پاڪستاننيو‍‍ز

سنڌ اندر ڪانگو فيور پکڙجڻ جو الرٽ جاري

سنڌ جي عبوري حڪومت جي صحت کاتي پاران عيدالاضحيٰ کان اڳ ۾ صوبي اندر ڪانگو فيور پکڙجڻ جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن کان اڳ صوبي اندر ميڊيڪل ۽ ويٽنري ڪئمپون لڳائڻ جو ڪم شروع ڪيو پيو وڃي ته جيئن ڪنهن وڏي نقصان کان بچي سگهجي ۽ عوام کي ترت علاج جون سهولتون مهيا ڪيون وڃن. صوبائي صحت کاتي پاران چيو ويو آهي ته صوبي جي صحت جون اختياريون جوڳا قدم کڻن ته جيئن عوام کي وڏي نقصان کان بچائي سگهجي. ياد رهي ته ڪانگو وائرس سبب  ڪراچي شهر ۾ هن سال 5 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن. ان موقعي تي صحت کاتي جي عملدار چيو ته ڪراچي شهر جي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ۽ ويٽنري ڊاڪٽر شهر جي ڪيٽل مارڪيٽن کي وزٽ ڪندا رهندا ته جيئن شهر اندر آيل جانورن کي چڪاسيو وڃي. ان ڏس ۾ شهر جي هيلٿ اٿارٽين پاران ڪي ايم سي کي چيو ويو آهي ته اها شهر اندر ايندڙ جانورن کي چڪاس ڪري ۽ بيمار جانورن کي شهر ۾ داخل ٿيڻ نه ڏئي. ان کان علاوه ٽال پلازا تي جانورن جي چڪاس ڪئي ويندي ۽ جانورن کي مارڪيٽ ۾ پاڻي جي نيڪال کي به ٺيڪ رکيو ويندو جنهن سان گڏ پيئڻ جي پاڻي جي سپلاءِ کي به جاري رکيو ويندو. ياد رهي ته هي الرٽ عيدالاضحيٰ جي اچڻ تائين ڏنو ويو آهي، جنهن وقت سڄي ملڪ اندر قرباني جا جانور مارڪيٽ ۾ آندا ويندا آهن جيڪي بعد ۾ سڄي ملڪ ۾ ماڻهو خريد ڪري پنهنجن گهرن ۾ آڻيندا آهن. اهڙي وقت جيڪڏهن ڪانگو وائرس جانورن جي مارڪيٽن ۾ پکڙجي وئي ته اتان اها جانورن سميت رهائشي علائقن ۾ پکڙجي ويندي ۽ اهڙي صورت ۾ انساني جانين کي به نقصان پهچڻ جو خطرو وڌي ويندو.