جڏهن ڪنهن ملڪ ۾ لاقانونيت پنهنجي عروج تي پهچي ويندي آهي ته پوءِ اهو ملڪ جهنگل بڻجي ويندو آهي، جهنگل ۾ باهيون لڳڻ روز جو معمول بڻجي ويندو آهي. انهن باهين ۾ ٻرندڙ ماڻهن کي نصيب جي پاڻيءَ سان وهنجاري دفنايو ويندو آهي. انهن کي اهو ٻڌايو ويندو آهي ته ان واقعي ۾ قانون جو ڪوبه ڏوهه نه هو، ڏوهه هو ته اوهان جي نصيب جو. انهيءَ حادثي ۾ ڪنهن جي به بدنيتي ۽ لاپرواهي نه هئي، بس اوهان جو ٽائيم پورو ٿي ويو هو انهيءَ ڪري اوهان جي زندگي ختم ٿي وئي. اڪثريتي ماڻهو انهيءَ ڳالهه کي جيئن جو تيئن عقيدي جي روپ ۾ مڃين ٿا. انهن سادن ماڻهن کي اها ڳالهه سمجهائيندڙ به انهن مافيائن جو حصو آهن جيڪي رياست کي قانون هيٺ هلندڙ ملڪ بنائڻ نٿا چاهين، پر لاقانونيت جي جهنگل ۾ تبديل ڪري اتي مختلف مافيائن جي حڪمراني ڪرڻ ۾ مصروف آهن.
اهڙو ئي هڪ ڏکائيندڙ واقعو اسان کي 30 مئي 2024 تي حيدرآباد شهر جي هڪ علائقي پريٽ آباد ۾ ٿيندي نظر آيو. ٻڌايو ٿو وڃي ته تمام ڳتيل آباديءَ ۾ هڪ غير قانوني گئس سلينڊر وڪرو ڪندڙ جو دڪان هو، جنهن ۾ اوچتو باهه ڀڙڪي پئي ۽ پوءِ اتي موجود ٻيا سلينڊر ڦاٽڻ شروع ٿي ويا. دڪان جي ڀرپاسي وارين عمارتن ۾ باهه ڀڙڪي پئي، ڌماڪن جو هڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو جنهن جي لپيٽ ۾ اچي هن وقت تائين 7 انسان پنهنجون قيمتيون جانيون وڃائي چڪا آهن، 25 ماڻهن جي حالت نازڪ ٻڌائي ٿي وڃي ۽ 60 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. سرڪار سڳوري ان واقعي کي حادثو قرار ڏيئي پاڻ کي آجو ڪري رهي آهي. عام ماڻهو ويچارو جن جا پيارا ان باهه ۾ سڙي ويا آهن اهي ان کي نصيب سمجهي خاموش رهندا. سرڪار زخمين جو علاج ڪرائيندي ۽ ڪجهه ماڻهن کي مالي معاوضو ادا ڪندي ۽ اهو ڪيس داخل دفتر ٿي ويندو! ايئن ئي ٿيندو رهيو آهي، پر اهو ڪيستائين ٿيندو رهندو؟ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ بغير پرمٽ جي بغير لائسنس جي گئس سلينڊرن جو دڪان کوليو وڃي. ميونسپالٽي جا آفيسر ڪٿي آهن، جن جو ڪم دڪانن جي چڪاس رکڻ ۽ انهن کي لائسنس ڏيڻ آهي، جيڪڏهن ڪو بغير لائسنس دڪان کليو آهي ته ان جي ذميواري انهن آفيسرن جي مٿان نه آهي، جنهن شهر ۾ هزارن جي تعداد ۾ ننڍا وڏا آفيسر موجود هجن ۽ انهن جي سامهون غير قانوني ڪم ٿيندا هجن ته پوءِ هڪ ئي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته هو ان لاقانونيت ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن، پنهنجون ذميواريون قانوني طور تي ادا ڪرڻ کان لاچار آهن ته پوءِ روز روز اهڙا واقعا ٿيندا رهندا. هڪ طرف ڏسون ٿا ته اسان وٽ ٻارڻ واري گئس جي کپت ان جي پيداوار کان گهڻي گهٽ آهي، ان ڪري گئس پيدا ڪندڙ ڪمپنين کي چيو ويو آهي ته اوهان پنهنجي پيداوار گهٽايو، جي نه ته پائيپ لائينن تي دٻاءُ پوڻ سبب اهي ڦاٽي پونديون. ٻئي پاسي شهرن ۾ گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ آهي جنهن جي ڪري مجبور ٿي ماڻهو گئس سلينڊر استعمال ڪري رهيا آهن.
اسان کي هر پاڙي ۾ گئس سلينڊرن جا دڪان کليل نظر اچن ٿا ۽ سلينڊر ٺاهي وڪرو ڪندڙ واپاري پڻ مارڪيٽ ۾ جام اچي ويا آهن. ڇا ڪڏهن سرڪار سڳوري اها تڪليف ڪئي آهي ته انهن سلينڊرن جي چادر جي چڪاس ڪري ته اهي گئس جي دٻاءُ کي برداشت ڪندا؟ جڏهن مارڪيٽ ۾ وڃو ته اوهان کي دڪاندار ٻڌائيندو ته هي سلينڊر گهٽ قيمت جو آهي ڇو ته هن ۾ چادر ٻه نمبر استعمال ٿيل آهي پوءِ غريب ماڻهو مجبور ٿي اهو سلينڊر وٺي ٿو جيڪو سستو آهي ۽ اتان کان غريب ماڻهو جي زندگي داءُ تي لڳڻ شروع ٿي وڃي ٿي جيڪا حيدرآباد جهڙي واقعي ٿيڻ جي صورت ۾ انت تي پهچي ٿي. سمورو ڏوهه سرڪار جو آهي جن وٽ قانون هوندي به استعمال نٿو ٿئي. بنا اجازت جي گئس سلينڊر ٺهن ٿا بنا اجازت جي گئس ڀرڻ وارا دڪان کلن ٿا، انهن جي ڪابه تربيت نه آهي. نه ئي اتي باهه کان حفاظت وارا آلات موجود آهن. بس انهن آفيسرن کي پنهنجو حصو ملندو رهي ٿو ۽ انهن جون اکيون ٻوٽيل رهن ٿيون. عوام جي مجبوري آهي. ڇو ته ان وٽ سواءِ سڙڻ جي ٻيو ڪو گس نه آهي. ان کي هو پنهنجو نصيب سمجهي ٿو، جيستائين عوام حادثن کي نصيب سمجهندو رهندو تيستائين مختلف حادثن جي باهه ۾ سڙندو رهندو. آفيسر اکيون ٻوٽي ويٺا رهندا ۽ پنهنجو حصو پتي حاصل ڪندا رهندا.