپٽ کيس ڪجهه شرارتي ٻارڙن جي شڪايت ڪندي ٻڌائي ٿو ته…. ڪي شرارتي ڇوڪرا پوپٽن کي ڏاڍو تنگ ڪن ٿا کين جيئرو جهلڻ لاءِ هڪٻئي سان شرط لڳائي اسان جي پٺيان ڊوڙن ٿا… اسان کي زور سان هٿن ۾ جهلي مروڙين ٿا ته اسان کي ڪيتري تڪليف ٿئي ٿي… اسين به جاندار آهيون، جهڙيءَ ريت کين ڌڪ لڳڻ سان سور ٿئي ٿو، اهڙيءَ ريت اسان کي به سور ٿو ٿئي، پوءِ هو ڇو اسان تي رحم نه نٿا ڪن؟ انهن کي ڪير اهو نه ٿو سمجهائي ته اسان سان اهڙو بي رحميءَ جو سلوڪ نه ڪن…
مان سمجهان ٿو ته ٻاراڻي ادب تي هي هڪ جاندار ڪهاڻي آهي، جنهن جو درد ڀريو ۽ احساساتي ڪلائميڪس ٻارن کي اهو سمجهائڻ لاءِ ڪافي آهي ته گل، ٻوٽا، پوپٽ ۽ ٻيا جيت، جانور وغيره هن ڌرتيءَ جي گهرج ۽ سونهن آهن جن جي حفاظت، سنڀال ۽ سار لهڻ اسان انسانن جو ڪم آهي.
هن مجموعي جون باقي ڪهاڻيون، هرڻ جي چوري، اڇي ڪبوتري، ڪاري مڇي، وفادار جادوئي گهوڙو، بيوقوف ڍڳو ۽ شينهن وغيره به تمام جاندار، سهل، سنهنجيون ۽ ٻارن جي ڏس ڏانءُ وٽان آهن جن جي پڙھڻ سان ٻار سٺو لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا.
هن ڪتاب لاءِ فقير محمد سنڌي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جي سالگرهه 20 نومبر جي حوالي سان شاهين اخبار ۾ ڇپيل پنهجي هڪ مضمون ۾ لکن ٿا ته هيءُ ڪتاب خاص طور جانورن، پکين ۽ فطرت جي نظارن بابت ڪهاڻين تي مشتمل آهي، ڪهاڻين ۾ ”هرڻ جي چوري“، ”اڇي ڪبوتري“ ”ڪاري مڇي“، ”ڪوئل“، ”بيوقوف جهرڪو“، ”ٻليءَ جي دوستي“، ” گابڙو شاهد“ ۽ ٻين کي پڙهڻ کانپوءِ پڙهندڙ کي خدا، آگاهي، سچائي، صداقت ۽ همدرديءَ جهڙن جذبن جي ڄاڻ ملي ٿي، کين اها معلومات ملي ٿي ته ڪهڙا جانور دوستاڻي رويي جا آهن. ڪتو وفادار جانور آهي ته ڪبوتر امن جو پکي آهي، نازڪ پوپٽن کي جهلڻ نه گهرجي، کين آزاد ڇڏجي ته ڀلي گلن جو رس چوسين، گل، وڻ ٽڻ ساوڪون پکي پکڻ ۽ جانور ڌرتيءَ جو حُسن ۽ ضرورت آهن. هيءُ هڪ بلڪل نرالو ۽ دلپذير ڪتاب آهي، جنهن جون سترنهن ئي ڪهاڻيون واقعي انوکيون ۽ دلچسپ آهن…
ٻاراڻو ادب تخليق ڪرڻ ھڪ انتهائي اوکو، ڌيان طلب، ڪنهن قدر ڏکيو ۽ نفيس ڪم آهي، جنهن کي بھترين انداز سان پيش ڪرڻ ۽ تخليق ڪرڻ وڏو آرٽ آهي ۽ اھو آرٽ ڊاڪٽر صاحبه وٽ آهي. اميد ته هو اڳتي به ائين ٻارڙن لاءِ سهڻو، سيبتو ۽ ڪارائتو لکندي رهندي.
***